ڪھاڻيون

سنڌ امڙ

اختصاري ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ثاقب بلوچ آهي.
ثاقب بلوچ جي ڪهاڻين ۾ ڪِٿي خوابن جا ڏس ملن ٿا تـه وري ڪِٿي سنڌ کي امڙ جا لقب ڏئي ڪري سندس عقيدت ۾ گُل پڻ نڇاور ڪيل نظر اچن ٿا، سندس پيڙاھ ۽ دردن کيس ايتري قدر ستايو جو حالتن کيس لکڻ واري واٽ ڏيکاري، واٽ بـه اهڙي جو سندس ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪردار جنم وٺڻ لڳا، سندس ڪهاڻيون، صرف ڪهاڻيون نـه پر دردن جو داستان محسوس ٿيڻ لڳيون.
  • 4.5/5.0
  • 2686
  • 754
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثاقب بلوچ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ امڙ

يو آر ليٽ

مان ڪلاس ۾ ويٺو آھيان اڃا ڪلاس شروع ناهي ٿيو ڇو ته ميڊم صاحبه جن اڃا ناهن پهتيون, ميڊم صاحبه جڏھن ڪلاس وٺندي آھي ته ڪلاس جي اڌ ڪلاڪ هلڻ کانپوءِ ڪنهن به شاگرد کي ڪلاس ۾ اندر اچڻ نه ڇڏيندي آھي جيڪو به شاگرد اڌ ڪلاڪ ڌير سان ايندو آھي ته ميڊم صاحبه سندي واچ ڏانهن ڏسي چوندي آھي.
”ساري بيٽا آءِ ڪانٽ الو, بيڪاز يو آر ليٽ“.
۽ ڇوڪرو وياڪل ٿي اُتان هليو ويندو آھي.
اُنڪري مان ۽ ٻيا پڙاھو پٽ وات پٽيون ويٺا آھيون. ڪچهرين جا چهچٽا جاري و ساري آھن. دل ۾ بغاوت پيدا ٿي رهي آھي ته جيڪر ميڊم صاحبه کي اڄ چئي ڏيان ته.....
”ساري ميڊم وئي ڪانٽ الو, بيڪاز يو آر ليٽ“.
پر وري پيپر جو فڪر ورايو اٿم ته ڪٿي ميڊم ڪري نه ڪلياڻ، پوءِ اُن ڳالھ جي فڪر کي مدنظر رکندي ماٺ رهي منڪر ٿي ٿو وڃا, منجهي ڀر ۾ ڪامريڊ ڪانڀو خان به ويٺل آھي شھپر وٽي ڏوڙا ڪري ڇڏيا اٿس, سندس شھپرن کي ڏسي, ولو ڪوڙمي جو سڻي کي وٽڻ ياد ٿو اچي, کيس وڏا ڇٻا پاتل آھن, هڪ جو وزن تقريبن پنج ڪِلا ٿيندو, ۽ ڦل ڪلف تي ڪاٽن به پاتل اٿس.
ڪامريڊ ڪانڀو خان ٿُلهي آواز ۾ ٿو چوي...
”اڙي ڇورا ڪنهن مهل ايندي اها ميڊمڙي, رت ڪري ڏنو اٿس.
چيم...”ادا ڪانڀو خان ٿورو انتظار ڪيو اچي ويندي.
”اڙي ڇورا انتظار مان بابا جو ناهيان ڪندو, وري ميڊمڙي جو انتظار ڪيان.
چيم...”ادا ٻيو ڇا ڪيون؟
ڪانڀو خان چيو...”اڙي ڇا ڪيون, چرٻٽ، اسان شاگرد آھيون, پاور آھي اسان کي, اُٿو اسان سان گڏجو ساٿ ڏيو ته وي سي خلاف احتجاج ڪيون.
ٿوري پري ٻئي سائيڊ تي ڪامريڊ قندار خان ويٺو هيو اُن ڪامريڊ ڪانڀو خان جي ڀڀڪي تي چيو...
”اڙي ڪانڀو خان تون اسٽوڊنٽ آهين, پهريان اسٽوڊنٽ جي اسپيل ته ٻڌآءِ, اڙي اسان ڪلاس وارن کانسواءِ ڪئمپس ۾ ڪير سڃاڻئي اٿو؟
ڪانڀو خان جوابي ڪاروائي ڪندي چي...
”اڙي قندار خان، تون ته سائين وي سي سا ناشتو ڪندو آھين, رجسٽرار سان منجهند واري ماني کائندو آھين, ۽ رات واري ماني وري هاسٽل جي پرويسٽ سان کائندو آھي, تنهجا فوٽو ته روز اخبارن تي لڳل هوندا آھن,, وڏي فيمس پرسنلٽي آھين تون, اڙي ٻڏي نٿو مرين.
قندار خان صفا ڳاڙھو لعل ٿي ويو ۽ ڪانڀو خان کي ڪرڙي اک سان ڏسڻ لڳو.
ڪانبو خان چيو...
”اڙي اکيون ڇا ٿو ڏيکارين ڪهڙا مان تنهجا ٻنا سوريا آھن جو ائين ٿو ڏسين, چڱائي ته چئي مائين.
قندار خان چيو،،،”ها سائين تو وڏي چڱائي چئي آھي, اڙي تون بابو آهين ڇا منهجو جو نصحتيون ٿو ڏين, وڌيڪ مٿي تي نه چڙھ نت ڏيندو مائين زمڙڪ.
ڪانڀو خان چيو...”اڙي چوڙيون مون به ناهن پاتيون اچ ته سيکت ڏيائين.
ائين ئي ڪامريڊ ڪانڀو خان ۽ ڪامريڊ قندار خان ٻئي هڪ ٻئي تي ڏمرجي پيا ۽ صفا تپي باھ ٿي ويا. مان باھ تي پاڻي هاريندي چيو...
”ڪامريڊ ڇو ٿا وڙھو ننڍڙي ڳالھ تي نه وڙھو يار.
ٻنهين ڪامريڊن مونکي داٻو ڏيندي چيو...
”اڙي وات پٽيا تون چڱو مڙش آهين ڇا؟
”مون چيو... نه .!
”ڪامريڊ آهين ڇا؟
”نه با!
”,اڙي پوءِ وچ ۾ ڇو ٿو ڳالهائين, اڙي ايترو ڳالهائڻ ته بابا کي به ناهيون ڏيندا, ته تون وري ڪهڙي باغ جي موري آھين, چپ ڪر نت هڪ چنبي سان چپ ٿي ويندين.
مونکي حيسائڻ تي ٻنهن ڪامريڊن وڏا وات ڦاڙي ٽھڪ ڏنا ۽ ھڪ ٻئي سان تاڙي ملايائون.
ائين ئي ميڊم صاحبه اچي وئي ۽ ڪلاس هلڻ شروع ٿيو, تقريبن ڪلاس اڌ ڪلاڪ هليو ته دروازي مان هڪ شاگرد ڪلاس جي اندر اچڻ لڳو, ته ميڊم چيو...
”بيٽا توهان هاڻي پيا اچو؟
شاگرد چيو... ”جي ميڊم.!
ميڊم صاحبه معمول جي تحت سندي واچ ڏانھن ڏسندي چيو...
”بيٽا آءِ ڪانٽ الو آفٽر هاف آف هائور.
”سو ساري يو آر ليٽ“.