تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

روس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا

روس پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، ۽ عالمي ليول تي طاقتور ترين ملڪن ۾ شامل آهي. روس عالمي طور تي سرمائيداري ۽ مذهبي رجعت پرستن خلاف هڪ نج انسان دوست نظرئي سماجواد مطابق ڌرتي ڌوڏيندڙ انقلاب آڻي پوري دنيا جي مزدور، هاري، محڪوم طبقن لاءِ مشعل راه رهيو آهي. اڄ به عالمي ليول تي دنيا جي سمورن دانشورن ۽ انسان دوست عالمن طرفان سماجواد نظرئي کي ئي برابري وارو نظام سمجهيو وڃي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته دنيا جديد ٽيڪنالاجي ۽ سرمائيداري جي ڦرلٽ نت نون طريقيڪارن ڪري اڄ به مظلوم طبقو حاڪم طبقي جي زير تسلط آهي. روس به هاڻي نه اهو لينن وارو رهيو آهي ۽ نه ئي وري اسٽالن وارو، پر پوءِ به ڏٺو وڃي ته يورپين يونين ۽ آمريڪا جي هوندي پنهنجو الڳ مقام رکي ٿو ۽ طاقت جي توازن ۾ برابر بيٺو آهي. روس به دنيا جي ٻين ترقي يافته ملڪن جيان نه صرف سياسي، عسڪري، پر سائنسي، علمي، ادبي ، سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ به دنيا ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي. روس ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ به بهترين ڄاڻ ۽ تجربو ڏئي ٿو. جيئن آمريڪا يا برطانيا وڃڻ هڪ قسم جي نفسيات پيدا ڪري سگھي ٿو ته دنيا تي حڪمراني ڪندڙ ملڪن ۾ ماڻهو گھمي پيو ۽ ٿي سگھي ٿو ماڻهو پاڻ کي به باقي ٻين ملڪن کان بهتر سمجهڻ لڳي. هنن ٻنهي ملڪن آمريڪا ۽ برطانيه ۾ گھمڻ سان هڪ حاڪمانه سوچ پيدا ٿي سگھي ٿي، پر روس گھمڻ سان مظلوم طبقن لاءِ همدردي ۽ آواز اٿارڻ جي سوچ پيدا ٿي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ انهن ٽنهي ملڪن جا حوالا مختلف آهن ۽ ماڻهو اوڏانهن ويندي يا اتي رهندي سندن تاريخ کي ويجهو کان ڏسندو ۽ متاثر ٿيندو.
جتي روس انقلاب جي علامت رهيو آهي ته انگلينڊ قبضاگيري ۽ آمريڪا دهشت جي سڃاڻپ رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اتي وري اسان مجموعي طرح انگريز ۽ انگريزي جي ويجهو رهيا آهيون ۽ انهن جو ئي سسٽم يا ماحول پسند ڪرين ٿا، ان ڪري روس جتي موسم ۾ بلڪل ٿڌو ملڪ آهي، اتي سهڻن ماڻهن جو ملڪ به آهي جيڪو ايشيا کان شروع ٿي يورپ ۾ پهچي ٿو. ان ملڪ ۾ رهڻ جو تجربو نئين زندگي مثل هوندو، جنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن به دوست کي روس ۾ پڙهڻ يا پڙهائڻ جو موقعو ملي ته خوشنصيبي چئبي.

[b]روس ۾ يونيورسٽين جو تعداد ۽ رينڪنگ
[/b]هن وقت رشيا ۾ 896 يونيورسٽيون آهن، انهن مان ڪيو ايس ورلڊ يونيورسٽي ريڪنگ 2018ع مطابق رشيا جون 24 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ 1000 يونيورسٽين ۾ شامل آهن جن مان Lomonsov Mocscow university, عالمي ليول تي 95 نمبر تي هجڻ ڪري پهرين سئو بهترين يونيورسٽين ۾ اچي ٿي. ان کان علاوه سينٽ پيٽرسبرگ اسٽيٽ يونيورسٽي، نووسبرسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي، بومن ماسڪو اسٽيٽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي، ٽومسڪ اسٽيٽ يونيورسٽي، ماسڪو انسٽيٽيوٽ آف فزڪس اينڊ ٽيڪنالاجي، ماسڪو اسٽيٽ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنس، ڪازان فيڊرل يونيورسٽي، ارل يونيورسٽي وغيره پهرين 500 واري عالمي رينڪنگ ۾ اچن ٿيون.
ان حساب سان ڏسجي ته عالمي ليول تي روس جي تعليم جو معيار ڪنهن به حوالي سان گھٽ نه آهي، البته جيڪا برطانيا ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جي عالمي رينڪنگ ۾ هڪ هٽي آهي ان جو هڪ سبب ته يونيورسٽي رينڪنگ ۾ موجود ڪرائٽيريا ته عالمي شاگرد گھڻا آهن، يا ٻاهريان استاد گھڻا آهن، به ٿي سگھي ٿو. ٻيو دنيا اندر انگريزي ۾ ڪيل تحقيق يا ٻين ملڪن جي تحقيق کي انگريزي ۾ اچڻ کان پوءِ پڙهيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري به جيڪو ريسرچ ريفرنسنگ وغيره آهي يا امپيڪٽ آهي، ان ۾ به انگريز ملڪن جون يونيورسٽيون اڳيان ٿي وڃن ٿيون حالانڪه چائنا، جپان، رشيا ڪنهن به ريت ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ انهن ملڪن کان گھٽ نه آهن. رشيا خود عالمي ليول تي هاڻي تعليمي ڊوڙ ۾ نئين انداز ۾ اچڻ چاهي ٿو. روس جو پروگرام آهي ته 2020ع تائين روس جون ڪي به پنج يونيورسٽيون دنيا جي بهترين هڪ سئو يونيورسٽين ۾ شامل ٿين، ۽ انهن ۾ 10سيڪڙو فيڪلٽي ميمبر ۽ 15 سيڪڙو شاگرد ٻين ملڪن جا هجن. ان جو مقصد دنيا ۾ روس کي ريسرچ ۽ تعليم ۾ ٻين ملڪن جي مد مقابل آڻڻ، رشين ٻولي کي ترقي ڏيارڻ ۽ خود رشيا اندر چٽاڀيٽي واري رجحان کي وڌائڻ آهي. ان لاءِ ٻاهران آيل شاگردن لاءِ رشين ٻولي ۽ ادب ۾ فائونڊيشن ڪورس متعارف ڪرايو ويو آهي ، جنهن ۾ انهن کي سڀ کان پهرين داخلا وٺڻي پوندي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ روس ۾ پڙهائڻ جو موقعو به پيدا ٿئي ٿو. اهڙي طرح روس پنهنجن 3000 شاگردن کي 2020ع تائين دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ موڪلي رهيو آهي ته جيئن سندس نوجوان دنيا ۾ هلندڙ تعليمي رجحان ۽ ٿيندڙ کوجنائن کان واقف ٿي اچن.

[b]روس ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپون
[/b]روس هن وقت ساليانه پرڏيهي شاگردن لاءِ 15000 هزار اسڪالرشپون آفر ڪري رهيو آهي، جن تحت شاگرد جي داخلا، ٽيوشن فيس ۽ مينٽيننس الائونس وغيره اچي وڃي ٿو، ۽ رهائش پڻ ڏني وڃي ٿي. پر ڪافي اسڪالرشپن جو تعداد اهڙو به آهي جنهن ۾ رهڻ جو ماهوار خرچ نه ٿو ڏنو وڃي. ان ڪري رشيا جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وقت ماهوار خرچ ضرور ڏسڻ گهرجي ته اهو شامل آهي يا نه ، جي نه آهي ته گذر سفر لاءِ ڪا ٻي سهولت ان يونيورسٽي ۾ موجود ٿي سگھي ٿي، يا ڪو اهڙو موقعو اتي وڃڻ کان پوءِ به ملي سگھي ٿو.
روس ۾ اسڪالرشپ وغيره جي معلومات لاءِ سندن ويب سائيٽ studyinrussia.ru.en کي وزٽ ڪرڻ گھرجي. ان کان علاوه رشين فيڊريشن جي منسٽري آف ايجوڪيشن ۽ سائنس طرفان مختلف ملڪن ۾ نمائنده آفيسن مان به رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. پاڪستان ۾ معلومات وٺڻ لاءِ هن لنڪ تي تفصيل ڏسي سگهجن ٿا. Pak.rs.gov.ru/en ۽ اِي ميل pakistan@rs.gov.ru ڪري تفصيل به پڇي سگھجي ٿو.
ان کان علاوه آن لائين ڊائريڪٽ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ به ڪري سگھجي ٿو جنهن لاءِ هن لنڪ تان مدد وٺڻ گھرجي. http://studyinginrussia.ru/en/study-in-russia/scholarship .

[b]رشيا ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ
[/b]هڪ شاگرد جو ايوريج مهيني جو خرچ 300 کان 400 ڊالر اچي سگھي ٿو، جيڪو شاگرد جي پنهنجي زندگي گذارڻ جي طريقي ڪار، ۽ رهائشي علائقي وغيره جي ڪري مختلف به ٿي سگھي ٿو. ٿلهي ليکي جيڪو خرچ اچي سگهي ٿو، ان جو تفصيل هن ريت آهي. هاسٽل رهائش، 100 ڊالر جي قريب پر جيڪڏهن اسڪالرشپ آهي ته اها مفت ٿئي ٿي، کاڌي پيتي تي تقريباَ 200 ڊالر، ٽرانسپورت، موبائيل، انٽرنيٽ ۽ گھمڻ ڦرڻ وغيره تي ڪل ملائي 100 ڊالر، يعني ٽوٽل 400 ڊالر ٿين ٿا.