تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

سنگاپور ۾ اعليٰ تعليمي ادارا ۽ موقعا

سنگاپور صرف 721.5 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي مشتمل هڪ ننڍو ٻيت نما ملڪ آهي. سڄي ملڪ جي ايراضي، سنڌ جي ضلعي مٽياري جيتر ٿيندي، پر هن وقت دنيا جون بهترين يونيورسٽيون سنگاپور ۾ آهن. عالمي سطح تي سنگاپور جون ٻه يونيورسٽيون يارهين ۽ ٻارهين نمبر تي آهن ۽ ايشيا ۾ پهرين ۽ ٻئي نمبر تي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ملڪ سنگاپور جو آهي ۽ تقريبن دنيا جي 150 جي قريب ملڪن ۾ هن ملڪ جي شهرين کي پهچڻ شرط ويزا ڏني وڃي ٿي. سائنس، ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ۽ سروسز ۾ هي ملڪ دنيا ۾ تمام وڏو نالو رکي ٿو. هن ننڍڙي ملڪ ۾ ڪيترن ئي نسلن ۽ مذهبن جا ماڻهو امن امان سان رهيا پيا آهن. ڪنهن زماني ۾ هي ننڍو ملڪ،مڇي ماري گذر سفر ڪندڙ ماڻهن جو ملڪ هو، پر اڄ هڪ خوبصورت ۽ عظيم ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي دنيا ڀر جا سياح گھمڻ ۽ شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا. سنگاپور ۾ موجود مختلف تعليمي ادارن جي باري ۾ تفصيل ڏجي ٿو.

[b]جونيئر ڪاليجز ۽ ملينيا انسٽيٽيوٽس
[/b]جونيئر ڪاليجز ٽن قسمن جي تعليم ڏين ٿا. زندگي گذارڻ جي فن ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي فن سان گڏوگڏ مختلف مضمونن ۾ ڄاڻ ڏيڻ. هن ۾ سينگاپور ڪيمبرج A سطح جو نصاب شامل آهي. اصل ۾ هن قسم جي ڪاليجن ۾ شاگردن جو سندن پسند جي مضمون مطابق بنياد ٺاهڻ آهي ته جيئن هو اعليٰ تعليم لاءِ بهتر ۽ پنهنجي پسند مطابق فيلڊ منتخب ڪن ۽ گڏوگڏ کين زندگي ۽ ڄاڻ جي اهميت ۽ سندن جي ذميوارين کان به واقف ڪرايو وڃي.
جيئنlife skills ۾ ڪو ڪريڪيولر ايڪٽوٽز Extra-Curricular Activities، انساني اخلاق ۽ ذميوار شهري character & citizenship education هجڻ جي باري ۾ آگاهي, ان ۾ سائبر وَيلِنيس ۽ ڪيئريئر گائيڊنس جي ڄاڻ به شامل آهي، عملي قدر values in action، ۽ جسماني تعليم Physical Education بابت سکيا شامل آهي. ائين وري Knowledge skills ۾ ڄاڻ ۽ کوجنا، پراجيڪٽ ورڪ، ۽ جنرل پيپر شامل آهن.
انهن ٻن اهم قسمن کان علاوه Subject Discipline ۾ ٻولي جنهن ۾ ٽن مادري ٻولين سان گڏ انگريزي ٻولي، فرينچ ، جپانيز وغيره مئٿميٽڪس ۽ سائنس جن ۾ بايولاجي، ڪيمسٽري، فزڪس ۽ ڪمپيوٽر شامل آهن. هيومنٽيز ۽ آرٽس جا مضمون شامل آهن ، جن ۾ ، ٻوليون، لٽريچر، اڪانامڪس، ميوزڪ ، ڊراما ، ٿيٽر، جاگرافي، ۽ هسٽري وِغيره به اچي وڃن ٿا. هر شاگرد کي پنهنجي پسند مطابق سبجيڪٽ جي چونڊ ڪرڻ سان گڏ لائف اسڪلس ۽ ناليج اسڪلس لازمي پڙهڻا پون ٿا. ائين به آهي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد آرٽس ۾ يا سوشل سائنس ۾ دلچسپي رکي ٿو ته هن اسٽيج تي کيس هڪ يا ٻه سائنس جا سبجيڪٽ به کڻڻا پون ٿا، ته جيئن هو پنهنجي ذهني وسعت ۽ مختلف ڄاڻ جي باري ۾ باخبر هجي، ۽ ان سبجيڪٽن جي اهميت کان به واقف هجي. البته اڳتي هلي يونيورسٽي سطح جي تعليم ۾ کيس پنهنجي پسند جو شعبو ۽ ان سان لاڳاپيل مضمون ئي پڙهڻا پون ٿا. اصل ۾ جونيئر ڪاليج ۾ شاگردن کي مڪمل طرح سان ان قابل بڻايو وڃي ٿو ته هو پنهنجي جسماني ۽ ذهني پيمانن کي سمجهن ۽ وڌ کان وڌ پنهنجو پاڻ کي ايڪسپلور ڪن، ته جيئن هو اڳيان هلي اعليٰ تعليم يعني يونيورسٽي لاءِ مڪمل طرح سان تيار هجن. هي جونيئر ڪاليج دنيا جي حساب سان A LEVEL جي تعيليم ڏين ٿا. اسان وٽ اها ساڳي تعليم، ڪاليج ۾ انٽرميڊئيٽ ٿئي ٿي. پر فرق صاف ظاهر آهي ته اسان وٽ نه ذميوارانه شهري هجڻ جي مشق ٿئي ٿي، نه وري ڪو ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز تي ايترو ڌيان ڏنو ٿو وڃي، نه وري ميوزڪ يا ڊرامن ۽ ٿيٽر تي، نه وري فزيڪل ايجوڪيشن ۽ راندِين تي. اسان وٽ ته پري ميڊيڪل يا انجيئرنگ جي نصاب کي رٽايو ٿو وڃي پر اهو به ڪٿي، اڪثر ڪاليج ته بند ئي رهندا آهن يا جي کليل به آهن ته ڪجهه شاگرد ۽ ڪجهه استاد ريگيولر اچن ٿا باقي اڪثريت شاگردن جي يا ٽيوشن سينترس تي بند ڪمرن ۾ پڙهي يا وري ٻهراڙي جو شاگرد زمينن تي ڪم ڪري ۽ صرف امتحان ۾ ويهڻ اچي. اصل ۾ ڪاليج جي اهميت يونيورسٽي کان به وڌيڪ آهي جتان شاگرد نه صرف ذميوار شهري پر پنهنجي زندگي ۽ لاڳاپيل تعليم جي مقصد کي واضع نموني سان سمجهي نڪري، جتان صحتمند جسم سان گڏ سالم ۽ سوچيندڙ دماغ کڻي يونيورسٽي تائين پهچي پر اسان وٽ الٽو ڪم آهي! ڪاليج ۾ پڙهڻ بجاءِ ٽيوشن سينٽنس تان پڙهي، امتحان ۾ ڪاپي ڪري پاس ٿئي، نه کيس ذميوار شهري ۽ چست نوجوان هجڻ جي تعليم ملي، نه ئي کيس پنهنجو پاڻ کي ماپڻ ۽ جاچڻ جو موقعو ملي! هاڻي جيڪو به آهي، اچي کيس يونيورسٽي ۾ ڪرڻو آهي، اهو ائين ئي آهي جيئن اسان وٽ اڪثر سنڌ ۾ بگڙيل نوجوان لاءِ چوندا آهن، ته شادي ڪرايوس ته سڌري ويندو، سو اسان وٽ به والدين ائين ئي سوچين ٿا ته ڪيئن به ڪري ڪاليج مان پاس ٿي يونيورسٽي پهچي، پوءِ پاڻ ئي پڙهي وٺندو. همراه واقعي به پڙهي نڪري ٿو! پر ڇا پڙهي نڪري ٿو !؟، ان جو اندازو اسان جي اڪثر گريجوئيٽس جي نه صرف بيروزگار هجڻ پر سماج لاءِ هاڃيڪار هجڻ مان اندازو ڪري سگھجي ٿو. ائين به ٿئي ٿو ته ڪافي ڪمزور شاگردن کي يونيورسٽي ۾ هوندي يا يونيورسٽي مان نڪري وڃڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو، پر وري به هو اهو ئي سوچين ٿا ته کين نه ماحول مليو نه موقعو، جيڪا ڳالهه بلڪل صحيح به آهي. اسان جي تعليمي نظام يا معاشري جي بگاڙ جو ذميورا اسان جا حڪمران ئي آهن، انهن کي ئي پاليسيون جوڙڻيون آهن ۽ ان تي عمل ڪرائڻو آهي جيئن سنگاپور سميت سمورا ترقي يا فته ملڪ ڪري رهيا آهن.
جونيئر ڪاليج کان علاوه ملينيا انسٽيٽيوٽس ۾ به A ليول جو سليبس ئي پڙهايو وڃي ٿو، پر بزنس سان لاڳاپيل مضمونن تي جنهن ۾ اڪائونٽنگ، مينجمينٽ ، ليڊر شپ ۽ مارڪيٽنگ تي وڌيڪ ڌيان اٿن، ۽ گڏوگڏ لائيف ۽ ناليج اسڪلس تي. سراسري هڪ ڪلاس ۾ 26 شاگرد هوندا آهن. هر هڪ شاگرد کي هڪ جيترو موقعو ۽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن قسم جي ڪاليجن جو بنياد، دنيا ۾ وڌندڙ اقتصادي چٽاڀيٽيءَ کي ڌيان ۾ رکندي 2004ع ۾ رکيوويو.

[b]پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽس Polytechnics
[/b]پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ به آهن جن ۾ انڊسٽري سان لاڳاپيل شعبن متعلق پڙهايو وڃي ٿو ۽ شاگردن کي انڊسٽري ۾ پريڪٽيڪل ڪرايا وڃن ٿا. هن قسم جا پنج ادارا آهن، جن ۾ 70 هزار کان مٿي شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ 40 کان وڌيڪ مضمون پڙهايا وڃن ٿا. هتان شاگرد نڪري 90 سيڪڙو انڊسٽريءَ ۾ لڳيو وڃن . باقي اعليٰ تعليم لاٰءِ يونيورسٽي ۾ رليٽيڊ سبجيڪٽ ۾ داخلا وٺن ٿا. هن قسم جي پوليٽيڪنيڪل ادارن ۾ داخلا لاءِ O (او) ليول جي سرٽيفڪيٽ يا ايڪيوويلينٽ تعليم هجڻ لازمي آهي.

انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن (ITE)
هن قسم جي انسٽيٽيوٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي وارا شعبا پڙهايا وڃن ٿا. خاص طور ايرواسپيس، ميرين ۽ آفشور ٽيڪنالاجي، انرجي مينيجمينٽ، انوائرنمينٽ، هيلٿ مينيجمينٽ ، پيسٽري، فوڊ ۽ بيوريجز، هوٽل سروس مينجمينٽ، نرسنگ ، پيراميٽرڪ ۽ ايمرجنسي ڪيئر وغيره .

آرٽس انسٽيٽيوشنس، سينگاپور ۾ ٻه خاص آرٽس اسڪول آهن جتي آرٽس سان لاڳاپيل سمورن شعبن ۾ ڊپلوما سان گڌ اعليٰ تعليم يعني ڊگري ڪورس به ڪرايا وڃن ٿا.

[b]يونيورسٽيون
[/b]سنگاپور جون ڇهه سرڪاري يونيورسٽيون اعليٰ تعليم يعني بيچلرس ، ماسٽرس ، پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ پي ايڇ ڊي ڪورسس ڪرائين ٿيون. سينگاپور جون اهي ڇهه گورنمينٽ يونيورسٽيون هن طرح آهن: نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور، ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي، سينگاپور مينيجمينٽ يونيورسٽي، سينگاپور يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ ڊزائين. سينگاپور انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، سينگاپور يونيورسٽي آف سوشل سائنسز.
مٿين 6 يونيورسٽين مان 2 يونيورسٽيون ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سينگاپور ترتيبوار ايشيا جي ٽاپ 400 يونيورسٽين مان پهرين ۽ ٻي نمبر تي آهن، ان حساب سان ڏسجي ته ايشيا ۾ موجود جپان، چائنا، ڪوريا جي ملڪن جي يونيورسٽين کان به وڌيڪ معيار سينگاپور جي تعليمي ادارن جو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه ته ايشيا جي هن نمبر 1 يونيورسٽي ۾ هڪ سنڌي پروفيسر به آهي، جنهن جو نالو محمد يعقوب سيال آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي آف سنڌ جو گريجوئيٽ آهي. ڪاليج آف انجيئرنگ ننيانگ ٽيڪنالاجيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي، سندس ڳاڻيٽُو دنيا جي بهترين پروفيسرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪيل ڪم ۽ لکيل سائنسي مضمون هن وقت تائين تقريباَ 40 هزار دفعا دنيا جي مختلف سائنسدانن ۽ استادن پنهنجي ڪيل ڪم ۾ حوالي طور استعمال ڪيا آهن. هي سنڌين جي سائنسي شعور رکندڙ سوچ جو سڀ کان اعليٰ مثال چئي سگھجي ٿو.

[b]سينگاپور جي تعليمي ادارن ۾ فيس:
[/b]سينگاپور ۾ فيس جتي سينگاپور جي شهرين لاءِ نه هئڻ برابر آهي، اتي بين الاقوامي شاگردن لاءِ تمام گھڻي آهي، جيئن جونيئر ڪاليجز جي فيس سينگاپور جي شهرين لاءِ ته صرف 72 ڊالر آهي پر پرڏيهي شاگردن لاءِ اها 15600 ڊالر آهي. ITE ۾ وري مقامي شاگردن لاءِ صرف 350 کان 590 ڊالر آهي، ته وري پرڏيهي شاگردن لاءِ 12450 ڊالر کان 20360 ڊالر ساليانه آهي. ائين ئي وري پوليٽڪنڪس ۾ لوڪل لاءِ 2700 ڊالر فيس آهي ته انٽرنيشنل لاٰءِ 9600 ڊالر. يونيورسٽيز ۾ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام لاءِ لوڪل شاگردن جي فيس 7810 کان 33700 ڊالر آهي، ته انٽرنيشنل شاگردن لاءِ ساليانه في 17450 ڊالر کان 72100 ڊالر آهي.