ترڪيءَ ۾ اعليٰ تعليم
هن ڪيٽيگري کي اڀرندڙ يورپ ۽ وچ ايشيا Emerging Europe and central Asia (EEC جو نالو به ڏنو وڃي ٿو. هن ڪيٽيگري ۾ روس کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ترڪي جون ئي آهن. ترڪي ٽوئرزم، تاريخ، ثقافت ۽ ترقي ۾ يورپ جي ٻين ملڪن کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهي. ان جو مسلم دنيا ۾ به الڳ منفرد مقام ۽ تاريخ آهي، ته وري انقلابي ليڊر سلطان ڪمال اتاترڪ جو به ملڪ آهي، ان ملڪ ۾ وڃي پڙهڻ لاءِ به موقعو ملي ته ضرور وڃجي.
[b]ترڪي حڪومت طرفان اسڪالرشپون
[/b]ترڪي گورنمينٽ طرفان پرڏيهي شاگردن کي پنهنجي ملڪ آڻڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي لاءِ اسڪالرشپون به ميسر آهن. هي اسڪالرشپون مختلف پروگرامن تحت آهن، جن ۾ انڊرگريجوئيٽ پروگرام، گريجوئيٽ پروگرام ۽ شارٽ ٽرم پروگرام اچي وڃن ٿا، جن ۾ وري مختلف خِطن ۽ فيلڊن لاءِ الڳ الڳ قسم جون اسڪالرشپون ٿين ٿيون. ڪجهه هن طرح آهن: علي ڪوسو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اسڪالرشپ، ابن خلدون سوشل سائنس اسڪالرشپ، ترڪي لئنگيج اسڪالرشپ، سڪسيس اسڪالرشپ (هي اسڪالرشپ شارٽ ٽرم اسڪالرشپ ڪيٽيگري) ۾ اچي ٿي، جنهن تحت اهي ڪامياب شاگرد جيڪي ترڪيءَ ۾ پنهنجي خرچ تي پڙهندي سٺي رزلٽ حاصل ڪن ٿا، انهن لاءِ آهن.
انهن اسڪالرشپن کان علاوه ريسرچ اسڪالرشپون وغيره به آهن. هڪ اهم اسڪالرشپ Harran Scholarship Program به آهي جنهن تحت انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي ميڊيڪل سائنس ۾ به اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون. حالانڪ دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گھٽ اسڪالرشپس ڏنيو وڃن ٿيون پر ترڪي حڪومت هن فيلڊ ۾ به اسڪالرشپ ڏئي ٿي. هن پروگرام ۾ صرف ميڊيڪل نه پر اسلامڪ ۽ ترڪي حوالي سان به ڪافي پروگرام شامل آهن. ترڪي جي حڪومت طرفان ملندڙ سمورين اسڪالرشپس جي اپلاءِ ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي اپلاءِ ڪرڻ گھرجي www.turkiyeburslari.gov.tr. هي ترڪي حڪومت طرفان ڏنل لنڪ آهي، جنهن تي وڃي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورو تفصيل پڙهي، گھربل ڪاغذات تيار ڪري، اسڪين ڪاپيون ڪري پوءِ هن لنڪ تي وڃي رجسٽر ٿي درخواست فارم ڀرڻ گهرجن.
ترڪي گورنمينٽ طرفان اسڪارشپ بيچلر، ماسٽرس، پي ايڇ ڊي ڊگري ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ تائين انائونس ٿينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه به شارٽ ٽرم پروگرام به انائونس ٿيندا رهن ٿا. جن لاءِ درخواست جو طريقيڪار وري ريگيولر اسڪالرشپن کان ڪجهه الڳ آهي. البته ريگيولر ڊگري پروگرام اسڪالرشپ لاءِ عمر جي حد مختلف ۽ ٻين پروگرامن لاءِ مختلف آهي جيڪا مٿي لنڪ تي اسڪالرشپ انائونسمنيٽ واري پيج تي ڏنل آهي، پر گھڻي ڀاڱي بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ 21 سال، ماسٽرس لاءِ 30 سال ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 35 سال عمر جي حد مقرر آهي. ان کان علاوه اميدوار جو گذريل تعليمي رڪارڊ بهتر هجڻ سان کيس ميرٽ ۾ اچڻ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا.
هي اسڪالرشپون پهرين مرحلي نومبر کان جنوري ۾ ۽ ٻئي مرحلي ۾ فيبروري کان مارچ تائين ۽ ٽين مرحلي ۾، اپريل کان مئي تائين به آفر ٿين ٿيون. هي مرحلا مختلف پروگرام ۽ ملڪن جي حساب سان ٿين ٿا، ان ڪري ڪڏهن اسڪالرشپون الڳ الڳ مختلف ملڪن جي حساب سان مٿي ويب سائيٽ تي انائونس ٿينديون رهن ٿيون، يا وري گڏيل طور تي به انائونس ٿينديون رهن ٿيون.
مٿي ذڪر ڪيل ويب سائيٽ تي جيڪڏهن ڪا شيءِ سمجهه ۾ نه اچي، ته هن اي ميل info@turkiyeburslari.org تي رابطو ڪري وڌيڪ تفصيل پڇا ڪري سگھجن ٿا.