جپان جا تعليمي ادارا ۽ سندن اعليٰ تعليم
جپاني قوم جنگ ، ارڏائي ۽ هٺ ڌرمي ڇڏي نياز نوڙت ، محنت، محبت ۽ تعليم طرف ڌيان ڏنو، اڄ جپان جا ماڻهو دنيا جا وڌيڪ محنت ڪندڙ ۽ پر امن ماڻهو به سمجهيا وڃن ٿا، ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به سر فهرست هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سادگي پسند ۽ صاف سٿري قوم طور به مشهور آهن. اهو جپان ئي آهي، جنهن جديد دور ۾ ايشيا ۾ سڀ کان پهرين يورپ ۽ آمريڪا وانگر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ قدم به قدم ترقي ڪئي. هي ملڪ ايشيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راه بڻيو آهي. ايشيا کي سائنس، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ واپار ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ وارو اعتماد جپان ئي ڏنو. سينگاپور هجي يا چين ، ڪوريا يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ انهن ملڪن هن ملڪ کان ضرور همٿ ورتي هوندي، هن ملڪ جي ترقيءَ مان سکيو هوندو يا گھٽ ۾ گھٽ ان سان مقابلي لاءِ محنت ڪئي آهي. منهنجي خيال ۾ اسان وٽ جپان جو ايترو معيار آهي جو جپان جي نالي سان ڪا به شيءِ ڄڻ ته گارنٽي آهي. اڄ بحري جهاز هجن يا هوائي جهاز، تيز ترين ٽرينون هجن، يا ڪارون ۽ بسون، گھريلو استعال جون شيون هجن، زراعت، ڪپڙو هجي يا وري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي دنيا بشمول روبوٽس، دنيا جي هر معياري شيءِ کان معياري شيءِ جپان ٺاهڻ ڄاڻي ٿو. جپان تقريباَ هر ڪيٽيگري ۾ نوبل پرائز کنيا آهن، جپان هن وقت نوبل پرائز حاصل ڪرڻ وارن ايشيا جي ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو آهي، جوجپان ايشيا مان سڀ کان وڌيڪ نوبل پرائز حاصل ڪيا آهن. هن وقت تائين جپان ڪل 24 نوبل پرائز حاصل ڪيا آهن. ان حساب سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آهي. اها سموري ترقي ائين مزدوري ڪرڻ سان نه پر ذهني کوجنا ۽ جستجو جو نتيجو آهي، جيڪو سندن تعليم جو معيار ثابت ڪري ٿو. جپان جيڪو يورپ ۽ آمريڪا جي معيار جي سائنس ، ٽيڪنالاجي ، زراعت ۽ توانائي ۾ ترقي ڪري ويٺو آهي، ان جي تعليمي ادارن جو معيار ڪنهن به ريت هارورڊ يا ڪيمبرج يونيورسٽيءَ کان گھٽ نه هوندو. جپانين پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهي انگريز ، فرينچ ، جرمن ، سوئيڊش ۽ رشين ٻولي ۾ ريسرچ ڪندڙ تعليمي ماهرن ۽ سائنسدانن جو پنهنجي ٻولي جپاني ۾ مقابلو ڪيو آهي، ته پوءِ جي ڪو به جپان جي تعليمي ادارن ۾ پڙهي، جپاني ٻولي سکي ماهر ٿي نڪري ته ان کي انگريزيءَ جو نه پر انگريز قوم جي ادارن کي هن جي ضرورت پئجي سگھي ٿي.
اها به حقيقت آهي ته دنيا ۾ انگريزي جو مان مٿانهون آهي، پر جيڪڏهن ڏسجي ته جپان ، چائنا، ڪوريا، يا جرمن ، فرانس ، سوئيڊن وغيره تي ڪو فرق نٿو پوي پر پوءِ به هو انگريزي سکن ٿا ۽ آمريڪا يا انگلينڊ جا ماڻهو پنهنجي پاڙيسري ملڪن جون ٻوليون سکڻ کان علاوه ايشين يا آفريقن ملڪن جون ٻوليون به سکن ٿا. ڪا به ٻولي خاص طور ڪامياب قوم جي ٻولي به هڪ هنر مثل آهي، جيڪا به ڪارائتي رهندي، ڪو محنت ڪري سکي وٺي ته، اڄڪلهه جي دور ۾ دنيا ننڍڙو ڳوٺ آهي، هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائندڙ ماڻهو کي پنهنجي ڪم جي مهارت سان گڏ اضافي فائدو ڏين ٿيون ، جي پاڪستان ۾ چائنز يا جپاني ڪمپني هجي ۽ اميدوار کي انگريزي ، اردو سان گڏ ڪمپني جي به ٻولي ڳالهائڻ اچي ته سمجهو اهو ئي مضبوط اميدوار هوندو ان مخصوص نوڪري لاءِ. ان ڪري هر اها ٻولي اهميت واري آهي، جنهن ٻولي کي ڳالهائڻ وارا ڪامياب آهن، جن وٽ علم جي دولت ۽ ترقي آهي. ڪامياب ملڪن جي زبان سکڻ ، اتان تعليم پرائڻ انهن جي ڪلچر کي اپنائڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. اسان لاءِ اهم ڳاله اها آهي، سو اهڙن موقعن کي صرف انگريزي يا يورپ جي ملڪن تائين محدود ڪنداسين. ته باقي دنيا جي انيڪ موقعن حاصل ڪرڻ کان رهجي وينداسين، هونءَ به مستقبل جي ٻولي چائنيز آهي يا انگريزي يا اسپينش يا جپانيز يا وڌيڪ ائين چئجي جيڪو وڌيڪ ٻوليون ڄاڻي ٿو، مستقبل ۾ اوتريون نوڪريون به ان جون محفوظ آهن، ته وڌآءٌ نه ٿيندو.
دنيا جي کوڙ ٻين ملڪن وانگر جپان حڪومت طرفان به تعليمي وظيفا ايندا رهن ٿا. اسان جي نوجوانن کي اهڙن موقعن مان به فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي. هتي آءٌجپان جي تعليمي ادارن ۽ ملندڙ اسڪالرشپن ، خرچ پکي ، فيسن ۽ ويزائن وغيره يا ڪجهه جنرل اصولن ۽ ضابطن جو مختصر ذڪر ڪندس وڌيڪ تفصيل سندن سفارتخاني مان يا وري جپان حڪومت جي ويب سائيٽن مان تعليم جي وزارت واري لنڪ تي پيل رهنمائي واري ڪتاب مان به معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي .
جپان حڪومت طرفان ڇهن قسمن جون اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
1. ريسرچ اسٽوڊنٽ اسڪالرشپ
2. ٽيچرس ٽريننگ اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
3. انڊر گريجوئيٽ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
4. جپان اسٽڊيز اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
5. ڪاليج آف ٽيڪنالاجي اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
6. اسپيشل ٽريننگ اسٽوڊنٽس اسڪالرشپ
انهن مان ڪا به اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اميدوار وٽ يا ته جپان جي سفارتخاني جي رڪمينڊيشن هجي يا وري جپان جي ڪنهن به يونيوسٽي يا ڪنهن به تعليمي اداري جي ڊگري. اهم ڳالهه ته جپان ۾ اڳ۾ ئي پنهنجي خرچ تي پڙهندڙ ڪوبه شاگرد به ان لاءِ درخواست ڏئي سگھي ٿو.
هي اسڪالرشپون خاص طور ترقي پذير ملڪن جي شاگردن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جن جو ماهوار وظيفو تقريباَ هزار ڊالر کان 1300 ڊالرن تائين آهي، ان کان علاوه داخلا ۽ ٽيوشن فيس پڻ الڳ سان معاف آهي يا جپان حڪومت طرفان ڏني وڃي ٿي. ان قسم جي گورنمينٽ اسڪالرشپ کان علاوه جپان جي مختلف يونيورسٽين يا لوڪل گورنمينٽس يا پرائيويٽ ايسوسيئيٽس ۽ آرگينائزيشنس ، يا بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ يونائيٽڊ نيشنس يا وري يونيسيف وغيره طرفان ترقي پزير ملڪن لاءِ به جپان جي ادارن ۾ پڙهڻ لاءِ الڳ سان مختلف ٽريننگ ۽ ايجوڪيشن جي لاءِ اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون. خاص طور جپان اسٽوڊنٽ آرگينائيزشن طرفان به اسڪالرشپون مهيا ڪيون وڃن ٿيون.
جپان ۾ رهائش يا کاڌي پيتي جو ماهوار خرچ مختلف شهرن جي حساب سان 580 ڊالرن کان ويندي 750 ڊالرن تائين آهي. ان ۾ گھٽ يا وڌيڪ خرچ جو تناسب شاگرد جي پنهنجي زندگي گذارڻ جي لوازمات تي به منحصر ڪري ٿو ، نه ته هي ايوريج خرچ عام جپاني ماڻهو جي خرچ ڪرڻ جي صلاحيت مطابق ڏنل آهي. هن خرچ ۾ شاگرد جي انشورنس، رهائش جي جڳهه جو ڪرايو، ٽرانسپورٽ ، کاڌو پيتو، مواصلاتي رابطو ۽ وندر يا سير تفريح به شامل آهي، جپان جي ٽيوشن في آمريڪا ، برطانيا يا آسٽريليا جي حساب سان ته اڌ جيتري آهي پر ملائشيا جي حساب سان مهانگي بلڪ ملائشيا کان ٻيڻي آهي، پر جيڪڏهن اسڪالرشپ ملي وڃي ته هي ملڪ انگريزي ٻولي وارن ملڪن کان به وڌيڪ پرسڪون ماڻهن جو ملڪ آهي، جتي وڃي پڙهڻ به ڪنهن نعمت کان گھٽ نه آهي، جپان جي حڪومت جي ٽارگيٽ مطابق کين 2020ع تائين 3 لک پرڏيهي شاگردن جو تعداد سندن تعليمي ادارن ۾ گھربل آهي، جيڪو هينئر تعداد تقريباَ اڍائي لکن جي لڳ ڀڳ بيٺو آهي، جن ۾ 1 مئي 2016ع جي تفصيل موجب، سڀ کان وڌيڪ شاگرد ايشيا کنڊ مان 22627 ، ٻئي نمبر تي يورپ مان 7986، نارٿ آمريڪا مان 3009، ليٽن آمريڪا مان 1390، آفريقا مان 1932، مڊل ايسٽ مان 1674 ۽ اوسينيا مان 663 آهن. سڀ کان وڌيڪ شاگردن جو تعداد گريجوئيٽ اسڪول ۾ آهي يعني ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي وارن شاگردن جو آهي، ٻئي نمبر تي يونيورسٽي انڊر گريجوئيٽس جو ۽ ٽئين نمبر تي پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج ۾شاگردن تعداد جو آهي، هي 3 لک شاگرد هجڻ جو ٽارگيٽ ته جپان گورنمينٽ 2008ع ۾ طئي ڪيو هو جو ان مهل هنن وٽ ٻاهران آيل شاگردن جو تعداد ڏيڍ لک کن هو ، ۽ 2003ع ۾ جيڪو تعداد هڪ لک هو.
جپان حڪومت سمجهي ٿي ته تعليم بين الاقوامي تعلقات ۽ ملڪي واپار ۽ سياحت لاءِ اهم جزو آهي ۽ پرڏيهي شاگرد اهڙو بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. نه فقط ايترو پر بين الاقوامي ذهين شاگرد جپان جي ماحول ۾ اچي سندن تعليمي ادارن ۾ نين ايجادن ۽ نظرين لاءِ به اهم ثابت ٿيندا، ويندي جپان جي نئين نسل جي گھٽجندڙ آبادي ۽ پوڙهن ماڻهن ۾ مسلسل اضافي جي حل لاءِ به ٻاهران آندل ذهين شاگرد سندن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سٺي ۾ سٺو متبادل هوندا، جيڪي سندن هيومن ريسورس جي طور ڪم اچي سگھن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو جپان ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ انٽرنشپ کان ويندي سال لاءِ ورڪ ويزا پرمٽ جو به قانون آهي ، ويندي ڪنهن شاگرد کي جپان جي ڪا ڪمپني نوڪري ڏئي ٿي ته ان کي ويزا اسٽيٽس ورڪ پرمٽ يا ايمپلائمينٽ وارو ڪيو وڃي ٿو پر اها به حقيقت آهي ته جپان ۾ پڙهڻ يا اتان جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کان به وڌيڪ ڏکيو مرحلو، اتي نوڪري حاصل ڪرڻ آهي جو جپان ۾ پرڏيهي اميدوار کي پنهنجي ذهانت ۽ قابليت سان اتان جي ڪمپني جي مالڪن کي متاثر ڪرڻو پوي ٿو. جپان ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا ۽ داخلا جو طريقي ڪار هن ريت آهي:
1. ڪاليجز آف ٽيڪنالاجي
2. پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجز
3. جونيئر ڪاليجز
4. يونيورسٽيز (انڊر گريجوئيٽ)
5. گريجوئيٽ اسڪولس
اهي سمورا تعليمي ادارا ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن ، نيشنل ، لوڪل پبلڪ ۽ پرائيويٽ. جپان ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ 5 سال، ماسٽرس لاءِ 2 سال، بيچلر ڊگريءَ لاءِ 4 سال، ڊپلوما لاءِ 2 سال، ايڊوانس ڊپلوما لاءِ 4 سال، ايسوسيئيٽ ڊگريءَ لاءِ 2 کان 3 سال، ۽ ايسوسيئيٽ لاءِ 3 سال 6 مهينا وقت رکيل آهي. پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرس، گريجوئيٽ اسڪول مان ڪري سگھجي ٿي، جڏهن ته بيچلر ڊگري يونيورسٽين مان ۽ ايڊوانس ڊپلوما ۽ ڊپلوما، اسپيشلائزڊ يا پروفيشنل ٽرينگ ڪاليجز مان ، جڏهن ته جونيئر ڪاليجز مان ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي مان ايسوسئيٽ جو ڪورس ڪرايو وڃي ٿو.
جپان ۾ نئون تعليمي سال اپريل کان شروع ٿئي ٿو ، سال ۾ ٻه سيمسٽر ٿين ٿا، هڪ اپريل کان سيپٽمبر، ٻيو آڪٽوبر کان مارچ، پر ڪجهه يونيورسٽين ۾ ٽن کان چار سيمسٽر به ٿين، داخلائون اڪثر اپريل واري سيشن ۾ ڪيون وڃن ٿيون، پر ڪجهه سيپٽمبر يا آڪٽوبر سيشن ۾ به ڪيون وڃن ٿيون. جپان ۾ به اعليٰ تعليم 12 سال بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جيڪا پهرين 6 سال بنيادي تعليم ، 3 سال لوئر سيڪنڊري ۽ باقي 3 سال اپر سيڪنڊري چئي وڃي ٿي.
داخلا لاءِ ڪوبه گريجوئيٽ اسڪول ، يونيورسٽي يا ڪاليج اميدوار جي موڪليل ڊاڪومينٽس مان مطمئن ٿيڻ سان به داخلا ڏني وڃي ٿي، ته وري ڪافي ڪيسن ۾ آن لائين انٽرويو يا وري اميدوار جي ملڪ ۾ داخلا ٽيسٽ ورتي وڃي ٿي، اهو جپان جي تعليمي اداري جي پنهنجي داخلا پاليسي تي منحصر ڪري ٿو ته هو نئين شاگرد کي ڪهڙي بنياد تي داخلا ڏئي ٿو. جپان ۾ هينئر گريجوئيٽ اسڪولن ۽ ڪجهه يونيورسٽين ۾ انگريزي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، باقي ڪاليجز آف ٽيڪنالاجي، جونيئر ڪاليجز ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجز وٽ ڪوبه پروگرام انگريزيءَ ۾ نه آهي، جپان ۾ داخلا لاءِ داخلا فارم ۽ ڊاڪومينٽس سان گڏ گارنٽي ڏيڻ به ضروري آهي جيڪڏهن اسڪالرشپ نه آهي، ته والدين يا ڪنهن به گارنٽيئر طرفان فيس ۽ ٻين خرچن جو ذمو کڻڻ لاءِ بينڪ اسٽيٽمنيٽ جمع ڪرائي سگھجي ٿي ته جيئن يونيورسٽي ڪنهن به معاملي ۾ ڪوتاهي وغيره ٿيڻ جي ڪري ان ضامن سان رابطو ڪري سگھي. ان کان علاوه جپاني ٻولي جي بنيادي معلومات به لازمي آهي، ان لاءِ جپاني ٻولي کي ڪجهه پنهنجي ملڪ ۾ پڙهڻ گھرجي ۽ جپانيز ايز اي فارين لينگئيج Japanese as a foreign language Exam (EJU)جو امتحان ٿيندو آهي، پر جيڪڏهن ڪا يونيورسٽي ڪنهن اسڪالرشپ وغيره هجڻ ڪري ٿي سگھي ٿو جپانيز لينگيئج پروفيشنسي ٽيسٽ (JLPT) Japanese language proficiency test وٺي سگھي ٿي، جنهن ۾ سائنس ، مئٿ سان گڏ جپان ۽ دنيا بابت جنرل ناليج به شامل هوندي آهي. جنهن ٽيسٽ کي پاس ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪنهن خاص مضمون يا شعبي ۾ اسڪالرشپ وغيره سان گڏ داخلا ملي سگھي ٿي يا صرف داخلا لاءِ ڪو به ادارو هي ٽيسٽ وٺي سگھي ٿو، پر اهو تعليمي ادارن جي پاليسي يا اسڪالرشپ ڏيندڙ ايجنسي جي پاليسي تي دارومدار رکي ٿو، نه ته داخلا صرف ڊاڪومينٽس جمع ڪرائڻ سان به ٿي سگھي ٿي.
جپان جي تعليمي ادارن ۾ جتي بين الاقوامي شاگردن کي داخلا ملي ٿي، انهن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل سان لکجي ٿو.
[b]1. جپاني ٻولي پڙهائيندڙ ادارا
[/b] (Japanese Language Institutes)
جپان جي يونيورسٽين ۽ جونيئر ڪاليجز کان علاوه جپاني ٻولي پڙهائڻ لاءَ مخصوص ادارن ۾ به ٻولي پڙهائي وڃي ٿي. جپاني ٻولي پڙهڻ لاءِ ڪيئي فائدا ٿي سگهن ٿا، جن ۾ جپان جي تعليمي ادارن ۾ داخلا ملڻ يا داخلا ملڻ کان پوءِ اتي رهڻ ۾ وڌيڪ ڪشش يا دلچسپي پيدا ٿي سگھي ٿي، ۽ جپاني ٻوليءَ ۾ پڙهڻو پوي ته آساني ٿيندي ويندي. جپان ۾ نوڪري ڪرڻ يا جپان جي ڪنهن به بين الاقوامي ڪمپني ۾ دنيا اندر ڪٿي به نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي فائدو ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو جپان مان امپورٽ يا ايڪسپورٽ جي ڪاروبار ڪري ٿو ته اُن کي به جپان مان واپارڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعو ڪولمبو ايئرپورٽ تي سال 2014ع ۾ مون سان گڏ ويٺل نوجوان جيڪو انٽر ڪرڻ بعد جپاني ٻولي سکڻ لاءِ اتان جي ڪنهن انسٽيٽيوٽ ۾ جپاني بزنس ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جو سال جو ڪورس پورو ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪراچي اچي رهيو هو. هو شايد بوهري هو، وڌيڪ اعليٰ تعليم به جپان مان ڪرڻ جو سندس ارادو هو. هن جو چوڻ هو ته گھر وارن جي چوڻ تي هن جپاني ٻولي سکي آهي. وڌيڪ هو بعد ۾ فيصلو ڪندو ته بزنس سنڀالڻي آهي يا وري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي آهي.
[b]2. يونيورسٽيون ۽ جونيئر ڪاليج
[/b]جپان جي ڪنهن به يونيورسٽي يا جونيئر ڪاليج ۾ داخلا لاءِ پهرين 12 سالا تعليم ۽ عمر جو 18 سال هجڻ لازمي آهي. يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڊگري پروگرام 4 سال تي مشتمل ٿئي ٿو ۽ جونئير ڪاليج طرفان ايسوسيئيٽ جي ڊگري يا ايسوسيئيٽ جو سرٽيفڪيٽ ٿئي ٿو، جنهن ۾ 2 يا 3 سال جا پروگرام ٿين ٿا. انهن ادارن ۾ داخلا لاءِ 12 جماعت تائين جا سرٽيفڪيٽ، گذريل اسڪول يا ڪاليج جي پرنسپال يا ڪنهن به سينئر استاد طرفان سفارشي خط، جپاني يا انگريزي ٻولي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ، يا ان کان علاوه ڪنهن به يونيورسٽي يا جونيئر ڪاليج طرفان ڪا ٻي گھرج ٿيل هجي، ته اهي ڪاغذات، داخلا ڪنهن به اميدوار جي موڪليل سرٽيفڪيٽن تي به ٿي سگھي ٿي، پر ٽيسٽ يا انٽرويو به ٿي سگھي ٿو، شارٽ مضمون به لکرائي ٽيسٽ ڪري سگھن ٿا، يا وري سندن اسٽينڊرڊ ٽيسٽون ( EJU, JLPT) جن جو ذڪر پهرين ڪري آيا آهيون، اهي ٻئي يا ڪا به هڪ وٺي سگھن ٿا.
[b]3. ڪاليجز آف ٽيڪنالاجيز (جن کي جپاني ٻولي ۾ Kosen چئجي ٿو).
[/b]هن قسم جي ڪاليجن ۾ پروگرام پنج يا ساڍن پنج سالن تي مشتمل ٿين ٿا، پر انٽرنيشنل شاگردن کي ڊائريڪٽ ٽئين سال ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي. هنن ڪاليجن ۾ داخلا جونيئر هاءِ اسڪول جي شاگردن کي ڏني وڃي ٿي. هنن ڪاليجن ۾ مرچنٽ نيوي ۽ انجنيئرنگ جي ٻين شعبن بابت پڙهايو وڃي ٿو. اهم ڳالهه ته هن قسم جي پروگرامن ۾ ٿيوري بجاءِ پريڪٽيل تي فوڪس ڪيو وڃي ٿو، سموري پروگرام جو زور ليب ۽ پريڪٽيڪل ورڪ تي هوندو آهي، ته جيئن ورلڊ ڪلاس انجنيئر تيار ٿين جيڪي پنهنجي فيلڊ جو هر ڪم پاڻ ڪرڻ جا ماهر ٿي نڪرن، جن کي پنهجي فيلڊ ۾ جديد کان جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ هجي، پوءِ کين ايسوسئيٽ جو سرٽيفيڪيٽ ڏنو وڃي ٿو، پر هن قسم جي ڪورس ڪرڻ ۾ هڪ آپشن ٻيو به آهي ته بنيادي سال ڪورس جا پورا ڪرڻ کان پوءِ جي ڪو وڌيڪ ٻه سال پڙهي ته ان کي بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ NIAD-QE امتحان ۾ ويهڻو پوي ٿو، اهو جيڪڏهن پاس ڪري ته کيس بيچلر ڊگري ڏني وڃي ٿي.
[b]4. پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج يا اسپيشلائيزڊ ٽريننگ ڪاليج
[/b]هن قسم جي ڪاليجن ۾ فيلڊ اسپيشلسٽ پيدا ڪيا وڃن ٿا، جيڪي انڊسٽريءَ ۾ گهربل ضرورت پوري ڪري سگھن، مثال طور: موسيقي خاص طور پاپ ڪلچر، ڪامڪ ڪلچر، اينيميشن، گيمز، فيشن، انوائرنمينٽ، انرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ڪيريئر، ۽ ويلفيئر جي باري ۾ شاگردن کي سکيا ڏني وڃي ٿي. ان قسم جي گريجوئيٽس جي روزگار جو تناسب هميشه مٿي ئي رهيو آهي. هنن پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجن ۾ صرف جپاني ٻولي ۾ ئي پڙهايو وڃي ٿو، ان ڪري جيڪڏهن ڪو 6 مهينن جو جپاني ٻولي جو ڪورس ڪري، پوءِ ئي درخواست ڏئي داخلا لاءِ. ان کان علاوه جپان فائونڊيشن يا جپان ايجوڪيشن ايڪسچينج طرفان جپاني ٻولي جي سطح N1 يا N2 پاس ڪيل هجي ، يا وري EJU ۾ 200 پوائنٽس سان پاس هجي. هن پروگرام ۾ داخلا لاٰءِ اميدوار جو انٽرميڊييئٽ جي سرٽيفيڪيٽ کان علاوه ٻين بنيادي مٿي ذڪر ڪيل ضروري ڊاڪومينٽس سميت ڪنهن به ڪاليج جتي داخلا وٺڻي هجي، انهن جي داخلا فارم سميت درخواست موڪلجي. هن ۾ ڊپلوما 2 سال ۽ ايڊوانس ڊپلوما 4 سال يا اڃا به ڪجهه وڌيڪ ٽائيم لڳي سگھي ٿو.
[b]5. گريجوئيٽ اسڪول
[/b]هن قسم جي اسڪولن ۾ ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري ڪرايا وڃن ٿا. جن لاءِ ترتيبوار 16 ۽ 18 سالا تعليم هجڻ جو شرط آهي. داخلا لاءِ درخواست جنوري کان مارچ يا وري جون جولاءِ ۽ سيپٽمبر ۾ به ورتيون وڃن ٿيون. ماسٽرس 2 سال ۽ پي ايڇ ڊي 5 سال تي مشتمل هوندي آهي. ڪنهن به گريجوئيٽ اسڪول جي درخواست فارم ، انٽرميڊئيٽ سطح تائين جي سرٽيفڪيٽن، گارنٽي ليٽرن، رڪمينڊيشن ليٽرن، کان علاوه گريجوئيٽ اسڪول جي ڪنهن به پروفيسر طرفان به ايڪسيپٽنس يا رڪيمينڊيشن ليٽر جو هجڻ لازمي آهي، جي ڊگري پيور ريسرچ بيسڊ آهي ته اڪيڊمڪ ايڊوائزر ئي توهان کي پنهنجي سپرويزن ۾ ڪم ڪرائيندو. انڊپينڊنت ريسرچ پروگرام ۾ پنهنجي فيلڊ مطابق جپان جي ڪهن به اسڪول ۾ مختلف پروفيسرن سان رابطو ڪري انهن کي مطئن ڪرڻ سان ئي اهو ليٽر ملي سگھي ٿو. ان کان سواءِ داخلا ملڻ جا امڪان تمام گھٽ ٿين ٿا پوءِ ڀلي سيلف فنانس تي ماڻهو داخلا لاءِ درخواست موڪلي يا وري جپاني گورنمينٽ يا ان مخصوص اسڪول جي اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪندو هجي. ان ڪري اڪيڊمڪ سپروائزر جي ايڪسيپٽنس تمام اهم آهي. اهم ڳالهه ته گريجوئيٽ اسڪول جو پي ايڇ ڊي پروگرام ٻن مرحلن تي مشتمل ٿئي ٿو، پهريون مرحلو ٻن سالن جو آهي جيڪو فيز ون سڏجي ٿو، جنهن کي پاس ڪرڻ کان پوءِ وري ٽي سال ٻيا جنهن کي فيز 2 چيو وڃي ٿو.
[b]6. پروفيشنل ٽرينگ اسڪول
[/b]هن قسم جا اسڪول پروفيشنل ڊگريون رکندڙ شاگردن لاءِ وڌيڪ بهتر ڄاڻ لاءِ پروگرام آهن جيڪي پروفيشنل ڊگري رکندڙ شاگردن لاءِ آهن. خاص طور، بزنس، اڪانامڪس ۽ سوشل سائنس يا قانون پبلڪ پاليسي وغيره ۾. هن ۾ ايم بي اي پروگرام به آهي، جنهن جا ڪلاس انگريزي ٻولي ۾ ٿين ٿا.
نوٽ: جپان جي ڪافي گريجوئيٽ اسڪولن ، پروفيشنل ٽريننگ اسڪولن ۽ ڪجهه يونيورسٽين ۾ فل ٽائيم انگريزي ۾ ڪرايا ويندڙ ڊگري پروگرام به آهن جن لاءِ شروعات ۾ جپاني ٻولي اچڻ ضروري نه آهي، پر بعد ۾ بنيادي ڪورس انگريزي ۾ هجڻ سان گڏ جپاني ٻولي به سيکاري وڃي ٿي ۽ آخري سطح تي ڪجهه ڪورس مڪس جپاني يا انگلش ۾ شامل ڪيا وڃن ٿا. ان لاءِ جپان گائيڊ بڪ ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود پروگرامن بابت تفصيل سان پڙهڻ گھرجي. يا وري جپاني گورنمينٽ جي ايجوڪيشن منسٽري جي لنڪ تي پيل هدايتن کي پڙهڻ گھرجي.
[b]جپان ۾ ٽيوشن ۽ داخلا فيون
[/b]پوري دنيا جيان بيچلر ڊگري پروگرام لاءِ جپان ۾ به ڪافي مهانگي في رکيل آهي، ۽ ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي تي ڪجهه گھٽ. حقيقت ۾ پوري دنيا اندر پرڏيهي شاگردن لاءِ پوءِ ڪهڙو به ملڪ هجي، بنيادي پرائمري تعليم کان ويندي يونيورسٽي جي بيچلر ڊگري تائين، في ڪافي گھڻي رکيل ٿئي ٿي پر ماسٽرس ۾ اها في ڪجهه گھٽ ٿي وڃي ٿي، ويندي پي ايڇ. ڊي ۾ ماسٽرس کان به گھٽ. اهم ڳالهه ته پوري دنيا ۾ اڪثر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڊگري پروگرامن لاءِ ته اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ٿيون پر هيٺين پروگرامن لاءِ نه هجڻ جي برابر اسڪالرشپون آهن. اهو شايد ان ڪري جو ماسٽرس ۽ پي ايڇ. ڊي ۾ دنيا جي بهتر کان بهتر شاگردن کي گھرائي کا.نئن نئين ريسرچ ڪرائي وڃي ٿي، جنهن ريسرچ جو امپيڪٽ ملڪ جي معشيت ۽ ٽيڪنالاجي تي پوي ٿو، جنهن سان لوڪل حڪومت کي فائدو ٿئي ٿو ته انهن جو نالو به ٿئي ٿو. جپان ۾ بيچلر ڊگري پروگرام داخلا ۽ ٽيوشن في ته انگلينڊ ، آسٽريليا يا آمريڪا کان ڪجهه گھٽ يا وڌ آهي پر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ۾ انهن جي 50 کان 70 سيڪڙو جي برابر آهي، پر ملائشيا جي حساب سان وڌيڪ آهي.
پرائيويٽ يونيورسٽيون يا ٻيا تعليمي ادارا ته جپان جي حڪومتي ادارن کان به مهانگا آهن انڪري ڪنهن به تعليمي اداري ۾ داخلا وٺڻ مهل اهو به ڏسڻ گھرجي ته آيا هي اسڪول ، ڪاليج يا يونيورسٽي خانگي آهي يا سرڪاري.
جپان جي سرڪاري گريجوئيٽ اسڪولن ۾ پي ايڇ ڊي جي پهرين سال جي في 7 هزار ڊالرن کان ويندي 8 هزار ڊالرن تائين آهي، پرائيويٽ گريجوئيٽ اسڪول جي في به 6 هزار کان 10 هزار ڊالرن تائين آهي، فيس جو فرق شعبي جي حساب سان آهي، وري ماسٽرس جي فيس به 6 هزار کان 12 هزار ڊالرن تائين آهي، جيڪا بنسبت پي ايڇ ڊي جي ڪجهه وڌيڪ آهي. پر بيچلر ڊگري پروگرام ۾ سرڪاري يونيورسٽين ۾ ته وري به 7 کان 8 هزار ئي سالياني فيس آهي پر پرائيويٽ ۾ تمام مهنگي تعليم آهي، جن جي فيس 42 هزار ڊالرن تائين به آهي جيڪا ميڊيڪل جي پهرين سال ۾ ڏيڻي پوي ٿي، ائين وري انجنيئرنگ ڪجهه گھٽ 13 هزارن تائين آهي. فارميسي 18 هزار، ڊينٽيسري 36 هزار، آرٽس 14 هزار، قانون، ڪامرس ۽ ايڪانامڪس 10هزار جي لڳ ڀڳ. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته بيچلر ڊگري پروگرام پنهنجي ملڪ ۾ ڪجي ته بهتر آهي. ائين وري جونئر ڪاليجن ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليجن جي في به 9 کان 12 هزار تائين آهي، باقي سڀ کان گھٽ في ڪاليج آف ٽيڪنالاجي جي آهي، جيڪا 2800 ڊالر آهي. جپانيز لينگيئج انسٽيٽيوٽس جي فيس پوري ڪورس لاءِ 3500 کان 7500 ڊالرن تائين ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڪورس سال جو آهي، نه ته وري ايتري ئي في ٻئي سال لاءِ به ڏيڻي پوي ٿي.
هي صرف پهرين سال جي داخلا ۽ ٽيوشن في آهي. انهن کان علاوه ٽريولنگ، انشورنس ، ڪتاب ، رهائش ۽ ٻيا خرچ به نڪري سگھن ٿا.
[b]جپان ۾ اسڪالرشپن جا موقعا
[/b]جپان ۾ گھڻي ڀاڱي ڪنهن نه ڪنهن گريجوئيٽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، پر ڪجهه ڊائريڪٽ اسڪالرشپ تحت اپلاءِ ڪرڻ سان داخلا ملي سگهي ٿي. اسڪالرشپ ۾ ٽيوشن في فل معاف ٿيڻ يا ڪجهه گھٽ ٿيڻ کان علاوه رهائش کاڌي پيتي جو ماهوار الائونس به ملي سگھي ٿو، جپان گورنمينٽ جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ هن لنڪ تي ڏسڻ گهرجي.
www.jasso.go.jp/en/study_j/scholarship/index.html
گورنمينٽ اسڪالرشپن کان علاوه مختلف يونيورسٽيون يا گريجوئيٽ اسڪول الڳ سان به پرڏيهي شاگردن لاءِ اسڪالرشپن جو اعلان ڪندا رهن ٿا. اهو اصل ۾ ڪنهن مخصوص پراجيڪٽ وغيره ۾ بهتر کان بهتر ذهين شاگرد کي گھرايو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي ڪنهن به اسڪالرشپ جي پڌرائي، جپاني حڪومت جي ايجوڪيشن منسٽري واري لنڪ تي يا وري دنيا ۾ موجود سندن سفارتخاني يا ڪائونسل خاني جي ويب سائيٽ تي ڪئي وڃي ٿي. ان کان علاوه اسان جي پاڪستان حڪومت يا هيڪ به ٻاهر پڙهائڻ لاءِ اسڪالرشپون انائونس ڪن ٿا. ان لاءِ به جپان جو آپشن هوندو آهي يا ايشيا جي ڪجهه ٻين ملڪن جو، ڪڏهن ڪڏهن خاص جپان جي لاءِ به ڪي اسڪالرشپون ٿي سگھن ٿيون. دنيا جي مختلف تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ادارن جيئن يونيسڪو، يا وري ڪنهن ٻئي اداري طرفان به ڪي اسڪالرشپ اچي سگھن ٿيون، انهن تي به نظر رکڻ گھرجي. جپان مان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ يا رهنمائي لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي وڌيڪ تفصيل موجود آهن.
www.jasso.go.jp/en/study_j/scholarship/brochure.html ۽ www.studyjapan.go.jp/en/index.html
[b]پارٽ ٽائيم ڪم:
[/b]جپان گورنمينٽ جي گائِيڊ بڪ ۾ ڏنل انگ اکرن مطابق لکيل آهي، ته هڪ اندازي مطابق جپان ۾ پنهنجي پيسن تي يا وري ڪنهن پرائيوٽ اداري جي مدد سان ايندڙ شاگردن مان 75 سيڪڙو شاگرد جپان ۾ پارٽ ٽائيم ڪن ٿا، جن جي ماهوار ايوريج ڪمائي 439 ڊالر آهي يعني 50000 پاڪستاني لڳ ڀڳ رقم، پر اهي پيسا رهائش لاءِ ته ڪم اچي سگھن ٿا، پر اسڪول جي في يا ٻين خرچن لاءِ يا پاڻ وٽ پيسا هجن يا وري ڪا اسڪالرشپ نه ته صرف پارٽ ٽائيم ملڻ جي آسري جپان ۾ نه اچڻ گھرجي، تنهنڪري جپان اچڻ کان پهرين هر شاگر وٽ سندس خرچ لاءِ الڳ سان سٺو منصوبوهجڻ گھرجي. هي پيسا جيڪي، ڪو، پارٽ ٽائيم ڪري ڪمائي به ٿو ته نه ڪي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ، نه وري بچت لاءِ، پر اهو فقط مدد طور پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍڻ لاءِ. اهم ڳالهه ته هر شاگرد ايتري محنت ڪري جو پنهنجي پڙهائي ۾ به سٺا نتيجا حاصل ڪري ۽ پارٽ ٽائيم به ڪري سگھي، اهو سندس صلاحيتن ۽ طبعيت تي منحصر آهي.
شاگردن لاءِ قاعدا قانون آهن جن کي پارٽ ٽائيم جي اجازت ملي ٿي ته مخصوص ڪلاڪ يا ڏينهن جي حساب سان ويندي ڪجهه جڳهن جيئن وندر يا بالغن جي ڪم ڪرڻ وارين جڳهن تي شاگردن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي. هڪ هفتي ۾ شاگرد کي وڌ ۾ وڌ 28 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت آهي. ان ڪم لاءِ شاگرد کي يونيورسٽي يا لوڪل ميونسپالٽي کان به اجازت وٺڻي پوي ٿي جيڪا قانوني طور اڪثر ڏني ويندي آهي. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ شاگرد جي داخلا ختم ڪئي وڃي ٿي، ويندي جنهن شاگردن جي حاضري گھٽ هجي ته ان کي به ڊي پورٽ ڪيو وڃي ٿو. جپان ۾ 8 ڊالر ايوريج في ڪلاڪ ڪم جا ڏنا وڃن ٿا، پر ايجنٽ يا مختلف ويبسائيٽس جتي وڌيڪ رقم ملڻ جي ڳالهه هجي، اهو ڪوڙ ٿي سگھي ٿو.
پرڏيهي شاگردن لاءِ ڪم واريون جڳهون هن طرح آهن.
فوڊ ۽ بيوريج، جتي سڀ کان وڌيڪ شاگردن کي ڪم ملي ٿو، ٻئي نمبر تي سيلز ۽ مارڪيٽنگ، پوءِ ٽيچنگ ۽ ريسرچ اسسٽنٽشپ، ٽرانسليشن، لئنگئيج انسٽرڪٽر، هوم ٽيوٽر وغيره. هنن لاءِ انگلش سٺي هجڻ گھرجي، ڪليننگ، هوٽلنگ ۽ ريسٽورينٽس سروس وغيره.
[b]جپان ۾ نوڪري ۽ انٽرنشپ ڪرڻ جا موقعا
[/b]جپان ۾ شاگردن کي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ يا تعليم جي موڪلن دوران انٽرنشپ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. ان کان علاوه گريجوئيشن ٿيڻ سان جپان لوڪل ميونسپالٽي گورنمينٽ کي درخواست ڏئي نوڪري ڳولهڻ يا ڪٿي انٽرنشپ ڪرڻ جي اجازت وٺڻي پوي ٿي، پر شاگرد جو اسٽيٽس گريجوئيشن ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي پاڻ کي اسٽوڊنٽ اسٽيٽس کان ڊيزگنيٽڊ ايڪٽو ٿيڻ گھرجي، جنهن سان 6 مهينا جپان ۾ رهي سگھجي ٿو ۽ ٻيهر درخواست ڏئي وڌيڪ 6 مهينا ٻيا به ملي سگھن ٿا. ان دوران جيڪڏهن جاب ملي وڃي ته ڪمپني جي رڪمينڊيشن ويزا جو اسٽيٽس تبديل ٿي ايمپلائيمنٽ ويزا ٿي سگھي ٿي. جپان ۾ موجود بين الاقوامي ڪمپنيون بِغير ڪنهن خاص ملڪ يا خطي جي، هڪ باصلاحيت ماهر ۽ ذهين ماڻهوءَ کي خاص طور پنهنجي فيلڊ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ جڳهه ڏين ٿيون، پر مقابلي سبب جاب ملڻ آسان نه آهي، پر جپان گورنمينٽ جي رپورٽ مطابق سال 2015 ۾ 16 هزار پرڏيهي شاگردن کي جپان ۾ نوڪريون مليون آهن، ۽ سندن ويزا جو اسٽيٽس اسٽوڊنٽ ويزا کان پوءِ ڊيزگنيٽڊ ويزا کان ٿيندو ورڪنگ ويزا اسٽيٽس منظور ٿيو آهي. جپان ۾ هن ريت مختلف ڪمپنين ۾ شاگردن کي نوڪريون مليون آهن.
ڪامرس ۽ ٽريڊنگ ۾ 21.1 سيڪڙو، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ 10.1 سيڪڙو، ايجوڪيشن ۾ 7.5 سيڪڙو، اليڪٽرانڪ اپلائنسز ۾ 3.4 سيڪڙو ۽ فوڊ ۽ ڊرنڪس يا بيوريجس ۾ 3.2 سيڪڙو نوڪريون ڏنيون ويون آهن. جپان ۾ بنيادي پگھار 1800 ڊالرن کان 2200 ڊالرن تائين شروع ۾ ڏنو وڃي ٿو. پر ڪجهه ماڻهو 3 هزار ڊالرکان به مٿي کڻن ٿا.
[b]جپان ۾ تعليمي ادارن جو تعداد
[/b] 2016ع جي انگ اکرن مطابق، گريجوئيٽ اسڪول 624 ، يونيورسٽين جو تعداد 756 ، جونيئر ڪاليج 341، ڪاليج آف ٽيڪنالاجيز 57 ۽ پروفيشنل ٽريننگ ڪاليج 2770 آهن، ڪل ملائي ڪري اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو تعداد 4551 آهي، پر ڪجهه ويبسائيٽس مطابق 6500 جي لڳ ڀڳ آهي.
[b]جپان بابت ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون:
[/b]
جپاني ماڻهو ٽائيم جا پابند ٿين ٿا.
جپان ۾ ٽِپِ ڪون ورتي وڃي ٿي.
جپان ۾ گم ٿيل شيءِ به واپس مليو وڃي.
جپان جي ٺهيل ڪا به شيءِ سڀ کان وڌيڪ پائيدار ٿئي ٿي.
جپاني ماڻهو روبوٽس وانگر محنتي ٿين ٿا.
آخر ۾ جپاني چوڻي جيڪا مون الطاف شيخ جي ڪتاب ”رٺي آهي گھوٽ سان“ ۾ پڙهي، جا مون کي دل سان لڳي، چوڻي آهي ته، ”شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته چانور پوکجن“.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڏسجي ٿو ته شاعرن جو تعداد هنر مند ماڻهن کان شايد وڌيڪ هجي، شاعري به ڪجي پر ان کي پنهنجي زندگي نه ارپي ڇڏجي، بهتر آهي ته ڪو ڌنڌو يا هنر سکي پاڻ ۽ پنهنجن ماڻهن جي ڪم اچجي. اسان وٽ ڪچي عمر جا نوجوان رڳي سوچي سوچي پيا وقت گذاريندا ۽ شاعرٿيڻ جي ڪوشش ڪندا، جي اهي نوجوان واندا نه هجن ڪنهن نه ڪنهن هنر سان هجن ته شايد شاعري ڪرڻ جو شوق نه ٿئين. اسان کي جپاني قوم جي مٿئين چوڻي مان ڪافي سبق ملي ٿو. علم ادب ۽ شاعري جي احساسن سان گڏ پروفيشنل يا اسپيشلائزيشن جا ڪورس ڪرڻ گھرجن ، جن لاٰءِ اسڪول يا ڪاليج جي شروعات کان ئي ٻارن کي اهڙو ڪو ڌنڌو سکڻ لاءِ لڳائي ڇڏجي.
سال 2018ع جي QS World University Ranking موجب، هن وقت ايشيا جي بهترين چار سئو يونيورسٽين ۾ جپان جون 77 يونيورسٽيون شامل آهن جيڪي 13، 14 ، 15، 17 ، 20، 27 ، 29، 31، 36، 39، 40، 60، 67، 68، 85، 98، 116، 119، 120، 122، 123، 135، 137، 140، 140، 143، 148، 10، 161، 168، 170، 1755، 183، 190، 194، ۽ باقي 200 کان 400 جي وچ ۾ اچي وڃن ٿيون. جپان ۾ ڪنهن به اداري ۾ داخلا پنهنجي پيسن يا پنهنجي ملڪ جي طرفان اسڪالرشپ تي وٺجي ته ڪوشش ڪري جپان جي بهتر کان بهتر يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ وٺجي ۽ انهن جي ريڪنگ ڏسجي ته آيا اهي ايشيا جي 400 بهترين تعليمي ادارن ۾ شامل آهن يا دنيا جي بهترين هزار ادارن ۾ شامل آهن پر جيڪڏهن جپان حڪومت جي اسڪالرشپ ملي يا ڪنهن جپان جي اداري طرفان ته پوءِ ضرور ايڊميشن وٺجي، چاهي هن رينڪنگ ۾ نه به شامل هجي پر ان جي جپان گورنمينٽ جي ويب سائيٽ تي وڃي تصديق ضرور ڪجي خاص طور جي سرڪاري ادارو هجي ته بنا جهجهڪ ايڊميشن وٺجي، نه ته به ڪجهه سينئر دوستن يا تعليمدانن کان مشورو ضرور وٺجي. حقيقت جپان هجي ، يا چائنا، يا ملائشيا ۽ ٿائلينڊ ، سڀني جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ ته معيار يا سهوليتون اسان جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ کان بهتر هونديون پر پرائيويٽ يونيورسٽين يا ڪاليجن ۾ ٿي سگھي ٿو ڪجهه گھٽ معيار وارا ادارا به هجن جو تعليم ڪمائيءَ جو ذريعو به بڻجي وئي آهي، انڪري پرائيوِيٽ ادارن ۾ تعليم وٺڻ مهل گھڻ طرفي جاچ ڪرڻ بهتر عمل آهي. هونءَ به اسان جي انجنيئرنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽي يا جنرل ايجوڪيشن ۾ قائد اعظم يونيورسٽي وغيره جو معيار عالمي سطح تي به بهتر آهي. بهرحال جپان جون ٽاپ ٽين يونيورسٽيون هن ريت آهن، انهن ۾ پڙهڻ جو موقعو قسمت بدلائي سگھي ٿو.
The University of Tokyo
Tokyo Institute of Technology
Osaka University
Kyoto University
Tohoku University
Nagoya University
Kyushu University
Hokkaido University
Keio University
Waseda University