شاگردن لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي
ائين ملائشيا ۾ به سڀني شاگردن پوءِ چاهي انٽرنيشنل شاگرد هجي يا وري نيشنل، ان کي هيلٿ انشورنس ڪرائڻ لازمي آهي، جيڪا يونيورسٽيءَ جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ۽ سال جي انشورنس جا پيسا شاگرد جي فيس ۾ ئي شامل ٿين ٿا ، جنهنڪري نه فقط ڪنهن ايمرجنسي ۾ شاگرد جو علاج ممڪن هوندو آهي پر عام علاج معالجي لاءِ به شاگرد کي يونيورسٽي ۾ موجود ڪلينڪ يا هاسپيٽل ۾ مفت ۾ دوا ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري علاج ۾ آساني هجڻ ڪري شاگردن جي صحت سلامت به رهي ٿي ۽ هو سڪون سان پڙهائي به ڪري سگهي ٿو، هينئر منهنجي هيلٿ انشورنس هجڻ ڪري يونيورسٽي ڪلينڪ ۾ منهنجي او پي ڊي ته مفت آهي پر منهنجي ڪري فيملي جي به او پي ڊي مفت آهي جو منهنجي گھرواري ۽ ٻنهي ٻارن جا ڪڏهن به پيسا نه ورتا اٿن. ائين به نه آهي جيئن اسان وٽ يونيورسٽين ۾ موجود ڪلينڪ تي بغير پيڪنگ واريون کليل ٽڪيون ڏئي ٿرڪايو وڃي ٿو ۽ اهڙي علاج ڪري شاگردن کي نه مٿي ۾ سور ڇڏي، نه پيٽ ۾ سور. آخر شاگرد ڪنهن پرئيويٽ ڊاڪٽر کي ڏيکاري ٺيڪ ٿئي ٿو يا وري موڪلون ڪري پاڻ کڻائي ڳوٺ وڃي مالڪن وٽ رهي، علاج ڪرائي، يا ائين به ٿئي ٿو ته اسان وٽ هاسٽلن ۾رهندڙ ڪيترائي شاگرد مختلف بيمارين جي وچڙي وڃڻ ڪري موت جو شڪار به ٿيا آهن پر اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ موجود ڪلينڪ ۾ صرف ڊسپينسري ٽائيپ دوائون ۽ جڳاڙي ڊاڪٽر نه پر فزيشن ۽ ماهر ڊاڪٽر به هوندا آهن. سموريون دوائون موجود هجن ٿيون، بلڊ ٽيسٽ لاءِ بهترين ليبارٽري، ايڪسري مشين، دل جي ڌڙڪڻ چيڪ ڪرڻ لاءِ مشين کان ويندي ڊينٽلسٽ به موجود رهن ٿا، ان ڪري هتي اسان جي پرائيويٽ اسپتالن ۾ ويٺل ڊاڪٽرن کان به بهتر علاج ٿئي ٿو جو هتي دوا نه ڪنهن ٻاهرين ميڊيڪل اسٽور تان وٺڻي پوي ٿي، نه ئي وري ڪنهن ميڊيڪل ريپ يا ڪمپني کي خوش ڪرڻ لاءِ دوائون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. مون ته ملائشيا ۾ سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتال ۾ ڪٿي به ميڊيڪل ريپ نه ڏٺو آهي. وڏي ڳالهه ته هتي دوا ٻاهر ڪنهن فارميسي شاپ تان وٺڻ لاءِ لکي ڏيڻ جي روايت بلڪل نه هجڻ برابر آهي. هر اسپتال اندر فارميسي شاپ آهي جتان دوا به مليو وڃي، سو ڳالهه پئي ڪئي سين هيلٿ انشورنس پاليسي جي ته اها ڪيترو فائديمند ۽ ضروري آهي، منهنجي هتي هيلٿ انشورن پهرين سال فقط 300 رنگٽ جيڪو 2014ع جي ڪرنسي ريٽ مطابق 9000 هزار ۾ ٿي، جيڪا هائي 2016ع ۾ 400 رنگٽ ۾ ٽوٽل 10،000 ۾ ٿي، جنهن جي علاج جي حد وري 25 هزار رنگٽ جي علاج ڪرائڻ جيتري آهي جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ ٿين ٿا 6 لک روپيا، جيڪو منهنجي حساب سان ڪافي سارو سهارو آهي، جو منهنجي زال ۽ ٻارن جي او پي ڊي به ان ۾ شامل آهي. اسان وٽ به جيڪر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ هيلٿ انشورنس پاليسي تحت ايڊميشن ڪئي وڃي ته تمام بهتر ٿئي ۽ ڪنهن بيماري جي صورت ۾ شاگرد ڪنهن ڳاٽي ڀڳي خرچ کان بچي وڃي. سندس والدين کي به سولائي ٿئي، جو اسان وٽ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ملندڙ شيون ۽ کاڌا معياري نه آهن، نه وري ڪو صفائي ۽ احتياط آهي. بلڪه يونيورسٽين جي هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن ۾ ته هيپيٽائٽس جا تمام گھڻا ڪيس ٿين ٿا جيڪي آخري اسٽيج تي اچي ظاهر ٿين ٿا، جنهنڪري شاگردن جي زندگي خطري ۾ پئجيو وڃي، سو جيڪڏهن يونيورسٽيءَ اندر سٺي ليبارٽري ۽ ڪلينڪ هجي جيڪا علاج ڪري يا وري ضرورت مطابق شاگرد کي انشورنس هجڻ ڪري ڪنهن سٺي اسپتال ڏانهن رجوع ڪرڻ لاءِ چوي ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ۽ ڪيترائي شاگرد ۽ سندن والدين ڪافي پريشانين کان بچي وڃن. هن وقت مون کي هي لکندي پنهنجو مرحوم چاچو هادي بخش ۽ دوست الاهي بخش ياد اچن ٿا جن جو موت سندن پڙهائي دوران ٿيو، جن کي هيپيٽائٽس بي ٿي ويئي هئي جنهن جي خبر تڏهن پئي جڏهن هو بيهوش ٿيڻ جهڙا ٿيا، نه ته يونيورسٽي ڪلينڪ تان بخار جو علاج وٺندا رهيا يا وري وڌ ۾ وڌ لمس جي او پي ڊي ۾ پاڻ ڏيکاريندا رهيا پر ڪو فائدو ٿيڻ بجاءِ ڪمزور ٿيندا ويا ته سندن دوستن گھر فون ڪري اطلاع ڏنو پر ڪو فرق نه پيو هي ٻئي فوت ٿيا، جي منهنجي ننڍڙي شهر واره مان منهنجا پنهنجا فوت ٿيا آهن ته ڇا سڄي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي هاسٽلن ۽ شهرن جي فليٽن ۾ رهندڙ شاگرد موذي مرضن ۾ نه وچڙندا هوندا؟. انڪري جي ڪاليج ۽ يونيورسٽي انتظاميه شاگردن جي هيلٿ انشورنس پاليسي ڪرائي ته تمام سٺو ٿئي ۽ شاگردن جي ذهني اوسر ۽ نشونما به بهتر ٿئي ۽ ڪيئي جانيون به بچي وڃن.
هڪ اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو هلان ته اسان وٽ يونيورسٽين ۾ داخلا ٿيڻ وقت هيلٿ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ته گھربل هوندو آهي پر اڪثر ڪري اهو ڪوڙو يعني ڪنهن واسطي واري ڊاڪٽر کان ٺهرائي داخلا فارم سان گڏ جمع ڪرايو ويندو آهي، نه ڪا ٽيسٽ ٿئي، نه ڪا چڪاس، پر ملائشيا ۾ يا دنيا جي مختلف سڌريل ملڪن ۾ ائين نه آهي جو هر داخلا وٺندڙ شاگرد کي بلڊ ، يورين ٽيسٽ ، ايڪسري ۽ اِي سِي جِي ٽيست ڪرائڻيون پون ٿيون ۽ ميڊيڪل رپورٽن جي نيگيٽو اچڻ تي ئي داخلا ملي ٿي، نه ته وري شاگرد کي علاج ڪرائڻو پوي ٿو جيستائين ٺيڪ نه ٿو ٿئي تيستائين ان کي داخلا نه ٿي ملي، پر اسان وٽ ته ڪم پيو هلي، جنهن ۾ يونيورسٽي انتطاميا ته اکٻوٽ جو مظاهرو ڪري ٿي پر شاگردن جا والدين به سُسِتِي ۽ لاپرواهيءَ کان ڪم وٺن ٿا. جنهنڪري شاگرد کي، جيڪڏهن ڪو صحت جو مسئلو ٿئي ٿو ته ان جي وقت تي خبر نه هجڻ ڪري هاسٽل لائيف ۾ اهو مسئلو گنڀير ٿيو وڃي ۽ پوءِ شاگرد سان گڏ والدين به تڪليف ۾ ته اداري کي به نقصان جو منهن ڏيڻو پوي ٿو. شاگرد يونيورسٽي اڌ ۾ ڇڏي وڃي يا وري بيمار هجڻ ڪري بهتر نموني سان پڙهائي به ڪري نه ٿو سگھي. پوءِ گھٽ مارڪون کڻي پاس ٿيڻ تي به اداري جو اميج خراب ٿئي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن اها پريڪٽس بند ڪئي وڃي ۽ هر شاگرد جي ميڊيڪل ٽيسٽ يونيورسٽين ۾ موجود ليبارٽرين ۾ ڪئي وڃي ته بهتر آهي يا وري گھٽ ۾ گھٽ والدين کي پنهنجي ٻار سان سچائي ڪرڻ گهرجي جو ان جي ٽيست ڪنهن ليبارٽري مان ڪرائين، گڏوگڏ فزيشن کي به ڏيکارين ته بهتر آهي ۽ تسلي سان پنهجي ٻار کي يونيورسٽي موڪلين، حالانڪ اسان وٽ ڪراچي کان ويندي ڄامشوري، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي تائين ڪجهه ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هجڻ ڪري عام شاگردن علاج ڪرائڻ جي سهولت موجود هجڻ گھرجي، پر اسان وٽ سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون بلڪل به نه آهن، يا ڊاڪٽر نه ملندا يا دوائون اڻلڀ هونديون.
ان صورت ۾ انهن اسپتالن تي ڀاڙڻ جو ڪو فائدو نه آهي. تنهنڪري هر يونيورسٽي خاص طور جنرل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيون جتي ڪو خاص بندوبست نه آهي، اتي به جيڪڏهن ڪا 10 کان 50 بسترن تي مشتمل اسپتال ٺاهي وڃي ته تمام بهترين ٿيندو، ان لاءِ جي حڪومت تعاون نه ڪري يا وري يونيورسٽي وٽ وسائل نه هجن، ته يونيورسٽي جي اليومنائيز شعبو تحرڪ وٺي، يونيورسٽي جي ڪامياب اليومنائيز کان چندو ڪري ڪلينڪ کولي سگھجي ٿي، مان سمجهان ٿو ته جي هڪ لک اليومناءِ به 5000 هزار ايوريج ڏين ته ٿيندا 50 ڪروڙ روپيا ۽ ان سان گڏ يونيورسٽين جو اسٽاف پاڻ به هڪ هفتي جي پگھار ڏئي ته ان مان به گھڻا پيسا جمع ٿيندا ته پوءِ ڇا انهن پيسن مان ڪا سٺي اسپتال 10 ڪمرن واري نه ٿي ٺهي سگھي؟ ۽ مختلف ماڻهن تي 100 کان 5000 هزار تائين ماهوار ڊونيشن رکيو وڃي ته ڇا شاگردن جي دوا دارون جا پيسا گڏ نه ٿي سگھندا. بس ضرورت آهي سنجيدگي ۽ محنت جي، جن سان هي ڪم آساني سان ٿي سگھي ٿو. وڌيڪ هيلٿ انشورسن لاءِ نون شاگردن کان ملندڙ پيسن کي به ڪنهن سٺي اسپتال جي تعاون سان هلائي سگھجي ٿو ته يونيورسٽِي ۾ موجود ڪلينڪ ۾ به اهي پيسا ڪتب آڻي سگھجن ٿا. هي ڪم ممڪن آهي جي اليومنائي چيپٽرس محنت ڪن، ڇا ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي کان ويندي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان لکين پڙهي نڪتل شاگردن مان ڪو هڪ لک به اهڙا اليومنائي نه هوندا جيڪي پنهنجي پنهنجي مادري علمي ۾ ڊونيٽ ڪري سگھن . ضرورت سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي آهي، ان ۾ جي استاد به شامل ٿين، ته ڪم آساني سان ٿي سگھي ٿو. ان کان علاوه جي اليومنائي چيپٽر طرفان اسڪالرشپ فنڊ به قائم ڪيو وڃي، جنهن مطابق مسڪين ۽ محنتي ٻارن کي جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ فنڊس ڏنا وڃن ته ڪيڏو نه بهتر عمل ٿئي، منهنجي خيال ۾اليومنائيز کان تمام سٺا ۽ گهڻا ڪم وٺي سگھجن ٿا، جن ۾ اليومنائي هيلٿ ۽ اسڪالرشپ قائم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي انتظاميا کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.