تعليم

اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

جيڪڏهن توهان دنيا جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ پڙهڻ چاهيو ٿا پر انهن جون تمام مهانگيون فيون ۽ ٻيا خرچ برداشت ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل سامهون آهي ته گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيي جو لکيل هيءُ ڪتاب توهان جي مڪمل رهنمائي ڪندو ته توهان ڪهڙي طريقي سان دنيا جي ڪهڙي بـ ملڪ جي ڪهڙي به يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند مطابق داخلا وٺي پنهجو تعليمي خواب پورو ڪري سگهو ٿا. دنيا جي هر کنڊ ۽ هر ملڪ جي ٽاپ يونيورسٽين ۾ داخلا جي طريقيڪار کان وٺي، ويزا، فيس، فنڊنگ، اسڪالرشپس، رهڻي ڪرڻي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي پهلوئن سميت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ هيءُ ڪتاب سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، والدين سان گڏوگڏ تعليمي ادارن ۽ خصوصاَ سنڌ حڪومت جي رهنمائيءَ لاءِ هڪ ”گولڊ مائن“ (سون جي کاڻ) جي حيثيت رکي ٿو.
Title Cover of book اعليٰ تعليم جا عالمي رجحان ۽ موقعا

ملائشيا جي يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگرد

هن وقت هڪ محتاط اندازي مطابق 250 کان 300 تائين سنڌي شاگرد ملائشيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ آهن، جن مان ڪجهه نالا سندن يونيورسٽين مطابق لسٽ ۾ هيٺ ڏجن ٿا.

[b]يونيورسٽي آف ملايا:
[/b] هن وقت تقريباَ 20 شاگرد آهن جن ۾1 ڪريم بخش شاهه 2 ميڊم نويده شاهه 3 ميڊم فضا قريشي، پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، 4 علي خان گُھمرو پي ايڇ ڊي انٽرنيشنل رليشنس ،5 راشد علي کهڙو پي ايڇ ڊي ميڊيا سائنس 6 مدثر ميمڻ پي ايڇ ڊي سافٽ ويئر انجنيئرنگ، پرويز مهيسر پي ايڇ ڊي پوليٽيڪل سائنس 7 سردار علي شاهه پي ايڇ ڊي قانون.
هي سڀ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استاد آهن سنڌ يونيورسٽي ۽ هيڪ جي گڏيل فيڪلٽي انهانسمينٽ پراجيڪٽ تحت اسڪالرشپ تي هتي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آيل آهن. ان کان علاوه 8 ڪامران خواجه پي ايڇ ڊي ان ڪمپيوٽر سائنس . فياض ڪٽپر پي ايڇ ڊي ان انجنيئرنگ فيڪلٽي ،10. عبدالله کوسو،11 اسلم ڀنڀرو ايم فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي ان سول انجنيئرنگ 12 طفيل ڪلوڙ ماسٽرس ان اليڪٽريڪل 13. نظام الدين ماسٽرس ان انجينيرنگ فيڪلٽي، 14. نويد رضا شاهه پي ايڇ ڊي 2016 سول انجنيئرنگ ،15. مهراڻ سميجو، مڪينيڪل. ان کان علاوه بيچلر ڊگري پروگرام ۾ 16. صهيب شاهه مڪينيڪل شعبي ۾ پڙهي رهيو آهي، هن جي اسڪولنگ به اسلامڪ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ ٿيل آهي، 17. زاهد ويسر پي ايڇ ڊي انگلش، 18 اسامه عباسي ماسٽرس پبلڪ ايڊمنسٽريشن. سردار علي شاهه ٻڌايو ته جن به دوستن کي پاڪستان گورنمينٽ يا هيڪ يا سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ آهي. انهن سمورن کان علاوه باقي تقريباَ سڀني کي هتي يونيورسٽي ملايا يا وري سندن پروفيسرن طرفان پراجيڪٽ فنڊنگ آهي يا وري اسسٽنٽ شپ مليل ٿئي ٿي. جنهن ڪري باقي شاگرد به پنهنجو خرچ پکو هتان ڪڍيو ويٺا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شاگردن کي 2500 رنگٽ کان 4000 هزار رنگٽ ماهوار ملن ٿا. جيڪڏهن هو يونيورسٽي ملايا جي اسڪالرشپ تي آهي يا وري پروفيسر جي اسڪالرشپ تي. پروفيسر کي جڏهن به نيشنل يا انٽرنيشنل پراجيڪٽ ملندو آهي، ته ان ڪم لاءِ شاگرد داخل ڪري انهن کان ئي ڪم ڪرائيندو آهي، جنهنڪري شاگردن کي پراجيڪٽ بيسڊ پي ايڇ ڊي آفر ڪري کين ماهوار وظيفو مقرر ڪري ڏيندو آهي. مدثر ميمڻ جو چوڻ هو ته مون پروفيسر طرفان مليل اسسٽنٽ شپ هڪ سيمسٽر هلائي پر پوءِ اها جيئن ته منهنجي ڪم سان لاڳاپيل موضوع تي نه هئي، ان ڪري مون ڇڏي ڏني ته جيئن پنهنجو ڪم بهتر ۽ جلد ڪري سگھان. جيئن ته هن سيلف فنانس تي داخلا ورتي هئي ۽ کيس ڪا اسڪالرشپ يا پراجيڪٽ نه هو، منهنجي پڇڻ تي ته سڀ کان وڌيڪ سنڌي شاگرد ڀلا انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ داخلا وٺندا آيا آهن ته چيائون سبب هي آهي ته هن يونيورسٽي جي انجنيئرنگ فيڪلٽي سڀ کان ٽاپ تي آهي ۽ پروفيسرن وٽ پراجيڪٽ به گھڻا هوندا آهن. مدثر ٻڌايو ته انجنيئرنگ ۾ هن يونيورسٽي جي رينڪنگ دنيا ۾ ريڪنگ 50 جي اندر آهي، ان ڪري ئي شايد سنڌي شاگردن جو لاڙو به وڌيڪ ان فيڪلٽيءَ ڏانهن رهيو آهي.

[b]يونيورسٽي پترا ملائشيا
[/b].1 منصور کهڙو، ماسٽرس ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، .2 نوراحمد بروهي ماسٽرس ليڊنگ ٽو پي ايڇ ڊي بزنس مئنيجمينٽ، هي ٻئي دوست هيڪ جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، .3 عتيق الرحمان بيهڻ، .4 ذوالفقار مهر، هي ٻئي وري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، .5 سيف الله بلو، هي دوست ملائيشن انٽرنيشنل اسڪالرشپ تي آيل آهن ۽ ملائيشن گورنمينٽ جي خرچ تي پي ايڇ ڊي پوري ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي وري ان کي پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي اسڪالرشپ به سندس پروفيسر ڏني آهي. ،6 شگفته جبين هيءَ ميڊم سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي اسڪالرشپ تي آيل آهي. هي سڀ اهي آهن جن کي آءٌ ذاتي طور سڃاڻان ٿو. باقي دوست نور بروهي ٻڌايو ته هن وقت 15 جي قريب سنڌي شاگرد هتي اعليٰ تعليم پرائي رهيا آهن جن مان ڪجهه نالا هي آهن. 7 غلام مجتبيٰ ، پي ايڇ ڊي سوشل سائنس، 8 شڪيل احمد چنا، 9 نديم ڀٽي، 10 ساجد ڀٽي، هي ٻئي ڀٽي قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه سان لاڳاپيل آهن ۽ انهيءِ جي اسڪالرشپ تي آيل آهن، 11 ڪامران سومرو ماسٽرس مڪينيڪل ،12 عرفان شيخ، 13 جاويد شيخ، باقي جيڪي دوست هتان 2012ع کان ويندي 2016ع تائين گريجوئيشن ڪري ويا آهن انهن ۾ تقريباَ 30 کن سنڌي شاگرد آهن ، جن ۾ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا، 1 عبيدالله ڪاڪا پي ايڇ ڊي 2016 سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ،2 انجنيئر عبدالرحيم چنا ماسٽرس انوائرنمينٽل سائنس 2015ع ، 3 ڊاڪٽر تنوير عبدالفتاح ابڙو پي ايڇ ڊي 2015ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، 4 عصمت الله ڪاڪا پي ايڇ ڊي 2015 وٽنري، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، 5 احمد تونيو، 6 عبدالرزاق ڇڇر ماسٽرس جنرلزم، 7 سعيد احمد گھلو،8 عطاء شاهه 2012، 9 عقيل احمد بيهڻ 2013 ،10 خليل ڌاريجو ۽ 11 سندس گھرواري 2012ع، 12 مهرالنساءِ ناريجو ،13 رابيل گانڌائي، 14 اسحاق مستوئي، 15 انيل اوڏ، 16 شفيق ميمڻ ،17 عبدالصمد چانڊيو، 18 عرفان گلال، 19 آغا مشتاق وغيره شامل آهن.
دوستن وڌيڪ ٻڌايو پئي ته ٻيا به ڪيترا سينئرهئا جيڪي ڊگري ڪري ويا آهن، 2012ع کان هينئر تائين جن کي سڃائين پيا نه ته انهن جي خيال ۾ 2012ع کان اڳ ۾ به هتان ڪيترائي سنڌي شاگرد پڙهي ويا آهن.

يو ڪي ايم
National University of Malaysia (Universi Kanbugsam Malaysia)

هن يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت پنج سنڌي شاگرد پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن جن ۾ 1 عبدالرحمان نظاماڻي (اڪانامڪس) ، 2. پسند علي کوسو (سوشالاجي) ، 3. فاروق احمد لغاري (انٽرنيشنل رليشنس) هي دوست سنڌ يونيورسٽي جي اسڪالرشپ تي آيل آهن. انهن کان علاوه ٻيا دوست 4 عبدالرحمان نطاماڻي (ڪمپيوٽر سائنس) ۽ 5.عبدالله کوسو (ڪمپيوٽر سائنس) به آهن.
يو ايس ايم University Sains Malaysia
هن يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت سيد فيصل حيدر شاهه پي ايڇ ڊي (سوشالاجي) ، امير علي ٻرڙو پي ايڇ ڊي (وومين اسٽڊيز)، هي ٻئي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اسڪالرشپ تي آهن ان کان علاوه عبدالحڪيم ميمڻ پي ايڇ ڊي فارميسي، محمد بخش نطاماڻي پي ايڇ ڊي (هيلٿ فزڪس) هي دوست انٽرنيشنل اسڪالرشپ TWAS تي آهي. ڪجهه دوست جيڪي حال ۾ گريجوئيشن ڪري ويا، انهن ۾ دلنواز هَڪڙي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کان علاوه چار سنڌي شاگردياڻيون به هتي ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيون آهن.

[b]يو ٽي ايم University Technology Malaysia
[/b]
عبيدالله راشدي ماسٽرس (بزنس ايڊمنسٽريشن) ڪولالمپور، ڊاڪٽر سراج پانڌياڻي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي) جوهر مين ڪئمپس، عرفان احمد چانڊيون پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي).
هي پنج يونيورسٽيون جن ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جا نالا لکي آيو آهيان، ملائشيا جون ٽاپ پنج يونيورسٽون آهن جن کي ريسرچ اسٽيٽس مليل هجڻ ڪري ٻين يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فنڊنگ ۽ سهولتون مليل آهن، جن ۾ اڪثر شاگردن کي به ٽيچنگ اسسٽنٽ شپ يا وري اسڪالرشپون به مليون وڃن يا وري هنن يونيورسٽين ۾ پراجيڪٽ بيسڊ ريسرچ هجڻ ڪري به پروفيسرن کان اسڪالرشپ حاصل ڪري سگھڻ جا موقعا وڌيڪ آهن. ان ڪري ڪوشش ڪري ان يونيورسٽين جي ويب سائيٽس تي يا ان يونيورسٽين جي پروفيسرن جي لنڪ تي وڃي پنهنجي فيلڊ مطابق ڪو پراجيڪٽ يا ڪم ڏسڻ ۾ اچي ته ضرور ان پروفيسر يا يونيورسٽي ايڊميشن ڊائريڪٽ ۾ اپلاءِ ڪرڻ گھرجي ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ داخلا سيشنس کان پهرين يا وري واندڪائيءَ ۾ انهن يونيورسٽين جي ويب سائيٽن کي وزٽ ضرور ڪرڻ گھرجي.
انهن يونيورسٽين کان علاوه به ملائشيا جون باقي يونيورسٽيون به سونهن ۽ سهولتن ۾ لاجواب آهن، جن ۾ به هر يونيورسٽيءَ ۾ تقريباَ سنڌ ۽ سڄي پاڪستان جا شاگرد ملن ٿا، جو هتي پوري ملائشيا ۾ امن آهي، بهتر ماحول آهي، آساني آهي، قدرتي سونهن آهي ۽ نظارا آهن، سڀني يونيورسٽين ۾ بنيادي سهولتون آهن. ان ڪري ملائشيا جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ جي موقعو ملي ته نه وڃائڻ گھرجي. بهرحال ملائيشا جي سمورين يونيورسٽين ۾ مٿين يونيورسٽين جيان اسڪالرشپون ۽ پراجيڪٽ بيسڊ فنڊگس ضرور هوندا آهن پوءِ انهن جو تعداد ٿورو گھٽ ضرور هوندو آهي نه ته موقعا ضرور آهن جو مليشن انٽرنيشنل اسڪالرشپون يا پروفيسرن وٽ فنڊنگ ته هوندي ئي هوندي آهي پوءِ ٿوري گھڻي فرق سان ضرور آهي ، ان ڪري جتي مٿين پنج ريسرچ يونيورسٽين جي لاءِ حڪومت وٽ اسپيشل گرانٽس ڪجهه وڌيڪ ضرور آهن پر ٻين لاءِ به سٺي بجيٽ ضرور هوندي آهي، ان ڪري سڀني يونيورسٽين ۾ موقعو ڳولهڻ گھرجي، پوءِ پبلڪ يونيورسٽي هجي يا پرائيويٽ يونيورسٽي. هتي پرائيوِيٽ يونيورسٽين ۾ به ڪافي موقعا هوندا آهن، ان ڪري نظر سڀني يونيورسٽين تي هجڻ گھرجي.

[b]International Islamic University Malaysia
[/b]هن يونيورسٽيءَ کي ملائشيا ۾ ٻين سڀني يونيورسٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منفرد حيثيت مليل آهي. هي يونيورسٽي ڪولالمپور شهر جي ڀرسان گومبڪ علائقي ۾ آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه جي شاگردن جو تمام گھڻو تعداد اعليٰ تعليم پرائي رهيو آهي. هتي ميڊيم آف انسٽرڪشن انگلش آهي، ۽ اسلامڪ ويليوز ۽ ورچوز تي خاص توجهه ڏنو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ هيءَ يونيورسٽي ملائشيا جي سڀ کان خوبصورٽ يونيورسٽي آهي هتي نه صرف سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن، پر سنڌي پروفيسر به پڙهائي رهيا آهن. انهن ۾ آرڪيٽيڪچر شعبي ۾ سائين علي رضا سومرو، ميڊيسن ۽ فزڪس ۾ سائين پروفيسر عنايت الله شاهه ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ۽ شعبي جو ڊائريڪٽر سائين اسدالله شاهه صاحب شامل آهن. ان کان علاو شاگردن جو چڱو خاصو تعداد هن وقت تعليم پرائي رهيو آهي جن ۾ عرفان شيخ پي ايڇ ڊي (تاريخ) ، محمد يعقوب ڪونڌر پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، محمد جنيد مغل پي ايڇ ڊي (اسلامڪ شريعه)، نجما چنا پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، امتياز علي بروهي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، ارجمند بانو سومرو پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، شاهمراد چانڊيو پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، عابده ڪنول پٺاڻ، ماسٽرس لائبرري سائنس)، راحيلا شاهه پي ايڇ ڊي (ميڊيڪل فزڪس)، مظفر حسين اڄڻ پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، حميز احمد شيخ پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، غلام دستگير راجپوت پي ايڇ ڊي (قانون)، ذوالفقار علي سولنگي پي ايڇ ڊي (انفارميشن ٽيڪنالاجي)، نرمل شاهه بيچلرس (سائيڪالاجي)، سونيا سومرو ماسٽرس (بزنس)، بلال شاهه بيچلرس (سول انجنيئرنگ)، وغيره شامل آهن. انهن کان علاوه ڪجهه دوست جيڪي ڊگري ڪري ويا آهن، انهن ۾ محمد ملوڪ رند، نويد گل سومرو، زوهيب شيخ، منيبه ميمڻ، ذيشان ڀٽي، عبدالوحيد مهيسر، طٰحيٰ سنڌي وغيره ياد اچن پيا.