تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

چائنا ۾ اعليٰ تعليم

چين جيڪو قديم تهذيب ۽ ثقافت رکي ٿو، جتي دنيا جي سڀ کاون وڌيڪ آبادي رهي ٿي، جيڪو ڪنفيوشس، تائو جهڙن عالمن جو ملڪ آهي ته وري سن يات سين، چيئرمين چو اين لا، مائوزيتونگ کان ويندي هن وقت دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڦڙتيلي ليڊر شي جنپئانگ جو ملڪ به آهي، جيڪو عظيم ديوار چين جو ملڪ آهي، جنهن ملڪ هر عام ماڻهو کي تاجر ٺاهي ڇڏيو آهي، جن ڪنهن شارٽ ڪٽ کان سواءِ مسلسل محنت ۽ صبر سان ترقي ڪئي آهي، جيڪي اڄ به ڊسيپلين ۾ آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙجي به رهيا آهن، اڳتي هلي اسان کي به هنن ئي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو آهي ، چٽاڀيٽي ڪرڻي آهي. جيڪي اسان جي ملڪ ۾ به پنهنجو پاڙون هڻي رهيا آهن.
هنن لاءِ مشهور آهي ته جيڏانهن به ويندا آهن ماکي جي مکين جيان هڪٻئي جي پويان لڳا ايندا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ مان ٻه، ٻن مان چار ۽ چار مان سوين هزارين ٿي پهچي ويندا آهن ، انڪري اهڙي قوم جيڪا پوري دنيا ۾ پنهنجي محنت سان پاڻ مڃائي چڪي هجي ۽ وري هجي به اسان جي پاڙيسري، ته ضرور ان مان ڪجهه سکڻ گھرجي. ان لاءِ چائنا جون اسڪالرشپون ڪنهن به نعمت کان گھٽ نه آهن. جتي اڄ سڄي دنيا اهي اسڪالرشپون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، اتي اسان کي به وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. دنيا ۾ چيني ٻولي جو مستقبل آهي اها سکڻ کپي، چين جو مستقبل آهي، اتي وڃڻ کپي، چين جي تعليم اعليٰ معيار جي آهي، اتان پڙهڻ گھرجي، نه صرف اسڪالرشپ تي پر جيڪڏهن ڪو افورڊ به ڪري سگھي ٿو ته ضرور چين جي بهترين يونيورسٽين مان پڙهي اچي ۽ يورپ جهڙي کنڊ کان وڏي ايراضي ۽ گھڻي آبادي واري ملڪ چين مان فائدو ضرور حاصل ڪرڻ گھرجي. چيني ماڻهو دنيا جي گھڻن ماڻهن کان سٺا آهن، اتي وڃجي، انهن کان سکي اچجي، ته پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي قوم لاءِ ڪارائتو ٿي سگھجي ٿو.

[b]چين ۾ داخلا جو طريقيڪار
[/b]چين جي تعليمي ادارن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين انهن جي تعليم واري وزارت جي لنڪ تي وڃي، انهن جي تعليمي پاليسين، ويزا ۽ موقعن جي باري ۾ سرسري ڄاڻ حاصل ڪجي، جنهن جي لنڪ هن ريت آهي http://en.moe.gov.cn/ . ان کان پوءِ چين جي تعليمي ادارن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪجي. چين ۾ هن وقت اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد هزارن ۾ آهي ، پر گورنمينٽ طرفان 252 يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپون ميسر ڪري ڏنيون ويون آهن، جن لاءِ چائنا اسڪالرشپ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست فارم ڀرڻ گھرجي، جنهن جي لنڪ هن ريت آهي، www.csc.edu.cn/laihua يا وري www.campuschina.org تي وڃي چائنيز اسڪالرشپ آپشن سليڪٽ ڪري درخواست فارم ڀرجي.
چائنا ۾ داخلا لاءِ درخواست ڏيڻ جي شروعات جنوري کان ٿئي ٿي ۽ اپريل تائين اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو. ڪلاس سيپٽمبر کان شروع ٿين ٿا، ۽ آفر ليٽر جون جولاءِ تائين جن جي داخلا ٿي يا اسڪالرشپ ٿئي ٿي، انهن کي مليو وڃي، جيڪو پوسٽ ذريعي موڪليو وڃي ٿو.

[b]چين ۾ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادار ۽ موسم
[/b]سال 2016ع جي انگن اکرن مطابق چين ۾ اعليٰ تعليم لاءِ قائم ڪيل يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو تعداد 2596 آهي، جڏهن ته Adult education لاءِ الڳ سان 284 ادارا آهن. ووڪيشنل ايجوڪيشن لاءِ 1359 انسٽيٽيوشن آهن، پرائيويٽ اعليٰ تعليمي ادارن جو تعداد 813 آهي، ان کان علاوه انڊپينڊنٽ ريسرچ انسٽيٽيوشن جو تعداد 217 آهي ، جيڪڏهن ٽوٽل تعليمي ادارا جن جو تعلق هنري، ۽ ريگيولر ڊگري پروگرامس سان ڏسجي ته 8 هزار جي لڳ ڀڳ اعليٰ تعليم مهيا ڪندڙ ادارا آهن، جن ۾ ريگيولر يونيورسٽيون، ڪاليج، سينٽر، ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ، ووڪيشنل اسڪول ۽ ڪاليج، ريسرچ انسٽيٽيوشن وغيره اچي وڃن ٿا.
داخلا وٺڻ لاءِ چائنا جي جاگرافيڪل علائقن کي ضرور ڏسڻ گھرجي آيا جنهن صوبي جي، جنهن شهر ۾ آءٌداخلا وٺي رهيو آهيان، اهو بيجنگ کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترو پري آهي، اتي موسم ڪيئن آهي ۽ يونيورسٽي جي عالمي ريڪنگ ڪهڙي آهي. ڇاڪاڻ ته چائنا جي ايراضي وڏي هجڻ ڪري مختلف علائقن جي موسم ۽ ٻولي ۾ فرق آهي، ان ڪري ڪنهن به يونيورسٽي کي سليڪٽ ته پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ ۽ اتي موجود پروفيسر جي ڪم ۾ دلچسپي هجڻ ڪري ڪجي ٿو يا وري اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته اسان جا ڪي دوست اتي جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ پهرين کان موجود آهن ته گھڻي ڀاڱي اتي داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. ان سان هڪ طرح جي مدد به ملي ٿي ۽ اعتماد به ٿئي ٿو، پر جي اهڙو ڪوبه دوست اتي نه هجي يا وري اهڙي يونيورسٽي جي ريڪنگ سٺي نه هجي يا پسند جو پروفيسر نه هجي، ته پوءِ آزاد ٿي پنهنجي حساب سان چائنا جي ڪنهن به صوبي ۾ خاص طور ماڻهو بيجنگ يا ان جي پسگردائي ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر اتي چٽاڀيٽي وڌيڪ آهي، ان ڪري ٻين صوبن ۾ به ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
مختلف صوبن يا خودمختيار رياستن اندر موجود ادارن ۾ به سهوليتون تقريباَ اهڙيون ئي هونديون آهن، جهڙيون گادي واري شهر بيجنگ ۾ البته، جهاز جو سفر ڊگھو ٿي وڃي ٿو ته موسم به مٽجندي وڃي ٿي. جو بيجنگ ۾ سردي به ٿئي ته ڪجهه وقت گرمي به پر چائنا جا ڪجهه اهڙا صوبا به آهن جتي ٻارهو ئي سردي ٿئي. پر گھڻائي ۾ اَٺَ مهينا سردي جيڪا آڪٽوبر کان مارچ تائين ٿئي. باقي چار مهينا اپريل کان سيپٽمبر تائين هلڪي ٿڌ يا گرم موسم به رهي ٿي. مجموعي طور ائين به چئي سگھجي ٿو ته چائنا ٿڌو ملڪ آهي.
عام طور داخلا جو سيشن سيپٽمبر کان شروع ٿئي ٿو، ان ڪري وڃڻ وقت هلڪي ٿڌ هوندي پر پوءِ به سوئيٽر ضرور ساڻ کڻجي، باقي سخت سردي ۾ ته مائنس ۾ پارو هوندو آهي، ان لاءِ جيترو به ٿڌ کان بچڻ لاءِ پائجي، اهو ضرور پائجي. اسان وٽ اڪثر روس جي ٿڌ مشهور آهي پر چائنا جي نومبر، ڊسمبر، جنوري ، فيبروري ويندي مارچ تائين ٿڌ روس کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ ناهي، صفا جسم چيري ڇڏي ٿي، ان ڪري وڌ کان وڌ احتياط ڪرڻ گھرجي.

[b]چائنا ۾ اسڪالرشپون
[/b]چائنا ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جا موقعا تمام گھڻا آهن، جن ۾ عام طرح ته چائنا حڪومت طرفان ملندڙ اسڪالرشپ آهي پر ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون اسڪالرشپون آهن جيڪي اتان جي لوڪل گورنمينٽ يا خود يونيورسٽين طرفان به ملن ٿيون، ائين به ٿئي ٿو ته دنيا جي ٻين ملڪن يا ادارن طرفان به اسڪالرشپون دنيا جي مختلف ملڪن جي ادارن ۾ پڙهڻ لاءِ آفر ٿين ٿيون جيڪي به چائنا ۾ به ڏنيون وڃن ٿيون. اهي سموريون اسڪالرشپون هن ريت آهن، چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپس، ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ اسڪالرشپون ، چائنيز لوڪل گورنمينٽ اسڪالرشپون ، فارين گورنمينٽ اسڪالرشپون ، فارين انسٽيٽيوٽس اسڪالرشپون جيئن TWAS ، يونائٽيڊ نيشن اسڪالرشپون، ڪلچرل اسڪالرشپون، يونيورسٽي اسڪالرشپون، انٽرپرائيز اسڪالرشپون وغيره. انهن مان هتي سڀ کان وڌيڪ ملندڙ ۽ اهم اسڪالرشپ چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپ جو تفصيل ڏجي ٿو.

[b]چائنيز گورنمينٽ اسڪالرشپون
[/b] Chinese Government Scholarships
هيءُ پروگرام، چائنا حڪومت جي تعليم واري وزارت جي زير نگراني سڄي دنيا جي ملڪن جي هونهار شاگردن، استادن ۽ ريسرچ لاءِ ميسر ڪيو ويو آهي، ته جيئن چائنا ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ باهمي تعلقات سميت علم ۽ کوجنا ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪري سگھجي، ۽ چائنا جي تعليمي ادارن کي دنيا جي ٻين تعليمي ادارن سان گڏيل سهڪار طور سائنسي ۽ سماجي علم بابت گڏيل کوجنا ڪري سگهجي. هن وقت تعليم واري وزارت چائنا جي 279 تعليمي ادارن کي هن اسڪيم تحت داخلائون ڏيڻ جو پابند ڪيو آهي، جيڪي سائنس ، انجنيئرنگ، زراعت، ميڊيسن، اقتصاديات، قانون، تعليم، مينجيمينٽ، تاريخ، ادب، فلاسافي ۽ فائن آرٽس جي شعبن ۾ داخلا ڏين ٿا.
هن پروگرام مطابق ملندڙ اسڪالرشپن کي هن ريت ورهايو ويو آهي: گڏيل پروگرام Bilateral Program هن مطابق انهن ملڪن يا يونيورسٽين يا خود مختيار ادارن جي شاگردن کي فل يا پارشل اسڪالرشپ آفر ڪئي وڃي ٿي جن سان چائنا جي تعليم واري وزارت جو گڏيل سهڪار تحت ايڪسچينج پروگرام تحت معاهدو ٿيل آهي. ان لاءِ مقرر ڪيل ايجنسي يا اداري کي درخواست موڪلڻ گھرجي. هي اسڪالرشپ ئي CSC پروگرام تحت آهي ۽ نهايت جهجهي تعداد ۾ اسڪالرشپون ميسر آهن.
ان کان علاوه چائنيز يونيورسٽي پروگرام Chinese university program تحت چائنا جي مختلف طئي ٿيل يونيورسٽين يا ڪجهه خودمختيار علائقن ۾ موجود يونيورسٽيِن ۾ داخلا لاءِ فل اسڪالرشپ مقرر آهي، جنهن موجب، دنيا مان بهترين رڪارڊ رکندڙ شاگردن کي داخلائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان لاءِ درخواست صرف مقرر ڪيل يونيورسٽين ڏانهن ئي موڪلڻ گھرجي.
Great wall اسڪالرشپ پروگرام: هيءُ پروگرام يونيسڪو طرفان سينيئر اسڪالرس لاءِ يا جنرل اسڪالرس لاءِ آهي، جنهن جي فنڊنگ يونيسڪو ڪري ٿي، هن لاءِ درخواست به يونيسڪو جي لوڪل ملڪ ۾ موجود ڪميشن آفيس کي ڏيڻ گھرجي. ان کان علاوه ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن WMO طرفان چائنا ۾ ميٽرولاجي، هائڊرولاجي ۽ واٽر ريسورسس سپرويزن ۽ مينجمينٽ تي تحقيق ۽ ڊگري لاءِ اسڪالرشپ ميسر ڪئي وئي آهي، جنهن لاٰءِ درخواست به WMO وارن کي سڌي طرح ڏيڻ گهرجي.

[b]چائنا ۾ ڊگري پروگرامن جو وقت هن طرح آهي:
[/b]انڊر گريجوئيٽ ڊگري 4 کان 5 سال پر بنيادي چائنيز ٻولي به الڳ سان پڙهڻي پوي ٿي، جنهن جو مدو هڪ کان ٻه سال آهي، جنهن ڪري ٽوٽل وقت نارمل 4 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 7 سال به لڳي سگھي ٿو. ائين وري ماسٽرس ڊگري پروگرام جو مقرر وقت 2 کان 3 سال آهي پر ان کان علاوه ٻولي پڙهڻ لاءِ 1 کان 2 سال مقرر آهن، جنهن ڪري ماسٽرس ڪرڻ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 2 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 5 سال به لڳي سگھن ٿا. اهڙي طرح ڊاڪٽرل يعني پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ مقرر وقت 3 کان 4 سال آهي، پر چائنيز ٻوليءَ ۾ پڙهڻ لاءِ سال کان 2 سال لڳي سگھن ٿا جنهن ڪري پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جو ٽوٽل وقت 3 کان 6 سال آهي، باقي مختلف مخصوص ڪورسن يا اسپيشلائزيشن يا پوسٽ ڊاڪٽريٽ جو وڌ ۾ وڌ مقرر ٽائيم هڪ سال آهي. جنهن کان علاوه چيني ٻولي سکڻ لاءِ مقرر وقت الڳ آهي. ائين به آهي ته پي ايڇ. ڊي ڊگري لاءِ اڪثر ٻاهران آيل شاگردن کي انگريزيءَ ۾ ٿيسز لکڻي هوندي آهي، جنهن ڪري ڪجهه شاگرد چائنيز ٻولي جي آپشن کي سليڪٽ نه ٿا ڪن، پوءِ ڏکيو سکيو وقت چائنا ۾ ڪڍي به وڃن ٿا.

[b]چيني ٻولي:
[/b]چيني ٻولي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چيني ماڻهن جي آبادي هجڻ ڪري دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي، اتي بغير چائنيز ٻولي اچڻ جي، چائنا ۾ رهڻ تمام ڏکيائيون پيدا ڪري سگھي ٿو. سياڻپ ان ۾ آهي ته چائنيز ٻولي ضررو سکجي، اهڙي ملڪ ۾ جتي پروفيسرن جي انگريزي به انڌي منڊي هجي، اتي باقي عام ماڻهن جي ڪهڙي انگريزي هوندي، تنهنڪري 3 کان 4 سال گذارڻ بغير مقامي ٻولي اچڻ جي ائين ئي هوندو ڄڻ ماڻهو بيمار هجي ۽ کيس هر شيءِ کائڻ کان ڪِرِي هجي. ڪنهن به ملڪ ۾ جتي ڪا ٻاهرين ٻولي عام طرح سمجهي نه وڃي اتي جي ٻولي سکڻ بغير گذارڻ تمام ڏکيو آهي. آءٌجڏهن چائنا ۾ هئس ته پهرين انٽرنيٽ تان يونيورسٽي يا اسپتال يا ڪنهن به گھمڻ واري جڳهه جو نالو ۽ ڪجهه تصويرون ڊائونلوڊ ڪري رکندو هيس جيڪي موبائيل اسڪرين سامهون ڪري ٽيڪسي ڊرائيور يا وري ڪنهن ماڻهو کان ان بابت پڇا ڪري وٺندو هيس. البته ائين به ٿئي ٿو ته جي ڪو سينيئر سنڌي دوست ان يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي ته ڪافي آساني ٿي سگھي ٿي پر بشرطيڪ اهو پهرين سڃاڻو هجي يا چڱو ماڻهو هجي نه ته ڪنهن تي پوري طرح ڀاڙڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪري سگھي ٿو.
آءٌ چائنا ۾ هيس ته بيجنگ ۾ به ٽيڪسي وارو ايئرپورٽ به نه سمجهيو، نيٺ کيس هٿ سان جهاز اڏائڻ وارو اشارو ڪيو تڏهن وڃي سمجهيو ۽ اسان کي ايئرپورٽ وٺي ويو، اها ٻي ڳالهه آهي ته ايئرپورٽ 3 بجاءِ 1 تي ڇڏيائين، جتان اسان وري بس تي چڙهي ايئرپورٽ 1 تي پهتاسين. ائين وري ديوار چين گھمي واپس اچڻ مهل به بس ملڻ مسئلو ٿيو جو بيجنگ وڃڻ واري بس جو اسٽاپ ڪير به نه پئي ٻڌائي سگھيو، نه وري ديوار چين ڏانهن وڃڻ وارو رستو جتان ٽڪيٽ به ملي سگھي، اتي وڃڻ لاءِ به چيني ڪونه پئي ٻڌائي سگهيا. نيٺ اسان جي مدد ٻن انگريز عورتن ڪئي، جيڪي ديوار چين گھمي واپس پئي آيون، جن اسان کي سونهون ڪيو. سو چائنا ۾ چائنيز ٻولي نه اچڻ سان گھڻيون ڏکيائون ٿين ٿيون، ويتر وري بيچلر ڊگري پروگرام ته آهي ئي چائنيز ٻوليءَ ۾، جنهن ڪري چائنيز ٻوليءَ ۾ داخلا وٺڻ ڪمپلسري آهي. اهو ڪورس پاس ڪرڻ کا ن پوءِ ئي شاگرد پنهنجي ميجر ڪورس ۾ رجسٽر ٿي سگھي ٿو، باقي ماسٽرس ۾ ڪافي ڊگري پروگرام انگريزيءَ ۾ به آفر ڪن ٿا، پر ٿئي ائين ٿو ته پروفيسر، ليڪچر وري به چائنيز ٻوليءَ ۾ ڏين ٿا جنهنڪري وري بين الاقوامي شاگرد سان مارڪن ۾ خيال ڪن ۽ سبجيڪٽ پاس ڪري ڇڏين پر ان هوندي به چوندا ته ريسرچ پيپر ڪوشش ڪيو ته ڪڍي ڏيو يا اسائنمينٽ وغيره انگريزيءَ ۾ ٺهرائيندا. ائين وري پي ايڇ ڊي ۾ به شروع واري سيمسٽر ۾ ڪجهه ڪورس ڪرڻا پون ٿا اهي به گھڻي ڀاڱي پروفيسرن چائنيز ۾ پڙهائين يا ڪجهه انگريزي به ڳالهائين پر وري به بين الاقوامي شاگرد کي ڏکيائي نه ٿئي ڪجهه سهوليت ضرور ڏين ان لاءِ پريزنٽيشن ، اسائنمينٽ يا وري ريسرچ پيپر تي ڪم ڪرائين ، پر ڪجهه استاد محنت وڌيڪ ڪرائي وڃن ۽ الڳ سان ٽائيم به ڏين ٿا. جيئن ته چائنيز ٻوليءَ جو ڪورس به منظور ٿيل هوندو آهي، اهو ڪري پوءِ ئي ڪورس ۾ رجسٽر ٿين ان کان پوءِ ليڪچر سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو ۽ آساني سان ڪري وڃن ٿا. چائنا جي يونيورسٽين جون اڪثر ويب پورٽل چائنيز ۾ ٿين، ان ڪري اتي وڃي رجسٽر ٿيڻ وغيره ۾ به انگريزي بجاءِ چائنيز جي ضرورت پوي ٿي. ان ڪري بهتر آهي ته چائنز جو ڪورس ماڻهو شروع واري ڇهن مهينن يا سال ۾ ڪري ڇڏي، جنهن سان زندگي آسان ٿي ويندي، نه ته ڏکيائي ٿي سگھي ٿي. بحرحال ڪجهه انگلش ۾ سيکاريا ويندڙ پروگرام آهن ۽ ڪجهه بلڪل چائنيز ۾.

[b]داخلا وٺڻ جو طريقيڪار:
[/b]داخلا وٺڻ لاءِ سڀ کان پهرين هن پيج تي وڃي رجسٽر ٿجي http://studyinchina.csc.edu.cn/#/login پوءِ آن لائين داخلا فارم ڀرجي جيڪو پرنٽ ڪري پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام لاءِ http://www.csc.edu.cn/laihua هن لنڪ تي وڃي تفصيل سان پڙهندا ته ڪمپيوٽر اسڪرين تي توهان جي کاٻي اک جي سامهون هڪ هيڊنگ نظر ايندي Application online for International Students ان تي وڃي ڪلڪ ڪبو ته آن لائين اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجهه هدايتون لکيل هونديون، ان ۾ اسڪالرشپ ڪيٽيگري B جو تفصيل پڙهندا ته اها چائنا گورنمينٽ اسڪالرشپ جي باري ۾ هوندي، جتي يونيورسٽين ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ايجنسي نمبر ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هوندي ، اهو ايجنسي نمبر ان يونيورسٽي جو هوندو آهي جتي توهان داخلا لاءِ چوائس ڏيندا. هڪ درخواست ۾ ڪن به ٽن يونيورسٽين جي چوائس رکي سگھجي ٿي ۽ انهن ٽن يونيورسٽين جا الڳ الڳ ايجنسي نمبر ٿين ٿا جيڪي هر چوائس سامهون لکڻ گھرجن. ان ۾ ان پيچ جي آخر ۾ Next جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان آن لائين رجسٽريشن فارم کُلي اچي ٿو، جنهن تي پهرين رجسٽر ٿي، پنهنجو اڪائونٽ ٺاهڻو آهي ۽ پوءِ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ تفصيل ڏيڻا پون ٿا. وري به سڀ مرحلا هيٺ ترتيب سان ڏجن ٿا.
سڀ کان پهرين اهم ڳالهه اسڪالرشپ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي وڃي اپلاءِ ڪرڻ کان پهرين سمورا ڊاڪومينٽ اسڪين ڪري رکجن ته جيئن گھربل سمورا ڪاغذ اپلوڊ ڪري سگھجن جو اپلاءِ ڪرڻ وقت اهي ڊاڪومينٽ اٽيچ ڪرڻا ٿا پون. اهي گھربل ڪاغذ هن ريت آهن
تصوير، پاسپورٽ، بيچلر ۽ ماسٽرس ڊگري، ٽرانسڪرپٽ، ريفرنس ليٽر ڪن به ٻن پروفيسرن کان، سي وي، ريسرچ پروپوزل پوءِ جيترو سٺو ايترو بهتر پر گھٽ ۾ گھٽ هڪ پيج جو ضرور هجي، سي وي ۽ پروپوزل لاءِ الڳ سان ڏنل تفصيل وري پڙهو، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جنهن جو فارميٽ به ويب سائيٽ تي پيل آهي ان ۾ ئي رپورٽ ۽ سائن ڪرائبي ميڊيڪل ڊاڪٽر کان . ان کان علاوه انگريزي اچڻ جو سرٽيفڪيٽ. اسان وٽ اڪٽر تعليمي ادارا يا يونيورسٽيون English proficiency certificate ڏيندا آهن، اهو به گھربل هوندو آهي، حالانڪ اڪثر ملڪن ۾ ته انگريزي جو پروفيشنل سرٽيفڪيٽ جيئنIELTS يا TOEFL گھربل هوندو آهي، پر چائنا يا ڪجهه ٻين ملڪن ۾ پهرين ڊگري انگريزي ميڊيم ۾ ڪيل هجي، ته قبول ڪن ٿا. ان لاءِ اسان جون يونيورسٽيون انگريزيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏينديون آهن، جنهن ۾ اهو ئي لکيل هوندو آهي ته هتي پڙهائي ويندڙ ٻولي انگريزي آهي، جنهنڪري اميدوار کي انگريزي ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ اچي ٿي. اهم ڳالهه ته اهي سمورا ڊاڪومينٽ اسڪين ٿيڻ کان پوءِ ان جو هڪ فائيل پي ڊي ايف ۾ ڪري رکجي ۽ جنهن سان اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ وقت لنڪ تي اپلوڊ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. ان سمورن ڊاڪومينٽس کي گڏ رکي فائيل ٺاهڻ کان پوءِ CSC ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿي اپلاءِ ڪجي، گھربل معلومات ڏيڻ دوران توهان کي پهرين کان ڪن به ٽن يونيورسٽين جو ايجنسي نمبر ڌيان ۾ رکڻ گھرجي جو ان سان ئي درخواست کي جاچيو ويندو آهي، ته درخواست ڪهڙي يونيورسٽي لاءِ آهي؟ ان ڪري ايجنسي نمبر جي خبر هجڻ گھرجي. ان کان پوءِ آخر ۾ درخواسٽ فارم پرنٽ ڪرڻ جو آپشن ايندو جڪيو پرنٽ ڪري وري سمورن ڊاڪومينٽس سميت فائيل ٺاهبو. مٿي ٻڌايل سمورا مرحلا ترتيبوار هيٺ ڏجن ٿا.
• CSC ويب سائيٽ تي وڃي رجسٽر ٿيڻ
• آن لائن درخواست فارم ڀرڻ
• سمورا گھربل ڪاغذ، ڦوٽو، ڦاسپورٽ سميت اٽيچ ڪرڻ
• جيڪو اخر ۾ پي ڊي ايف لنڪ ڏيندو، اهو ڊائونلوڊ ڪري پرنٽ ڪرڻ
• هيلٿ فارم ڊائونلوڊ ڪرڻ
• لاڳاپيل يونيورسٽين جن جا توهان تفصيل سي ايس سي لنڪ تي لکي آيا آهيو انهن يونيورسٽين جي ويب سائيٽ تي وڃي درخواست فار۾ آن لائين ڀرڻ يا فارم ڊائونلوڊ ڪري ڀرڻ
• پوءِ سي ايس سي وارو فارم ۽ يونيورسٽي ايڊميشن فارم سميت سمورا تعليمي ڊگري سرٽيفڪيٽ يا مارڪشيٽس جيڪي نوٽُرائيزڊ هجن، جيڪي سيشن ڪورٽ يا سول ڪورٽ سامهون ويٺل اوٿ ڪمشنرن کان ٿين ٿا، جيڪي ڦڪي ٽڪلي ۽ ڪجهه ٺپا هڻي اٽيسٽ ڪري ڏين ٿا. اهي سموريون گھربل شيون گڏائي پاسپورٽ ، ميڊيڪل رپورٽ ۽ ڦوٽن ۽ ٻه ريفرنس ليٽرس (ڪن به ٻن پي ايڇ. ڊي ڪري آيل پروفيسرن کان جيڪي توهان جا استاد رهيا هجن، بيچلر ڊگري ڪرڻ دوران انهن سميت سمورا لاڳاپيل ڪاغذ ، چائنا جي ان يونيورسٽين جتي توهان اپلاءِ ڪيو ان جي انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ايڊمين برانچ واري ايڊريس تي DHL ڪرڻ گھرجن يا جيڪڏهن ڪو دوست انهيءَ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو آهي، ته ان کي هٿو هٿ ڏيو، نه ته وري انهن دوستن ڏانهن به پوسٽ ڪري سگھجي ٿو، باقي يونيورسٽين کي جيڪي توهان واڌو ٻين يونيورسٽين ۾ به داخلا لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي ته انهن ڏانهن اتان لوڪل پوسٽ ڪري ڪافي ڊي ايڇ ايل وارا پيسا بچائي سگھو ٿا.
• سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا مٿي تفصيل ۾ لکيل نه آهي، اها هيءَ آهي ته چائنا جي جن يونيورسٽين ۾ توهان جي پسند جو سبجيڪٽ آهي اتي واري شعبي جي ڪنهن پروفيسر کان ايڪسيپٽنس ليٽر وٺڻ جيڪو هجڻ سان اسڪالرشپ ملڻ جا چانسز ڪافي وڌي وڃن ٿا. ان ايڪسيپٽنس يا رڪمينڊيشن ليٽر وٺڻ لاءِ اميدوار کي درخواست فارم ڏيڻ واري تاريخن کان به پهرين ڪوشش ڪرڻ گھرجي بلڪه سڄي سال ۾ اها ڪوشش جاري ڪندو رهڻ گھرجي جو درخواست ڏيڻ جو وقت ته مخصوص چار يا پنج مهينا آهي پر ڪنهن به پروفيسر کي ڪيڏيءَ مهل به اي ميل ڪري رابطو ڪري سگھجي ٿو. انڪري پنهنجي پسند مطابق جتي يونيورستي يا پروفيسر پنهنجي فيلڊ مطابق هجي، اتي جي پروفيسرن کي اي ميل ڪجي انهن کي پنهجي دلچسپي بابت ۽ پنهنجي مهارت بابت ٻڌائجي ۽ کين چئجي ته هو توهان کي سي ايس سي اسڪالرشپ لاءِ رڪمينڊيشن ليٽر ڏين. ان لاءِ ڀلي گھڻين يونيورسٽين ۾ ڪوشش ڪجي پر جتان به ليٽر ملي، ان يونيورسٽي ۾ ضرور اپلاءِ ڪجي جو پروفيسر جي رڪمينڊيشن ملڻ سان اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا وڌي وڃن ٿا.
• هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي اها به آهي ته چائنيز پروفيسر انگريزيءَ ۾ ڪمزور هجڻ ڪري يا وري تمام گھڻن اي ميلس اچڻ جي ڪري يا وري دلچسپي نه هجڻ جي ڪري، ٿي سگھي ٿو گھڻي ڀاڱي جواب نه ڏين يا نه ۾ ڏين، ته به ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن نه ڪنهن پروفيسر جو جواب ها ۾ به ضرور اچي وڃي ٿو. ان لاءِ ڪجهه انتظار به ڪرڻ گھرجي ۽ ڪنهن به پروفيسر کي رمائنڊر لاءِ ٻي اي ميل جلد نه ڪرڻ گھرجي.
• جي توهان جو ڪو دوست چائنا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي ته اهو ڪنهن به پروفيسر کان رڪمينڊيشن ليٽر وٺڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو، آءٌ جڏهن چائنا ۾ هيس ته ڪافي دوست پنهنجي دوستن لاءِ مختلف پروفيسرن کان ايڪسيپٽنس ليٽر وٺي ايندا هئا، مون کي به ايڪسيپٽنس منهنجي دوست ئي وٺي موڪلي هئي ، اهو چائنا ۾ ڪامن ٽرينڊ آهي ته پروفيسرن وٽ جيڪي پهرين اسٽوڊنٽ پڙهي رهيا آهن ۽ جي انهن جي پنهنجي ڪارڪردگي سٺي آهي ۽ پروفيسر انهن مان مطمئن آهي ته ان جي چوڻ تي سندس دوست لاءِ ليٽر ڏيو ڇڏين ٿا. بهرحال ڪنهن به پروفيسر جي ايڪسيپٽنس ملڻ سان اسڪالرشپ ملڻ ڪو سئو سيڪڙو پڪ نه آهي پر اسڪالرشپ ملڻ جا موقعا ضرور وڌي وڃن ٿا. ائين ئي وري جي ڪنهن کي ڪا به ايڪسيپسٽن نه ملي آهي، ته به ان کي اسڪالرشپ ملڻ جو آسرو ضرور آهي جي ڪافي دوستن جون ائين به اسڪالرشپون منظور ٿي آيون آهن، جو انهن وٽ ڪنهن به پروفيسر طرفان ليٽر ته نه هو پر انهن جي درخواست تي سي ايس سي وارن اسڪالرشپ منظور ڪئي.
• اهم ڳالهه ته داخلا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ جڏهن پوسٽ وسيلي داخلا فارم ملي وڃي ته پوءِ اڳيون مرحلو ويزا لڳرائڻ جو آهي پنهنجي ملڪ ۾ موجوڊ چائنا سفارتخاني مان ، جنهن لاءِ به پوليس ڪليئرنس رپورٽ ۽ ميڊيڪل سرٽيفيڪيٽ گھربل هوندا آهن.
چين جي تعليمي ادارن جي رينڪنگ
سال 2018ع جي QS Asia ranking مطاابق ايشيا جي 400 بهترين يونيورسٽين مان 103 چائنا جون يونيورسٽيون آهن جن مان ٽاپ ٽين ۾ 3 ۽ ٽاپ 100 ۾ 23 يونيورسٽيون چائنا جون آهن. 100 کان 200 جي وچ واري ڪيٽيگري ۾ به وڌيڪ 23 يونيورسٽيون شامل آهين. باقي سڀ 200 کان 400 جي وچ ۾ آهن.
اهڙي طرح ڏسجي ته چائنا نه صرف آبادي ۾ پر تعليم ۾ به باقي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ معياري تعليمي نظام رکي ٿو، جو ان ملڪ جون سڀ کان وڌيڪ يونيورسٽيون ٽاپ 400 ۾ شامل آهن .ان کان علاوه جي تائيوان ، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو جيڪي به چائنا جو حصو آهن، جي انهن جون يونيورسٽيون ملائجن ته تعداد 147 ٿي وڃي ٿو جيڪو پوري ايشيا جو 37 سيڪڙو ٿئي ٿو. ان حساب سان ڏسجي ته چائنا يا ان جون آزاد ۽ خومختيار رياستون به تعليمي معيار جي حوالي سان ڪافي اڳتي آهن.
چائنا جون بهترين ٽاپ 100 ۾ ايندڙ يونيورسٽيون هن ريت آهن Tsinghua University نمبر هڪ ، Fudan University نمبر ٻه ، Peking University نمبر ٽئين، Zhejiang University نمبر چار. هيءَ اها يونيورسٽي آهي جتي چائنا جي وزيرن جي پوري ڪابينا جي بشمول وزيراعظم ۽ صدر جي، ڪجهه عرصي لاءِ ٽريننگ ٿئي ٿي يا ائين کڻي چئجي ته سندن وزارت جي ذميواري مطابق کين انهن جي رهنمائي لاءِ ڪجهه پروفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرائي وڃي ٿي ۽ تعليمي ماهر پروفيسرن سان به ملڪي پاليسي تي به ڳالهايو ۽ بحث ڪيو وڃي ٿو، ان کان علاوه Shanghai Jiao Tong University نمبر پنج ، University of Science and Technology of China نمبر ڇهه، Nanjing University نمبر ست ، Wuhan University نمبر اَٺَ، Sun Yat-sen University نمبر نَوَ ۽ Beijing Normal University ڏهين نمبر تي يونيورسٽي آهي، Tongji University نمبر يارنهن، Xi’an Jiaotong University نمبر ٻارنهن، Nankai University نمبر تيرنهن ، Harbin Institute of Technology نمبر چوڏهن تي ,۽ Renmin (People's) University of China نمبر پندرنهن تي آهي. Shanghai University سورنهن نمبر تي، Beijing Institute of Technology سترنهن نمبر تي، Tianjin University ارڙنهن نمبر تي، Xiamen University اڻويهه نمبر تي، Huazhong University of Science and Technology ويهه نمبر تي، Beihang University (former BUAA) ايڪويهه نمبر تي، East China Normal University ٻاويهه نمبر تي، Jilin University ٽيويهه نمبر تي آهن.
هيءَ ترتيب چائنا جي حوالي سان نمبر وار ڏني وئي آهي، نه ته ايشيا يونيورسٽين جي ريڪنگ ۾ اهي سموريون يونيورستيون ٽاپ 100 ۾ شامل آهن جيڪي ترتيب وار 6،7،9،21،22،23،26،42،45،52،53،55،61،63،73،74،76،80،81،83،84،89،94 تي آهن.
چائنا ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد
چائنا ۾ پڙهي آيل دوستن سان ڪچهريءَ دوران هڪ محتاط اندازي مطابق چئي سگھجي ٿو ته چائنا ۾ هيئنر 500 جي لڳ ڀڳ سنڌي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن جن ۾ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۽ جنرل شعبن ۾ بيچلر ڊگري کان علاوه ماسٽر، پي ايڇ. ڊي پروگرامن ۾ پڙهندر شاگرد شامل آهن، جن جو چڱو خاصو تعداد آهي ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ پروگرام ۾ به ڪافي سارا شاگرد آهن.

[b]چائنا ۾ سنڌي استاد
[/b]چائنا جي جنان يونيورسٽي ۾ هن وقت هڪ سنڌي پروفيسر سائين شبير محسن هاشمي به آهي جيڪو دادو ضلعي جي ننڍڙي شهر ڪڪڙ جو آهي، هن جو شمار چائنا جي ٽاپ A ڪيٽيگري جو پروفيسرن ۾ ٿئي ٿو. سائين جو شعبو اڪانامڪس ۽ فنائنس آهي.
Ocean University of China
هن کي چائنيز ۾ هيانگ تاشوي به چيو وڃي ٿو.
هن يونيورسٽي ۾ آءٌ پڙهي آيو آهيان، ان ڪري هن يونيورسٽي بابت احوال خصوساَ شامل ڪريان پيو، هيءَ يونيورسٽي چائنا ۾ ميرين سائنس ، انوائرنمينٽ ۽ بايولاجيڪل سائنسز جي حوالي سان وڌيڪ بهتر سمجهي وڃي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ ان وقت 2013ع کان 2014ع ۾ عبدالنبي ميرجت ، سليم چانگ، شهمير، ڪرن شيخ، رابعا کوکر، شفيق ڪانڌڙو ، عامر ميمڻ ، خادم ميمڻ ، ڪلهوڙو، جن مان هينئر ته ڪافي پي ايڇ ڊي ڪري واپس به اچي ويا آهن. انهن ٻڌايو ته هتان پهرين شير خان جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ فوزيا سيال جيڪا شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهي آهي، ۽ ڪجهه ٻيا سنڌي شاگرد پڙهي ويا آهن ، هاڻي به چار کان پنج سنڌي شاگرد هن يونيورسٽِي ۾ پڙهي رهيا آهن. هي يونيورسٽِي چائنا جي شهر چندائو Qindao ۾ آهي جيڪو چائنا جي صوبي شنتونگ Shandong جو جنان شهر کان پوءِ وڏو شهر آهي. هيءُ صوبو ئي عظيم داناءَ ڪنفيوشس جي جنم ڀومي آهي، جيڪو جنان شهر کان ڪجهه سئو جي ڪلوميٽر تي شهر ڪيفو Qufu جو هيو، جتي اڄ به سندس ۽ سندس خاندان جي حوالي سان پوري تاريخي سائيٽ محفوظ آهي ۽ سڄي دنيا جا ماڻهو اتي سياحت تي اچن ٿا.
ان کان علاوه هن صوبي ۾ مائونٽ تائيشان يا مائونٽ تائي جي حوالي سان به هڪ تائوزم جو مقدس مقام آهي، جتي هر چائنيز تقريباَ وڃڻ چاهيندو آهي. هن ئي پهاڙ تي چڙهندي اسان جي سنڌ يونيورسٽي جو دوست ليڪچرار سکيو مل گھڻي ٿڌ لڳڻ ڪري دل جو دورو پوڻ يا دماغ جي رڳن جي نقصان ٿيڻ ڪري ديهانت ڪري وي. هي جڳهه عام چيني ماڻهن لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ عمرو ڪرڻ، هن پهاڙ تي چڙهڻ لاءِ تقريباَ 6 هزار کان به مٿي ڏاڪا آهن ۽ عقيدت يا مهم جوئي جي چڪر ۾ ماڻهو پنڌ چڙهن ٿا، جيڪو سفر آهستي آهستي ساهي پٽيندو چڙهڻ سان به 5 کان 8 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. دل جي مريضن يا ڪمزور صحت ۽ سگريٽ وغيره پيئندڙ ماڻهن کي سختيءَ سان چڙهڻ جي منع آهي، پر پوءِ به ساليانو 5 کان 10 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا، سنڌي شاگرد جيڪي چائنا وڃن ٿا، انهن کي ان قسم جي مهم جوئي کان پاسيرو رهڻ گھرجي ته سٺو. اسان سرڳواسي سکيو مل جي ان بي مهلي سرڳواس ٿيڻ تي ڏاڍي صدمي ۾ رهياسين، الله سائين، مرحوم آسيس بخشي. هي شهر جنان تان ئي شايد چائنا جي موٽرسيائيڪل جنان آهي، باقي چندائو چائنا جي خوبصورٽ شهرن مان هڪ آهي جتي چائنا جو تمام وڏو پورٽ به آهي ، ان شهر جي سمنڊ پار ٻئي پاسي سائوٿ ڪوريا جو ملڪ آهي، چندائون ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ به ڪافي ڀارتي ۽ پاڪستاني پشتون پاسي جا شاگرد ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. ان کان علاوه هن شهر ۾ پنجاب جي شاگردن جي به اڪثريت هئي جيڪي انجنيئرنگ ڊگري ڪري رهيا هئا. هن ئي شهر ۾ ڪجهه پنجابي شاگردن جون چائنيز عورتن سان شاديون به ٿيل هيون، اسان جي هڪ بيحد پر خلوص دوست وسيم صاحب سان ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيو، جيڪو اتي ڪاروبار جي حوالي سان ڪافي سالن کان رهيل هو. تقريباَ 10 سالن کان. جيڪو هر جمعي تي نماز کان پوءِ شاگردن جي هاسٽل تي ايندو هئو، تقريباَ سڀ ڀارتي ۽ پاڪستاني سندس تمام گھڻي عزت ڪندا هئا ، سنڀيءَ کي اويل سويل ڪم اچڻ وارو ماڻهو، رهنمائي ڪرڻ وارو ماڻهو هو ، سمورين گڏجاڻين ۽ راندين جو روح ان ۾ هو نه ته ڪافي ڀيرا مختلف علائقن جا شاگردن جا پاڻ ۾ اختلاف به هوندا هئا، پر هن جي اچڻ ڪري ماني گڏجي تيار ٿيندي هئي ۽ سڀ گڏجي ويهندا هيا. بهرحال چندائو وڃڻ لاءِ ڪراچي مان چائنيز ايئر لائين جي جهاز ۾ وڃبو آهي، جيڪو پهرين چائنا جي صوبي سيچئان جي شهر چيندو ۾ اسٽاپ ڪندو هو، جيڪو سفر تقريباَ پنجن کان ڇهن ڪلاڪ جو آهي، هتي ئي چائنا اميگريشن جون فارملٽيز ٿينديون هيون. ان کان پوءِ جي فلائيٽ وايا بيجنگ. آهي ته ساڳي ئي جهاز ۾ بيجنگ ڏانهن سفر، جيڪو سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن جو هو، پوءِ بيجنگ ائيرپورٽ کان ٻي فلائيٽ ۾ چندائو وڃبو جيڪو سفر وري تقريباَ سوا ڪلاڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ جو آهي، پر ائين به آهي ته بيجنگ وڃڻ بجاءِ چيندو کان ڊائريڪٽ فلائيٽ چندائو جي هجي ته تقريباَ ساڍا ٽي ڪلاڪن جو سفر آهي، جتان ايئرپورٽ کا ٽيڪسي سئو يوئان وٺي ڪلاڪ سوا جي سفر کان پوءِ يونيورسٽِي پهچائي ٿي. پر ٻيو طريقو اهو به آهي ته بيجنگ کان پوءِ چندائو فاسٽ ٽرين ۾ وڃجي ته به تقريباَ 1200 ڪلوميٽر جو هي سفر به ٽي کان ساڍا ٽي ڪلاڪ ۾ بلٽ ٽرين طئي ڪري ٿي ۽ ماڻهو چندائو ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٽيڪسي ڪري 10 يوئان ۾ يونيورسٽي پهچي سگھي ٿو . پر يونيورسٽي جا ٽي ڪيمپس آهن هن ئي شهر ۾ هڪ تائوشان ، فيوشان ۽ لوشان ، تائوشان هن ٽرين اسٽيشن ڀرسان آهي، جتي ميرين ، بايولاجي ۽ اوشنوگرافي انوائرنميٽ وغيره سان رليٽيڊ شعبا آهن پر انجينيرنگ جا شعبا لائوشان ڪيمپس ۾ آهن جيڪو وري هتان ٽيڪسي ذريعي هڪ ڪلاڪ جو سفر آهي جنهن لاءِ ٽيڪسي تقريباَ 70 کان 100 جي قريب يوئان وٺي سگھي ٿي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته هنن ٻنهي ڪيمپسس جي وچ تي ٺهيل ڪيمپس فيوشان آهي، جتي بين الاقوامي شاگردن جي رهنمائي لاءِ آفيسون آهن جن جو ڪم ويزا ۽ رهائش وغيره ڏيڻ کان ويندي داخلا جي سمورن مرحلن ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ماڻهو ڏينهن جو پهچي ته سڌو اتي وڃي يا ان ڪيمپس، جنهن ۾ داخلا ٿي هجي. ان ۾ وڃي رهائش لاءِ هاسٽلن واري ڪائونٽر تي پنهنجو داخلا فارم ڏيکاري ڪمرو وٺڻ جي ڪوشش ڪري . آفيس جي ٽائيم کان بعد ۾ به هي مدد ڪندا آهن پر آفيس ٽائيم ۾ ڪوشش ڪري ان آفيس وڃجي، جتي اچڻ لاءِ آفر ليٽر تي رڪمينڊيشن هجي. باقي ان شهر يا يونيورسٽي ۾ ڪو به دوست هجي ته سڌو ان وٽ وڃڻ سان ڪافي پريشانين يا خفن کان بچي سگھجي ٿو.