ملائشيا جون پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج
ملٽي ميڊيا يونيورسٽي، يونيورسٽي تينگا نيشنل، يونيورسٽي تن عبدالرزاق، يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس، انٽرنيشنل ميڊيڪل يونيورسٽي، يونيورسٽي سلينگور، اوپن يونيورسٽي ملائشيا، ملائشيا يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ائمسٽ يونيورسٽي، يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان، يونيورسٽي ڪولالمپور، ووسن اوپن يونيورسٽي، البخاري انٽرنيشنل يونيورسٽي، المدينه انٽرنيشنل يونيورسٽي، انٽرنيشنل سينٽر فار ايجوڪيشن فار اسلامڪ فائنانس، لنڪونگ يونيورسٽي آف ڪريئيٽو ٽيڪنالاجي، مئنجمينٽ ۽ سائنس يونيورسٽي، ايشيا ِاي يونيورسٽي، يوسي ايس آءِ يونيورسٽي، ٽيلر يونيورسٽي، سن وي يونيورسٽي، مني پال انٽرنيشنل يونيورسٽي، پردانا يونيورسٽي، يونيٽار انٽرنيشنل يونيورسٽي، ريفلس يونيورسٽي اسڪندر، ملائشيا انسٽيٽيوٽ آف سپلاءِ چين، نيلائي يونيورسٽي، سيجي يونيورسٽي، ايشيا پيسفڪ يونيورسٽي آف ٽيڪنالجي اينڊ انووشن، بائنري يونيورسٽي آف مينجيمينٽ اينڊ انٽرپرينرشپ، انفراسٽرڪچر يونيورسٽي آف ڪولالمپور، ايشيا ميٽروپوليٽن يونيورسٽي، پترا بزنس اسڪول، گلوبل اين ايڪس ٽي يونيورسٽي، ماشا يونيورسٽي، انٽرنيشنل يونيورسٽي آف ملايا ويلس، يونيورسٽي آف ملائشيا آف ڪمپيوٽر سائس اينڊ انجينيرنگ، يونيورسٽي اسلام ملائشيا سائبرجايا، DRB-HICOM University Automotive Malaysia، ۽ ايشيا اسڪول آف بزنس وغيره شامل آهن. پرائيويٽ يونيورسٽيون گھڻي ڀاڱي ڪولالمپور فيڊرل ايريا ۾ يا وري ان جي ڀرسان واري رياست سلينگور ۾ آهن. يا سندن مين ڪئمپس ڪولالمپور ۾ آهن ته ايڊيشنل ڪئمپس ٻين رياستن جي مختلف شهرن ۾. ڪجهه پرائيويٽ يونيورسٽين جا مين ڪئمپس به ٻين رياستن ۾ ضرور آهن. جيئن يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس، يا يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان وغيره.
مٿي ذڪر ڪيل سڀني پرائيويٽ يونيورسٽين جو ڇا معيار آهي، يا ڪهڙي اهميت آهي، ڪا ڳالهه پوري يقين سان ته نٿي ڪري سگھجي پر ايترو ضرور چئي سگھجي ٿو ته ملائشيا جي حڪومت هروڀرو ڪنهن اداري کي يونيورسٽي جو اسٽيٽس نه ڏيندي. تنهنڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته هتان جون پرائيويٽ يونيورسٽيون به بهتر هونديون. باقي اهو آهي ته ڪئمپس جي ايراضي ۽ شعبن جو تعداد گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿو. اڪثر يونيورسٽيون صرف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي آهن جو پرائيويٽ ادارن جو سڄو فوڪس ڪمائڻ تي آهي، ۽ ڪمائڻ وارا سبجيڪٽ جن ۾ اڄڪلهه نوجوانن جو رجحان آهي، انهن ئي شعبن کي اڪثر پرائيويٽ يونيورسٽيون اوليت ڏين ٿيون. باقي يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ايراضي جي شايد ڪنهن وٽ اهميت نه هجي پر آءٌ هميشه سوچيندو آهيان ته هڪ بنگلي وارو ڪاليج يا يونيورسٽي انسان جي مزاج ۾ تنگي پيدا ڪن ٿا، ۽ کليل ڪئمپس انسان کي قدرت جي ويجهو ۽ کليل دل وارو ڪري ٿو، جتي وڻڪاري ، وڏا ميدان هجن، وڏا پيچرا به ته قدرتي آبهوا ۾ ساه کڻڻ جي سهولت به. ان ڪري منهنجي راءِ اها آهي ته جنهن به اعليٰ تعليمي اداري ۾ داخلا وٺجي اهو ڪو هڪ بنگلي تي مشتمل نه هجي جو ائين لڳي ته ماڻهو ڄڻ ٽيوشن سينٽر تي پيو پڙهي نه ڪي ڪنهن يونيورسٽي ۾. بهرحال آءٌ ملائشيا جون پرائيويٽ يونيرسٽيون ته ڪون ڏسي سگھيس تنهنڪري ايتري خاطري سان سڀني پرائيويٽ ادارن جي باري ۾ نٿو لکي سگھان، پر ڪجهه پرائيويٽ يونيورسٽين بابت وڌيڪ ٻڌڻ ۾ آيو يا جن جو ايشيا جي معياري يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿو، انهن مان ڪجهه اهم يونيورسٽين جو ذڪر هتي ڏيان ٿو، ان ۾ 1، ملٽي ميڊيا يونيورسٽي MMU ، 2 يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس UTP ، 3، يونيورسٽي ڪولالمپور UNIVERSITY KUALALUMPUR UniKl، 4، سيجي يونيورسٽي SEGI University ، 5 يونيورسٽي تنڪو غبدالرحمان ,6 ٽيلر يونيورسٽي اچي وڃن ٿيون.
هونءَ ته ملائشيا جي گورنمينٽ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پرائيويٽ يونيورسٽين کي ڪجهه فنڊنگ ۽ وظيفا ضرور ڏئي ٿي. پر ڪِن کي وڌيڪ ۽ ڪِن کي گھٽ. جيئن مددي فنڊ يا وري حڪومت جي ڪنهن اداري جي طرفان فنڊنگ ٿئي، جنهنڪري وري هنن ادارن کي حڪومت طرفان جيڪا بين الاقوامي شاگرد اسڪالرشپ آهي انهي جي تحت به هنن ادارن ۾ داخلا وٺندڙ، پبلڪ يونيورسٽين جيان درخواست ڏيڻ جا اهل آهن. حڪومت جي ان اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھن باقي رهيل ٻيون يونيورسٽيون به يقيناَ بهتر ئي هونديون پر آءِ هتي هنن يونيورسٽين جو ذڪر ان ڪري ڪري رهيو آهيان جو انهن مان ڪجهه ۾ سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن جيڪي انهن يونيورسٽين مان مطمئن آهن ٻيو هتي جي حڪومت جي سپورٽ به انهن يونيورسٽين کي ضرور آهي.. ان کان علاوه فارين يونيورسٽي برانچ يا ڪئمپس جي اهميت پنهجي جڳهه تي جو انگلينڊ يا آسٽريليا جي ڊگري هتي ملائشيا ۾ مليو وڃي ٿي.
منهنجي راءِ انهن ادارن جي باري ۾ ائين بيهي ٿي ته جي انهن مان ڪا اسڪالرشپ ملي وڃي ته ضرور پڙهجي، نه ته پنهنجن پيسن تي اچي ملائشيا جي ڪنهن سٺي يونيورسٽي ۾ پڙهجي باقي پنهنجو ملڪ ڇڏي ملائشيا اچجي ۽ وري ڊگري وٺجي آسٽرليا يا يورپ يا وري آمريڪا جي ڪنهن اداري مان ته ڪهڙو فائدو يا ته ماڻهو انهن ملڪن ڏانهن وڃي پڙهي يا وري پاڪستان ۾ ئي انهن يونيورسٽين جون برانچون قائم آهن، اتي ئي پڙهجي. باقي ملائشيا ۾ رهي ڪري ملائشيا جي ڪنهن يونيورسٽي جي ڊگري وٺجي ته دل سان ڳالهه لڳي ٿي، نه ته وري به اهو ئي احساس ۽ وضاحتون ته ڊگري فلاڻي يونيورسٽي جي فلاڻي ملڪ جي آهي بس ملائشيا ۾ برانچ اٿن اتان ڪئي آهي، هر ڪنهن جو پنهنجو خيال هوندو آهي، منهنجا ڪجهه دوست چوندا آهن ته مستقبل ته وري آسٽريليا ،نيوزيلينڊ ، ڪيناڊا يا وري يورپ ۾ آهي، تنهنڪري ڊگري اتان جي يونيورسٽين جي حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ ملائشيا اچڻ سان سولي ملي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو نه فائدو وٺجي، ملائشيا وارا ته نه مستقل رهائش ڏين نه وري هاڻي نوڪريون عام پيا ڏين، ويتر وڃي سندن حڪومت ٻاهرين ماڻهن لاءِ ڏينهون ڏينهن رعايتون گھٽائيندي پئي وڃي.
هيٺ آءٌ مختلف پرائيويٽ يونيورسٽين جو ذڪر ڪجهه تفصيل سان ان ڪري ڪري رهيو آهيان جن ۾ ڪجهه سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ اهي مطمئن به آهن، باقي وڌيڪ هتي موجود پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ جي ڪنهن کي هتان جي اسڪالرشپ ملي ته ضرور پڙهڻ اچي نه ته پبلڪ يونيورسٽيون يا هي تفصيل سان ٻڌايل پرائيويٽ يونيورسٽيون ئي اهم آهن.
[b](ا) يونيورسٽي ملائشيا پيٽروناس (UTP)
[/b]جيئن ته آءٌ پاڻ هي يونيورسٽي پيٽروناس گھمي آيو آهيان جتي منهنجي پروفيسر سائين اسدلله شاهه صاحب کي پي ايڇ ڊي جي شاگرد جو امتحان وٺڻو هيو ته سائين چيو پنڌ پري آهي هلو ته گڏجي هلون توهان به يونيورسٽي ۽ علائقو گھمي وٺندا ۽ مون کي به ڪمپني ملي ويندي، ان يونيورسٽي ۾ اسان جي تقريباَ 15 کان 16 سنڌي شاگردن سان ملاقات ٿي، جن ۾ احسان ابڙو جيڪو آءِ بي سکر ۾ ليڪچرر آهي ۽ هتي اسٽڊي ليو تي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيو، ان سان گڏ عبدالرحمان گلال جيڪو به احسان ابڙو سان گڏ سکر ۾ ڪم ڪندو هيو ٻئي هتي موڪل تي آيل هئا، ٻيو اسان جو دوست عبدلستار ساند جيڪو قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي طرفان هتي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، انهن دوستن ٻڌايو ته هتي تقريباَ 30 کان 35 سنڌي شاگرد ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن، جن مان 90 سيڪڙو هن يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي آيل آهن. هي يونيورسٽي جيتوڻيڪ ڪولالمپور کان ڪافي پري پيراق رياست جي گادي واري شهر اپوه کان به 25 ڪلوميٽر پري بلڪل ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ اسڪندريا ۾ آهي پر ڏاڍي خوبصورت ۽ عاليشان آرڪيٽيڪچر سان جديد عمارت هجڻ ڪري ڏاڍي وڻي. يونيورسٽي جي ڪري کڻي ميڪڊونلد يا وري ڪجهه انٽرنيشنل ليول جا شاپنگ سينٽر به يونيورسٽي جي ڀر ۾ ٺهي ويا آهن، پر رستي ۾ زمينون ۽ ننڍا ننڍا ڳوٺ ئي هيا ، جنهن ڪري دوستن ٻڌايو ته يونيورسٽي کان ٻاهر ڳوٺن ۾ ماڻهن جا گھر سٺا ٺهيل آهن جيڪي سستا ڪرائي تي ملي وڃن ٿا جنهنڪري اڪثر شاگرد يونيورسٽي جي ڀر وارن گھرن ۾ رهن ٿا خاص طور اهي شاگرد جيڪي پاڻ سان فيملي گڏ وٺي آيا آهن. هي يونيورسٽي جيئن ته هتي جي تيل ڪمپني پيٽروناس وارن جي ٺهيل آهي جنهن ڪري هن يونيورسٽي وٽ تمام گھڻي بجيٽ آهي، ان سبب ڪافي اسڪالرشپس ڏين ٿا. جنهن سبب 200 کن پاڪستاني شاگرد هتي آهن جن ۾ 35 کان 40 سنڌ جا شاگرد به شامل آهن . بس يونيورسٽي طرفان سٺي ڪارڪردگي ۽ ريسرچ پيپر سان گڏ هفتي ۾ ڪجهه ڪلاڪ هتان جي لوڪل شاگردن کي بيچلر ڊگري پروگرام ۾ پڙهائڻو پوي ٿو، جنهن ڪري اسان کي فيس به معاف ٿي آهي ته ماهوار وظيفو به ملي ٿو، سندن چوڻ هيو ته محنت ضرور وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي پر سکيو ۽ پرايو تمام گھڻو آهي ٻيو مفت ۾ پرائي ملڪ ۾ ايترو رهڻ پنهجي ڊگري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو اسان کي ڇا گهرجي. هو ڏاڍا خوش نظر آيا ، سندن خوش هجڻ جو سبب اهو به هيو ته ايترا سارا پاڻ ۾ هجڻ ڪري هو پاڻ کي اڪيلا محسوس نه ٿا ڪن، نه وري گھر وڃڻ جي ڪا وڏي سڪ لڳين ٿي. هن يونيورسٽي جو چيئرمين ملائشيا جو اڳوڻو وزيراعظم مهاتير محمد آهي.جنهن بابت دوستن ٻڌايو ته وقت به وقت هتي ايندو رهي ٿو هنن به سندس ڪيئي تقريرون ٻڌيون آهن، شايد مهاتير محمد جي ئي محنت آهي جو پرائيوِيٽ يونيورسٽين ۾ انجينيرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هي يوينورسٽي سڀ کان بهتر معيار واري ليکي وڃي ٿي. هي يونيورسٽي ايشيا جي درجه بندي ۾ 101 نمبر تي آهي.
[b] .(2) يونيورسٽي ڪولالپور
[/b] (University Kualalumpr Unikl)
www.unikl.edu.my
هي يونيورسٽي خاص ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل آهي جنهن ۾ هڪ انسٽيٽيوٽ هڪ ٽيڪنالاجي جي پاليسي تحت جوڙيا ويا آهن، جنهن ڪري مختلف ڪئمپس ۾ فقط هڪ فيڪلٽي هوندي آهي. هن يونيورسٽي جو خاص مقصد ملائشيا ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي ترقي ڏيارڻ آهي، هن يونيورسٽي جو هڪ ڪئمپس انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي ڀر ۾ هيو، جتي سنڌ جو هڪ استاد پروفيسر ڊاڪٽر فيض محمد جنهن جو تعلق سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سان آهي جنهن سان سائين اسدالله شاهه جي دوستي ڪري سلام دعا ٿي، ان وٽ سنڌي شاگرد ڪامران جويو به پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي، ته وري ٻيا ڪجهه پنجابي دوست به. انهن کان علاوه هالا جو شاهه سلام به هن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. ان ئي يونيورسٽي سان اسان جي سنڌ مدرسته لاسلام يونيورسٽي ڪراچي جو ميمورينڊم به ٿيل آهي، هي يورنيورسٽي به پرائيوِت يونيورسٽي هوندي به آسودي يونيورسٽي آهي، جو کيس يورپين يونين جي ڪيترن ئي ملڪن جي فنڊنگ سان گڏ ملائشيا گورنمينٽ جي فنڊنگ به ميسر آهي، ڊاڪٽر فيض ۽ ڪامران جويو مطابق اسڪالرشپس به آهن ته ڪيترا ئي پراجيڪيٽس به. جنهن ڪري ذهين شاگردن کي جيڪي خاص طور انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل آهن انهن کي هن يونيورسٽي ۾ اوليت ڏني وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جا ڪولالمپور شهر ۾ ئي 5 ڪئمپس آهن ڪولالمپور جي ڀرسان واري رياست سلينگور ۾ 4 ڪئمپس آهن باقي ٻه ڪئمپس اتر وارين ٻن رياستن ڪيداه ۽ پيراق ۾ آهن ته وري ٻه ڪئمپس اوڀر وارين رياستن ملاڪا ۽ جوهر ۾ به آهن. مطلب پوري ملائشيا ۾ ڪل ملائي ڪري 14 ڪئمپس يا انسٽيٽيوٽ آهن جو هن يونيورسٽي جي خاص ڳالهه 14 انسٽيٽيوٽ معني 14 مختلف اسپيشلائزيشن جا پروگرام آهن مطلب هر انسٽيٽوٽ ۾ هڪ خاص فيلڊ ۽ ان سان لاڳاپيل شعبا پڙهايا وڃن ٿا. هن جي مختلف انسٽيٽيوٽس مان اسان جي ڀرسان واراو انسٽيٽيوٽ برٽش ملائشيا يونيورسٽي ڪولالمپور انسٽيٽيوٽ هيو، اهڙي ريت ٻيا ڪجهه هن ريت آهن، يونيورسٽِي ڪولالمپور ملائشيا فرانس انسٽيٽيوٽ، يونيورسٽي ڪولالمپور اسپينش ملائشيا انسٽيٽوٽ وغيره.
[b](3) ٽيلر يونيورسٽِي Taylor University
[/b]ٽيلر يونيورسٽي ۾ نالي وارو سنڌي اديب ليکڪ گل بليدي استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي. ته سندس ٻار به هن يونيورسٽي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهي رهيا آهن. ان کان علاوه سنڌ جي نالي واري دانشور جامي چانڊيو جو پٽ عاطف جامي به هن يونيورسٽي جي لاڳاپيل ڪاليج مان A ليول ڪئي آهي. تنهن ڪري هن يونيورسٽي جي تعليم ۽ معيار سان گڌ مڃيل اداري هجڻ تي ڪو به شڪ نه آهي. هي يونيورسٽي به هتي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ مڃيل اداري جي حيثيت رکي ٿي. پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ هن يونيورسٽي جي ڪئمپس به ڪولالمپور ۾ هجڻ باوجود تمام خوبصورت ۽ ڪافي گھڻي ايراضي تي پکڙيل آهي. مختلف اسڪالرشپس ڏيڻ جي حوالي سان به هي يونيورسٽي ڪافي مشهور آهي. تنهنڪري هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي اسڪالرشپس لاءِ ضرور معلومات ڏسڻ گھرجي. ايشيا جي ريڪنگ ۾ هي يونيورسٽي 150 نمبر تي اچي ٿي.
[b](4) سيجي يونيورسٽي SEGI University
[/b]سيجي يا سيگي يونيورسٽِي ۽ ڪاليج هتان جا مڃيل ۽ مشهور ادارا آهن، هن ۾ سائين پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله جو پٽ به پڙهي رهيو آهي، سائين مطابق مهانگو ادارو آهي پر معيار تمام اعليٰ اٿس ۽ ملائشيا ۾ پرائويٽ هوندي گورنمينٽ جي يونيورسٽين جيتري اهميت اٿس، ته وري تمام سخت انتطاميه به، جنهن ڪري ٻار هڪ ڊسيپلين ۾ رهي محنت ڪري ٿو
[b] (5) يونيورسٽي تنڪو عبدالرحمان UTAR University
[/b]هن يونيوسٽي جي پيراق رياست واري ڪئمپس ۾ سنڌي پروفيسر ظفرالله نظاماڻي به آهي، هن يونيورسٽي جا 2 ڪئمپس آهن ، مين ڪئمپس ڪمپار آهي جيڪو پيراق رياست جي شهر ڪمپار ۾ آهي ۽ ٻيو ڪئمپس سلينگور رياست جي شهر ڪجنگ ۾ ڪولالمپور ڀرسان واقع آهي، هن يونيورسٽي جو مين ڪئمپس ڪمپار پيراق رياست جي گادي واري شهر اپوه کان تقريباَ 35 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي ، هن رياست ۾ جيئين ته هڪ ٻي مشهور پرائيويٽ يونيورسٽي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پيٽروناس به آهي. انهن ٻنهي يونيورسٽين ۾ 28 ڪلو ميٽر جو مفاصلو آهي، هي يونيورسٽي هتان جي سياسي پارٽي MCA (Malaysian Chinese Association) جي طرفان ٺاهي ويئي آهي، جنهن جي شروعات هڪ ڪاليج کان ٿي جيڪو اڄ به ڪولالمپور ۾ آهي جنهن جو نالو ملائشيا جي پهرين وزير اعظم تنڪو عبالرحمان جي نالي پٺيان رکيو ويو يعني ڪاليج تنڪو عبدالرحمانKTAR پر پوءِ الڳ سان ساڳي پراجيڪٽ مان گورنمينٽ جي منظوري سان هي يونيورسٽي به قائم ڪئي وئي، جنهن جو نالو آهي يونيورسٽي ٽيڪنالاجي تنڪو عبدالرحمان UTAR . هنن جو ڪاليج اڄ به سيتاپاڪ Setapak ڪولالمپور جي علائقي ۾ موجود آهي باقي يونيورسٽي جا ٻه ڪئمپس الڳ سان موجود آهن. هن يونيورسٽي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ بزنس جي بيچلر ڊگريز تي خصوصي توجهه ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي به ڪرائي وڃي ٿي. بين الاقوامي شاگردن لاءِ ميرٽ تي ڪجهه اسڪالرشپون به آفر ٿين ٿيون. هن يونيورسٽي جو افتتاح 2002ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم مهاتير محمد ڪيو. هن يونيورسٽي جي ورلڊ ينگ يونيورسٽيز جي ٽائمس ريڪنگ ۾ نمبر ٽاپ 111-120 اندر آهي ۽ ايشيا يونيورسٽي ريڪنگ ۾ ٽاپ 251 نمبر ۾آهي. ۽ ملائشيا اندر بهترين پرائپويٽ يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ چائنيز جي گھڻائي آهي جو هڪ پرائيويٽ ٻيو چائينِز پوليٽيڪل پارٽي جي سنڀال هيٺ هجڻ ڪري ٻين ڪميونٽيز جي ڀيٽ ۾ چائنيز لاءِ وڌيڪ فنڊنگ ۽ موقعا به آهن.