تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

ڏکڻ ايشيا ۾ تعليمي نظام ۽ رجحان

ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان، ڀارت، افعانستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا وغيره شامل آهن. ايشيا سطح تي يونيورسٽين جي معيار جي حوالي سان انهن سمورن ملڪن مان ڀارت جون 35 يونيورسٽيون، پاڪستان جون 16، بنگلاديش جون 4، سريلنڪا جون 3، باقي نيپال، ڀوٽان، مالديپ ۽ افغانستان جي ڪابه يونيورسٽي شامل نه آهي.
ڏٺو وڃي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان سٺي تعليم جو معيار رکندڙ ادارا ڀارت ۾ وڌيڪ آهن جنهن جا 9 تعليمي ادارا پهرين سئو واري ڪيٽيگري ۾ آهن جن ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي بمبئي 34 نمبر تي آهي، جڏهن ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي دهلي، 41، مدراس 48، بينگلور 51، ڪانپور59، ڪرگپور 62، رورڪي 93 ، گواٿي 98 نمبر تي آهن. البته يونيورسٽي آف دهلي 72 نمبر تي آهي. ڀارت جا هي ادارا ايشيا جي بهترين چار سئو اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارن ۾ پهرين سو واري ڪيٽيگري ۾ آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي صرف هڪ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پهرين سئو واري ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي، جيڪا به 91 نمبر تي آهي. بنگلاديش جي يونيورسٽي آف ڍاڪا 124 نمبر تي آهي. سريلنڪا جي يونيورسٽي آف ڪولمبو 156 تي آهي، جيڪا به سريلنڪا جي واحد يونيورسٽي آهي، پهرين 200 ٽاپ يونيورسٽين ۾ شامل آهي. ان حساب سان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڀارت جا ادارا پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ٻين سڀني ملڪن کان ڪافي اڳتي آهن. بهرحال پاڪستان جي 16 ٽاپ يونيورسٽين مان سنڌ جي ڪراچي يونيورسٽي 193 نمبر تي آهي، ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي 351 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي. باقي سمورا ادار پنجاب مان ۽ اسلام آباد مان آهن جن ۾ LUMS 103 نمبر تي، PIES 128 نمبر تي، قائداعظم يونيورسٽي 133، COMSAT 190 نمبر تي، UET 200 نمبر تي، پنجاب يونيورسٽي 232 تي، آغا خان 234 تي، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي 271 کان 280 نمبر تي، ايگريڪلچر يونيورسٽي فيصل آباد 291 کان 300 جي وچ ۾. ان کان علاوه NED, ، لاهور يونيورسٽِي، يونيورسٽِي آف وٽرنري ۽ اينيمل سائنس، جي سي يونيورسٽِي لاهور 300 کان 400 واري ڪيٽيگري ۾ اچن ٿيون.
ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي تعليم جو معيار جيڪڏهن ڏسجي ته صفا خراب به نه آهي، ائين به چئي سگھجي ٿو پاڪستان جي تعليمي ادارن جو معيار خاص طور پنجاب ۽ اسلام آباد جي يونيورسٽين جو معيار عرب ملڪن، وچ ايشيائي ملڪن، اولهه ايشيا جي ملڪن ۽ ڪافي ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن (سواءِ ڀارت جي) کان به بهتر آهي، پر مسئلو امن امان ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو آهي، سهوليتون نه هجڻ جو آهي، جو خراب انتظام هجڻ ڪري ادارن ۾ معياري ڪم جي کوٽ ٿئي ٿي، نه ته ماحول ۽ سهوليتون پيدا ڪيون وڃن ته پاڪستان، ڀارت جي اعليٰ تعليمي ادارن سان ته ڇا پر اوڀر ايشيا جي ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪن چائنا، جپان، ڪوريا، تائيوان ، هانگ ڪانگ ، يا ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي اهم ملڪن سينگاپور، ٿائلينڊ ۽ ملائشيا سان به مد مقابل ٿي سگھي ٿو. هاڻي به اسان کي ٻين ملڪن نه صحيح ملائشيا جي تعليمي ماڊل کي ضرور اپنائڻ گھرجي،. جنهن کي سکڻ ۽ سمجهڻ به آسان آهي ۽ عمل ڪرڻ به ، جو اسان وٽ به مختلف ٻولين ۽ قومن جا ماڻهو آهن ۽ ملائشيا ۾ به ائين ئي آهي، پر ملائشيا ڪيئن پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ امن لاءِ سڀني کي گڏي کڻي هلي ٿو، ۽ ڪيئن تعليمي ادارن جي پاليسي ڪري اڄ سڀ پڙهي پيا آهن. اسان کي به ملائشيا مان سکڻ گهرجي.


[b]ڏکڻ ايشيا يونيورسٽي
[/b] South Asian University (SAU)
(www.sau.int)
هي يونيورسٽي Knowledge without borders جي نعري تحت سارڪ ملڪن طرفان قائم ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سارڪ ملڪن جي شاگردن کي هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. هن يونيورسٽي جو ڪئمپس دهلي ۾ آهي.
هن ۾ في الوقت پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلا ڏني پئي وڃي، جن ۾ هي شعبا شامل آهن، اپلائيڊ مئٿميٽڪس، بايوٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر سائنس، اڪانامڪس، انٽرنيشنل رليشنس، ليگل اسٽڊيز ۽ سوشيالاجي وغيره.
داخلا لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگھجي ٿي، جڏهن ته ايڊميشن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ جي شرط تي داخلا ملي ٿي، ان لاءِ سمورن ميمبر ملڪن ۾ ٽيسٽ منعقد ڪئي وڃي ٿي. هن وقت ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام ڪرايا پيا وڃن.
سمورن سارڪ ملڪن ۾ هن يونيورسٽي جي ڊگري جي تصديق ٿيل آهي، وقت به وقت سارڪ ملڪن جي گڏيل فنڊس مان اسڪالرشپون به ميسر ڪيون وڃن ٿيون. ان لاءِ هن يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي خاص طور تي سال جي شروع واري تاريخن ۾ نظر رکڻ گهرجي، جو نئين سال جي داخلا انائونس ٿيڻ سان اسڪالرشپون به انائونس ڪيون وڃن ٿيون.

[b]پريزيڊنٽ اسڪالرشپ
[/b]هي اسڪالرشپ ٻن قسمن جون ٿين ٿيون، جيڪي انٽري ٽيسٽ ۾ ٽاپ ڪندڙ شاگرد لاءِ هونديِون آهن. جنهن تحت هڪ اسڪالرشپ انڊيا جي ٽاپ اسٽوڊنٽ کي ڏني وڃي ٿي ته ٻي اسڪالرشپ باقي سارڪ ملڪن مان ٽاپ ڪندڙ شاگرد کي ڏني وڃي ٿي. هي اسڪالرشپون ايم اي، ايم اي سي، ۽ ايل ايل ايم ڊگري پرگرامس تحت هر شعبي لاءِ الڳ الڳ هونديون آهن.

[b]سارڪ انڊيا سلور جوبلي اسڪالرشپ
[/b]هن پروگرام تحت 100 اسڪالرشپ آهن جيڪي افغانستان، بنگلاديش، ڀوٽان، مالديپ، ۽ نيپال جي ملڪن جي ذهين شاگردن لاءِ انڊين گورنمينٽ طرفان ڏنيون وڃن ٿيون.

[b]سارڪ يونيورسٽي ميرٽ اسڪالرشپ
[/b]هي اسڪالرشپ به هر شعبي جي ٻن شاگردن لاءِ هوندي آهي، جيڪي پريزيڊنٽ اسڪالرشپ کان پوءِ ٽاپ تي هوندا آهن، ۽ ساڳي طرح انڊين ۽ باقي سارڪ ملڪن جي شاگردن لاءِ الڳ سان ٻه ٻه اسڪارشپون هونديون آهن پر صرف ماسٽرس ڊگري پروگرام تحت هر هڪ شعبي ۾ هونديون آهن .

[b]سارڪ يونيورسٽي فريشپ پروگرام
[/b]
هي فريشپ صرف ۽ صرف يونيورسٽي ۾ پهرين کان پڙهندڙ شاگردن لاءِ هوندي آهي، جنهن تحت غريب ۽ مستحق شاگردن لاءِ ڪجهه مالي مدد ڪئي وڃي ٿي.
سارڪ يونيورسٽي پي ايڇ ڊي شاگرد لاءِ مالي مدد ۽ ٽيوشن فيس اسڪالرشپ
هن پروگرام تحت سارڪ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اهڙو پي ايڇ ڊي شاگرد، جنهن کي ڪابه نوڪري يا اسڪالرشپ نه هجي، ان کي مالي مدد سان گڏ ٽيوشن فيس به نه ورتي ويندي آهي، پر اهو سندس ڪارڪردگي سان گڏ يونيورسٽي ۾ موجود فنڊس تي به منحصر ڪري ٿو.
مٿي ٻڌايل سموريون اسڪالرشپون شروعات ۾ صرف هڪ سال لاءِ ڏنيون وڃن ٿيون، بعد ۾ شاگرد جي ڪارڪردگي، ڊسيپلين ، وغيره تي جاري ڪيون وڃن ٿيون. باقي جنهن به شاگرد کي ڪنهن ٻي ايجنسي يا سندس ملڪ طرفان اسڪالرشپ آهي، ته اهو پنهنجي ان اداري جي پاليسي تحت اسڪالرشپ رکندڙ هوندو جنهن سان سارڪ يونيورسٽي جي پاليسي جو ڪو به تعلق نه آهي. جيئن ته اسڪالرشپن جو تعداد گھٽ آهي پر پوءِ به ٽيسٽ پاس ڪري داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ وقتاَ به وقت مختلف قسمن جون فيلوشپس ۽ مالي معاونت ڪئي ويندي آهي، جيڪا صرف هڪ قسم جي مدد هوندي آهي، نه ڪي پورو پڙهائي جو خرچ ، جنهن ۾ به ميرٽ تي فيصلو ڪيو وڃي ٿو. وڌيڪ معلومات لاءِ سارڪ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي تفصيل پڙهڻ گھرجي.