تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون:

ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ڪيئي گورنمينٽ پبلڪ يونيورسٽيون، گورنمينٽ پوليٽيڪنڪس انسٽيٽيوٽس، گورنمينٽ ڪميونٽيز ڪاليج وغيره ۽ پرائيويٽ هاير ايجوڪيشن جا ادارا آهن، جن ۾ پرائيويٽ يونيورسٽيون، يونيورسٽي ڪاليج، پرائيويٽ ڪاليج، فارين يونيورسٽي برانچ به شامل آهن.
ملائشيا ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪرڻ لاٰ 20 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن، ان کان علاوه 30 پوليٽيڪنيڪل ڪاليج آهن ،72 ڪميونٽي ڪاليج آهن، ۽ 27 ملائشين انسٽيٽيوٽس آف ٽيچر ايجوڪيشن به آهن. يونيورسٽيون سڀ کان گھڻيون وزيراعظم مهاتيرمحمد جي دور ۾ کليون، جن جو تعداد 12 آهي، جيڪي سندس 22 سالا وزارت اعظميٰ جيڪا 1981ع کان 2003ع تائين رهي ان ۾ کوليون ويون. ان کان پهرين صرف پنج يونيورسٽيون هيون ،جيڪي ترتيبوار 1962ع، 1969ع، 1970ع، 1971ع، 1975ع ۾ کوليون ويون هيون، باقي صرف 3 يونيورسٽون مهاتيرمحمد کان پوءِ کوليون ويون آهن جيڪي کانئس پوءِ اقتدار ۾ ايندڙ عبدالله احمد بداوي جي دور ۾ کوليون. ملائشيا جي هر رياست ۾ يونيورسٽي ضرور آهي پر ٽوٽل 13 رياستن مان سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون سلينگور رياست جنهن ۾ ڪولالمپور ۽ پتراجايا جا شهر به اچي وڃن ٿا ۾ آهن، جن جو تعداد 6 آهي باقي ٻه يونيورسٽيون جوهر رياست ۾ آهن ۽ ٻه وري ترنگانو رياست ۾ آهن.
سڀني يونيورسٽين مان صرف 5 يونيورسٽين کي ريسرچ يونيورسٽين جو اسٽيٽس مليل آهي، 12 يونيورسٽيون اسپيشلائيزڊ يونيورسٽيون آهن، ۽ 3 براڊ بيسڊ يعني جنرل يونيورسٽيون آهن، ريسرچ يونيورسٽين ۾ هتان جي نمبر 1 يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ملايا (UM ) آهي، ان کان پوءِ UKM, UPM, USM, UTM يونيورسٽيون شامل آهن.
هي يونيورسٽيون اڪثر ٽاپ پنج جي مليشن ريڪنگ ۾ ئي رهن ٿيون. باقي انهن کان علاوه يونيورسٽين ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي آف ملائشيا آهي، جتي به بين الاقوامي شاگردن جي گھڻائي داخلا وٺي ٿي، اهڙي طرح باقي يونيورسٽين به پنهنجي پنهنجي لوڪيشن ۽ اسپيشلائيزيشن جي ڪري پاڻ مڃايو آهي پر فنڊس، سائنسي اوزارن ۽ سهوليتن ۾ هي يونيورسٽيون ٻين کان اڳتي آهن. هر يونيورسٽي جي پنهنجي اهميت آهي، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي يو ايم ۾ داخلا نه ملي، ته هو اها ئي ڊگري ڪنهن ٻي يونيورسٽي مان به وڌيڪ سستي يا وري وڌيڪ وظيفي ملڻ سان ڪري سگھي ٿو.
منهنجي خيال ۾ مجموعي طرح ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ ڊسيپلين آهي، صاف سٿرو ماحول آهي، جنهنڪري هر يونيورسٽي مان بهتر سکي سگھجي ٿو. ٻيو هتي ريسرچ جي حوالي سان هڪ يونيورسٽي جو شاگرد ٻي يونيورسٽي جي ليب ۾ وڃي خاص اجازت وٺي ڪري ڪم ڪري سگھي ٿو.

[b]ملائشيا جون پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون
[/b]
يونيورسٽي ڪيٽيگري رياست ريڪنگ لوڪل ريڪنگ ايشيا
يونيورسٽي ملايا جنرل پر انجينيئرنگ فيڪلٽي اَمنگ ٽاپ ان ورلڊ سلينگور 1 24
يونيورسٽِي پترا ملائشيا ايگريڪلچر ڪولالمپور سلينگور 2 36
يونيورسٽي ڪمبگسم ملائشيا جنرل ڪولالمپور 3 43
يونيورسٽي سائنس ملائسشيا انجينئرنگ پنانگ 4 46
يونيورسٽِي ٽيڪنالاجي ملائشيا ٽيڪنالاجي ۽ انجينرنگ جوهر 5 49
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ملائشيا اسلامڪ ۽ جنرل ، ڪولالمپور 6 163
يونيورسٽِي مارا جنرل پر صرف ملئي شاگردن لاءِ سلينگور 7 158
يونيورسٽي ملائشيا پرلس انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي پرلس 8 221
يونيورسٽي اتارا ملائشيا مينيجميٽ ڪيده 9 131
يونيورسٽي تن حسين اون ملائشيا انجينئرنگ جوهر 10 301
يونيورسٽِي ملائشيا پهانگ انجينئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي پهانگ 11 ------------
يونيورسٽي ملائشيا صبا ------------ صبا اوڀر ملائشيا 12 222
يونيورسٽي ملائشيا سراواڪ ------------ سراواڪ اوڀر ملائشيا 13 247
يونيورسٽي ٽيڪنيڪل ملائشيا ٽيڪنالاجي ملاڪا 14 -------------
يونيورسٽي ملائشيا ترنگانو فشريز ۽ جنرل ترنگانو 15 ----------
سلطان ادريس يونيورسٽي آف ايجوڪيشن ايجوڪيشن پيراق 16 -----------
يونيورسٽي اسلام سائسن ملائشيا اسلامڪ سمبيلان 17 ------------
يونيورسٽي ملائشيا ڪئلانتن جنرل ڪئلانتن 18 ----------
UPNM ڊفينس ڪولالپور 19 ------------
يونيورسٽي سلطان زين العابدين جنرل ترنگانو 20 351


[b]يونيورسٽي ملايا University Malaya
[/b]يونيورسٽي ملايا، ملائشيا جي سڀ کان بهترين، پهرين ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي، هن يونيورسٽيءَ کي ملائشيا جي اعليٰ تعليم جي شروعات ڪرڻ جو اعزاز آهي. هن يونيورسٽي کي سنڌ يونيورسٽي جيان مادري علمي به چيو وڃي ٿو. تقريباَ سڀني يونيورسٽين سندس ئي ڪُک مان جنم ورتو آهي. سنڌ يونيورسٽي کي جتي پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ پهرين قائَم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ سنڌ جي سڀ کان پراڻي يونيورسٽي آهي. هنن ٻنهي يونيورسٽين ۾ تاريخي حوالي سان ته ڪافي هڪجهڙائيون آهن، پر افسوس سان چوڻون پوي ٿو ته تعليمي معيار ۽ ڊسيپلين جي حوالي کان تمام وڏو فرق آهي، ملايا يونيورسٽي اڄ جتي ملائشيا جي نمبر ا ، ايشيا ۾ 28 نمبر تي ۽ عالمي سطح تي 87 جي ريڪنگ ۾ آهي اتي سنڌ يونيورسٽي عالمي معيار جي ڪنهن به رينڪنگ ۾ ته ٺهيو پر پنهنجي ملڪ جي ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ به شامل نه آهي، ان جا سبب ڪيترا ئي آهن پر خاص طور سياسي ۽ انتظامي سبب آهن. ملايا يونيورسٽي پنهنجي ملڪ جي لاءِ جتي اعليٰ پائي جا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ آفيسر پيدا ڪيا آهن، اتي سياستدان به پيدا ڪيا آهن جن ۾ مهاتير محمد جهڙو اعليٰ پائي جو سياستدان هجي يا وري سينگاپور جو باني لي ڪئان يو، ان کان علاوه ملائشيا جا ٻه ٻيا وزير اعظم جن ۾ ملائشيا جو ٻيو وزير اعظم عبدالرزاق هجي يا وري پنجون وزيراعظم احمد بداوي. ان کان علاوه ملائشيا جو نائب وزيراعّظم رهندڙ انوار ابراهيم هجي. هن ئي يونيورسٽي جا اليومنائي آهن. هن يونيورسٽي جو بنياد 1949ع ۾ پيو جڏهن ڪاليج آف ميڊيسن ۽ ريفل ڪاليج کي ملائي يونيورسٽي آف ملايا جونالو ڏنو ويو. جيڪو ان وقت برٽش ملايا ڪالوني هيٺ سنگاپور ۾ قائم ڪيو ويو. بعد ۾ ڪولالمپور ۾ هڪ الڳ يونيورسٽي ساڳي نالي سان 1962ع ۾ قائم ڪئي وئي. ائين ڏٺو وڃي ته هيءَ يونيورسٽي اسان جي سنڌ يونيورسٽي کان به پوءِ قائم ٿي آهي، هن يونيورسٽي ۾ جتي هر شعبي ۾ داخلا وٺڻ لاء مارڪون سٺيون ۽ سي جي پي اي سٺي هجڻ لازم آهي اتي داخلا ملڻ جو مقابلو به سخت آهي پر افسوس اسان وٽ صرف ٽيسٽ ۾ ويهڻ لازمي آهي باقي مارڪون ڪيترون به اچن جو تمام ٿورين مارڪن کڻندڙن کي به فلاسافي ، سائيڪالاجي ۽ ڪمپيوٽر سائنس جهڙا اهم ۽ ڏکيا شعبا مليو وڃن.
هن وقت يونيورسٽي آف ملايا ۾ داخلا وٺندڙن شاگردن جو تناسب هن ريت آهي: لوڪل انڊر گريجوئيٽ شاگر 7257 آهن، پوسٽ گريجوئيٽ 5968 آهن، بين الاقوامي شاگردن جو تعداد انڊرگريجوئيٽ ۾ گهٽ لڳي ٿو جيڪي 792 آهن. پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن جو تعداد چڱو خاصو آهي، جيڪي 3175 آهن. تقريباَ 45 ملڪن جا شاگرد هتي تعليم پرائي رهيا آهن. هن يونيورسٽي ۾ هن وقت 27 هزار کان مٿي شاگرد ، 1700 استاد ۽ 17 فيڪلٽيون ۽ ريسرچ سينٽر آهن. هيءَ يونيورستي جتي ملائشين شاگردن لاءِ هميشه پهرين چوائس آهي، اتي ملائشيا ۾ پڙهڻ لاءِ ٻاهران ايندڙ شاگردن لاءِ به پهرين چوائس هوندي آهي.
لوڪل شاگردن کي تقريباَ ڪانووڪيشن واري ڏينهن ئي نوڪري مليو وڃي. هنن جي ويب سائيٽ مطابق ته 87 سيڪڙو شاگردن کي ڪانووڪيشن واري ڏينهن نوڪري ملڻ جو لکيل آهي، هن يونيورسٽي ۾ ٽوٽل اڪيڊمڪ اسٽاف يعني ٽيچنگ ۽ ريسرچ ڪرڻ وارا ملائي ڪري 2578 آهن جن مان 791 استاد ٻاهريان يعني ٻين ملڪن جا آهن، جيڪي ٽوٽل اڪيڊمڪ اسٽاف جو 27 سيڪڙو ٿين ٿا. ايتري تعداد ۾ ٻاهرين استادن جي هجڻ ڪري يونيورسٽي ۾ تعليمي معيار وڌي ٿو. ٻاهريان آيل استادن جي چونڊ سندن ذهني قابليت جي بنياد تي ٿئي ٿي ۽ اهي هتي اچي وڌ کان وڌ محنت ڪن ٿا جو انهن لاءِ پاڻ مڃائڻ ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ اهم آهي جو هو هتي رهي سگهن، جنهنجي ڪري لوڪل استاد به چٽاڀيٽي واري ماحول ۾ رهن ٿا ۽ انهن کي به وڌ کان وڌ محنت ڪرڻي پوي ٿي، اهڙي ريت بين الاقوامي استادن جي موجودگي نه صرف معيار ۽ ڊسيپلين وڌائڻ جوسبب بڻجن ٿا پر پنهنجي پنهنجي ملڪ جي شاگردن جي لاءِ ڪشش جو به سبب ٿين ٿا، جو هو ڄڻ پڙهائڻ سان گڏ يونيورسٽي جا ايمبيسڊر به هوندا آهن ۽ اڻسڌيءَ طرح يونيورسٽي جي مشهوري به ڪن ٿا. ان جو مثال اڳتي هلي سائين اسدالله شاهه جي صورت ۾ ڏيندس جيڪو آهي ته پنهنجي سنڌ پاڪستان جو پر هتي هجڻ ڪري هر سال سندس نالي ۽ ريفرنس ڪري ڪيترائي شاگرد وٽس پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ اچن ٿا، ۽ ڪيترائي والدين کانئس مشورا وٺي هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ لاءَ موڪليندا رهن ٿا. پر افسوس جو اسان جي ملڪ خاص طور پنهنجي صوبي سنڌ جي يونيورسٽين تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته ڪاري وارا ڪک آهن جو اتي ٻاهران استاد ته ٺهيو پر ٻئي صوبي جا استاد به مشڪل سان نظر ايندا، ويتر ته اڄڪلهه وري اهو رواج به پيو آهي ته جيڪو جنهن علائقي يا شهر جو آهي ان کي اتي ڪم ڪرڻ جو شوق آهي يا وري حڪومت جي اها پاليسي آهي. ٻيو وري سنڌ اندر مهاجر سنڌي تعصب به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، جنهن ڪري جتي جنهن جو اثر آهي، اهو ان علائقي ۾ پنهنجا ماڻهو رکڻ چاهي ٿو جنهن ڪري نه بين الاقوامي مقابلي وارو ماحول جڙي ٿو ۽ نه ئي وري صوبائي سطح تي چٽاڀيٽي ٿئي ٿي، ويتر ساڳي علائقي، ساڳي ذات ، قوم ۽ مٽي مائٽي جي ڪري هڪٻئي کي فيور ڏني وڃي ٿي ۽ سفارش جو ڪلچر عام ٿي ويو آهي، استادن ۽ تحقيق ڪندڙن پنهنجي تحقيق کي صرف مختلف گريڊ حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جو مقرري وقت کان وٺي اڳئي گريڊ لاءِ مخصوص گهرج آهي جيڪا جلد پوري ڪري هر ڪو ٿڌو ٿي ويهي رهي ٿو پوءِ نه ريسرچ ڪن نه شاگردن لاءِ نوان آئيڊيا نوان رجھان آڻين. پر جي ڪجهه سنجيده تحقيقدان هجن به ٿا ته انتظامي رويي يا ريسورس جي اڻ پورائي ڪري ڪم جاري نه ٿا ڪري سگھن، صرف اهو نه پر علائقائي استاد پنهنجي شاگردن لاءِ به سُستي ۽ ڪاهلي جو سبب ٿين ٿا، جو شاگرد محنت ڪرڻ بجاءِ استادن سان مٽيون مائٽيون دوستيون ياريون ڪڍي پاس ٿيو وڃن ۽ ڊگري حاصل ڪري وٺن ٿا. جنهن ڪري هڪ طرف نااهل گريجوئيٽ ٿا پيدا ٿين ته ٻئي طرف معاشرتي بگاڙ جو سبب بنجن ٿا. اهڙن ئي سببن جي ڪري عالمي ته ٺهيو پر ملڪي سطح تي به چتا ڀيٽي جي امتحانن ۾ نقصان ٿئي ٿو، ادارن ۾ نه ڊسيپلين رهي ٿو نه وري امن امان . حقيقت ۾ اصل سبب ته سياست جون خرابيون ۽ حڪومت جي نااهلي آهي جو ائين اعليٰ تعليمي ادارن کي به علائقن ۾ محدود ڪيو ويو آهي، اسان جي ادارن جو معيار تڏهن وڌندو جڏهن نه صرف ملڪي سطح تي صوبن اندر استادن جي مقرري مختلف صوبن ۾ ٿيندي پر بين الاقوامي استاد به مقرر ڪيا ويندا.

[b]يونيورسٽي ملايا ۾ داخلا فيس:
[/b]هتي لوڪل شاگردن لاءِ فيس تمام سستي آهي، ٻيووري وظيفا به ڏنا وڃن ٿا، پر بين الاقوامي شاگردن لاءِ به فيس انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي، انڊر گريجوئيٽ لاءِ فيس سال لاءِ ست هزار رنگٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ لاءِ 11 کان 12 هزار آهي، جيڪا آمريڪي ڊالر 3 کا 4 هزار کن آهي، جيڪا انگلينڊ ، آسٽريليا جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ آهي.
يونيورسٽي ملايا جي تاريخ:
هيءَ يونيورسٽي جنوري 1962ع ۾ ڪولالمپور ۾ قائم ٿي، ۽ 750 ايڪڙ تي ڦهليل آهي. پهريون چانسلر هن ملڪ جو باني يعني پهريون وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان رهيو آهي. هن يونيورسٽي جو نالو هن علائقي جي تاريخي نالي پٺيان آهي. پهرين هي ملڪ ملايا ئي هيو پر پوءِ ملائشيا ٿيو، هي ڪولامپور شهر جي ڏکڻ اولهه ۾ آهي، هن يونيورسٽيءَ ۾ هر نسل ۽ مذهب جي ماڻهن لاءِ آهي، هن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مشهور مئيٿميٽيشن پروفيسر اوپنهيم آهي، اڄڪلهه جو چانسلر پيراق رياست جو سلطان نذرن مئيرالدين شاهه آهي، ۽ وائيس چانسلر پروفيسر داتو ڊاڪٽر محمد امين جلاالدين آهي، جيڪو هن يونيورسٽي جو مجمعوعي طور يارنهون وائيس چانسلر آهي.

[b]دورانديشي ۽ مقصد:
[/b]ريسرچ، ايجاد ۽ مقالن ۽ پڙهائڻ ۾عالمي طور تي مڃتا ماڻڻ.

[b]داخلا لاءِ گھرجون:
[/b]ماسٽرس ۾ داخلا لاءِ بيچلر ڊگري واسطيدار سبجيڪٽ ۾ لازمي آهي، ۽ سي جي پي اي به سٺي هجڻ گهرجي، پر جي سي جي پي اي 3.7 آهي ٽوتل 4 مان يا ان کان مٿي آهي، ته ڊائريڪٽ پي ايڇ ڊي ۾ ڊائريڪٽ اپلاءِ ڪري سگهجي ٿو. باقي بيچلر ۾ داخلا لاءِ ڪاليج جا رزلٽ سٺا هجڻ گھرجن يعني ٻا رهين جماعت جا. يا ميٽرڪ کان پوءِ ڪا ڊپلوما آهي ته به درخواست ڪنسيڊر ڪئي ويندي آهي.

[b]انگلش جو شرط :
[/b]ان کان علاوه انگلش لينگئيج به شرط آهي، جنهن لاءِ آء ليٽس ۾ 6 بينڊ ۽ ٽافل پيپر بيسڊ ۾ 550 ، ڪمپيوٽر بيسڊ ۾ 213 يا انٽرنيٽ بيسڊ م 80 هجڻ لازمي آهي. پر جي ڪنهن جي پهرين ڊگري انگلش ميڊيم ۾ ڪيل آهي ته اهو سرٽيفڪيٽ يعني پڙهي آيل اداري ما انگلش جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچجي ۽ ثبوت طور جمع ڪرائجي ته اڪثر اهو به قبول ڪري انگلش ٽيسٽ جو شرط ختم ڪيو وڃي ٿو، پر اهو ڪڏهن ڪڏهن نه به مڃين ٿا جو اهو واسطيدار پروفيسر کان به لکرائي وٺن ٿا ته شاگرد جي انگلش مان هو مطمئن آهي پوءِ ڪو مسئلو ڪونه ٿو ٿئي،. پر جي ڪنهن شاگرد وٽ ن آءِ ليٽس آهي نه ٽافل ۽ نه ئي وري انگلش ميڊيم جو سرٽيفڪيٽ يا وري پنهنجي پهرين اداري طرفان انگلش جو سرٽيفڪيٽ ته آهي پر يونيورسٽي نه ٿي مڃي، ان لاءِ پوءِ هڪڙو حل اڃا به اهو آهي ته پروفيسر کان لکرائي وٺجي پر جي اهو به نه مڃين يا پروفيسر نه لکي ڏئي، ته پوءِ يونيورسٽي پاڻ به نئي سيشن ۾ انگلش ٽيسٽ وٺي ٿي، اها ڏيڻ گهرجي جيڪا پاس ٿيڻ جي صورت ۾ انگلش جو مسئلو حل ٿيو وڃي، پر جي اها انگلش جي ٽيست پهرين اٽيمپٽ ۾ پاس نه ٿئي ته پوءِ نئين آيل شاگرد جي ايڊميشن ته ڪريو ڇڏين پر کيس انگلش ڪلاسن ۾ رکن ۽ هر 3 يا 4 مهينن کان پوء ٽيسٽ وٺندا رهن ٿا، جيستائين وڃي انگلش پاس ڪري، تيستائين يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهيو پيو هجي سمجهو ته آفيشلي شاگرد آهي پر جيستائين وڃي انگلش پاس نه ٿو ڪري تيستائين سندس ڪورس جا ڪلاس نه ٿو وٺي سگهي، بهرحل اڪثر شاگرد ته آءِ ليٽ يا پهرين ڊگري جو انگلش ۾ هجڻ ڪري هن مرحلي مان آسانيءَ سان نڪريو وڃن پر ڪجهه کي هتي انگلش جو هڪڙو سيمسٽر لڳيو وڃي جنهن ۾ فيس گھٽ هوندي آهي. تنهنڪري آءِ ليٽس ڪري اچجي ته وڌيڪ آساني آهي جو ان ۾ ڪو به رسڪ نه ٿو رهي.
باقي جي ڳالهه ڪجي سنڌ جي يونيورسٽين جي ته اتي انگلش جو ڪو شرط نه آهي جو اسان جي پري يونيورسٽي يعني ڪاليج سائيڊ جي تعليم جي ميڊيم انگلش ئي آهي پر حقيقت اها آهي ته اڪٽر شاگردن جي انگلش ايتري بهتر نه آهي ۽ ڪجهه جي ته وري ايتري خراب آهي جو پري ميديڪل ۽ پري انجنيئرنگ به صحيح ڪو نه لکي سگھن، اهڙا شاگرد ڀلي کڻي 10 سيڪڙو هجن پر انهن جو داخلا ٿيڻ کان وٺي ڊگري ايوارڊ ٿيڻ تائين اداري تي ٻين شاگردن ۽ استادن تي معاشري تي ويندي نوڪرين ۽ روزگار ملڻ تي تمام گهڻو ناڪاره اثر پون ٿا. هيٺئين سطح تي ڪاپي ڪلچر اسان جي تعليم صفا تباه ڪري ڇڌي آهي، جنهن ڪري اعليٰ تعليم لاءِ ايندڙ شاگرد به انهن ئي نالي ماتر پڙهيلن مان هوندا آهن، جتي 80 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اچن ٿا جن جو تعليمي معيار صفا ڪريل آهي، باقي 20 سيڪڙو پرائيوِيٽ ادارن مان اچن ٿا جن مان به سڀ پڙهڻ وارا نه آهن. ها ائين به نه آهي ته سرڪاري اسڪولن مان سڀ ڪي هڪجهڙا آهن پر اها به حقيقت آهي ته 70 سيڪڙو شاگردن جي انگلش تمام خراب آهي، 20 سيڪڙو جي نارمل ۽ باقي 10 سيڪڙو جي سٺي آهي، ان ڪري جي بهتر ٿئي اسان وت به يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ انگلش جو شرط رکيو وڃي.

[b]درجا بندي.
[/b]هن يونيورسٽي جي ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ هن وقت 87 نمبر تي آهي. ايشيا ۾ 28 نمبر تي ۽ ملائشيا ۾ پهرين نمبر تي. ملائشيا جي حڪومت هن يونيورسٽي کي عالمي طور تي مڃرائڻ لاءَ خاص توجهه ڏنو آهي، ۽ تمام گھڻي محنت ڪئي آهي. کيس ريسرچ يونيورسٽيءَ جو مرتبو آهي جنهنڪري بجيٽ به چڱي خاصي اٿس ، ته جيئن ريسرچ لاءِ فنڊس جي کوٽ نه ٿئي. حڪومت طرفان مختلف پراجيڪٽ به هن يونيورستي کي ڏنا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي جي بجيٽ 184423177 رنگٽ آهي. جيڪا رقم پاڪستاني 5509394557 روپيا ٿئي ٿي. ٻي اهم ڳالهه ته هيءَ بجيٽ صرف ريسرچ لاءِ آهي ، باقي ڊولپمينٽ ۽ پگهارن لاءِ الڳ پيسا آهن.
ايتري بجيٽ هجڻ جي ڪري هِن يونيورسٽي ريسرچ جي ميدان ۾ ڪم به سٺو ڪيو آهي، جو هن وقت تائين هن يونيورسٽيءَ دنيا جي ٽاپ ريسرچ انڊيڪس آءٌ ايس آءِ ۾ 14179 آرٽيڪل اچي چڪا آهن جيڪي دنيا سطح تي 69200 دفعا ريفرينس طور استعمال به ڪيا ويا آهن ان کان پوءِ اسڪوپس انڊيڪس ۾ 17317 ريسرچ پيپر ڇپيا آهن جيڪي به 88370 دفعا سائيٽ ٿي چڪا آهن، انهن ريسرچ پبليڪيشنس کان علاوه 594 مختلف قسم جون ايجادون ڪيون آهن. 728 پيٽنٽ ۽ 34 ڪمرشل پراڊڪٽ ڏنيون آهن.

[b]يونيورسٽي ملايا جون منفرد ڳالهيون:
[/b]هن يونيورسٽيءَ ۾ 80 ايڪڙن تي مشتمل باٽنيڪل گارڊن آهي، جيڪو ريسرچ جي ڪم لاءِ خاص ٺاهيو ويو آهي، ان کان علاوه هڪ تجربيگاه به آهي جيڪو ست هيڪٽرس تي مشتمل آهي،جنهن ۾ ڪيٽل، فش، پولٽري، فلاور، ۽ فروٽ آهن، جتي انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد ۽ استاد ريسرچ ڪن ۽ سکن ٿا. هتي ميوزيم آف ايشين آرٽ به آهي ته ميوزيم آف ذولاجي به آهي، هن ميوزيم ۾ 50 هزار جيت، 150 کير ڏيندڙ جانور ان کان علاوه مختلف فيلڊس تي اسٽڊي سينٽرس به آهن جتي لاڳاپيل شعبن ۾ تحقيق ڪئي وڃي ٿي.

[b]يونيورسٽي ۾ ٻيون سهوليتون:
[/b]لائبرري، سيڪيورٽي آفيس، پوسٽ آفيس، بئنڪ ، ڪلينڪ، ڪيفيٽيريا، ٽرانسپورٽ، ٽريول ايجنسي، اسپورٽس گرائونڊ، رهائشي ڪامپليڪس، آڊيٽوريم ۽ ڪانفرنس هال وغيره. ان کان علاوه يونيورسٽي طرفان ميسيج سروس به آهي جنهن ذريعي شاگردن کي پنهنجي رزلٽ، فيس ، ڪورس تفصيل، ٽائيم ٽيبل ۽ ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي ٿي.
رهائش:
هتي رهائش لاءِ 13 رهائشي ڪاليج آهن، هن يونيورسٽي ۾ هاسٽل کي ڪاليج چون ٿا، جن ۾ اٽڪل 12 هزار شاگرد رهي سگهن ٿا. هينئر 65 پرسنٽ ڪاليج انڊر گريجوئيٽ لاءِ آهن، جنهن جي فيس روزاني حساب سان 8 کان 12 رنگٽ آهي، يعني مهيو 200 کان 300 رنگٽ. اها رقم 5000 هزار کان 7500 روپيا پاڪستاني ٿي. پر اهم ڳالهه ته انهن پيسن ۾ شاگردن کي ماني به ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته ماني کان بغير وارن جي فيس 4.50 کان 6.50 آهي، بين الاقوامي شاگردن لاءِ فيس ڪجهه وڌيڪ آهي، انٽرنيشنل شاگردن لاء هڪ رهائِش يونيورسٽي آف ملايا انٽرنيشنل هاسٽل آهي جيڪا يونيورسٽي کان 2 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي جنهن ۾ 4 بلاڪ آهن ۽ 90 يونٽ آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل ست ها سٽلون آهن جن ۾ گنجائش کان وڌيڪ شاگرد رهائڻ کان پوءِ به 2500 کان 3000 هزار شاگرد ئي رهن پيا ، جڏهن ته هي 10 سيڪڙو شاگرد ٿين ٿا، باقي شاگرد يونيورسٽي کان ٻاهر رهن جنهنڪري انهن جو ٽائيم به ضايع ٿئي ته وري پيسو به ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا الڳ ، ته ٽراسپورٽ جي مشڪلاتن کي الڳ منهن ڏين. ڪجهه شاگردن کي ڀرواري شهرن ۾ ضرور پنهنجا گھر آهن پر هي يونيورسٽي جيئن ته صوبي جي وڏي ۾ وڏي ۽ پراڻي يونيورسٽي آهي جنهن ڪري سڄي صوبي جا شاگرد هن يونيورسٽي ۾ داخلا وٺن ٿا، ڪراچي کان ڪشمور جي لاءِ هن يونيورسٽي جا دروازا ته کليل آهن پر افسوس ٻين سهوليتن سان گڏ رهائشي سهولتن جي به شديد کوٽ رهي آهي، جنهنڪري شاگرد ٻاهر رهڻ تي مجبور آهن. مون ته ملائشيا ۾ اهو به ڏٺو آهي ته لوڪل شهر جا شاگرد به هاسٽل تي رهن ٿا ته جيئن هو فل ٽائيم پنهنجي پڙهائي ۽ ڪيمپس تي ٿيندڙ ايڪسٽرا ڪرڪيولم ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺي سگهن ۽ امتحانن ۾ ٻين دوستن سان گڏيل تياري ڪري سگھن، نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽي ملايا جي جتي پکيڙ صرف 750 ايڪڙن تي مشتمل آهي اتي يونيورسٽي آف سنڌ کي باوجود قبضا مافيا جي هينئر به 8000 هزار ايڪڙ زمين اڃا تائين آهي. هاڻي نه زمين جو مسئلو آهي نه شاگردن جي کوٽ جو بس ويزن ۽ دلچسپي جي ڳالهه آهي جتي ٽرانسپورٽ تي يونيورسٽي لکين روپيا مهينو خرچ ڪري ٿي اتي جي ڪجهه هاسٽلون وڌيڪ ٺهرا.ئي ته ٽرانسپورٽ مان به پيسا بچت ٿين، ۽ وري هاسٽل جي فيس مان به.. پر اسان وٽ الٽو حساب آهي شاگردن کي رهائشي سهولتون نه ڏئي هڪ ته يونيورسٽي پنهنجي پيسي جو زيان ڪري رهي آهي ٻيو وري شاگردن جي تعليم جو، سڄي دنيا ۾ شاگرد هاسٽلن ۾ رهن پر اسان وٽ 80 کان 90 سيڪڙو شاگرد يونيورسٽين کان ٻاهر!. مون ڪيترن ئي شاگردن کي پريشان ٿيندي ڏٺو آهي. بحرحال هتي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جي هر پنجن سالن جي منصوبي ۾ هڪ 500 ڪمرن جي نئي هاسٽل ڇوڪرن ۽ هڪ ڇوڪرين لاءِ جوڙائي وڃي ته مسئلو ٻن ڏهاڪن ۾ حل ٿي ويندو. ٺهڻ ته هڪ دفعي ئي 10 هاسٽلون ايمرجنسي بنياد تي گھرجن. جتي اسان جي پٺتي پيل سماج ۾ ڇوڪرا وري به ڌڪا ٿاٻا کائي وقت گذاري سگهن ٿا پر ڇوڪرين لاءِ ڄڻ ناممڪن آهي ته فيملي کان سواءِ رهن پر جي اجارت ملين به ته هاسٽل کان ٻاهر رهي سگھن، اسان وٽ ڇوڪرين جي هاسٽل جي حالت اها آهي جو ٽي وي حال ۽ ڪاريڊورس ۾ به رهايو پيو وڃي. جتي ڇوڪريون ٻاهرين معاشري جي غير موافق حالتن ڪري رهڻ تي مجبور آهن پر اڪثر يونيورسٽي ۾ اهڙي قسم جي رهائش به نه ملڻ جي ڪري وڌيڪ پرِيشان ٿي ٻاهر رهڻ تي مجبور آهن يا مرڳو يونيورسٽي ئي ڇڏي وڃن ٿيون .
اسان وٽ جتي ڪمرو ملي ته گنجائش کان وڌيڪ شاگرد رهن. ٻن جي جڳهه تي چار ۽ ٽن جي جڳهه تي پنج، اهڙي حالت ۾ ڪمري اندر فرنيچر يعني ٽيبل ڪرسي جي گنجائش ساڳي رهي ٿي ، پوءَ شاگر ويچارا سمهڻ لاءِ به پريشا ٿين ٿا ته وري پڙهڻ لاءِ به پريشان.
ملائشيا ۾ ته اڪثر هر شاگرد جو ڪمرو الڳ آهي جنهن ۾ ڪرسي ٽيبل ۽ بيڊ به پيل آهي ته اٽيج باٿروم به. پرائيوسي به ملي ٿي، جنهنڪري پڙهائي ۽ آرام به بهتر ٿئي.

[b]فيڪلٽيز:
[/b]هن يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 12 فيڪلٽيون آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪل 8 فيڪلٽيون آهن، جن مان صرف ٻه فيڪلٽيون ساڳي نالي سان آهن جيئن فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ۽ فيڪلٽي آف لا، باقي هي ٽي فيڪلٽيون ته سنڌ يونيورسٽي ۾ آهن ئي ڪون جن ۾ ڊينٽيسري، انجنيئرنگ، بلٽ انوائرنمينٽ. ڪجهه اهڙيون فيڪلٽيون آهن جيڪي سنڌ يونيورسٽي ۾ شعبن جي حيثيت ۾ ڪنهن فيڪلٽي ۾ ضم ٿيل آهن جيئن اسان وٽ آهي اڪانامڪس شعبو ، پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبو ، اهي ٻئي شعبا هتي الڳ فيڪلٽي جنهن کي فيڪلٽي آف اڪانامڪس ۽ ايڊمنسٽريشن ٿا چون ، ان ۾ گڏ آهن پر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وري سوشل سائنس فيڪلٽي ۾ ضم ٿيل آهن، اهڙي طرح هتي فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي آهي پر اسان وٽ ان سان لاڳاپيل شعبا فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ۾ آهن. حالانڪ دنيا سڄي ۾ هي شعبا الڳ فيڪلٽي جي حيثيت ۾ آهن پر اسان وٽ نه. ائين ئي وري هتي فيڪلٽي آف سائنس آهي ۽ اسان وٽ فيڪلٽي آف نيچرل سائنس. پر فرق اهو آهي ته جتي اسان وٽ ڪمپيوٽر ، آءِ ٽي به هن ۾ گڏ آهي ته اتي ڪيمسٽري، بايولاجي، انوائرنمينٽ، آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي به، پر ملائشيا جي هن پهرين نمبر يونيورسٽي ۾ ائين نه آهي هتي سائنس ۾ اهي ذڪر ڪيل شعبن مان ڪافي ته الڳ فيڪلٽي جي حيثيت ۾ آهن جيئن فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، فيڪلٽي آف بلٽ انوائرنمينٽ. ان کان علاوه اينٿرو ۽ آرڪيالاجي، جاگرافي جا شعبا ته فيڪلٽي آف سوشيولاجي ۾ آهن نه ڪي فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ۾.
ان حساب سان ڏٺو وڃي ته سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف نيچرل سائنس جيڪا اڌ کان وڌيڪ يونيورسٽي تي مشتمل آهي، ان کي جيڪڏهن ٽوڙي وڌيڪ فيڪلٽيون ٺاهيون وڃن ته بهتر نموني سان ڪم ڪري سگھن ٿيون، جو هڪڙي ڊين کي ڪيترن ئي مختلف ۽ اڻواقف شعبن کي هلائڻ کان بهتر آهي ته ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڊين آف فيڪلٽي بڻايو وڃي. تنهنڪري هن فيڪلٽي کي بهتر هلائڻ لا پنجن فيڪلٽيز ۾ ٽوڙيو وڃي جيئن فيڪلٽي آف ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، فيڪلٽي آف انوائرنمينٽ سائنس ۽ جيالاجي، فيڪلٽي آف ڪيميڪل سائنس ، فيڪلٽي آف بايولاجيڪل سائنس، فيڪلٽي آف انجنيئرنگ ۽ مئٿميٽڪس، پر نه ته به فيڪلٽي آف سائسن کي وڌيڪ ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ان ۾ فيڪلٽي آف نيچرل سائنس ، فيڪلٽي آف آرٽيفيشل سائنس، فيڪلٽي آف انوائرنمينٽ ۽ جيالاجي قائم ڪيون وڃن. اهڙي طرح فيڪلٽي آف آرٽس ۾ شامل ٻولين کي الڳ ڪري فيڪلٽي آف لينگئيج ۽ لٽريچر قائم ڪئي وڃي ان کان علاوه باقي فيڪلٽي آف آرٽس کي نئين سر فيڪلٽي آف آرٽس ۽ فلاسافي جو نالو ڏنو وڃي، اهڙي طرح سان سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئن هن وقت فيڪلٽي آف انجينئرنگ ۽ ميڊيسن موجود نه آهن .ان ڪري هي ٻئي فيڪلٽيون الڳ سان نئي سر قائم ڪيون وڃن ته جيئن يونيورسٽي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ فائيديمند به ٿي سگهي ۽ دنيا سطح تي هڪ مڪمل يونيورسٽي هجي جتي دنيا جي مڃيل سڀني شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي. حالانڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪک مان جنم ورتل مهراڻ ۽ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائنس ڀرسان ئي موجود آهن پر سنڌ جي آدمشماري ايتري آهي جو سنڌ يونيورسٽي پنهنجي ايراضي ۽ وسيلن مان ته هي ٻه وڌيڪ فيڪلٽيون به کولي سگھي ٿي، حالانڪ زمين جو مسئلو ته بلڪن به نه آهي جو هن وقت به هزارين ايڪڙ زمين خالي پئي آهي ۽ اجايا پيا قبضا ٿين.
اهڙي طرح فيڪلٽي آف سوشل سائنس مان به هڪ وڌيڪ فيڪلٽي ٺاهي وڃي، جنهن کي فيڪلٽي آف اڪانامڪس ۽ ايڊمنسٽريشن جو نالو ڏنو وڃي.

[b]ملائشيا ۾ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽيون ۽ ڪاليج :
[/b]ملائشيا ۾ ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن ته ڪيترا ئي ڪاليج به شامل آهن. ان کان علاوه فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس به هتي ڪم ڪن ٿا، جن جي بين الاقوامي سطح تي سٺي رينڪنگ ۽ اهميت به آهي. هڪ اهم ڳالهه ته ملائشيا جي هر شاگرد جي پهرين چوائس هتان جون پبلڪ يونيورسٽيون هونديون آهن پر ميرٽ تي داخلا نه ملڻ يا اسڪالرشپ جي نه ملڻ ڪري پوءِ هو پرائيويٽ يونيورسٽين ڏانهن ڊوڙي ٿو، جتي به سخت مقابلو هوندو آهي. هتي جي 20 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ جتي هونئن شاگردن جو تناست استادن ۽ ڪلاسن جي تناست يعني سهوليتن پٽاندڙ هوندو آهي، نه ڪي اسان جي ملڪ وانگر ته ميرٽ کان پوٰءِ جيترا به سيلف فنانس تي فارم آيا، داخلا ڏئي ڇڏين پوءِ رهڻ لاءِ ڀلي هاسٽل ۾ ڪمرو به نه ملي يا وري شهر مان ڪئمپس اچڻ لاءِ پراڻي بس ۾ به بيٺو ۽ لڙڪندو اچڻو پوي يا وري ڪلاس ۾ پويان ويهڻ جي جڳهه ملي جتي استاد جو نه آواز سمجهه ۾ اچي نه وري بورڊ تي اکر چٽا ڏسڻ ۾ اچن، نه وري ڪينٽين تي ماني آساني سان ملي، نه واش روم ۾ صفائي سٿرائي جو انتظام هجي. بهرحال ملائشيا جي پرائيويٽ ادارن ۾ وري هتان جي چيني آبادي جو زور هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ سندن داخلا جو تناسب تمام گھٽ آهي، جنهنڪري انهن کي پرائيويٽ ادارن جو رخ ڪرڻو پوي ٿو، جتي اڪثر استاد به چيني يا فارينر هجڻ ڪري انهن لاءِ ڪشش وڌيڪ هوندي آهي، ٻيو سبب هتان جي گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ چينين ۽ انڊين ڪميونٽي لاءِ تمام ٿوريون سيٽون هجڻ ڪري هو پرائيويٽ يونيورسٽين ڏانهن رخ ڪن ٿا، جنهنڪري به پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ معيار آهي ۽ مقابلو به. حالناڪ سهوليتون خاص طرح ڪئمپس جو ڪشادو هجڻ، فيس گھٽ هجڻ، رهائش جي آساني ۽ ٻين سهولتن ۾ گورنميٽ يونيورسٽيون وڌيڪ بهتر آهن. بحرحال ملائشيا جا پرائيويٽ تعليمي ادارا ايڪٽ 1996ع هيٺ رجسٽرڊ آهن، جن ۾ 40 کان 45 جي لڳ ڀڳ پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ ڪيترائي پرائيويٽ هاير ايجوڪيشن ڪاليج آهن، جن جو تعداد لڳ ڀڳ 30 ٿيندو. ۽ 9 فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

1 موناش يونيورسٽي سلينگور آسٽريليا
2 ڪرٽن Curtin يونيورسٽي سرواڪ آسٽريليا
3. يونيورسٽي ناٽنگهم سلينگور ۽ ڪولالمپور برطانيا
4. سونبرن Swinburn يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سراواڪ آسٽريليا
5. نيو ڪيسل New castle يونيورسٽي ميڊيسن ملائشيا جوهر برطانيا
6. يونيورسٽي آف سائوٿمپٽن Soutampton ملائشيا جوهر برطانيا
7. هيرئوٽ وال Heriot-wall يونيورسٽي ملائشيا جوهر برطانيا
8. يونيورسٽي ريڊ نگ ملائشيا جوهر برطانيا
9. زائمن Xiamen يونيورسٽي ملائشيا سيپانگ، سلينگور چائنا