خانو خوني
اصل ۾ جڏھن کان خانو خوني جيل مان آزاد ٿيو آھي تڏھن کان ماڻھون کيس خانو بدران خان سڏين ٿا. پر منهجي لاءِ اڃا به خانو خوني آھي ڇو ته مان اُن معصوم کي پنهجي اکين سان فٿڪندي ڏٺو هو جيڪي خانو خوني جي هٿان قتل ٿي هئي. اصل ۾ ھي ڳالھ ڏھ سال پهريان جي آھي جڏھن خانو خوني جي پيءُ جا ڪجھ پاڙيسرن سان تڪرار هئا ڪي تڪرار زمينن تان هئا ته ڪي وري پاڻي جي وارن تان، مطلب ملڪيتي تقرار هئا. تڏھن خانو خوني هڪ ڳڀروھ ڇوڪراٽ مس هو کيس ڏاڙھي اڃا ساول هُئس, پر هيو صفا ندورو ڄٽ، اُنڪري ڪجھ ماڻھن ڏٽا ٿئي ڏنس ته ”اڙي خانو تنهجي ڀيڻ نِڌڻڪي ولو سان کريل آھي! ڪالو وارن پنهجي اکين سان سڄو لقاءُ ڏٺو آھي اھڙي ريت شيطان پرستن ولو کي ڏٽا ۽ پوز ٿئي ڏنا. جنهن سبب سماجي غيرت ولو جي اندران ڀڀڪا ڏئي اٿيو.
صفا غيرت مٿي تي چڙھي ويس همراھ ڪاوڙ منجهان سِڌو سندي گهر پير پاتا ۽ گهر جي ڪوٺي ۾ ڀِت تي ٽنگيل دونالي بندوق لاٿائين ۽ پنهجي ڀيڻ نِڌڻڪي کي چيائين ”نه ويندينءَ نِڌڻڪي تو اسانجي غيرت کي لڄايو آهي!
جييسين خانو بندوق ۾ گوليون ٿئي وِڌيون تيسين نِڌڻڪي بڄڻ جي ڪئي، بڄي ڀِت ٽپڻ جي ڪوشش ٿئي ڪيائين ته خانو خونيءَ سندس پُٺي تي گوليون وهائي ڪڍيون ويچاري نِڌڻڪي واريءَ تي فٿڪندي رهي پر ڪير کڻڻ وارو ڪو نه هُئس ڇو ته پنهجي گهر وارا ئي دشمن هُئس. گولين جي آواز تي پاڙي وارا خانو وارن جي گهر ڏي بڳا ۽ مان به اونڏانھن ئي ڊوڪندو ويس اُتي مون نِڌڻڪي کي واريءَ تي فٿڪندي ڏٺو. اُنکانپوءِ نِڌڻڪي مري وئي ڇو ته نِڌڻڪي جو هئي.
پوءِ خانو خوني کي جيل ٿيو. نِڌڻڪي جو نه ڪو ختمو ٿيو نه ئي دورود رهندو خانو خونيءَ جا مائٽ سندي ڌيءَ کي وساري خانو خوني جي آزادي لاءِ جاکوڙيندا رهيا ايتري قدر جو نِڌڻڪي جي خون کي اهڙو ڊرامو ٺاهي پيش ڪيو هائون جو چڱو ڀلو لکيڪ نه ٺاھي سگهي. وڏي ڳالھ ته اِها هُئي جو نِڌڻڪي جي ماءُ خانو خونيءَ جي ماءُ ٿي بيٺي ۽ خانو خوني جي پڪش ۾ بيان ڏنائين، ڏه سالن کانپوءِ خانو خوني اڄ آزاد ٿيو آھي ۽ وڏي روبيت ۽ آڪڙ سان وڏا قدم کڻي ڳلو کولي ڌرتي مٿان هلي ٿو. ڄڻڪ ڪو حج ڪري آيو آهي. ماڻهون کائنس ڊڄن ٿا. ڪي تـه وري کيس مبارڪون بـه ڏينس ٿا. ڪي تـه شيطان پرست کيس ائين بـه چونس ٿا...
”واه خان واه ! يار واقعي ئي قندار آهين، غيرت وارو ڪم ڪيو هيئي. وڏو ڪو جوان آهين خان!
“پر منهجي نظر ۾ خانو اڃا به خوني آھي“