پيڙا ۽ اميد
اسٽيڊيم جي قيدين مان گهڻا ۽ شايد هزارين انهيءَ نوجوان ڪميونسٽ کي انهيءَ وقت کان سڃاڻندا هئا، جڏهن هو اڃا ٻاهر هو. سندن چوڻ هو ته مٿس ”ٻارن منجهه چيتي“ واري چوڻي بلڪل ٺهڪي ٿي اچي. هي ڇوڪر در حقيقت بلڪل پيءُ جهڙو ئي هو. انهيءَ نوجوان ڪميونسٽ البرٽو ڪارويلان کي فقط انهيءَ ڪري سخت ايذائن جو نشانو بڻايو ويو هو جو هو چلي جي ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري لوئس ڪارويلان جو پٽ هو.
سندس نوجوان زال رٿ کي به جنتا پاران گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو ويو هو جو هو پاپولر يونٽي حڪومت جي سوشلسٽ وزير پيڊرو وسڪو وڪ جي ڌيءُ هئي.
ڪارويلان جي پٽ سان انهيءَ خراب سلوڪ تي ڪئمپ ڪمانڊنٽ وٽ احتجاج داخل ڪيو ويو. ساڳئي قسم جو احتجاج فادر جان اسڪورونيڪ جهڙي بدمعاش وٽ پڻ داخل ڪيو ويو، جيڪو محافظن ۽ ايذاءُ رسائيندڙن جي خدمت ڪندڙ هڪ ڪئٿولڪ پادري هو. اهو پادري روزانو اسٽيڊيم ايندو هو ۽ دروازي جي سيخن مان هر قيديءَ کي ائين هڪ هڪ سگريٽ اڇلي ڏيندو هو جيئن جانورن جي باغ ۾ گهمندڙ ٻار باندرن کي بوهي مڱ ۽ ڀڳڙا ڏيندا آهن.
هفتي ۾ هڪ ڀيرو، گهڻو ڪري ڇنڇر جي ڏينهن، فادر جان مرڪزي وڏي اسٽينڊ وٽ دعا ڪرائيندو هو. ڪجهه ماڻهو انهيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ ڪجهه پادري جي ڪري نه پر پنهنجن دوستن جي مذهبي عقيدن جي ڪري انهيءَ کي احترام واري نظر سان ڏسندا هئا.
فادر جان، پولينڊ جو هڪ فاشي هو. اها هڪ خاص ڳالهه هئي ته هو هٿيارن واري ڪارخاني ۽ سٽياگو جي جيل جو به پادري هو. پنهنجي خطبي ۾ هو انهيءَ حد تائين وحشيت جو مظاهرو ڪندو هو جو فاشي جنتا جي شڪار هزارين ماڻهن جي سامهون اها دعا گهرندو هو ته ”اي رب سائين چلي جي انهن نون حاڪمن تي پنهنجون مهربانيون نازل فرماءِ. ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هي سٺا عيسائي، محب وطن ۽ انصاف جا پرجوش محافظ آهن“.
ٻاهرين دنيا جون خبرون لڪل ذريعن معرفت ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پهچنديون رهنديون هيون. اسان کي خبر پئي ته عالمي پئماني تي اسان جي ماڻهن سان ڀائيچاري، ٻڌي ۽ ايڪتا جي مهم کي منظم ڪيو ويو آهي. اسان وٽ نه ڪو ريڊيو هو ۽ نه ئي ڪا اخبار ملندي هئي. پر، انقلابين جي ڀائيچاري کي ختم نٿو ڪري سگهجي. اسان اسٽيڊيم جي قيدين کي لوئس ڪارويلان تي فخر هو. اسان کي خبر پيئي ته هن فوجي اسڪول واري قيدخاني ۾ پرڏيهي اخباري نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. فاشسٽن جي پهرئين نمبر قيدي جي اها اميد اسان لاءِ اتساهه ڏياريندڙ هئي ته ”جيڪڏهن مون کي پنهنجن نظرين لاءِ، جن کي آئون صحيح ٿو سمجهان، موت کي به لازمي طور قبول ڪرڻو پيو ته آئون انهيءَ جي اکين ۾ اکيون ڏيئي بيهندس“.
اسان کي سوويت يونين ۽ ٻين سوشلسٽ ملڪن جي مضبوط اصولي موقف، ۽ سڄي دنيا جي ڪميونسٽ پارٽين ۽ هر قسم جي جمهوريت پسندن جي ڪري، جن مختلف طريقن سان چلي جي فاشزم جي مذمت ڪئي هئي ۽ اسان جي ماڻهن سان پنهنجي ايڪتا جو اظهار ڪيو هو، تمام گهڻي همت حاصل ٿي هئي.
مارڪسٽن ۽ عيسائين ٻنهي شڪر گذاري طور ڪيٿولڪ چرچ جي انهيءَ موقف کي ساراهيو هو جيڪو نه رڳو اسان جي ملڪ ۾ موجود سندس نمائندن پر خود پوپ پال ڇهين، پنوشي ۽ سندس ٽولي جي ڏوهن کي ننديندي، اختيار ڪيو هو.