گيت
هڪ ٻئي حصي ۾ يونائيٽيڊ پاپولر ايڪشن موومينٽ (MAPU) جي اڳواڻن مان هڪ، وائسينتي سوتا پنهنجو شاندار گيت اتساهه ڏياريندڙ انداز ۾ اڻٿڪ ۽ سگهاري نموني پيش ڪندو هو، سندس موسيقي انهيءَ لٺ ذريعي پيدا ٿيندي هُئي، جنهن تي هو هڪ ڄنگهه تي پلاسٽر هئڻ سبب جهڪي هلندو هو.
سڄي جاءِ جي چئني پاسن کان، ماڻهو، وڏي واڪي ڳايل، انهن اتساهه ڏياريندڙ گيتن کي ٻڌي پئي سگهيا. اڃا ”وينسيسريموس“ جون آخري سٽون مس پوريون ٿينديون هيون، جو سامهون واري اسٽينڊ تان هزارين آوازن ۾، اسپيني انقلاب جو گيت ”لوس ڪيوٽرو جرنيلريز“ شروع ٿي ويندو هو جنهن جي سرن کي قيدين پنهنجي ليکي بدلائي ڇڏيو هو.
جنگ جا اهي سڀ گيت جيڪي ڪجهه وقت اڳ چلي جي سمورن ماڻهن پنهنجي پوري آواز سان ڳايا هئا. هن وقت پوري نيشنل اسٽيڊيم ۾ پڙاڏا ڪري اسان جي محافظن جي ڪنن جا پردا ڦاڙي کين اهو ڏيکاري رهيا هئا ته، پنوشي جي قيد ۾ سندس ظلمن جي شڪار ٿيل ماڻهن جا جذبا جيئرا آهن ۽ پنهنجي ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ بلڪل تيار آهن.
روزانو قيدين جي هڪ ننڍي ۽ ڪڏهن وڏي جٿي کي آزاد ٿي ڪيو ويو. انهيءَ دوران هر ڏينهن ۽ هر رات وڌيڪ قيدي انهن جي جاءِ سنڀالڻ لاءِ ٿي پهتا. جن کي شرطن تي آزاد ڪيو ويو هو يا جن کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو هو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کين شايد ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو، ايذاءُ ڏنا ويندا ۽ موت جي حوالي ڪيو ويندو.
مائڪرو فون تي آفيسر جو اهو اعلان ٻڌي هر ڪو خوشيءَ ۾ نه ماپندو هو ته ”اهي شخص جن جا نالا سنهي لسٽ ۾ آهن، ڊسڪو نيگرو وٽ، پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ترت پهچن“.
تاڙين جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي ويندو هو ۽ آزاد ٿيل همراهه قطار ٺاهي بيهندا هئا ته هزارين قيدي اهو گيت ڳائڻ شروع ڪندا هئا ته ”الوداع چوڻ جي گهڙي اچي پهتي آهي“.
پنوشي جا لاٺڙيا، وقت بوقت، انهن عارضي طور تي آزاد ٿيل قيدين جي جٿن کي پنهنجي پروپئگنڊا جو وسيلو بڻائيندا هئا ۽ انهن کي ٽي وي ڪئميرائن ۽ ”ايل مرڪيوريئو“ جي رپورٽرن جي آڏو پيش ڪيو ويندو هو.