جيل ڊائري

گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

هي جيل ڊائري چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ ۽ صحافي روڊريجو روجاس جي لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار رئوف نظاماڻي صاحب آهي.
چِليءَ ۾ جمهوريت تي راتاهو هنيو ويو هو ۽ چِليءَ کي پنهنجن بهترين پٽن سلواڊور آلندي، وڪٽر جارا ۽ پابلونرودا کي انقلاب تي قربان ڪرڻو پيو ۽ هزارين محب وطنن کي ايذاءُ گهرن ۽ جلاوطني جا عذاب ڀوڳڻا پيا. هي ڪتاب ”گوڏن ڀر نه جهڪنداسين“ هڪ اهڙي ارڏي انسان جو داستان آهي جنهن جو آدرش چي گويرا جي خوابن کي تعبير ڏيڻ هو. ايذاءُ گهر جي ڊائري جو هي خالق هڪ اهڙو افسانوي ڪردار آهي جنهن موت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏٺو آهي. جيڪي ڪجهه انهي ڊائري ۾ قلم بند ڪيو ويو آهي انهي کي ٿوري گهڻي فرق سان ٻين ملڪن ۾ رائج فاشزم جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ انهن هيرن کي پنهنجي اکين آڏو آڻي سگهجي ٿو. جن موت ۽ زندگي جي فرق کي مٽائي ڇڏيو آهي.
Title Cover of book گوڏن ڀر نه جهڪنداسين

اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي

انهيءَ ڏينهن سڏيندي، انهن ڪاسائين ڪمانڊنٽ جي آفيس جي درين وٽ لڳل لائوڊ اسپيڪرن کي چالو ڪري ڇڏيو. هڪ ڀيرو وري حڪمن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
”سائيڪلنگ جي پٽي تان رواني ٿيڻ لاءِ پندرهن منٽن ۾ بس آندي وڃي“.
”ليفٽيننٽ شينهن! قيدين بابت وڌيڪ هدايت لاءِ ڪمانڊنٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿي“.
”سينيئر آفيسر سائيڪلنگ پٽي جي مٿان ٺهيل جاين تي ٿي بيهن ڪو به اڪيلو نٿو وڃي سگهي“.
”شينهن نمبر 2 سڀني قيدين کي وڏن اسٽيڊن تي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهار“.
انهيءَ وچ ۾ اسان حيران هئاسين ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه منٽن کان پوءِ انهيءَ جي به خبر پئجي ويئي. ”ليفٽيننٽ شينهن“ ڪمانڊنٽ جي آفيس مان هڪ ٿلهي فولڊر سميت ظاهر ٿيو، جنهن ۾ پڇاڳاڇا ٿيل قيدين جا فائل هئا.
جيئن نالا ڪوٺيا ويا تيئن قيدي ٻن درجن ۾ ورهائجي ويا. يعني جن کان پڇاڳاڇا ٿي چڪي آهي ۽ جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي. مون کي پهرئين جٿي ۾ هئڻ گهربو هو پر منهنجو نالو ”جن کان اڃا به پڇاڳاڇا ٿيندي“ واري گروپ ۾ شامل ڪيو ويو هو. هڪ ٻيو به درجو ٺاهيو ويو، جنهن ۾ شامل ماڻهن کي ”پنهنجي ماحول کان لاتعلق“ جو نالو ڏنو ويو. انهيءَ ۾ شامل هر ڪنهن ماڻهو جي اکين تي پٽي ٻڌل هئي ۽ هر هڪ ڄڻي جي نگراني لاءِ سپاهي مقرر هئا.
مون ليفٽيننٽ شينهن ۽ بين سمورن شينهن کي گذارش ڪئي پر ڪنهن به منهنجي نه ٻڌي، منهنجي ڳالهه کي ڪنهن ٽڪي جهڙي اهميت به نه ڏني. جڏهن ته مون کان اڳ ۾ ئي پڇاڳاڇا ٿي چڪي هئي پر پوءِ به مون کي سرڪاري طور انهي درجي ۾ رکيو ويو هو، جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيندي. ائين ڇو هو، ان جي خبر مون کي بعد ۾ پئي.
قيدين جي ڊگهي قطار اسٽيڊيم ڏانهن موٽڻ لڳي. مهڙ ۾ عورتون هيون، جن کي خاص طور تي نهايت بي رحميءَ سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. سندن پويان ”جن کان پڇاڳاڇا ٿي چڪي هئي“ واري درجي جا ماڻهو هئا. پوءِ اهي هئا جن کان اڃا پڇاڳاڇا ٿيڻي هئي ۽ آخر ۾ جن کان مڪمل پڇاڳاڇا نه ٿي هئي ۽ لاتعلق درجي ۾ رکيل ماڻهو هئا. انهيءَ ڏينهن تي آخري ٻن درجن ۾ رکيل ماڻهن جو تعداد هڪ ڊزن کان وڌيڪ نه هو.
ماٺ ڪرائيندڙ ٽيمن جي ”شاندار ڪارڪردگي“ سبب ڪجهه قيدين کي سندن ساٿي کڻي پئي هليا. اسٽيڊيم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مون سوڌو ڪجهه قيدين کي طبي امداد لاءِ گشتي اسپتال ڏانهن اماڻيو ويو. هتي مون کي فوجي طب جا ڪرشما ڏسڻ ۾ آيا، منهنجي ڪرنگهي جي هيٺين حصي وٽ وڏو ڦٽ ٿي پيو هو، جنهن مان رت نڪري رهيو هو. پوري بدن مان سور سبب سيسڙاٽ پئي نڪتا ۽ مٿو ڄڻ سور کان ڦاٽو ٿي. انهن سڀني دردن جو دارون اتي موجود سهڻي نرس هن ريت ڪيو جو وٽامن سي جون سڄيون ساريون ٻه گوريون ڏيئي ڇڏيائين.
اسٽيڊيم موٽي اچڻ تي قيدين کي، جيڪي اڃا به مٿي ٻڌايل درجن ۾ ورهايل هئا، خوفناڪ ڊسڪو نيگرو جي سامهون صفن ۾ بيهاريو ويو. عورتن کي واپس ترڻ جي تلاءِ واري جاين ڏانهن موڪليو ويو. جڏهن ته مرد قيدين کي مختلف کولين ۾ اماڻيو ويو. مون پاڻ کي هڪ مختلف کوليءَ ۾ ڏٺو. مون کي چيو ويو ته سڀاڻي وري مون کي پڇاڳاڇا لاءِ وٺي ويندا. ”باقي رهيل ڪثر پوري ڪرڻ لاءِ“ ليفٽيننٽ شينهن ٽوڪ طور چيو.
انهيءَ سٿيل ڪمري ۾ گذاريل اها تڪليف واري رات ڪنهن حد تائين انهيءَ خوشي آسان ڪري ڇڏي جيڪا مون پاڻ کي دوستن، ڪم جي يارن ۽ پارٽي ساٿين جي وچ ۾ هوندي محسوس ڪئي. اها جيتوڻيڪ مناسب ڳالهه نه هئي پر مون کي قيدين ۾ پنهنجن دوستن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. قيد ۾ گهڻو اسان کي پنهنجن دوستن جا خيال ايندا رهيا ته ڪٿي کين ختم ته نه ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجن گڏيل دوستن بابت خبرن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن همراهن کي جيڪي مايوس ٿي ويا هئا، گڏيل جدوجهد جو سڏ ڏئي همٿ ڏياريسين. اهم نڪتو بهرحال پراميد هئڻ، انڊر گرائونڊ پارٽيءَ جي اڳواڻي، ۽ پورهيت طبقي ۽ ٻين عوامي طاقتن جي سگهه ۾ ڀروسي جو اظهار هو. قيد ۾ هوندي به اسان بين الاقوامي پرولتاري جي ڀائپيءَ واري مدد ۽ سوويت يونين جي عظيم، پرجوش، مڪمل لينني ۽ اصولي مدد کي محسوس ڪيو. اسان انهيءَ ڪوري پٽ تي سمهي نٿي سگهياسين، ٿڌي پٽ جي ڇهاءَ سان ئي اسان کي اهو سڀ ڪجهه ياد ٿي آيو، جيڪو اڄ اسان سان وهيو واپريو هو ۽ جيڪو سڀاڻي اسان سان ٿيڻو هو. ائين ٿي لڳو ته رات کٽڻ جي ڪانهي. ٿڌ ۽ سور کان سواءِ سخت بک به اسان جي ننڊ ۾ رنڊڪ وجهي رهي هئي.
صبح جو ڇهين وڳي در تي رائفلن جي ڪنداقن جي ڌڪن جي شور سان اسان کي اها خبر پئجي ويئي ته هاڻ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي.
”چار چار ٿي ٻاهر نڪرو بدمعاشو“
”اهو توکي پيو چوان او بدبودار قاتل ڪوئا“
”جلدي ڪر جونئن سان ڀريل ڳاڙها“
صف ٺاهي اسان ماراٿون در ڏانهن روانا ٿياسين. اسان سخت زمين تان ٿيندي، ڇتن وارن اسٽينڊن کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رهياسين. ٻين حصن کان ٻيون قطارون به اچي اسان سان اتي مليون. اڃا اوندهه هئي ۽ فوٽبال جو ميدان سرچ بتين سان جرڪيو پئي. انهيءَ روشنيءَ ۾ اسان کي مشين گنن جا اهي منهن صاف نظر اچي رهيا هئا، جيڪي ميدان، وڏي اسٽينڊ، بالڪونين، ڇت ۽ اسڪور بورڊ تان، اسان ڏانهن گهوري رهيا هئا.
اسان اتي ڪلاڪ کان وڌيڪ بيٺل رهياسين ۽ لسٽ ۾ ڏنل نالن جو جواب پئي ڏنوسين. ستين بجي کان ٿورو پوءِ عورتن جو جٿو به اسان سان اچي مليو ۽ پوءِ اسين سائيڪلنگ پٽي ڏانهن روانا ٿياسين، جتي اسان کي تماشائين جي ويهڻ جي جاين تي ويهي پنهنجي پڇاڳاڇا جي واري اچڻ جو انتظار ڪرڻو هو.
ليفٽيننٽ شينهن ظاهري طور پنهنجو روپ بدلايو هو ۽ اڄ کيس ليفٽيننٽ عقاب ڪري پئي سڏيو ويو. ساڳي طرح شينهن هڪ ۽ شينهن ٻه به عقاب هڪ ۽ عقاب ٻه ٿي چڪا هئا. اها جانورن واري تبديلي يقيني طور تي اسان جي محافظن جي اصلي نالن کي لڪائڻ لاءِ ڪئي ويئي هئي.
ٻنپهرن ڌاري مون لائوڊ اسپيڪر تي پنهنجو نالو ٻڌو. مون پنهنجي ٻانهن مٿي کڻي پنهنجي ايذاءُ رسائيندڙن کي ڏيکاريو ته توهان جو شڪار هت بيٺو آهي.
لائوڊ اسپيڪر مان حڪم ڏنو ويو.
”عقاب چار قيدي کي ڪارا ڪول سر ڏانهن وٺي اچ ۽ کيس شاڦو نمبر هڪ جي حوالي ڪر“.