تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

ملائشيا جو تعليمي نظام

ملائشيا ۾ اسڪول جي تعليم 4 سال جي عمر کان شروع ٿئي ٿي، جنهن کي پري اسڪول ايجوڪيشن چيو وڃي ٿو، جيڪا ٻه سال تي مشتمل آهي، ان کان پوءِ ئي پرائمري اسڪول جي تعليم شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ ٻار جي عمر 6 سال رکي وئي آهي. هتي پرائمري تعليم 6 سال لاءِ آهي ان کان پوءِ سيڪنڊري تعليم 5 سالن تي مشتمل آهي ، سيڪنڊري جا پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ SPM جو امتحان ٿئي ٿو جيڪو سمجهو اسان جي مئٽرڪ جهڙو امتحان آهي، اهو اڳتي پڙهڻ لاءِ لازمي پاس ڪرڻو آهي، ملائشيا ۾ پرائمري کان سيڪنڊري تائين تعليم نه فقط مفت ۾ آهي پر ٻار کي ناشتو۽ مانجهاندو به ڪرايو وڃي ٿو، ڪتاب ۽ يونيفارم به مهيا ڪيا وڃن ٿا. ان کان پوءِ يعني يارنهين ۽ ٻارنهين جيان هتي جي تعليم ڪمپلسري نه آهي. مئٽرڪ تائين تعليم گورنمينٽ طرفان هتي ضروري تعليم ڪئي ويئي آهي پر ان کان مٿي ٻار جي گريڊ ۽ سندس مٿي ڪلاس ۾ داخلا جو ٿيڻ ۽ سندس طرفان پنهنجي خرچ تي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو انٽرميڊيئيٽ تعليم يا گريجوئيٽ سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ هتي ايڏو مهانگو نه آهي، ۽ ڪيتريون ئي اسڪالرشپون الڳ سان ميسر آهن. جيڪي به هونهار ٻار حاصل ڪري وري گورنمينٽ جي خرچ تي پڙهي سگھن ٿا. SPM جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پري يونيورسٽي ڪواليفڪيشن پروگرام آهي جنهن ۾ کين پڙهي ڪري پاس ڪرڻو پوندو، جيئن اسان وٽ انٽرميڊئيٽ آهي، يا ڪاليج ايجوڪيشن چيو وڃي ٿو ، پر هتي ان کي پري يونيورسٽي پروگرام چيو وڃي ٿو، ان کان پوءِ ئي يونيورسٽي سطح تي ڪنهن اسپيشلائيزڊ فيلڊ ۾ شاگرد وڃن ٿا، هي پروگرام اسان وانگي فڪس ٻن سال جو نه پر هڪ سال کان ٻن سالن جو ٿئي ٿو، جن کي STAM ۽ STPM امتحان چيو وڃي ٿو، STAM کي ميئٽريوڪيوليشن چيو وڃي ٿو، هن ۾ شاگردن کي هڪ سال لڳي ٿو، ۽ ٻئي پروگرام کي STPM ۽ Aليول به چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڏيڍ سال کان ٻه سال لڳيو وڃن ٿا. ان لحاظ سان SPM جي امتحان کان پوءِ ٻار جي عمر تقريباَ 17 سال ٿيو وڃي، ۽ STPM پري يونيورسٽي ڪواليفيڪيشن امتحان کان پوءِ ٻار جي عمر تقريباَ 19 سال ٿيو وڃي ٿي. اهڙي طرح ملائشيا ۾ مڪمل تعليمي سال هيٺينءَ ريت آهن:
 پري اسڪول 2 سال يعني، 4 سال جي عمر کان 5 سال جي عمر تائين.
 پرائمري اسڪولنگ 6 ، سال يعني 6 سال کان 11 سال جي عمر تائين.
 سيڪنڊري ايجوڪيشن 5 سال يعني 12 سال کان 17 سال جي عمر تائين From 1 to Form 5 .
 پوءِ مئٽروڪيوليشن جو امتحان جنهن کي SPM چون ٿا جيڪو اسان جي مئٽرڪ برابر آهي.
 پري يونيورسٽي ايجوڪيشن، جنهن کي STAM ۽ STPM چيو وڄي ٿو، جنهن ۾ 1 کان 2 سال لڳي وڃن يعني 18 سالن جي عمر کان 19 سال. هن کي وري 6 Form به چون ٿا، اهڙي طرح يونيورسٽي يا اعليٰ ڊگري لاءِ فارم 6 جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪرڻ لازمي آهي ڪنهن سٺي سرڪاري يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ.
 هتان جي سيڪنڊري تعليم ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ، لوئر سيڪنڊري يعني اٺين جماعت تائين جنهن کي فارم 3 به چون ۽ اپر سيڪنڊري يعني نائين ۽ ڏهين، جنهن کي فارم 5 چون ٿا، سو فارم 3 پاس ڪرڻ کان پوءِ به چوائس آهي شاگردن وٽ ته اپر سيڪنڊري لاءِ ڪهڙي فيلڊ کي سليڪٽ ڪن ٿا، اڳيان پڙهڻ لاءِ، جنهن ۾ هيٺيان آپشن آهن:
 اڪيڊمڪ سيڪنڊري ايجوڪيشن
 ٽيڪنيڪل سيڪنڊري ايجوڪيشن
 ووڪيشنل سيڪنڊري ايجوڪيشن
 رليجيس سيڪنڊري ايجوڪيشن
انهن مان چوائس مطابق اپر سيڪنڊري جي تعليم حاصل ڪري سگھجي ٿي.
اهڙي طرح پوسٽ سيڪنڊري يعني پري يونيورسٽي تعليم جيڪا 17 سال کان پوءِ شروع ٿئي ٿي ان ۾ به ڪجهه ڪيٽيگريز آهن جن ۾
فارم 6 ۽ STPM آهن جيڪي سال کان ڏيڍ سال جي عرصي جون آهن
مئيٽريڪيوليشن سرٽيفڪيٽ هڪ سال لاءِ آهي،
STAM هي به هڪ سال لاءِ آهي.
ملائشيا ڪيتريون ئي تهذيبون، ثقافتون، مذهب ۽ ٻوليون رکندڙ ملڪ آهي، ان ڪري سڀني ڪميونٽيز جي سهوليتن لاءِ هتي اسڪول سسٽم مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهن، ته جيئن سڀني سان انصاف ۽ ملڪ ۾ هڪجههڙائي وارو نطام هجي ۽ سڀني لاءِ تعليم هڪجهڙي هجي.
سڀني قومن کي نظر ۾ رکندي ملڪ جو تعليمي نظام هن ريت مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايل آهي:
1. گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر (K-G) ڪنڊرگارٽنس اسڪول
2. گورنمينٽ اسڪولس جن کي نيشنل اسڪول به چئجي ٿو
3. گورنمينٽ ائڊيڊ اسڪول يا نيشنل ٽائيپ پرائمري اسڪول
4. پرائيويٽ فنڊيڊ اسڪول
5. انڊپينڊنٽ چائنيز سيڪنڊري اسڪول
6. فارين سسٽم اسڪول

[b]اعليٰ تعليم Higher Education
[/b]هيءَ تعليم 17 کان 19 سالن جي عمر کان پوءِ شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما، بيچلر ڊگري، ماسٽرس ڊگري، ۽ ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون اچي وڃن ٿيون، هن ۾ ٽيچرس ايجوڪيشن به شامل آهي.
اعليٰ تعليم لاءِ ڪيترائي ادارا آهن، جن ۾ پبلڪ يونيورسٽيون، پوليٽيڪنڪ ۽ ڪميونٽي ڪاليج، پبلڪ ڪاليج وغيره شامل آهن. پرائيويٽ يونيورسٽيون، جن ۾ ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين جا ڪئمپس به شامل آهن ته فارين يونيورسٽي برانچ ڪئمپس به.
ملائشيا ۾ بين الا قوامي شاگردن لاءِ هر سطح تي داخلا جي پاليسي جي شروعات 1991ع کان ڪئي وئي آهي.

[b]فنڊس فار هاير ايجوڪيشن:
[/b]
ملائشيا جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ به آسان آهي، فيون ايتريون گھڻيون نه آهن يا وري اڪثر حڪومت طرفان شاگردن لاءِ اسڪالرشپون يا وري مختلف مددي وظيفا ۽ کاڌي پيتي جون ضروري شيون مهيا ڪيون وڃن ٿيون، ان کان علاوه ملائشيا جي شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ قرض به آسانيءَ سان مليو وڃي ٿو.
باقي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ تعليم، پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه مهانگي ته آهي جو جتي شاگردن کي فل فيس ئي ڀرڻي پوي ٿي. بحرحال گورنمينٽ کان قرض يا وظيفو وٺي پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ به داخلا وٺي سگھجي ٿي.
ملائشيا جي حڪومت وٽ هونهار شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪيترائي فنڊ ميسر ڪري ڏنا ويا آهن، جن ۾ هيٺيان ادارا ذ ميوار آهن:
• منسٽري آف هاير ايجوڪيشن اسڪالرشپ ڊويزن
• پبلڪ سروس ڊپارٽمينٽ
• مختلف فائونڊيشنس
• مختلف گورنمينٽ ڪميشنس ۽ ذيلي ادارا
ان کان علاوه پرائيوٽ سيڪٽر جون مختلف بزنس آرگنائيزيشنس ۽ ٽرسٽ طرفان به وقت به وقت اسڪالرشپ انائونس ٿينديون رهن ٿيون يا قرض به ڏين.

[b]بين الاقوامي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون:
[/b]لوڪل شاگردن سان گڏوگڏ، بين الاقوامي شاگردن لاءِ به اسڪالرشپون ۽ مختلف مددي فنڊ به موجود آهن ، ان لاءِ حڪومت ملائشيا طرفان الڳ سان هر سال گورنمينٽ آف ملائيشا اسڪالرشپون انائونس ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه منسٽري آف ايجوڪيشن اسڪالرشپون ۽ مختلف هاير ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽس طرفان به اسڪالرشپون انائونس ڪيون وڃن ٿيون. جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال هن وقت يونيورسٽي ٽيڪنالاجي پئٽروناس آهي، جتي هن وقت 100 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد جن ۾30 کان مٿي سنڌي شاگرد به شامل آهن. اهي سڀ هن يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪري رهيا آهن، جن بابت تفصيلي ذڪر UTP يونيورسٽي جي الڳ باب ۾ ڪيو آهي.
اهڙي ئي طرح هي پرائيويٽ يونيورسٽي آهي ائين ٻيون به پرائيويٽ ۽ گورنمينٽ يونيورسٽيون، گورنمينٽ جي اسڪالرشپس کان الڳ به اسڪالرشپون ڏينديون رهن ٿيون. پر انهن ۾ اڪثر مختلف پروفيسرن وٽ موجود پراجيڪٽ بيسڊ فنڊنگ هوندي آهي، ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن جي سهڪاري تنظيمن جيئن يورپين يونين، آسيان، او. آءِ .سي، ورلڊ بينڪ، يواين ڊي پي يا يواين او يا ايشن بئنڪ يا وري ورلڊ بئينڪ طرفان به ڪي اسڪالرشپون هن خطي جي يا ايشيا جي مختلف ملڪن يا دنيا جي پوئتي پيل ملڪن لاءِ انائونس ڪيون وڃن ٿيون، ته انهن جو ڪجهه حصو ملائشيا جي ملڪ ۾ به پڙهڻ ويندڙ شاگردن لاءِ به ميسر هوندو آهي. اهڙي طرح دنيا جون مختلف اسڪالرشپون وٺي به ملائشيا اچڻ جو موقعو حاصل ڪري سگھجي ٿو.

[b]ميڊيم آف انسٽرڪشن:
[/b]هتي مختلف اسڪول نظام هجڻ ڪري ٻوليون به مختلف آهن، جو هتي نيشنل اسڪولن ۾ ٻولي ”ڀاسا ملايو“ آهي، پر انگلش جو سبجيڪٽ ضروري سبجيڪٽ طور پڙهايو وڃي ٿو،
ان کان علاوه نيشنل ٽائيپ اسڪولس ۾ وري تامل ۽ چائنيز اسڪول هجڻ جي حساب سان پهرين اها ٻولي آهي پر ان سان گڏ ڀاسا ملايو ۽ انگلش ضروري سبجيڪٽ طور پڙهايا وڃن ٿا.
هڪ ڳالهه جيڪا ذڪر جوڳي آهي ته 2003ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم پرائمري کان وٺي سائنس ۽ مئيٿميٽڪس لاءِ انگلش ۾ پڙهائڻ ضروري ڪري ڇڏيو هو، پر 2012ع کان هن وقت جي وزيراعطم اهو فيصلو واپس وٺندي نيشنل اسڪولن ۾ ”ڀاسا ملايو“ ۽ نيشنل ٽائيپ اسڪولن ۾ تامل ۽ چيني ٻولين ۾ هي سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ چيو ويو.

[b]سيڪنڊري اسڪول :
[/b]هن سطح تي به ڀاسا ملائشيا رائج آهي پر انگلش ٻي ٻولي طور رائج آهي، هي ٻئي سبجيڪٽ لازمي ڪيا ويا آهن، تامل، چيني ۽ عربي واڌو مضمون طور آفر ڪيا وڃن ٿا، ان کان علاوه فرينچ ، ڊچ کي آپشنل ٻولين طور شامل ڪيو ويو آهي.

[b]هاير ايجوڪيشن ۾ رائج ٻولي
[/b]گورنمينٽ يونيورسٽين ۾ تقريباَ ڊگري پروگرام انگلش ۽ ملئي ٻنهي ۾ مڪس آهن پر بيچلر ۾ اڪثر پڙهائي ويندڙ زبان ڀاسا ملئي ئي آهي، باقي ماسٽرس ۾ به انگلش پروگرام الڳ آهن جن ۾ بزنس ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جا پروگرام اچي وڃن ٿا، نه ته اڪثر سوشل سائنس ۽ آرٽس مضمونن ۾ هتي ڀاسا ملئي ئي هلي ٿي. حالانڪ ماسٽرس جي ڊگري ۾ ٻين ملڪن جا شاگرد به هوندا آهن جنهنڪري ٻنهي ٻولين ۾ پڙهايو ويندو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ سڀني يونيورسٽين ۾ انگريزي ئي رائج آهي.
ان جي ابتڙ پرائويٽ يونيورسٽين ۾ ڊپلوما کان ويندي بيچلر ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي تائين انگلش آهي.

[b]هاير ايجوڪيشن ڪواليفڪيشن ايجنسي :
[/b]هي ايجنسي ملائشين ڪواليفڪيشن فريم ورڪ کي امپليمينٽ ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي. ، هن لاءِ هيٺيون گھرجون آهن. ڊاڪٽرل ڊگري، ماسٽرس، ريسرچ يا 40 ڪريڊٽ هَورس ڪورس ورڪ، پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما 30 ڪريدٽ هَورس، بيچلر ڊگري 120 ڪريڊٽ هَورس ، گريجوئيٽ ڊپلوما 60 ڪريڊٽ هَورس، گريجوئيٽ سرٽيفڪيٽ 30 ڪريڊٽ هَورس، ايڊوانسڊ ڊپلوما 40 ڪريڊٽ هَورس، ڊپلوما 90 ڪريڊٽ هَورس، سرٽيفڪيٽ 60 ڪريڊٽ هَورس.

[b]اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم :
[/b]ملائشيا ۾ ڪوٽا سسٽم تمام گھڻو پراڻو آهي پر 2002ع ۾ ان کي ختم ڪري ميرٽ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي پر وري به ان سسٽم ۾ ملئي ڀوميپترا (ملئي، ڌرتي ڄاوا) کي وڌيڪ رعايت مليل آهي: خصوصي رعايتون ، پيڪج ، اسڪالرشپون ڏئي کين وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا. ان جي مقابلي ۾ ٻين ڪميونٽيز چائنيز ۽ انڊين لاءِ ايترا گھڻا موقعا نه آهن، سواءِ عام ميرٽ جي. جنهنڪري وڌيڪ گريڊ هجڻ باوجود به ٻيا رهجي وڃن ٿا ۽ ڀوميپترا ڪنهن نه ڪنهن خصوصي رعايت يا پيڪيج جي ڪري يونيورسٽين تائين وڌيڪ تعداد ۾ پهچيو وڃن ٿا.
هتي قانوني طرح سان ڀوميپترا وڌيڪ حقدار آهن، جو انهن کي وڌيڪ شهريت جا حق مليل آهن، هتي ملئي ماڻهن کي سستا گھر، نوڪريون، يونيورسٽين ۾ داخلائون، بزنس لائسنس آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا.
بي بي سي BBC جي رپورٽ 2013ع مطابق هن سال پهرين داخلا سيشن ۾ 41573 سيٽون ميسر هيون جن مان صرف 19 سيڪڙو، چائنيز کي مليون، ۽ صرف 4 سيڪڙو انڊين ڪميونٽي کي، باقي سڀ ملئي شاگردن کي مليون.
ايتري تعداد ۾ ملئي ماڻهن جي وڌيڪ داخلائن جي ڪري ڪجهه ماڻهن جو خاص طور چائنيز ۽ انڊين سياستدانن جو خيال آهي ته هاڻي ته انهن جي نوجوانن کي ڪوٽا سسٽم کان به گھٽ حصو مليو آهي. پر ملئي ماڻهن جو خيال آهي ته سيڪڙو جي حساب سان ته چائنيز ڪميونٽي جي شاگردن جون وڌيڪ داخلائون ٿيون آهن، جيئن 2013ع _2014ع ۾ ڪامياب شاگردن جو سيڪڙو ڏٺو وڃي ته چائنيز شاگردن جي ملندڙ درخواستن مان کين 76 سيڪڙو کي داخلائون مليون آهن ان جي ڀيٽ ۾ ملئي شاگردن جي درخواست ڪندڙن مان ڪل 72 سيڪڙو کي ۽ انڊين ڪميونٽي جي شاگردن جي 69 سڪڙو کي داخلائون مليون آهن. سو ان حساب سان ڏٺو وڃي ته وري به چائنيز کي وڌيڪ داخلائون مليون آهن جڏهن ته انڊين به ملئي شاگردن جي تقريباَ برابر ئي آهن پوءِ دانهون ڇا لاءِ ڪيون پيون وڃن. ان ۾ڪهڙي ناانصافي ٿي آهي. پر انڊين ۽ چائنيز ڪميونٽي جو خيال آهي ته سسٽم ۽ اصولن ۾ ضرور فرق رکيو ويو آهي، جنهنڪري ملئي گھٽ سيڪڙو رکندڙ شاگرد کي فائدو رسي ٿو ۽ چائنيز سڀ اي گريڊ رکندڙ شاگرد به رهجي وڃن ٿا.

ڪوٽا سسٽم کان سواءِ داخلا جو طريقيڪار۽ ان تي اٿندڙ اعتراض:
• داخلا جو طريقي ڪار 90 سيڪڙو مارڪن تي رکيل آهي ۽ 10 سيڪڙو ايڪسٽرا ڪريڪيولم ايڪٽوٽيز تي آهي. ان کان پوءِ انٽرويو به آهي. انٽرويو ۾ بهتر پرفارم نه ڪرڻ جي ڪري A گريڊ رکندڙ شاگرد به داخلا ملڻ کان رهجي سگھي ٿو ۽ ان کان گھٽ سيڪڙو مارڪون رکندڙ شاگرد پاس ٿي سگھي ٿو. ڊپٽي ايجوڪيشن منسٽر مطابق سڀ ميرٽ جي بنياد تي آهي ڪا به نسل پرستي نه پئي ڪئي وڃي. اصل ۾هن طريقيڪار تي اعتراض آهي ته انٽرويو ۾ ملئي شاگردن کي فيور ڏني وڃي ٿي
• ٻيو مسئلو پري يونيورسٽي پروگرامن ۾ اڻبرابري هجڻ جو آهي، جو پري يونيورسٽي پروگرام ٻن قسمن جا آهن، هڪڙو آهي مئٽريڪيوليشن جيڪو ڀوميپترن لاءِ آهي اهو تقريباَ هڪ سال يا ڏيڍ سال ۾ پورو ٿي وڃي ٿو، پر ان جي ڀيٽ ۾ STPM پروگرام جيڪو نان ملئي يعني چائنيز ۽ تاملن لاءِ آهي، ان ۾ تقريباَ ٻه سال لڳيو وڃن ٿا ۽ هي وڌيڪل ڏکيو پروگرام آهي، پر هي دنيا سطح تي A سطح جي برابر مڃيو ويندڙ پروگرام آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ ته هن پروگرام جي وڌيڪ اهميت آهي پر ملائشيا اندر ان ۾ وڌيڪ ٽائيم لڳڻ ڪري ملئي شاگرد مئٽريڪيوليشن انهن کان پهرين ڪري وڃن ٿا جنهنڪري سال جي داخلائن جي پهرين ۽ وڏي سيشن ۾ تقريباَ ملئي شاگردن کي ئي فائدو رسي ٿو.
• ٻيون ڪميونٽيز اهو سمجهن ٿيون ته پِري يونيورسٽي پروگرام جي ڪري سندن شاگردن لاءِ اڳتي هلي پبلڪ ادارن ۾ داخلا ملڻ مشڪل ٿئي ٿي. ساڳي طريقي سان يونيورسٽين مان پهرين گريجوئيٽ به ڀوميپترا ٿين ٿا جنهنڪري کين نوڪرين ۾ به پهرين موقعو ملي ٿو.
• ان جي ڪري چائنيز ته ان کي وڌيڪ چيلينج سمجهي اڪثر پنهنجي ٻارن کي ملڪ کان ٻاهراعليٰ تعليم لاءِ موڪلين ٿا يا وري هتي ئي پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ داخلا ڏيارين ٿا. ان سان گڏوگڏ مختلف چائنيز ڪمپنين جا مالڪ يا مختلف چائنيز ڪميونٽي جا ٽرسٽ پنهنجي ڪميونٽي جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپون ۽ قرض اسڪيمون به انائونس ڪندا رهن ٿا.
• اهو چئي سگھجي ٿو ته جتي گورنمينٽ گھڻي آبادي هجڻ ۽ پوئتي پيل هجڻ ڪري ملئي نوجوان کي همٿايو آهي اتي چائنيز ۽ ڀارتي به ان پاليسيءَ تي گوڙ ڪرڻ ۽ پريشان ٿيڻ بجاءِ پنهنجي آبادي مطابق سيڪڙو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ پاڻ پنهنجي لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. جنهنڪري هتي ڪير به ڪنهن تي نه بار ٿئي ٿو، نه وري ڪنهن جو انتظار يا ڪنهن تي ملامت ڪري پنهجو ٽائيم وڃائي ٿو.