دنيا ۾ اعليٰ تعليم جو رجحان
ان لحاظ کان جيڪڏهن اهڙي ترقي ۽ استحڪام جو سبب ڳولهجي ته اهو طاقت ، پيسو، زمين يا آبادي جي گھڻائي نه پر علم ۽ تعليم تي بيٺل نظر ايندو. اڄ جو انسان چنڊ تي پهتو آهي ته سمنڊ جي اندر به لٿو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تعليم ۽ علم جي ڪري ٿيو آهي. دنيا جي اڄوڪي سموري ترقي، جتي هزارين سالن کان ڪيل کوجنائن جو نتيجو آهي، اتي اڄوڪي دور ۾ تڪڙيون تڪڙيون ايجادون ۽ ترقيون به ٿين پيون، جو سالن جا ڪم ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳا آهن ۽ ڏينهن جا ڪلاڪن ۽ منٽن ۾، اهوسڀڪجهه دنيا ۾ منطم نموني سان سائنس ۽ ريسرچ جا ادارا ٺاهي سڄي دنيا جي دماغن ۽ ڏاهپ کي گڏيل پليٽفارم تي آڻڻ جي ڪري ٿيو آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا به وڌيا آهن ته نيون کوجنائون به تڪڙيون ٿيڻ لڳيون آهن. آڪسفرڊ يونيورسٽي جي رپورٽ سال 2015ع مطابق، سال 2014ع ۾ 5 ملين يعني 50 لک شاگرد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر تعليم پرائين ٿا. جيڪو تعداد سال 2000ع ۾ 2.1 ملين هو!
ان حساب سان ڏسجي ته ٻين ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي تعداد ۾ هر سال 10 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. ان اندازي مطابق سال 2025ع تائين بين الاقوامي شاگردن جو تعداد 8 ملين يعني 80 لک ٿي ويندو. انهن شاگردن ۾ گھڻو تعداد ايشيا کنڊ جو آهي، جن ۾ چائنا ، ڀارت ۽ سائوٿ ڪوريا سڀ کان اڳيان آهن،۽ تقريباَ 53 سيڪڙو شاگرد ايشيا سان واسطو رکن ٿا، جن ۾ وري هر ڇهون شاگرد چائنا مان آهي. هن وقت برطانيا ۾ ايندڙ شاگردن ۾ سڀ کان گھڻو تعداد ڀارت جي شاگردن جو ۽ ٻئي نمبر تي چائنيز جو آهي. آمريڪا ۾ وري سڀ کان گھڻو تعداد چائنيز جو آهي.
ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ مشهور ملڪ: برطانيا، آمريڪا ، ان کان پوءِ جرمني، فرانس وغيره رهيا آهن، يا وري آسٽريليا ۽ ڪيناڊا. هاڻي به بين الاقوامي شاگردن جو اڌ حصو تقريباَ انهن ڇهن ملڪن ۾ ئي اعليٰ تعليم پرائي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي بدلجندڙ ۽ غير يقيني واري حالتن ۾ به نوجوانن ۽ انهن جي والدين کي اميد جي روشني صرف اعليٰ تعليم ۾ ئي نظر اچي ٿي جو اڪثر ايشيا ۽ آفريقا جي خطن جا شاگرد ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ نڪرن ٿا. اندازو آهي ته نائجيريا جهڙي گھرو مسئلن ۾ ڦاٿل ملڪ جا شاگرد به تيزيءَ سان ٻاهرين دنيا ڏانهن نڪري رهيا آهن. ماهرن جي راءِ مطابق ايندڙ ڪجهه سالن ۾ برطانيا ۾ نائجيريا جي شاگردن جو تعداد ڀارت جي شاگردن کان اڳتي نڪري ويندو. گذريل 5 سالن ۾ صرف آڪسفرڊ يونيورسٽي ۾ ئي نائجيريا ۽ گھانا جي شاگردن ۾ ٻيڻ تي اصافو ٿيو آهي. ان سان گڏوگڏ بدلجندڙ سياسي ۽ اقتصادي حالتن ۾ علائقائي تعليم جو رجحان به تمام گھڻو وڌيو آهي. مختلف خطن جون سهڪاري تنظيمون هڪٻئي لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا به کولي رهيون آهن ته موقعا ۽ وظيفا به ميسر ڪري رهيون آهن، جتي مٿين ملڪن ۾ ويزائن جون سختيون ۽ مهانگيون فيون يا رهائشي خرچ آهن، اتي علائقائي سطح تي تعليم به سستي آهي، ته رهائشي خرچ به گھٽ ۽ وظيفا الڳ ميسر ڪيا ويا آهن، جنهنڪري ان رجحان ۾ تيزي آئي آهي، مثال طور، جپان ۾ تقريباَ 81 سيڪڙو ۽ سائوٿ ڪوريا ۾ تقريباَ 75 سيڪڙو ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جو تعداد سندن ڀر وارن ملڪن مان آهي. ائين ئي ملائشيا ۽ چائنا ۾ به ساڳيو رجحان آهي.
اهڙي طرح آسيان ملڪ جن ۾ ملائشيا ۽ سندس پاڙيسري ملڪ شامل آهن، اهي ملڪ به پنهنجن نوجوانن کي علائقائي سطح تي تعليم پرائڻ لاءِ اتساهين پيا ۽ ڪامن اسپيس آف هاير ايجوڪيشن نالي هڪ تنظيم جوڙي هن عمل کي هيٺينءَ سطح تائين کڻي ويا آهن. هن پروگرام ۾ 59 يونيورسٽيون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ في الحال آسيان مان ستن ملڪن جون يونيورسٽيون شامل ڪيون ويون آهن. هن پروگرام تحت شاگردن لاءِ ورچوئل ٽوئر،اسٽڊي ٽوئر ڪرايا ويندا، گڏيل ايڪسچينج پروگرام سان ڊگري پروگرام به ڪرايا ويندا. ائين ليٽن آمريڪا جي ملڪن ۾ به خاص طور برازيل ۽ ڪولمبيا ۾ علائقائي شاگردن جو زور وڌي رهيو آهي. ساڳِيءَ طرح آفريقا جي سب سهارا کنڊ جا اڌ کان وڌيڪ ٻاهر ويندڙ شاگرد پنهنجي علائقائي ملڪن ڏکڻ آفريقا ۾ پڙهن ٿا.
مٿي اسين دنيا ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي تعليم پرائڻ جي رجحان جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ علائقائي سطح تي نئون رخ به سامهون آيو آهي پر اسان هيٺ ڏسون ٿا ته عالمي سطح تي دنيا جا ڪجهه اهم ۽ مختلف ملڪ، حڪومتي سطح تي ان رجحان کي ڪيئن وڌائين پيا ۽ ڪيئن موقعا پيدا ڪري ڏين پيا.
1. روس: روسي حڪومت جو منصوبو آهي ته سال 2020ع تائين روس جون ڪي به پنج يونيورسٽيون دنيا جي هڪ سئو بهترين يونيورسٽين ۾ شامل ٿين، ۽ انهن ۾ 10سيڪڙو فيڪلٽي ميمبر ۽ 15 سيڪڙو شاگرد ٻاهران آندا وڃن. ان جو مقصد دنيا ۾ روس کي ريسرچ ۽ تعليم ۾ ٻين ملڪن جي مد مقابل آڻڻ، روسي ٻولي کي وڌائڻ ۽ خود روس اندر چٽاڀيٽي واري رجحان کي وڌائڻ آهي. ان لاءِ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ روسي ٻولي ۽ ادب ۾ فائونڊيشن ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ انهن کي سڀ کان پهرين داخلا وٺڻي پوندي. ان سلسلي ۾ ڏٺو وڃي ته اعليٰ تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ روس ۾ پڙهائڻ جو موقعو به پيدا ٿئي ٿو. اهڙي طرح روس پنهنجن 3000 شاگردن کي 2020ع تائين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ موڪلي رهيو آهي ته جيئن سندس نوجوان دنيا ۾ هلندڙ تعليمي رجحان ۽ کوجنائن کان واقف ٿين.
2. جرمني: جرمني جا ته ٽيون حصو پوسٽ گريجوئيٽ ڪندڙ شاگرد ٻاهر پڙهن ٿا پر هاڻي جرمن حڪومت جو منصوبوآهي ته اهو سيڪڙو اڌواڌ هجي، ان لاءِ 2020ع تائين جرمنيءَ مان 50 سيڪڙو اعليٰ تعليم جي لاءِ شاگردن کي ٻاهران ڊگريون ڪرايون وينديون ۽ گورنمينٽ ان لاءِ فنڊس ميسر ڪندي، هن وقت 118000 شاگردن لاٰءِ فنڊس ميسر آهن جن کي ٻيڻو ڪيو ويندو. اهڙيءَ طرح جرمني ٻاهرين شاگردن کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ جتي ٽيوشن فيس ختم ڪري ڇڏي آهي، اتي اسڪالرشپ جا موقعا به ميسر ڪيا آهن، ۽ حڪومت جو منصوبوآهي ته جرمني ۾ ٻاهران آيل شاگردن جي 17 سيڪڙو تعداد کي اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون وڃن .
3. آمريڪا: آمريڪا جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف هاير ايجوڪيشن جو نئون پروگرام جنريشن اسٽدي ابراڊ آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا جي موجوده ٻاهر پڙهندڙ شاگردن جي تعداد کي 2020ع تائين ٻيڻ تي ڪرڻو آهي. جيئن سال 2015ع ۾ آمريڪا جي ٻاهر پڙهندڙ شاگردن جو تعداد 295000 آهي، جنهن کي 2020ع تائين 600000 ڪرڻو اٿن.
اهڙي طرح ترقي يافته ملڪن وٽ اهو تصور آهي ته سندن شاگرد ٻين ملڪن ۾ وڃن، اتي پڙهن ، اتي جي ڪلچر ۽ ثقافت کان واقف ٿين، اتان جون سٺيون روايتون پنهجي ملڪ ۾ کڻي اچن. ان سان گڏ اسان جي ايشيا جي ملڪن مان چائنا ، ڪوريا، جپان ۽ ملائشيا به اعليٰ تعليم لاءِ نه صرف پنهنجا شاگرد هزارن جي تعداد ۾ ٻاهر موڪليندا رهيا آهن پر هاڻي ته هزارين ٻاهريان شاگرد به پنهنجي ملڪن ۾، وظيفا ميسر ڪري گھرائي رهيا آهن ته جيئن سندن ملڪ جي اهميت ٿئي، ماڻهن جو اچڻ ٿئي ته اقتصادي، معاشي ۽ سماجي مٽاسٽا ٿئي. ان سلسلي ۾ چائنا ان جو وڏي ۾ وڏو مثال آهي، جتي بين الاقوامي شاگردن مان هر ڇهون شاگرد چائنا جو آهي ته اتي هن وقت هزارن جي تعداد ۾ چائنا گورنمينٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت ٻين ملڪن جي شاگردن کي پاڻ وٽ گھرائي رهيو آهي. ڏکڻ ڪوريا آهي، ڪنهن حد تائين ملائشيا ۽ جپان گورنمينٽ به اسڪالرشپون ڏِين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي عرب امارات ، سعودي عرب، قطر ۽ ايران حڪومتون به ريسرچ ۽ سائنس جي ڊوڙ ۾ اسڪالرشپون مهيا ڪن، تنهنڪري اسان کي هر ملندڙ موقعي لاءِ تيار رهڻ گھرجي.
ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر اها سهوليت موجود آهي، جنهن سان سندن نوجوانن لاءِ بهترين تعليم ميسر ٿي سگھي ٿي، پر پوءِ به اهي پنهنجي نوجوان نسل کي نه صرف ڀر وارن ملڪن پر ٻين خِطن ڏانهن به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، ڇو ته هو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته دنيا تيزيءَ سان تبديل ٿئي پئي، ائين ئي نوڪرين لاءِ، واپارلاءِ گھربل فن ۽ مهارت جون گھرجون به تبديل پيون ٿين، تنهنڪري جتي اهڙين حالتن جي تياري سڌريل ملڪ به ڪري رهيا آهن ته اسان کي به سوچڻ گھرجي ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون!؟ جتي سڄي دنيا اهل ماڻهن لاءِ موقعا فراهم ڪري پئي ۽ گڏوگڏ ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به اسڪالرشپون ميسر ڪري پئي ڏئي، انڪري اسان کي ان مان ضرور فائدو وٺڻ گھرجي. اسين به دنيا جي آبادي جو هڪ سيڪڙو آهيون ، جو اسان سنڌ جي آباديءَ مان تقريباَ ست ڪروڙ آهيون ۽ دنيا جي ست ارب، ته ان حساب سان اسان دنيا جي آباديءَ جو هڪ سيڪڙو ٿياسين. اهڙي لحاظ کان جيڪڏهن اسان دنيا جي آبادي جي بنيادي گھرجن مطابق پنهنجو هڪ سيڪڙو وٺڻ جا اهل ٿيون ته پوءِ اسان اڳتي هلي هن دنيا لاءِ وڌيڪ ڪارائتا ڪم به ڪري سگھون ٿا.
هن وقت جتي دنيا جي بين الاقوامي شاگردن جوڪل تعداد 50 لک آهي ته ان حساب سان اسان سنڌين جو هڪ سيڪڙو ٿئي ٿو 50000 شاگرد، پر هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جو تعداد لڳ ڀڳ پنج هزار نظر اچي ٿو. حقيقت ۾ اها ڳالهه به انتهائي خوشيءَ جي آهي ، همٿائڻ جي آهي پر اسان جو ٽارگيٽ اڃا گھڻو پري آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ باقاعدي انفرادي، توڙي ادارن جي صورت ۾، ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون وٺي سنڌي شاگردن کي ٻاهرين دنيا جي ملڪن ۾ وڌ کان وڌ موقعا حاصل ڪري ڏين. مٿي ٻڌايل پنج هزار تعداد به هڪ اندازو آهي، جو ايشيا جي چند ملڪن ۾ ئي سنڌي شاگردن جو تعداد هزار جي برابر يا اڃا به مٿي آهي. هن وقت ملائشيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد 300 کان به مٿي آهي. اهڙي طرح چائنا ۾ تقريباَ 500 کان مٿي آهي. ڏکڻ ڪوريا ۾ به 50 جي قريب شاگرد آهن، ضرور ڪجهه جپان ۾ به هوندا، ڪجهه سنگاپور ۾ به ته ڀارت ۾ به، ته سريلنڪا ۽ ٿائيلينڊ ۾ به،. ته وري هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان وٺي دبئي، ايران ۽ سعودي عرب، قطر، بحرين ۾ به. اهڙي طرح جتي وڌ کان وڌ سنڌي شاگردن جو رجحان انگلينڊ سميت يورپ جي مڙني ملڪن ڏانهن رهيو آهي، اتي 2 هزار کان مٿي ئي شاگرد هوندا. آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، نيوزيليند ۾ به چڱو خاصو تعداد هوندو. ٿي سگهي ٿو ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ليٽن آمريڪا جي ملڪن برازيل ۽ ارجنٽينا ۾ به هجن. اهڙيءَ طرح آمريڪا جي پاڙي واري ملڪ ڪيوبا ۾ ميڊيڪل جي ڊگري لاءِ به ڪافي سنڌي شاگرد سليڪٽ ٿيا هئا.
ڳالهه اها آهي ته اسان جي پنهنجي ملڪ ۾، جيڪڏهن اسان سنڌين کي موقعا گھٽ ملن ٿا ته سڄي دنيا ۾ موقعا آهن، ڳالهه صرف انهن موقعن مان ڀرپور فائدي وٺڻ جي آهي، جنهن سان نه صرف پنهنجو مستقبل پر گھر، خاندان، ڳوٺ کان ويندي پنهنجن شهرن ، پنهنجي صوبي ۽ ملڪ لاءِ دنيا ۾ نالو پيدا ڪري سگھجي ٿو. دنيا هاڻي قابليتن ۽ صلاحيتن جو قدر ڪري ٿي ، اسان کي رڳو پاڻ باخبر رهي صرف ملندڙ موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻو آهي.
اهڙي حالتن ۾ جتي اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار دنيا کان ڪيترائي درجا پوئتي هجي، اتي پڙهي ڪري به اسان جا هزارين نوجوان ٻاهرين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري اسڪالرشپون ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن باقاعده طريقي سان اسان دنيا ۾ موجود موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ته ڪيترو نه سٺو ٿئي جو اسان کي به ته دنيا سان گڏوگڏ هلڻو آهي. جتي آبادي وڌندي رهندي، اتي وڌيڪ موقعا به فراهم ٿيندا، ته وڌيڪ چٽاڀيٽي ۽ مقابلي وارو رجحان به جنم وٺندو، ان لاءِ اسان جي نوجوانن کي جتي پنهنجي شهر ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ گھربل ڪوٽا لاءِ جدوجهد جاري رکڻي آهي، اتي ان کي دنيا ۾ به پنهنجو هڪ سيڪڙو حصو حاصل ڪرڻو آهي، جيڪو صرف ميرٽ يعني اسڪالرشپن مان کڻڻ کپي. باقي سڄي دنيا ۾ سيلف تي يا پاڪستان حڪومت جي خرچ تي جيترا وڃي سگھن، ضرور وڃن جو علم ۽ سفر جتي انسان کي باشعور ۽ پختو بڻائي ٿو، اتي قوم کي طاقتور، مشهوري ۽ مڃتا ڏياري ٿو. اسان جي قوم کي عالمي سطح تي پاڻ مڃرائڻو آهي. اسان جي بقا ۽ ترقي صرف بهتر تعليم سان مشروط آهي. هاڻي جڏهن سنڌ جي تعليم تي ڪم ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته صوبائي هيڪ کي فعال ڪري. ان لاءِ سنڌ هيڪ هڪ الڳ ڪميٽي جوڙي جيڪا فارين اسڪالرشپن تي نظر رکي ۽ پنهنجي نوجوانن کي وقت سر آگاه به ڪري ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کان ويندي سندن پرڏيهي کاتن ۾ پنهنجي صوبي جي شاگردن لاءِ ڪي مخصوص موقعا تلاش ڪري ڏئي. ان سان گڏوگڏ صوبائي هيڪ به شاگردن لا ساليانيون اسڪارشپون مهيا ڪري ڏئي ته جيئن دنيا ۾ هلندڙ سائنس ۽ ترقيءَ مان اسان جي صوبي جا شاگرد تيار ٿي اچن ۽ اسان کي مستقبل لاءِ سٺا پروفيشنل ماهر ملي سگھن. ان سموري ماحول ۾ تعليم جي وزارت جو ڪم آهي ته اعليٰ تعليم جي لاءِ ڪو ويزن پيش ڪري يا ڪو حدف مقرر ڪري. ڇو ته دنيا ۾ پرائمري کان ڪاليج سطح تائين سئو سيڪڙو خواندگي جو حدف مقرر هوندو آهي، اتي اعليٰ تعليم جنهن ۾ ريسرچ اسٽڊي به اچي وڃي ٿي، لاءِ ڪٿي 30 سيڪڙو آهي ته ڪٿي 40 کان وٺي 60 سيڪڙو تائين جو حدف مقرر ڪيل هوندو آهي، پر اسان جي حالت اها آهي جو اسان اڃا پرائمري ۾ ئي 60 سيڪڙو خواندگي حاصل ڪري نه سگھيا آهيون، نه وري هاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾، ته پوءِ يونيورسٽي سطح جي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي ڪهڙي حالت هوندي؟ ٿي سگھي ٿو اسان وٽ ڊگري يا فته شاگردن جو سيڪڙو 15 به نه هجي! اهڙي حالت ۾ جتي الحاقي ڪاليج بغير ڪنهن گھربل ڪلاس هلائڻ جي يا بهتر امتحان وٺڻ جي، ڊگريون به ورهائيندا هجن، پوءِ ته معياري اعليٰ ڊگري رکندڙ شاگرد 5 سيڪڙو به مس هوندا.
اهڙي حالت ۾ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ملڪي ويزن 2030ع تائين ڊگري واري تعليم لاءِ 40 سيڪڙو تائين خواندگي جو ٽارگيٽ رکي ، جن مان گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪڙو ريگيولر شاگردن کي ايڪسچينج پروگرام تحت ٻين صوبن ۽ ٻين ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. ان سان گڏوگڌ سنڌ جي گھٽ ۾ گھٽ پنج يونيورسٽين کي ريسرچ جو درجو ڏئي سندن بجيٽ ٻيڻي ڪري کين انڊسٽري سان جوڙي کين ٽارگيٽيڊ پراجيڪٽ ڏنا وڃن، جنهن سان اسان جي يونيورسٽين ۾ به دنيا وانگي ريسرچ جو ماحول جڙندو ۽ عالمي سطح جا اڪيڊمڪ ماهر به پيدا ٿيندا ۽ اسان جي سنڌ جون يونيورسٽون به عالمي رينڪنگ ۾ اچي وينديون.
اسان جي شاگردن کي پنهنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو جتي هو پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ هجن ، سندن پرسنٽيج سٺي هجي ، اتي کين جي آر اي (GRE) به سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيل هجي ۽ آءِليٽس (IELTS)يا ٽافل (TOEFL)جو امتحان به پاس ٿيل هجي، ته ائين آهي جيئن سون تي سهاڳو. آءٌ ٻڌائيندو هلان ته ڊاڪٽر عطاءَ الرحمٰن جي دور ۾ جڏهن هيڪ 8 هزار تائين اسڪالرشپون مهيا ڪيون ته لاهور جي سينٽرن ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪندڙ پنجابي شاگرد تياري ڇڏي جي آر اي ، آءِليٽس يا ٽافل ڪرڻ لڳا ته جيئن اهي ٻاهر وڃي اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھن. اسان کي به پنهنجو پاڻ کي اڳواٽ تيار ڪرڻو پوندو، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ کان انگلش آءِ ليٽس جي تياري ڪرڻ گھرجي ڇو ته اسڪالرشپون نه صرف ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ اچن ٿيون پر بيچلر ڊگريءَ لاءِ به اينديون آهن، پوءِ ڇو نه ان لاءِ به ڪوشش جاري رکجي. اهڙي طرح جي آر اي جي تياري به جاري رهي. ان امتحان جي ويهڻ جي لاءِ بيچلر يا ماسٽر ڊگري هجي ته جلد کان جلد اها پاس ڪري ڇڏجي جو اڪثر ٻاهريان ملڪ ته ڇا پر جڏهن هيڪ طرفان ڪنهن اسڪالرشپ جو اشتهار ايندو آهي ته جي آر اي جو شرط ضرور هوندو آهي، پوءِ جي اها پاس نه هوندي ته معنيٰ ماڻهو ان ڪم لاءِ امتحان کان پهرين ئي نااهل ٿي وڃي ٿو. دنيا ۾ وقت به وقت مختلف پروگرام ته انائونس ٿين ٿا پر جيئن ته ڪلچرل اسڪالرشپ، ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ، فل برائِيٽ اسڪالرشپ، چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپ، سائوٿ ڪوريا گورنمينٽ اسڪالرشپ، ملائشين گورنمينٽ اسڪالرشپ وغيره به هر سال اينديون رهن ٿيون، ان لاءِ اسان کي سندن حڪومت جي ويب سائيٽس تي مسلسل ڏسڻ گهرجي، ان کان علاوه يونائيٽڊ نيشن ، پاڪستان گورنمينٽ يا هاير ايجوڪيشن جون اسڪالرشپون ته اينديون ئي رهن ٿيون، انهن تي به نظر هجڻ گھرجي.
منهنجي هن سموري ڳالهه جو مقصد هيءُ آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي دنيا ۾ ڦهلجڻ گھرجي، پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ گهرجي. هر ملڪ ۾ سنڌي شاگرد ايسوسيئيشن يا ڪو گڏيل گروپ هجي ته ان کي کپي ته هو ايندڙ موقعن بابت آگاهي ڏئي. هن وقت اسان کي صرف منظم ٿي هڪ آواز ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن وقت به جيڪي هزارين شاگرد ٻين ملڪن ۾ روزگار يا تعليم لاءِ موجود آهن، انهن کي ٻين نوجوانن لاءِ مشعل راه ٿيڻو پوندو، هر ملڪ ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن يا پڙهائيندڙ سنڌي استادن کي هڪ ڪامن پليٽ فارم ٺاهڻ گھرجي، جنهن سان هڪٻئي تائين رسائي ۾ آساني ٿئي. تازو ”سنڌ ويزن“ نالي سان هڪ سماجي گروپ فيس بڪ تي اسڪالرشپس ۽ نوڪرين بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه تجويز آهي ته سگا بين الاقوامي چيپٽر قائم ڪري ، جنهن جو نالو سنڌ اوورسيزگريجوئيٽس ايسوسئيشن رکيو وڃي ، سندس هڪ ويب سائيٽ جوڙي وڃي ، الڳ سان مرڪزي باڊي ٺاهي مختلف ملڪن جا چيپٽر ٺاهيا وڃن. اصل ۾ هي ڪم به سنڌ هيڪ کي ڪرڻ گھرجي يا وزارت تعليم کي پر اتان اهڙي ڪا اميد في الحال نظر نٿي اچي. پر انهن سڀني شين جي اڻاٺ هوندي به سنڌي نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا آهن، اها انهن جي انفرادي محنت ۽ جذبو آهي. انشاءَالله اهو ڏينهن پري نه آهي جو سنڌ جي اعليٰ تعليم ۾ انهن جي ڪري نوان موڙ ۽ نوان رستا کلن ۽ اسان وٽ نوبل پرائز کٽڻ جهڙا ماهر سامهون اچن.