تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

تائيوان ۾ تعليمي ادارا ۽ موقعا

تقريباَ 36197 اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي ۽ اڍائي ڪروڙ آبادي رکندڙ جزيري نما تائيوان جيڪو اڃا به پاڻ کي ريپلڪ آف چائنا سمجهي ٿو، ان جي گاديءَ جو شهر تائپي Taipei آهي، سموري ملڪ ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن جو تعداد 158 آهي جن مان 13 جونيئر ڪاليج آهن ۽ باقي 145 يونيورسٽيون ۽ ڪاليج آهن. تائيوان جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به اهم ڪردار آهي، دنيا جون بهترين ٽيڪنالاجي پراڊڪٽس تائيوان ۾ ٺهن ثيون. تائيوان جي اعليٰ معيار جي تعليم جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ايشيا جي ٽاپ 400 يونيورسٽين ۾ تائيوان جون 35 يونيورسٽيون شامل آهن جن مان 10 ته پهرين 100 ۾ شامل آهن، جن مان نيشنل تائيوان يونيورسٽي 25 نمبر تي آهي، ۽ نيشنل تسنگهئا يونيورسٽي 32 نمبر تي آهي، NCKU يونيورسٽي 35 نمبر تي آهي، نيشنل چئاو تونگ يونيورسٽي 36 نمبر تي ، جڏهن ته نيشنل تائيوان يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي 47 نمبر تي ۽ نيشنل تائيوان نارمل يونيورسٽي 56 نمبر تي آهي. ٻين يونيورسٽين کان علاوه چيني قوم جي عظيم ليڊر سن يات سين جي نالي سان منسوب يونيورسٽي نيشنل سان يات سين يونيورسٽي به آهي جيڪا ايشيا ۾ ته 65 نمبر تي آهي پر مون کي نالي جي ڪري هي يونيورسٽي سڀني کان اهم يونيورسٽي لڳي. ڪجهه ماڻهو اهڙا ٿين ٿا جن جي نالي تي جيڪڏهن ڪو تعليمي ادارو هجي ته ان ۾ پڙهندڙ شاگرد نه صرف پنهجي پنهنجي شعبي ۾ ڄاڻ حاصل ڪن ٿا پر ان عظيم انسان جي ليگسي جو به حصو ٿي وڃن ٿا. ڇو ته ان اداري ۾ پڙهندي ضرور شاگرد ان ڪردار جي باري ۾ پنهنجائپ محسوس ڪندو ۽ ان بابت بنيادي ڄاڻ حاصل ڪندو ۽ ان مان متاثر ٿيڻ جا امڪان به وڌيڪ هوندا آهن. ان ڪري اهڙين يونيورسٽين ۾ پڙهڻ جا ٻه فائدا آهن، هڪ پنهنجي شعبي ۾ مهارت، ٻيو ڪنهن عظيم انسان جي ليگسي جو پوئلڳ ٿيڻ . جنهن سان ماڻهو پنهجي شعبي ۽ سماج لاءِ وڌيڪ فڪر وارو ٿئي ٿو، ۽ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
بهرحال يونيورسٽي واقعي ڪنهن عظيم سائنسي يا سماجي ڪردار تي هجي، نه ڪي ڪنهن نسل پرست يا شائونسٽ اڳواڻ جي نالي تي. نه ته نتيجا ابتا به نڪري سگھن ٿا.

[b]تائيوان ۾ انگريزي ٻولي
[/b]تائيوان ۾ مدارين سان گڏ ڪافي پروگرام انگريزي ٻوليءَ ۾ به شروع ڪيا ويا آهن، خاص طور ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامس . تائيوان منسٽري آف ايجوڪيشن جي مطابق سال 2012ع ۾ 45 پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري پروگرام انگريزي ۾ شروع ڪيا ويا آهن، انهن پروگرامن ۾ داخلا لاءِ انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ ضروري آهي،

[b]تائيوان حڪومت طرفان وظيفا ۽ انٽرنشپ
[/b]تائيوان حڪومت طرفان بين الاقوامي شاگردن لاءِ علائقائي تعاون تنظيمن ۽ حڪومتن سان ڪلچرل معاهدن تحت مختلف اسڪالرشپون آفر ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ شارٽ ٽرم ريسرچ ايوارڊ، تائيوان اسڪالرشپ ايشيا پيسفڪ اڪانامڪ ڪوآپريشن اسڪالرشپون، تائيوان ايڪسپيرينس ايجوڪيشن پروگرام TEEP هن پروگرام تحت بين الاقوامي شاگرن کي ڪجهه مهنين لاءِ تائيوان جي يونيورسٽين ۾ ٿوري وقت لاءِ 2 مهينن کان 6 مهينن لاءِ گھرايو وڃي ٿو، ته جيئن تائيوان جي تعليمي ادارن کي بين الاقوامي شاگردن اڳيان نه صرف روشناس ڪرائجي پر بين الاقوامي شاگردن کي تائيوان جي اعليٰ تعليم ۽ انڊسٽري مان فائدو وٺڻ جو به موقعو ڏجي. ڪو به پرڏيهي شاگرد درخواست ڏئي هن پروگرام تحت فيلوشپ حاصل ڪري سگھي ٿو بشرطيڪ سندس درخواست گھربل معيار تي پوري هجي. وڌيڪ معلومات لاءِ تائيوان حڪومت جي تعليم واري وزارت جي هن لنڪ تي ڏسي سگھجي ٿو. http://english.moe.gov.tw.
تائيوان اسڪالرشپ تحت بيچلر ڊگري، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي تائين اسڪالرشپون آفر ڪيون وڃن ٿيون. مجموعي طرح داخلا فيس چائنا جيان مهانگي آهي پر اسڪالرشپ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي جڏهن به اهڙن ملڪن ۾ وڃجي جتي هونءَ ئي موسم، کاڌي پيتي ۽ ٻوليءَ ۾ ڏکيائي هجي پر ماڻهو اسڪالرشپ جو فائدو هجڻ ڪري ايتري ڏکيائين باوجود مضبوط ٿي محنت ڪندو ته ضرور ڪامياب ٿيندو پر پنهنجي پيسن تي اوڏانهن وڃڻ بهتر آهي، جتي انگريزي ٻولي، کاڌي پيتي ۽ موسم جو گھڻو مسئلو نه هجي يا وري پوري يورپ جو چارم هجي.