ملائشيا ۾ اسڪالرشپون
[/b] ملائشيا حڪومت هر سال هيءَ اسڪالرشپ ڏيندڙ آهي، جنهن جو بنيادي مقصد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر جي بهترين دماغن کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ ۽ کانئن بهتر ريسرچ ڪرائي پنهنجي ملڪ ۽ ملڪ جي تعليمي ادارن جو نالو روشن ڪرڻ آهي. تقريباَ دنيا جي سڌريل ملڪن طرفان اهڙي قسم جا موقعا پيدا ڪري دنيا جي مختلف خِطَن مان بهترين شاگرد پاڻ وٽ گھرائي سٺو ماحول ڏئي ، ٻاهران ايندڙ شاگردن کان نئين ريسرچ ڪرائين ٿا، ان سان نه صرف ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو پر بين الاقوامي رابطا، ڀائيچارو، هڪٻئي تي اعتماد ۽ سياحت ۾ به اضافو ٿئي، ته وري بزنس اڪانامي به وڌي ٿي. دنيا جي بهترين ريسرچ انسٽيٽيوٽس يا يونيورسٽيز ۾ ڪنهن هڪ ملڪ جا نه پر سڄي دنيا مان آيل شاگرد ۽ پروفيسر ملندا. مثال طور آڪسفرڊ يونيورسٽي، ڪئمبرج، هارورڊ يونيورسٽي هجي يا وري ناسا جو ريسرچ ڪندڙ ادارو هجي، اتي تقريباَ ڪيترن ئي ملڪن جا استاد ۽ سائنسدان ملندا. ائين ئي سوئيڊن جا تعليمي ادارا هجن يا جرمني جا يا ڊئنمارڪ جا ، بلڪه ملائشيا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ لوڪل پروفيسرن سان گڏ ڪم ڪندي ٻين ملڪن جا پروفيسر به پيا نظر ايندا.
چائنا جنهن نموني سان بين الاقوامي شاگردن لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن، ان جو سبب به اهو ئي آهي، ڇو ته دنيا سمجهي ٿي ته گڏيل تعليم ۽ ريسرچ سان علمي ماحول وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ۽ کوجنا بهتر ٿئي ٿي. ان ڪري ئي هن تيز رفتار ترقي ڪندڙ دور ۾ هر وڌندڙ، ترقي ڪندڙ ملڪ جي اها اهم پاليسي رهي آهي ته انهن جي تعليمي ادارن ۾ سموري دنيا مان بهتر کان بهتر شاگرد اچن. نتيجي ۾ جتي ملڪ کان ٻاهر تعليم جو رجحان وڌيو آهي، اتي مقابلو به وڌيو آهي ، انڪري ئي مختلف ملڪن اسڪالرشپون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، ته جيئن چونڊ ڪري بهتر شاگرد پنهنجي ملڪ آڻي سگھجن، جنهن جي تيز دماغ مان ڪجهه مسئلا يا پراجيڪٽ به حل ڪرائجن ته ان جي آئيڊياز مان فائدو وٺجي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو به روشن ٿئي.
اهڙي طرح ملائشيا حڪومت به هيءَ اسڪالرشپ بين الاقوامي شاگردن لاءِ ميسر ڪري ٿي جيڪا صرف دنيا ما ن چونڊ ذهن ئي ماڻي سگھن ٿا جو ان جي حاصل ڪرڻ جي ڪرائيٽيريا ئي اهڙي ٺاهي ويئي آهي جو بهتر کان بهتر ماڻهو اچي سندن اداري ۾ ڪم ڪن .
پهرين ته هيءَ اسڪالرشپ ماسٽرس، پي ايڇ ڊي يعني پوسٽ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ ڊاڪٽرل اسٽڊيز وارن لاءِ آهي
هيءَ اسڪالرشپ پبلڪ توڙي پرائيويٽ يونيورسٽين ٻنهي لاءِ آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين ڪرائيٽيريا آهي:
• ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 40 سال کان مٿي عمر نه هجي
• پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ 45 سال کان مٿي عمر نه هجي
• ماسٽرس اسٽڊي لاءِ جي پي اي بيچلرز ۾ 3.5 هجي 4 مان ۽ پي ايچ ڊي اسٽڊي لاءِ جي پي اي 3.5 هجي 4 مان ماسٽرس ۾.
• ائين پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ وري ريسرچ پيپرز ۽ ڇپيل ڪتابن جو معيار ۽ تعداد ڏٺو ويندو آهي.
• انگلش ليئگئيج پروفيشني آءِ ليٽس ۾ 6.5 بينڊ يا ٽافل پيپر بيسڊ 580 اسڪور، ڪمپيوٽر بيسڊ 230 اسڪور يا انٽرنيٽ بيسڊ ۾ 92 اسڪور گھربل آهي.
• ميڊيڪل فٽنيس سرٽيفيڪيٽ
• پروپوزل لاڳاپيل فيلڊ ۾
• ملائشيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا هجيس يا ڪنهن پروفيسر يا يونيورسٽيءَ جي ڪنڊيشنل ايڪسيپٽنس آفر ليٽر هجيس.
• اهي سڀ شرط پورا ڪندڙ هن اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏيڻ جو اهل هوندو ۽ اسڪالرشپ ملڻ جو فيصلو ميرٽ تي ڪميٽي جي هٿ وس آهي.
ان اسڪالرشپن لاءِ تقريباَ ملائشيا جي سمورين ڀ گورنمينٽ سيڪٽر يونيورسٽين ۾اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو پر ان سان گڏ ڪيتريون ئي ملائشيا جون پرائيويٽ يونيورسٽيون به شامل آهن
[b]اسڪالرشپ الائونس :
[/b]• هن اسڪالرشپ ۾ ٽڪيٽ، ٽيوشن فيس، ماهوار خرچ، ساليانو ڪتابن جو فڪس خرچ، هيلٿ انشورنس، ٿيسز الائونس، ويزا الائونس وغيره شامل آهن.
[b]اسڪالرشپ ۾ شامل فيلڊس :
[/b]• سائنس ۽ انجنيئرنگ، ايگريڪلچر ۽ فشريز،اڪانامڪس ۽ اسلامڪ فنائنس.، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي،بايوٽيڪنالاجي ۽ فوڊ سيفٽي، انفراسٽرڪچر ۽ يوٽيلٽي، انوائرنمينٽل اسٽڊيز، بايو سيڪيورٽي وغيره.
•
[b]اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا:
[/b]• ڪنهن به درخواسٽ ڏيندڙ شاگرد جي داخلا ٿيڻ جا امڪان سندس بهترين اڪيڊمڪ رڪارڊ، سندس بهترين ريسرچ پروپوزل، جنهن سان ٽيڪنالاجي يا ان فيلڊ جي واڌاري ۽ انساني ڀلائيءَ لاءِ بهتر ڪم هجي ۽ سندس انگلش ڪميونيڪيشن، جنهن مان سندس اڪيڊمڪ رائيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشن سان گڏ ٻولي جي مهارت جي به خبر پئي، سان مشروط آهي.
[b]اسڪالرشپ حاصل ڪندڙلاءِ ضروري ڳالهيون:
[/b]• کيس ملائشيا ۾ ئي يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر ڪم ڪرڻو آهي، ڇو ته اسڪالرشپ به ملائشيا جي آهي ته ڪم به ملائشيا جي ادارن جي نظر ۾ ٿيڻ گھرجي.
• سندس سالياني ڪارڪردگي بهتر هجي،
• ڪنهن بيماري وغيره يا ذاتي موڪل جي ڪري ماهوار الائونس نه ملندو.
• صرف منطور ٿيل ٽاپڪ تي ڪم ڪرڻو آهي يا وري سپروائيزر ، يونيورسٽي ۽ منسٽري جي منطوري سان ٽاپڪ تبديل ڪري سگھجي ٿو.
• ڪنهن به قسم جي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه آهي
• ڪو به غير قانوني ڪم يا يونيورسٽي ڪوڊ يا ملائشيا قانون خلاف نه وڃڻو آهي.
• داخلا جي ٿيڻ يا اسڪالرشپ جي ٿيڻ سان ويزا جو ملڻ ضروري نه آهي جو ويزا نج الڳ مسئلو آهي، جيڪو اميگريشن ڊپارٽمينٽ جي اختيار ۾ آهي.
• اسڪالرشپ انائونس ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پسند جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند جي فيلڊ جي ڪنهن پروفيسر سان به ضرور رابطو ڪرڻ گھرجي ۽ ان وٽ پنهنجي دلچسپي ظاهر ڪرڻ گھرجي بلڪ ان يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڇڏڻ گهرجي جو جڏهن به هي اسڪالرشپون انائونس ٿين ته ماڻهو جون سموريون گھرجون پوريون هجن ۽ بغير ٽائيم وڃائڻ ۽ پريشان ٿيڻ جي اپلاءِ ڪرڻ ڇڏڻ گهرجي.
• ايڊميشن ٿيل هجڻ جتي ٻاهرين ڪنهن ملڪ جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر اميد پيدا ڪري ٿي، اتي اها ئي ايڊميشن پنهنجي ملڪ جي هاير ايجوڪيشن ڪميشن يا وري ڪنهن حڪومتي منسٽري طرفان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. جنهنڪري ڪنهن به اهڙي موقعي لاءِ توهان وٽ اڳواٽ داخلا جو هجڻ فائيديمند ثابت ٿيندو.
ڏٺو وڃي ته جتي هي اسڪالرشپ انتهائي بهترين موقعو آهي، جنهن ۾ سٺن پيسن ۽ بهتر ريسرچ ڪرڻ جو موقعو آهي، اتي انتهائي هاءِ قسم جي ڪرائيٽيريا به آهي، هن قسم جي اسڪالرشپ کي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ چائنا ۽ ڪوريا جون اسڪالرشپون حاصل ڪرڻ ڪجهه آسان آهن جو ان لاءِ شرط ڪجهه گھٽ آهن يا انهن جي اسڪالرشپ ۾ ايڏي سختي نه آهي، جيڏي ملائشيا گورنمينٽ اسڪالرشپ ۾ آهي.
هن اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ لاٰ هيٺين لنڪ تي وڃي گھربل ڊاڪومينٽس ۽ ڊيٽا اپڊيٽ ڪري سگھجي ٿي. http://www.mohe.gov.my/en/scholarship/international/mis
هونءَ به ملائشيا جي ڪنهن به اسڪالرشپ جي انائونسمينٽ يونيورسٽين جي ذريعي ٿئي ٿي پر اڪثر هنن جي ايجوڪيشن منسٽري جي ويب سائيٽ تي به ڪئي ويندي آهي.
[b] ملائيشين ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ ۽ فيلوشپ پلان: CSFP
[/b]هي اسڪالرشپ ڪامن ويلٿ ميمبر ملڪن جي شاگردن لاءِ ملائشيا حڪومت جي طرفان آهي، جنهن ۾ پوسٽ گريجوئيٽ سطح تي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون (يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي اسٽڊي لاءِ) .هي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ اسڪيم آهي، جنهن ۾ ڪو ايڊيشنل بانڊ وغيره شاگرد کي نه ڀرڻوآهي. هن ۾ شاگرد کي فل ٽائيم اسٽڊي پروگرام ۾ داخلا وٺڻي آهي.
[b]ملائشين ٽيڪنيڪل ۽ ڪوآپريشن پروگرام MTCP
[/b]هي پروگرام به گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ آهي، جنهن ۾ هوشيار ۽ قابل شاگردن کي جيڪي اعليٰ تعليم پرائي پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي بهتر ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هجن، انهن لاءِ آهي. هن پروگرام تحت به 12 کان 24 مهينن لاءِ ماسٽرس پروگرام ۽ ٽن سالن لاءِ پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون.
[b]اسپيسفڪ يونيورسٽي اسڪالرشپ:
[/b]هن قسم جون اسڪالرشپون اڪثر يونيورسٽين جي ويب سائيٽن تي ئي انائونس ٿين ٿيون، جنهن جي لاءِ هر شاگرد کي پنهنجي پسند جي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ کي روزانو وزٽ ڪرڻ گھرجي ۽ جڏهن به ڪو اهڙو موقعو اچي ته هڪدم اپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ته جيئن ٽائيم نه وڃائجي ۽ وقت تي ماڻهو اپلاءِ ڪري ڇڏي. ائين ئي ملائشيا جي مختلف يونيورسٽي ۾ ريڪٽر اسڪالرشپون، پريزيڊنٽ اسڪالرشپ، نيڊ بيسڊ اسڪالرشپون ۽ فيس رڊڪشن اسڪالرشپون جيڪي پهرين کان پڙهندڙ شاگردن لاءِ آهن ۽ هر سال انائونس ٿينديون رهن ٿيون جيئن سال 2015ع ۾ آءٌ ملائشيا جي اسلامڪ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين ۾ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ ميمبر هئس ته ان وقت ڊين ميٽنگ ۾ اهو ٻڌايو هو ته هن سال 40 شاگردن کي اسڪالرشپ ۾ ايڊجسٽ ڪنداسين، جن مان ڪجهه جي فل في معاف ٿيندي ته وري ڪجهه کي هڪ سال جي، ڪجهه کي وري هڪ سيمسٽر لاءِ معاف ٿيندي.
[b]اسپيسفڪ پراجيڪٽ فنڊنگ ايٽ پروفيسرفار اسڪالرشپ :
[/b]ٻين سڌريل ملڪن جيان ملائشيا ۾ به پروفيسرن وٽ هلندڙ پراجيڪٽس ٿين ٿا، جن ۾ جتي ذهين شاگردن جي ڪم ڪرڻ لاءِ هميشه گنجائش ٿئي ٿي ۽ پروفيسرن وٽ به ان پراجيڪٽ جي فنڊنگ مان ايندڙ شاگردن کي وظيفو مهيا ڪري ڏيڻ جيترا پيسا هجن ٿا. ان ڪري ملائشيا جي سٺين يونيورسٽين خاص طور تي ريسرچ يونيورسٽين ۾ شامل يونيورسٽيون جيڪي ٽاپ پنج يونيورسٽيون آهن، انهن جي ويب سائيٽ تي جيڪڏهن وقتاَ به وقت واندڪائيءَ ۾ پنهنجي فيلڊ مطابق پروفيسرن جو پروفائيل ڏسي ڇڏجي، انهن وٽ ڪي پراجيڪٽ هجن يا پروپوزڊ پراجيڪٽ لاءِ ڪا فنڊنگ هجي ته ان سان ضرور رابطو ڪجي ۽ کانئن اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. هن قسم جي اسڪالرشپ سڀ کان آسان فنڊنگ آهي، جنهن لاءِ پروفيسر سان سڌي طرح رابطو ڪجي ٿو، جنهن ڪري وڌيڪ گھڻن جاين تي درخواست موڪلڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. ٻي ڳالهه ته پهرين ڏينهن کان پروفيسرن کي متاثر ڪرڻ ڪري انهن جي اعتبار حاصل ڪرڻ سان پڙهڻ دوران پنهنجي پروفيسر سان ڪو ڪميونيڪيشن جو گيپ به نٿو رهي.
هن قسم جي فنڊنگ ترقي يافته ملڪن جي اهم يونيورسٽين جي پروفيسرن وٽ تمام گھڻي هوندي آهي.
[b]انٽرنيشنل فنڊنگ فارانٽرنيشنل اسٽوڊنٽس فار اسٽڊي ان ملائشيا
[/b]هن قسم جي اسڪالرشپ دنيا جي سڌريل ملڪن طرفان يا وري مّختلف ملڪن جي گڏيل يونين طرفان يا وري يونائيٽڊ نيشن جي فنڊنگ ايجنسين طرفان يا وري ڪنهن پرائيويٽ ٽرسٽ يا هيومن ڊولپمينٽ تنظيم يا وري تعليم جي لاٰءِ پاڻ پتوڙيندڙ ماڻهن يا ملڪن طرفان مختلف ملڪن جي بهترين يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون وڃن ٿيون، جيڪي ترقي پذير ملڪن جي شاگردن لاءِ ٿين ٿيون، ته جيئن اهي دنيا جي مختلف خطن جي مختلف يونيورسٽين ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن، جنهن سان سندن ملڪ ۽ قوم جو ته ڀلو ٿئي ٿو پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فيلڊ ۾ به واڌارو اچي ٿو. مثال طور TWAS (The World Academy of Science) Scholarships آهي.
هي اسڪالرشپون ترقي پذير ملڪن ۾ سائنس جي ترقيءَ لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون. هن ئي اسڪالرشپ تي منهنجا ڪجهه دوست جن ۾ اختر مرکنڊ، عبدالشڪور مستوئي چائنا مان پڙهي آيا آهن.
هيءَ اسڪالرشپ ملائشيا جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ به انائونس ڪئي وڃي ٿي، تواس تنظيم جي تعاون سان جيڪا ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ٻين ملڪن جي شاگردن کي ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ گذريل سال يونيورسٽي ملايا ۾ ڏني وئي، ۽ هاڻي وري يونيورسٽي سائنس ملائيشا ۾ انائونس ٿي آهي. هن ئي اسڪالرشپ تي يونيورسٽي سائنس ملائشيا ۾ محمد بخش نظاماڻي پي ايڇ ڊي ڪري ويو آهي.
هن اسڪالرشپ تحت تمام گھڻا پيسا ملن ٿا ۽ تمام بهترين پروفيسرن ۽ يونيورسٽين ۾ هيءَ ڏني وڃي ٿي. هن اسڪالرشپ کي حاصل ڪرڻ ۾ تمام وڏو مقابلو ٿئي ٿو جو سڄي ايشيا ۽ آفريقا تائين جا شاگرد اپلاءِ ڪن ٿا. هي اسڪالرشپ پراجيڪٽ ڪنهن ٻئي نه پر پاڪستان جي نوبل لاريٽ ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان نه فقط شروع ٿيو پر بلڪه کيس ان پروگرام جو باني به مڃيو وڃي ٿو. هن اسڪالرشپ جو بنياد ڊاڪٽر عبدالسلام جي ڪوشش سان 1983ع ۾ پيو، جنهن جو مقصد غريب ملڪن ۾ سائنس ، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ ، ان لاءِ موقعا پيدا ڪري ڏيڻ ته جيئن ڄاڻ ۽ هنر سان غريب ملڪن مان غربت ۽ صحت جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين اٽلي جي ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڪجهه سائنسدانن، ڊاڪٽر عبدالسلام سان تعاون ڪيو. هن تنظيم جو افتتاح يونائيٽد نيشن جي سيڪريٽري جنرل 1985 ۾ ڪيو هو. هن تنظيم جو نالو شروعات ۾ ”ٿرڊ ورلڊ اڪيڊمي“ رکيو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت 42 فيلو ميمبر ٿيا، جن ۾ 9 نوبل انعام يا فته سائنسدان به شامل هئا. هاڻي هن تنظيم ۾ 1176 فيلوز آهن جيڪي 90 مختلف ملڪن سان لاڳاپيل آهن، جن مان 15 نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدان به آهن، تقريباَ 85 سيڪڙو فيلو ترقي پذير ملڪن مان آهن ۽ باقي ترقي يافته ملڪن جا آهن. هن اڪيڊميءَ ۾ سڀ سائنس جا ماهر شامل آهن جن جي ڪم جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي گهرو اثر آهي.