ايشيا ۾ اعليٰ تعليم
دنيا ۾ چٽا ڀيٽي هلندڙ آهي ، ڪنهن به شعبي ۾ محنت ڪجي ته موقعا کوڙسارا نڪري اچن ٿا. علم چند شعبن ۽ چند ملڪن جو محتاج نه آهي، بس موقعي ۽ محنت جي ضرورت آهي، پوءِ جنهن کي جتي ملي، ان کي اُتي محنت ڪرڻ گھرجي. خوشقسمتيءَ سان اسان سنڌي ماڻهن ۾ هاڻي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ سان گڏ ٻين شعبن ۾ به پڙهڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي ، ان سان گڏوگڏ سنڌي نوجوانن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ نڪرڻ شروع به ڪيو آهي. تنهنڪري آءٌ هتي مٿين ذڪر ڪيل ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن جو به ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جتي جي تعليم ڪنهن به صورت ۾ يورپ يا آمريڪا جي ترقي يافته ملڪن کان گھٽ معيار جي نه آهي. خاص طور ايشيا جا اهي ملڪ جن سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي علمن ۾ پاڻ مڃايو آهي، جن جي تعليمي سرشتي ۽ ماحول کان پڙهندڙن کي واقف ڪرائڻ چاهيان ٿو. منهنجي خيال ۾ ڀلي پهرين پسند مٿيان انگريزي ڳالهائڻ وارا ملڪ يا يورپ جا ڪجهه ملڪ هجن، ۽ انهن ڏانهن وڃڻ لاءِ ضرور ڪوشش به ڪجي، پر حقيقت ا ها به آهي ته هر ماڻهو کي نه سندس پسند مطابق موقعو ملندو آهي، ۽ نه ئي ضروري آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪيل چوائس مان اڳتي هلي مطمئن رهي، ۽ نه ئي وري سڀ افورڊ به ڪري سگهن ٿا ته پسند جي شعبي ۾ پڙهڻ لاءِ پسند جي يونيورسٽي واري ملڪ ۾ داخلا ملي. ان ڪري جتي به جنهن به ملڪ ۾ موقعو ملي، ضرور وڃڻ گھرجي. اسان جي نبي ڪريم صلعم جي حديث مبارڪ آهي ته: علم حاصل ڪريو، پوءِ چاهي اوهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي.
اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي اڪانامي ايڏي مضبوط نه آهي جو هر ماڻهو ٻاهر وڃي سگھي يا افورڊ ڪري سگھي، ان ڪري دنيا اندر وظيفي تي وڃڻ لاءِ جنهن به ملڪ ۾ موقعو ملي، وڃڻ گھرجي، باقي جيڪو افورڊ ڪري اهو ڀلي برطانيا يا آمريڪا يا ڪنهن ٻئي پسند جي ملڪ وڃي. حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته انهن ملڪن ۾ اعليٰ تعليم مهانگي هجڻ ڪري يا وري ويزا جي سختي هجڻ ڪري ۽ گڏوگڏ ايشيا جي ملڪن ۾ به سٺا موقعا ملڻ ڪري، اسان جا سنڌي نوجوان هاڻي دنيا جي هر ملڪ سان گڏ ايشيا جي ملڪن ۾ به چڱي ّتعداد ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، ۽ انهن ملڪن ۾ ملائشيا، سنگاپور، چائنا، جپان، سائوٿ ڪوريا، ٿائلينڊ وغيره شامل آهن.
جتي آمريڪا ، برطانيا، آسٽريليا ۽ ٻين اسرندڙ يورپي ملڪن اسان جي ملڪ يا پوئتِي پيل ملڪن لاءِ وظيفا گھٽايا آهن يا محدود ڪيا آهن، ته ساڳئي وقت ايشيا جي مٿي ذڪر ڪيل ملڪن نه صرف اسڪالرشپون وڌايون آهن پر ويزا ڏيڻ به آسان ڪئي آهي. اِن لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هر ملڪ ۾ موقعا پئدا ٿيا آهن، جتي به ملن، وڃڻ گھرجي. پر جن ماڻهن وٽ خانداني ملڪيت ۽ پيسو آهي ان جو اڄ به پهريون آپشن اهي يورپي ، آسٽريليا، آمريڪا، ڪيناڊا جهڙا ملڪ آهن جو اتي ٻولي انگلش آهي ۽ مستقل رهائش جا موقعا آهن، ان جي بنسبت ايشيا جي ملڪن ۾ نه مستقل رهائش آهي نه ئي وري نوڪرين ۽ وقتي ڪمائَڻ جا ايترا موقعا آهن. پر اها به حقيقت آهي ته جپان ، ڪوريا، چائنا ۾ امن ۽ سلامتي جيتري اسان ماڻهن لاءِ آهي ايتري وري آمريڪا يا برطانيه ۾ نه آهي، ۽ نه ئي انهن ايشيا جي ملڪن ۾ ڪا ٽيڪنالاجي مٿين مغربي ملڪن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ آهي. پر مٿي جيئن ته آءٌ واضع ڪري آيو آهيان ته، نه هر ماڻهو ڊاڪٽر، انجنيئر ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي هر ماڻهو يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي ملڪن ڏانهن وڃي سگھي ٿو، اِهو ماڻهوءَ جي خوشحالي، ذهانت، موقعي سان گڏوگڏ قسمت تي به منحصر آهي، جي اهي سڀ حقيقتون اسان کي سمجھ ۾ اچن ٿيون، ته پوءِ دنيا ۾ ڀلي، بهتر کان بهتر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪجي پر ان سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال ضرور رکجي ته دنيا ۾ موقعا گھٽ ۽ مقابلا وڌيڪ آهن، ان ڪري جتي به موقعو ميسر ٿئي، ته ضرور حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.
هاڻي ته پاڪستان حڪومت ۽ هاير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان به ايشيا يا گھٽ فيس وارن ملڪن لاءِ وظيفا ڏِيڻ شروع ڪيا آهن ،تنهنڪري سڀ کان پهرين ٻاهرين ملڪن طرفان يا وري پاڪستان حڪومت طرفان موقعو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو موقعو نه ملي ۽ ماڻهو افورڊ ڪري سگھي ٿو ته پوءِ ايشيا ۾ ملائشيا به هڪ بهتر آپشن آهي، پنهنجن پيسن تي پڙهڻ لاءِ يا وري جرمني ملڪ جتي اعليٰ تعليم لاءِ ڪا فيس مقرر نه آهي. ملائشيا ۾ ان ڪري جو باقي ايشيا جي ملڪن جي نسبت ملائشيا ۾ فيس ڪجهه گھٽ آهي ۽ کاڌو پيتو يا موسم به اسان ماڻهن جي مزاج وٽان آهي، هتي جي تعليم وچين درجي جو ذميدار ۽ سٺي نوڪري رکندڙ ماڻهو افورڊ ڪري سگھي ٿو، هتي جي تعليم آمريڪا ، برطانيا ۽ آسٽريليا جي اڌ خرچ جيتري آهي، يا اڃا به گھٽ. پر ملائشيا جو آپشن تڏهن هجڻ گھرجي جڏهن ماڻهو موسم، يا کاڌي پيتي جي حوالي سان آساني چاهي يا گھٽ بجيٽ هجيس، يا وري انگريزي ۾ تعليم جاري رکڻ چاهي، نه ته اوڀر ايشيا جا ملڪ جپان، ڪوريا، چائنا جا تعليمي ادارا ملائشيا کان معيار ۾ وڌيڪ بهتر آهن، ۽ هنن ملڪن جا پروفيسر وري پڙهائي دوران هوشيار شاگردن کي وڌيڪ فنڊنگ ڏئي سگھن ٿا بنسبت ملائشيا جي تعليمي ادارن جي پروفيسرن جي. پر ملائشيا ۾ ٻاهرين اچي پڙهندڙن ۾ تمام گھڻو تعداد مسلمان ملڪن جي شاگردن جو آهي، يا وري مغربي ۽ آفريقا جي ملڪن جي مسلمان خاندان جي ٻارن جو، جن ۾ ايشيا سان گڌ آفريقا ۽ ليٽن آمريڪا تائين ويندي يورپ جي ملڪن بوسنيا، البينيا کان وچ يورپ جا مسلمان به پنهنجا ٻار ملائشيا موڪلين ٿا. اهڙي حالت جي ڪري ملائشيا پنهنجي اهمِيت کي سمجهندي هاڻي ٻين ملڪن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون بلڪل ختم ڪري چڏيون آهن يا وري تمام گھٽائي ڇڏيون آهن، ۽ پنهنجي تعليمي شعبي کي بزنس طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
حقيقت ۾ ڏسجي ته ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم لاءِ گھربل سمورو انفراسٽرڪچر موجود آهي، سٺيون بلڊنگيون، جديد اوزار، ريسرچ لاءِ ماحول، امن امان، قدرتي خوبصورتي، ٻاهرين دنيا مان چونڊيل استاد (جن جو تعداد هاڻي گھٽائي رهيا آهن)، بهترين نصاب، جديد ٽيڪنالاجي، رهائش لاءِ سٺيون هاسٽلون، بجلي ، پاڻي جي ڪا پريشاني نه، جديد ٽرانسپورٽ، ويندي وچٿريون فيون، ۽ حلال کاڌا، سڀ کان اهم ڳالهه ته ٻولي انگريزي کي تعليمي ٻولي طور رکيو ويو آهي. هونءَ به ايشيا ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي حالتن، ايران تي پابندين ۽ انگريزي ٻوليءَ جي گھٽ هجڻ يا وري مخصوص فرقي جي ڇاپ لڳڻ ڪري، ۽ باقي عرب ملڪن جي مجموعي نااهلي جي ڪري، ڀارت ۾ به مسلمانن جي دانهن يا ڪرپشن هجڻ ڪري، وچ ايشيا جي رياستن جا حال به سائنسي تعليم ۾ پورا هجڻ ڪري ، افغانستان، عراق ۾ مجموعي حالتون خراب رهڻ ڪري، وري يورپ جي ملڪ ترڪي ۾ مهگائي ۽ يورپي ڪلچر جي اثر هجڻ ڪري، مذهب يا وري رهڻي ڪهڻي ۾ محتاط ماڻهن لاءِ بهترين آپشن هاڻي ملائشيا ئي وڃي بچي ٿو، (جيڪو ڪنهن وقت پاڪستان هيو، ۽ هاڻي به ٿي سگھي ٿو جي امن امان ۽ حڪمرانن ۾ ايمانداري اچي ته). ملائشيا جي ماڻهن ۾خوشحالي هجڻ ڪري، خاص طور نوڪري ڪندڙ مسلمان موڪل وارن ڏينهن ۾ ڪم نه ٿا ڪن يا تمام گھٽ ڪن ٿا، تنهنڪري هتي پنهنجي خرچ تي آيل دوستن لاءِ يورپ جيان پارٽ ٽائِيم جي اجازت آهي، بهرحال آءٌ اها ڳالهه واضع ڪريان ته نه آءٌ علم کي مذهب سان ڳنڍڻ وارن خيالن جو حامي آهيان نه ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو. مٿي مسلمانن لاءِ بهترين آپشن طور ملائشيا لکڻ جو مقصد دنيا جي حالتن ۽ ملائشيا ۾ موجود دنيا جي مختلف خِطن جي مسلمان ماڻهن جي اڪثريت هجڻ ڪري ڪيو، نه ته آءٌ سمجهان ٿو ته جنهن وقت نبي پاڪ صلعم جن تي پهرين وحي نازل ٿي، ان وقت به پڙهڻ جي يا علم حاصل ڪرڻ جي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو. ان وقت ته قرآن پاڪ جي ان پهرين آيتن کان سواءِ اسلام لاءِ اڃان ڪجهه به نازل نه ٿيو هيو. ان آيت جي تشريح ۾ ملائشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد ٻڌائي ٿو ته ٿي سگھي ٿو پاڻ سڳورن کي ان وقت موجود علمن کي به پڙهڻ لاءِ چيو ويو هجي. ڀلا نبي سائين جنهن جنگ بدر جي غير مسلم قيدين کي ان شرط تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڇو ڏنو ته جيڪو به قيدي ڪنهن هڪ مسلمان کي پڙهڻ سيکاريندو ته ان کي آزاد ڪيو ويندو، ظاهر آ غير مسلم ته دنيا جو علم ڏيندو نه ڪي قرآن پاڪ جو، يا وري حضور صلعم جي مشهور حديث ڇو هجي ها ته علم حاصل ڪريو، پوءِ توهان کي چاهي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي ، ظاهر آ چين ۾ اسلام جي باري ۾ ته نه پڙهايو ويندو هو. اهي سڀ ڳالهيون واضع ڪن ٿيون ته علم حاصل ڪجي چاهي ڪٿان به ملي. انسان جي پيدائش سان گڏ ان کي علم سيکاريو ويو، سو انسان علم سان ئي آهي، ۽ علم جستجوءَ سان آهي ، پوءِ اهو جتان به ملي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏا به ڪشالا ڪرڻا پون ڪجن. اهو علم ئي آهي، جنهن کي اولهه جي ملڪن سائنس جو نالو ڏنو آهي جنهن کي وري اسان جا مذهبي ٺيڪيدار مذهب جي خلاف ٿا سمجهن، حالانڪي سائنس علم جو ٻيو نالو آهي، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعالي آسماني ڪتابن ۾ فرمايو ته زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي خزانا لڪيل آهن، اهي توهان لاءِ آهن ۽ انهن کي ڳولهڻ لاءِ ئي تجربا ڪرڻا ٿا پون، ته پوءِ سائنس يا ڄاڻ جي کوجنا ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟، تنهنڪري علم کي نه ڪنهن مذهب سان ڳنڍي سگھجي ٿو نه ڪي ڪنهن زبان ۽ علائِقي سان. علم ته رستو آهي پنهنجي پاڻ کي ۽ ڪائنات کي سڃاڻڻ جو، هن دنيا کي سمجهڻ ۽ دنيا کي بدلائي پنهجي لاءِ بهتر کان بهتر ٺاهڻ جو ۽ ڪائنات جي خالق جي ويجهو ٿيڻ جو.
ايشيا ۾ ملائشيا کان علاوه سندس پاڙيسري ملڪ سينگاپور به آهي ته وري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ترقي ۾ نالو پيدا ڪندڙ ملڪ جپان، ڪورِيا، چائنا، تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ ٿائلينڊ به آهن جيڪي ڪجهه ڪميونسٽ نظرئي ته وري گھڻي ڀاڱي ٻڌ مذهب وارا آهن، ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن ملڪن جو تعليمي معيار ملائشيا کان بهتر آهي، پرٻولي يا وري فيون تمام گھڻيون مهانگيون آهن، خاص طور سينگاپور ۽ جپان ۾ ته رهائش ۽ تعليم برطانيا ۽ آسٽريليا وانگر مهانگي آهي، تنهنڪري پاڪستان جو هر ماڻهو افورڊ نه ٿو ڪري سگھي. ان کان پوءِ ايشيا جو وڏي آبادي وارو ۽ ايراضي وارو ملڪ چين آهي، جنهن طرفان تمام گھڻيون اسڪالرشپون به ڏنيون وڃن ٿيون، انهن وٽ اسان پاڪستانين لاءِ تمام گھڻي عزت به آهي، ۽ چين ۾ گھڻي مهانگائي به نه آهي، جنهن سبب ڪري هڪ ته چائنا حڪومت جي اسڪالرشپن سان گڏ، پنهنجي خرچ تي به تمام گھڻا سنڌي نوجوان خاص طور ميڊيڪل جي ڊگري لاءِ اوڏانهن وڃن پيا، پر حقيقت ۾ چائنا ۾ ٻولي ، کاڌي پيتي، ۽ موسم جو شديد مسئِلو آهي، جيڪو ملائشيا ۾ بلڪل نه آهي، جيڪڏهن چائنا جي حڪومت جي طرفان يا وري پاڪستان حڪومت يا اقوام متحده جي ڪنهن به ذيلي اداري يا ڪنهن تنظيم جي طرفان چائنا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ته ضرور حاصل ڪجي ۽ِ اوڏانهن وڃجي، ڇو ته اعليٰ تعليم ڪٿي به حاصل ڪجي، اها خرچ کائي ٿي، جيڪو اسان جو هر ماڻهو افورڊ نه ٿو ڪري سگھي، ان لاءِ جي چين جهڙي ملڪ ۾ وڃڻ جو موقعو ملي ته ضرور وڃجي ۽ اهڙي اسڪالرشپ کي ڪنهن غنيمت کان گھٽ به نه سمجهجي، جو مستقبل ۾ چائنا جي پاڪستان ۾ سيڙپ جي ڪري تمام گھڻا موقعا پيدا به ٿيندا. ائين ئي ڏکڻ ڪوريا جون اسڪالرشپون به اينديون رهن ٿيون، اوڏانهن به ضرور وڃجي، يا وري جپان آهي، جپان جي گورنمينٽ به اسڪالرشپون ڏيندي رهي ٿي اهو آپشن به بهترين آهي، وري چائِنا جو حصو هانگ ڪانگ جنهن کي خودمختيار حيثيت حاصل آهي، يا وري پراڻي چائنا جو حصو ۽ الڳ ملڪ تائيوان به بهتر آپشن آهي. هِنن ملڪن ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ملهايو آهي سندن يونيورسٽين جي درجا بندي به عالمي سطح تي بهترين يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿي. ايشيا ۾ به سينگاپور کان پوءِ اوڀر يورپ جون ئي يونيورسٽيون مٿين درجي تي آهن، سو انهن ملڪن ۾ اسان لاءِ صرف مسئلو آهي ٻولي، اها به صرف رابطي لاءِ، پر ماڻهو اتي رهڻ سان سکي وڃي ٿو. موسم ، کاڌي جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي آهي. باقي خرچ پکي ۾ جپان ، تائيوان، ۽ ڪورِيا ٽئي ملڪ چائنا کان ته تمام گھڻا مهانگا آهن پر ملائشيا کان به مهانگا آهن، سو اهڙن ترقي يافته ۽ منفرد تهذيب وارن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا اسڪالرشپ ملي ٿي، ته اها ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه سمجهڻ گھرجي. هڪ حقيقت وڌيڪ بيان ڪندو هلان ته ملائشيا جي ڀيٽ ۾ ٽيڪنالاجي يا شاگردن لاءِ سائنسي اوزار ۽ تجربي گاهن سان گڏ فنڊنگ به اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ تمام گھڻي آهي جيڪا ملائشيا ۾ ڪافي محدود آهي. ملائشيا جو پروفيسر اوڀر ايشيا جي پروفيسرن جي ڀيٽ ۾ گھٽ تعاون ڪندڙ ٿئي ٿو، خاص طور پيسن جي معاملن ۾. ملائشيا بنيادي طور سمورو انفراسٽرڪچر ته ميسر ڪيو آهي، پر سندن پروفيسر اوڀر ايشيا جي ملڪن جيتري محنت نه ٿا ڪن، تنهنڪري ڪو شاگرد پاڻ کي موسم، کاڌي پيتي جي آساني کان ڪڍي وڌيڪ سکڻ چاهي ۽ پيسا ڀري سگھي ته پوءِ جپان، سينگاپور، ڪوريا، ۽ چائنا ايشيا ۾ سڀ کان بهتر آپشن آهن. ايشيا ۾ انهن ملڪن سان گڏ ٿائلينڊ به آهي، جتي جو ادارو ايشين انسٽيٽوٽ آف ٽيڪنالاجي دنيا جي بهترين ادارن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن کي يونائيٽڊ نيشنس طرفان فنڊنگ به گھڻي ملي ٿي، جنهن ڪري هيءُ ادارو ريسرچ لاءِ الڳ اسڪالرشپون آفر ڪندو رهي ٿو.
آءٌ هيٺ ايشيا جي يونيورسٽين جي 2018ع ۾ آيل درجا بندي ڏيان ٿو ته جيئن اسين ايشيا جي مختلف ملڪن جي تعليمي نظام کي بهتر نموني سمجهي سگھون ۽ صحيح فيصلو ڪري سگھون. هونءَ ته دنيا اندر اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن جي درجا بندي ڪرڻ جا ڪيترائي ادارا آهن پر آءٌ هتي مثال طور، درجا بندي ڪندڙ تنظيم، ڪيو ايس ورلڊ ريڪنگ ۾ مثال ڏيان ٿو. نوٽ هيٺ صرف ايشيا جي ملڪن جي درجا بندي ڏنل آهي.
ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ سنگاپور جي NTU يونيورسٽي پهرين نمبر تي آهي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور ٻئي نمبر تي آهي. جيڪڏهن پهرين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ ڏسجي ته سينگاپور جون 2 يونيورسٽيون پهرين ۽ ٻئي نمبر تي، هانگ ڪانگ جون 7 يونيورسٽيون ترتيبوار3، 5، 8، 10، 27 64 ۽ 100 نمبر تي آهن، جپان جون 16 يونيورسٽيون آهن، جيڪي ترتيبوار 13، 14، 15، 17، 20، 27، 29، 31، 36، 39، 40، 60، 67، 68، 85 ۽ 98 نمبر تي آهن، چائنا جون 23 يونيورسٽيون آهن، پر 7،6، 9، 21، 22، 23، 26، 42، 45، 52، 53، 55، 61، 63، 73، 74، 76، 80، 81، 83، 84، 89 ۽ 94، 96 نمبر تي آهن. اهڙيءَ طرح سائوٿ ڪوريا جون وري ايشيا جي حساب سان پهرين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ شامل 17 يونيورسٽيون آهن، جيڪي هن ريت آهن: 4، 11، 12، 16، 18، 19، 30، 33، 44، 57، 69، 78، 82، 88، 90، 92، ءِ 95. اهڙي طرح تائيوان جون 11 يونيورسٽيون آهن، جيڪي درجا بنديءَ جي حساب سان 25، 32، 35، 36، 47، 56، 65، 70، 76، 79 ۽ 87 تي آهن. ٿائلينڊ جون صرف 3 يونيورسٽيون آهن جيڪي ، 50، 8 ۽ 97 نمبر تي آهن. مٿي ذڪر نه ڪيل پر اهميت لائق ملڪ ڀارت جون وري 9 يونيورسٽيون شامل آهن جيڪي ترتيبوار 34، 41، 48، 51، 59، 62، 72، 93 ۽ 98 نمبر تي آهن، اهميت لائق ان ڪري جو آباديءَ جي لحاظ کان جتي دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي اتي مسلمانن جي آبادي جي لحاظ کان به ٻئي نمبر تي آهي ۽ اسان جو پاڙيسري ملڪ به آهي، وڏي ڳالهه ته ٻولي ۽ ڪلچر ۾ به اسان جون ڀارت سان تمام گھڻيون هڪجهڙايون آهن، اهڙي طرح مسملمانن جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو ملڪ انڊونيشيا آهي جنهن جون به فقط 3 يونيورسٽيون ايشيا جي ٽاپ 100 ۾ شامل آهن سي به 54، 65، ۽ 85 نمبر تي. فلپائِين جتي موسم ملائشيا جهڙي ۽ ٻولي به انگلش هلي ٿي پر سندس اعليٰ تعليم ۾ اڃان ڪا گھڻي اڳڀرائي نه ٿي ڏسجي ، هن جون صرف ٻه يونيورسٽيون 75 ۽ 95 نمبر تي شامل آهن.
اهڙي طرح ملائشيا جون به صرف 5 يونيورسٽيون هن 100 جي ريڪنگ ۾ اچن ٿيون، جيڪي ترتيبوار 24، 36، 43، 46، ۽ 49 نمبر تي آهن، جن ۾ يو ايم، يو ايس ايم، يو ڪي ايم، يو پي ايم ءِ يو ٽي ايم شامل آهن. جتي مذهب ، ڪلچر، ٻولي ، خرچ ، ۽ موسم جي ڪري ته ملائشيا بهترين آهي، اُتي علم ۽ اعليٰ تعليم لاءِ اوڀر ايشيا جي ملڪن جو تعليمي معيار ملائشيا کان به وڌيڪ بهتر لڳي ٿو.
مٿين انگن اکرن مطابق ايشيا جي ٽوٽل 48 ملڪن ۽ 5 خودمختيار رياستن ۾ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان جي فقط هڪ يونيورسٽي NUST آهي جيڪا به 91 نمبر تي آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ افعانستان يا ايران جي ڪا به يونيورسٽي شامل آهي، نه ئي وري عرب مسلمان ملڪن جي ڪا يونيورسٽي، البته ڀارت جون ضرور آهن، پر ڀارت سان هميشه نازڪ لاڳاپا وڏي رڪاوٽ آهن جنهن ڪري ڪو حل ڪونهي ان ملڪ مان تعليم پرائڻ جو.
هاڻي ڏسو ته دنيا جي 60 سيڪڙو آبادي ۽ 30 سيڪڙو ايراضي رکندڙ کنڊ ايشيا ۾ مٿي ذڪر ڪيل ملڪ ئي آهن جتي اعليٰ تعليم جا بهترين موقعا ميسر آهن، انهن ملڪن کان علاوه اسان جي پراڻي حصي بنگلاديش جا به حال پورا آهن جو سندس ڪا به يونيورسٽي ٽاپ 100 ۾ نه آهي، پر سندس 2 يونيورسٽيون 300 اندر اچن ٿيون، ائين سريلنڪا 97 سيڪڙو لٽريسي هجڻ جي باوجود اڃا تائين مٿين ملڪن جي مقابلي ۾ نه اچي سگھيو آهي. ڪامريڊن جي ملڪ ويٽنام جون به صرف 2 يونيورسٽيون آهن، جيڪي ايشيا جي 300 واري درجا بندي ۾ اچن ٿيون.
تنهنڪري ملائشيا ايشيا اندر تڏهن بهتر آپشن آهي جڏهن پنهنجن پيسن تي اچجي، نه ته نئين ٻولي ۽ نئين ڪلچر ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ به هڪ اعليٰ قسم جو موقعو آهي، اهو هرگز به نه وڃائڻ گھرجي. هونءَ به جپان، ڪوريا ۽ چائنا، هانگ ڪانگ، تائيوان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ملائشيا جي ماڻهن کان اڳتي آهن، ملائشيا ته خصوصن ٽيڪنالاجي ۾ جپان ۽ ڪوريا کان ڪافي سکيو آهي، حقيقت اها آهي ته ملائشيا باوجود مسلمان ملڪ هجڻ جي، صاف سٿري دريسنگ هجڻ جي، ويجهو هجڻ جي، حلال کاڌو ميسر هجڻ جي پنهنجن روين ۾ چائنا ۽ جپان جي ماڻهن کان بهتر نه آهن، هُو عربن جهڙا مغرور نه ته به نفسياتي طرح احساس برتريءَ جو احساس ڏيارين ٿا ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي ماڻهن کي اڻسڌيءَ طرح پاڻ کان گھٽ ئي سمجهن ٿا. ظاهري طرح اظهار ته نه ٿا ڪن پر وري به محسوس ٿئي ٿو. صرف سعودي عرب جي مسلمانن کي بهتر سمجهندا آهن ۽ عام ملئي پاڻ کي سعودي عرب جهڙا مسلمان سمجهندا آهن. ته وري پڙهيل لکيل ملئي پاڻ کي آمريڪا جو شهري ۽ باقي ماڻهن کي پاڻ کان گھٽ سمجهي ٿو، دوستي ڪرڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ يا سوشل ٿيڻ ۾ تمام ڪنجوس آهن، نارمل رليشن رکندا به ۽ وري مرضي سان نه به سڃاڻندا، جيڪڏهن ملئي ماڻهو جو ڪم پئي يا وري توهان مسلسل کين اهميت ڏيو، سندن روين کي درگذر ڪيو ته پوءِ دوستيون برقرار رهي سگھن ٿيون. آءٌ چائنا ۾ رهي آيو آهيان، اتي جا ماڻهو هنن کان تمام گهڻا بهتر آهن. بازار ۾ گھمندي، بس يا ٽرين يا خريداري ڪندي هر هنڌ محسوس ٿيندو ته چائني اسان کي کلي مسڪرائي پيا ڏسن، پڇندا ڪٿان آيا آهيو ، ڇا پيا ڪيو ، تصوير گڏ ڪڍرائِيندا، مطلب ته کين مزو پيو ايندو، اهو گڻ وري ملائشيا جي ماڻهن ۾ صفا نه آهي، جنهنڪري آءٌسوچيندو آهيان ته ملائشيا ۾ قدرتي ماحول ۾ خوبصورتي شايد ان ڪري رکيل آهي، جو ماڻهو کي ان دلفريب نظارن ڏسڻ مان فرصت ئي نه ملي جو هو ڪنهن جي روين تي ويهي سوچي، تنهنڪري بهتر لاءِ ضرور وڃجي، ڀرپور ڪوشش به ڪجي پر ڪنهن ڳالهه ۾ اٽڪي موقعو هٿان وڃائڻ نه گهرجي. سچل سائين فرمايو آهي، ته:
ڇو ڪرين ٿو ارمان، جيڪي آهين، سو ئي ٿيندين!
اتر، اوڀر، اولهه، ڏکڻ، سر زمين ڇا اهو آسمان،
پاڻون ڄاڻي ، پير گھماِئيي، ٿي صورت ۾ انسان،
اٿڻ ويهڻ ڄاڻ اهو ئي آهي ”ڪل يوم هو في شان“.