ٿائلينڊ جو اعليٰ تعليمي نظام
ايشيا جي حوالي سان QS World Ranking مطابق ايشيا جي 400 بهترين يونيورسٽين ۾ ٿائلينڊ جون 14 يونيورسٽيون به شامل آهن، جن مان ترتيب وار پهريون ٽي 50، 58 ۽ 97 نمبر تي آهن. پهرين Chulalongkorn University ٻي Mahidol University جتان اسان جو دوست ۽ ڪليگ سنڌ يونيورسٽي جو استاد سائين عبدالرحمان ڪلوئي ڪمپيريٽو رليجن تي پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهي، ۽ ٽئين نمبر تي يونيورسٽي آهي Thammasat University. ان کان علاوه 100 کان 200 واري ڪيٽيگري ۾ پنج يونيورسٽيون آهن جن ۾ ڇنگ مائي يونيورسٽِي Chiang Mai University، ڪسيٽسارٽ يونيورسٽي Chiang Mai University، ڪنگ مونگٽس يونيورسٽي King Mongkut's University ، ڪو کائين يونيورسٽي Khon Kaen University، ۽ پرنس آف سونگلا يونيورسٽِي، هن پرنس آف سونگلا يونيورسٽِي Prince of Songkla University مان به اسان جي دوست ۽ سنڌ يونيورسٽي مير پور خاص جي ڪليگ ڊاڪٽر حميدالله ڀُٽي به پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. باقي يونيورسٽين مان ڪجهه 200 کان 300 ۽ ڪجهه 300 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ شامل آهن. ٿائلينڊ حڪومت جي پنهنجي تعليمي ادارن کان علاوه بين الاقوامي فنڊنگ سان هلندڙ هڪ ادارو Asian Institute of Technology به آهي، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
[b]Asian Institute of Technology
[/b]مٿي ٻڌايل يونيورسٽين کان علاوه ٿائليڊ ۾ موجود خود مختيار اداري ۽ يونائيٽڊ نيشن ۽ مختلف ملڪن ۽ ادارن جي فنڊنگ جي مدد سان هلندڙ Asian Institute of Technology جو خاص مقام آهي، جيڪو دنيا سطح تي مڃيل آهي. هن اداري جو موٽو (مقصد) ئي آهي، سرحدن بنا سکڻ learning beyond the boundaries. هن ۾ ٽيڪنالاجي، اڪانامڪس ۽ پلاننگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن انسٽيٽيوٽ طرفان مختلف اسڪالرشپون به اينديون رهن ٿيون، ته وري هن ۾ ڪم ڪندڙ پروفيسرن وٽ به فنڊنگ جهجهي تعداد ۾ هوندي آهي. انڪري جيڪڏهن ڪنهن دوست وٽ سٺو پروپوزل آهي يا ڪنهن پروفيسر وٽ هلندڙ پراجيڪٽ ۾ دلچسپي ۽ ڄاڻ اٿس ته ان پروفيسر سان اي ميل تي ضرور رابطو ڪرڻ گھرجي، ڪافي چانسز هوندا آهن ته اسڪالرشپ تي اهو پروفيسر گھرائي يا گھٽ ۾ گھٽ فيس معاف ڪرائي ڏي.
[b]ٿائلينڊ ۾ اسڪالرشپون ۽ ٽريننگون
[/b]
ٿائلينڊ جي پرڏيهي وزارت جي نگهبانيءَ ۾ Thailand International Cooperation Agency (TICA) آهي، جنهن طرفان ساليانه مختلف اسڪالرشپون ۽ ٽريننگ فيلوشپس ترقي پذير ملڪن جي شاگردن لاءِ انائونس ٿينديون رهن ٿيون،. جن مان گھڻي ڀاڱي مختلف ملڪن پرڏيهي وزارت جي ذريعي سندن ايمبيسي طرفان درخواستون گھرايون وڃن ٿيون. ان لاءِ هن ويب لنڪ http://www.tica.thaigov.net/main/ تي معلومات ڏسي سگھجي ٿي، يا ان سان گڏوگڏ رايل ٿائي گورنمينٽ طرفان الڳ سان به اسڪالرشپون انائونس ٿينديون رهن ٿيون. پر ٿائلينڊ گورنمينٽ جي طرفان اسڪالرشپن جو تعداد ايترو گھڻو نه آهي جيترو چائنا، جپان يا ڪوريا ۽ ملائشيا جي طرفان آهي.
[b]ماهيدول يونيورسٽي
[/b]
هيءَ ٿائلينڊ جي سڀ کان وڏي ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ تقريباَ 30 هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد سرٽيفڪيٽ ڪورسس، ڊپلوما ، بيچلر ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري ڪورسس ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، انهن مان تقريبن هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پرڏيهي شاگرد آهن جن مان گھڻائي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ آهي. هن يونيورسٽي جا ڇهه ڪيمپس آهن، جن ۾ سوشل سائنس، ميڊيسن، فارميسي، آرٽس ۽ مينجيمينٽ سائنس ويندي لنگئسٽڪ ۽ انجنيئرنگ ، ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي سال 2018ع لاءِ به اسڪالرشپ جي لنڪ ڏنل آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي شاگردن لاءِ 50 فل اسڪالرشپون ۽ 450 پارشل اسڪالرشپن بابت تفصيل ڏنل آهن، جن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هن يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ملڪن جي شاگردن کي مائل ڪرڻ لاءِ فنڊ مهيا ڪيا پيا وڃن. هيءَ يونيورسٽي، ايشيا ليول تي ريڪنگ ۾ 58 نمبر تي آهي ۽ عالمي ليول تي 334 نمبر تي ۽ ٿائلينڊ جي پهرين نمبر تي آهي.
ٿائلينڊ ۾ ٽيوشن فيس ۽ رهائشي خرچ تقريباَ ملائشيا جيترو آهي، جو ماڻهو ايوريج 300 ڊالر مان مهينو ڪڍي سگھي ٿو ۽ ٽيوشن فيس به ايوريج سيمسٽر 1500 ڊالر ئي آهي.
ماهيدول يونيورسٽيءَ مان اسان جي دوست عبدالرحمان ڪلوئي صاحب پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.