محنت جو ڦل مٺو آهي
جون جولاءِ ۾ کيس يونيورسٽي کان به موڪلون مليون ته سرمد پنهجا ڏاوڻ کڻي گھر پھتو۔ سرمد جو پيءُ بخشڻ ھڪ پورهيت هو. سيٺ سوني وٽ ٻني ٻارو گِروي رکي سرمد کي پڙھايائين پئي. سرمد جڏھن گھر پهتو تـه اُن وقت پوري ملڪ ۾ اليڪشن ٿيڻ تي هئو. اُن ڪري هر واٺي جي وات تي سياسي نعرا ۽ ھوٽلن تي ”ڪير کٽيندو ڪير هارائيندو جا چهچٽا جاري هئا. سرمد پنهجي دوستن سان گڏ اڪثر شام ويلي هوٽلن تي وڃي وات ويڙهائيندو هئو. سرمد سياست کي گندي نالي جو ڪيڙو سمجهندو هئو. کيس سياستدانن کان قِرب وٺندي هئي.
اهڙي ريت معمول جي تحت هي ۽ سندس ڪجھ دوست ولو وائڙي جي هوٽل تي وڃي ويٺا اصل ۾ ولو وائڙو ٿي ويندو ھو تنهن ڪري کيس ماڻھون ولو وائڙو سڏيندا هئا. ولو وائڙو آرڊر وٺڻ لاءِ آيو ۽ پڇيائين...
”جي سائين حڪم ڪيو! ٿڌو يا گرم.
سرمد جي دوستن آرڊر ڏنس ته... ”بابا ولو وائڙا ڪو ڪڙڪ چانھ پيار!
ولو سندي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ڀر ۾چار پنج ڄڻا وڏا ريحاٽ ڪري رهيا هئا. هڪڙو چئي رهيو هو ته..
”هن ڀيري سائين ڪرامت شاھ کٽيندو ۽ ٻيو چئي رهيو هو.. نه با ڀليو آن سائين سچو شاھ کٽيندو!
ائين چئي وڏا ريحاٽ ڪري رهيا هئا. سندن نِڙي مان رڳُون سِيٽِيل نظر ٿئي آيون. همراھ صفا ڳاڙھا ٿي ويا. سرمد کي اهڙين ڳالهين کان هميشه اِلرجي هئي. کيس دپ ايندو هئو. سرمد سندي دوست ساگر کان پڇيو...
”يار هي جيڪو پٽڪي سان وڏا ريحاٽ پيو ٿو ڪري، ڪير آھي؟،
ساگر ڇيو...”سرمد هن کي نٿو سڃاڻين!
”ادا ڪھڙو نيلسن منڊيلا آھي جو مان سڃاڻانس! ساگر وراڻيو.
”ادا اِهو وڏيري هڙپائو خان جو خاص ماڻھون اٿئي.
سرمد چيو..”اڇا ته نالو ڇا اٿس ؟
”ادا نالو اٿس چمچڻ خان! ساگروراڻيو!
پوءِ سرمد چمچڻ خان ڏانهن مُخاطب ٿيندي چيو...
”چاچا چمچڻ خان ڇڏيو اِن بحث کي توهان کي ڇا مليو؟ يا ڇا ملندو؟ جو اجايو هڪ ٻئي مٿان پيا اُڀا ٿيو!
چمچڻ ڪاوڙجي ويو ۽ چيائين.... ”اڙي ڇورا تون ڪير ٿيندو آھين، اسان وڏن جي وچ ۾ ڳالهائڻ وارو؟
”سرمد چيو چاچا... ”مان يونيورسٽي ۾ پڙھندو آهيان سڀ سمجهان ٿو ته اِهي سياسي حڪمران اسان کي بيوقوف بڻائي رهيا آھن!
اُن تي چمچڻ چيو...”اڙي تڏھن چوءَ نه ته تنهجو مٿو خراب يونسٽي ۾ ٿيو آھي. اڙي چار اکر ڇا پڙھيا اٿئي پاڻ کي اسان کان وڌيڪ ڏاھو ٿو سمجهين. اسان جي پيرن ۽ سردارن جي خلاف ٿو ڳالهائين، وڏن سان وات ٿو ويڙھائين، وات ڳاڙھا ڇورا! اڙي آھين ڪنهن جو پٽ؟
سرمد جو منهن ڳاڙھو ٿي ويو سندس چهري مان ڪاوڙ جا آثار ٿئي نظر آيا، غصي جي سمنڊ کي ڪتابن ۽ علم جا بند روڪيون ويٺا ھُئس، ايتري ۾ ولو وائڙي چمچڻ خان کي ورندي ڏيندي چيو....
”چمچڻ خان هي سرمد پاڻ واري بخشڻ جو پٽ آھي!
اُنتي چمچڻ خان وِچ ڪندي چيو...
”اڙي پڻهين بخشو ته ڏاڍو ڀلو آهي پوءِ تون ڪنهن جي ٻِج جو پيداوار آھين؟
ان جملي سرمد جي اندر غُصي جي سمنڊ آڏو علم جا ٺھيل بند ٽُٽي لڙي ويا ۽ سرمد ڪُرسي کڻي چمچڻ خان تي اُڀو مس ٿيو ته کيس دوستن ڀاڪر ۾ جھلي ورتو پر چمچڻ خان جي ڄاڙي ڄڙ ڄڙ ڪندي رهي ڪاوڙ منجهان اُتان اُٿي هليو ويو. سرمد کي سندس دوستن ٿڌو ڪري کيس گهر ڀيڙو ڪري ويا. سرمد جڏھن گهر پهتو ته سندي پيءُ کي وياڪل ڏٺائين، مٿي تي هٿ رکيل پريشان نظر ٿئي آيس. سرمد سِڌو ڪمري ۾ ويو ۽ سندي ڀيڻ ٻاگهل کي گهرايائين ۽ پڇيائين...
”ادي ٻاگهل بابا ڇو پريشا ويٺو آھي؟
”ادا سڄو ڪمال تنهجو آھي، پوءِ به پڇين ٿو!
”پر منهجي ڀيڻ مونکي ڪا خبر ڪونهي ادي!
”ادا توکي ڪھڙي ضرورت هئي چمچڻ خان سان ڏند چڪ ڪرڻ جي؟
”پر ادي ان ڄٽ مونکي گاريون پئي ڏنيون!
”ادا اسان غريب آھيون، چمچڻ خان وڏيري جو خاص ماڻھون آھي، ڀلا جي گاريون ڏنائين پئي ته تون ئي کڻي مُڙي وڃي ها!
”واھ ادي واھ ! اڄ خبر پئي اٿم ته نالي رکڻ سان ڪو ڪردار ناهي موٽندو، نالو ته ٻاگهل اٿئي پر ٻاگهل جھڙي آھين ڪانه اڄ ته تو مونکي گهڻو ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو!
”منهجا ڀاءُ اُھا ڳالھ ناهي،! اُها ٻاگهل دودي حڪمران جيڪو سومرن جو سردار هو هوءَ اُنجي ڀيڻ ھئي پر مان بخشڻ پورهيت جي ڌيءَ آھيان سرمد انقلابي جي
ڀيڻ آھيان جنهن جي هٿن ۾ قلم بندوق کان وڌ سونهارو لڳي ٿو!
”پر ادي بابا ڇو پريشان ويٺو آھي؟
”ادا وڏيري هڙپائو جو ڪمدار ڪهاڙو آيو هو اُن بابا کي دهمان ڏيندي چيو ته... ”وڏيري هڙپائو خان سڀاڻي صبح سان توکي تنهجي پٽ سوڌو سندي بنگلي تي گهرايو آھي.
بابا جي پڇڻ تي ڪهاڙي خان توڏي ڏوھ ڌريندي سڀ ڪجھ باباکي ٻڌائي ڇڏيو، اُن لاءِ بابا پريشان ويٺو آھي.
سرمد سڄي رات ننڍ نه ڪئي ۽ بستري تي ڦٿڪندو رهيو باک ڦٽي، صبح ٿيو، ٻئي پيءُ پٽ وڏيري هڙپائو جي اوطاق ڏانھن روانا ٿيا. جڏھن هي اوطاق تي پهتا ته کين هڪ وڏو ميڙ نظر ٿئي آيو. ڄڻڪ سڄو راڄ ڪٺي ٿيو ويٺو هو،
وڏيري جي حڪم تي ٻئي ويٺا، وڏيري چيو....
”بابا ٻئي ڌُريون هِتڙي پهچي چڪيون آھن، هاڻي منهجو فيصلو اِهو آھي ته بخشو جو ڇورو سڄي راڄ جي سامهون چمچڻ خان جي پيرن سان پنهجو نڪ رڳڙي. نت ٻي صورت ۾ بخشڻ کي ڏنڊ ۾ پنهجي ڌيءَ ٻاگهل جو سڱ چمچڻ کي ڏيڻو پوندو!
سرمد داهيندي چيو....
”پر وڏيرا! چمچڻ مونکي گاريون ڏنيون ھيون تڏھن مان کائينس مٿان اُڀو ٿيو هئس،
وڏيري چيو...
”اڙي ڇورا جي چمچڻ توکي گاريون ڏنيون به آھن ته خير آھي چمچڻ تنهجي پيءُ جيڏو آھي توکان وڏو آھي، اڙي چار اکر ڇا پڙھيا اٿئي وڏڙن جي عزت ڪرڻ وساري ويٺو آهين، جيڪو مون فيصلو ٻڌايو آھي اُهو ڄڻڪ پٿر تي ليڪ آھي“
سرمد چپ مس چوريا ته سندس پيءُ ڪُلهي تي هٿ رکي چيو...
”پُٽ سرمد نه وسار ته اسين غريب آھيون...
سرمد پيءُ جي ويڳاڻپ ۽ وياڪلتا کي ڏسي سوچڻ لڳو ته اُنهن ٻن آفشن منجهان ڪھڙو کڻجي؟ ڪاش ٻاگهل مان دودو هجان ها ته ننگ به نه ڏيان ۽ عزت به نه وڃايان ها، ڪائنر آڏو سر نه جهڪايان ها پر ٻاگهل تنهجو ته صرف نالو ٻاگهل آھي ڪهڙي تون ڀونگر خان جي ڌيءَ آھين تون ته بخشو پورهيت جي ڌيءَ آھي، تنهجو ڀاءُ ڪو حاڪم ۽ سومرن جو سردار ناهي بلڪه تنهجو ڀاءُ ته سرمد غريب آھي جيڪو ڪٽ به دوستن جي پئسن جو پئندو آھي، منهجي ڀيڻ، مان تنهجي خاطر پنهجي عزت جو بليدان ڏيندس، ڀل مان دودو ناهيان ته ڇاٿي پيو، ڀل تون ڀونگر خان جي ڌيءَ ٻاگهل ناهين ته ڇا ٿي پيو، پر پوءِ به هن سنڌ امڙ جو سچو سپوت ضرور آھيان، پنهجي ڀيڻ ٻاگهل جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻان ٿو.
”سرمد پٽ!
پي جي حيسايل آواز سرمد کي خيالن جي دنيا مان وڏيري جي ڪٺور پنچائت تي پهچايو
سرمد تڪڙائپ ۾ سندي پيءُ ڏانھن مخاطب ٿيندي چيو...
”جي بابا!
”پٽ سرمد ڇا سوچيو اٿئي ٻاگهل کي قربان ڪندين يا پنهجو بليدان ڏيندين؟
”بابا اوهان جي خيال ۾ ڇا آھي؟
”پٽ منهجو ته جنازو ٻنهين جي آبرويت جي لتاڙ سان گڏ کڄندو!
”بابا گناھ مان ڪيان ۽ لوڙي ٻاگهل، ائين نٿو ٿي سگهي، بابا مان نڪ رڳڙيندس.
پوءِ سرمد فيصلي جي مطابق راڄ وارن آڏو چمچڻ خان جي پيرن سان نڪ رڳڙيو، اُن وقت ائين محسوس ٿئي ٿيس ڄڻڪ ادبي ڪتاب ڪنهن جاھل چرٻٽ جي پيرن تي ڪِيريا هجن، ڄڻڪ انقلاب جو چِتاءَ جلي رهيو هجي. اهڙي عمل کانپوءِ سرمد ڄڻڪ صفا سُن ٿي ويو، ڄڻڪ قوما ۾ ھليو ويو هجي، اُن وقت گهر پهچي پنهجو ٿيهلو کڻي ڪراچي روانو ٿيو، پنهجا سب رابطي جا رستا بند ڪري ڇڏيائين، گهر وارن سان ڪو به رابطو نه ڪيائين، ٻه سال گذري ويا ته بخشڻ کي خبر پئي ته ريل گاڏي هيٺان چچريل هڪ لاش مليو آھي جنهن جي خيسي مان سرمد جو پرس نڪتو آھي جنهن منجهه سرمد جا ڪاغذ پيل آھن. اُن لاش کي تقريبن چار ڏنھن ٿي ويا آھن جو سرد خاني منجهه پيل آھي ۽ سندس ڪي به والي وارث ناهن جاڳيا اهڙي ريت بخشڻ اُن لاش کي سندي گهر کڻائي آيو ۽ آخري رسمن ساڻ مٽي ماءُ حوالي ڪيائي. بخشڻ ۽ ٻاگهل سرمد جي ياد ۾ سڙندا رهيا.
ھاڻي تقريبن سرمد جي قصي کي پنج سال ٿي چڪا هئا، ٻاگهل جي شادي سرمد جي دوست ساگر سان ٿي چڪي هئي، کيس ھڪ سال جو ٻار به هو، بخشڻ به سندي نياڻي سان گڏرهندو هو ڇو ته ٻاگهل کانسواءِ سندس ڪو به سهارو نه هو، ائين ئي هڪ ڏنهن جڏھن ساگر گهر آيو ۽ چلھ تي ويهي رهيو جتي اڳ ۾ ئي سندس وني ۽ سهرو ويٺل هئا، ساگر چيو...
”چاچا بخشڻ اوهان لاءِ ھڪ خوشخبري آندي اٿم!
”ابا ساگر، سرمد کانپوءِ منهجي خوشين جو کاتو ڄڻڪ خالي ٿي ويو آھي تو الاءِ ڪٿان هٿ ڪئي آھي اِها خوشخبري.
”چاچا چوندا آھن ته الله جي لٺ بي آواز آھي، اهڙي ريت وڏيرو هڙپائو خان هاڻي سوگهو ٿيو اٿئي!
جائي پٽ، پر اُهو ڪيئن وري؟
”چاچا (اي ايس پي) صاحب جي همٿ سان غريب نواز جو خون مٿانس ثابت ٿيو آھي!
”اڇا پٽ ڪير آھي اُهو اي ايس پي؟
”چاچا اِها خبر ڪونه اٿم، پر ٻُڌو آھي ته وڏو ڪو ايماندار آھي!
”پٽ الله ڏنهن ڏيس جو اهڙي قاتل درنڌي کي سوگهو ڪيائين.
”چاچا ٻڌو آھي ته شام پاڻ ايندو وڏيري هڙپائو خان کي گرفتار ڪرڻ .
”پٽ پوءِ تون شھر وڃ ھڪ هار وٺي اچ، جئين مان شام جو اُن مهان فرشتي کي پارايان!
ائين بخشڻ جي چوڻ تي ساگر شهر مان هار وٺي آيو ۽ پوءِ شام جو ٻئي ڪٺي ٿي وڏيري جي اوطاق ٻاھريان وڃي بيٺا جتي اڳ ۾ ئي وڏا هجوم هئا، ماڻھو شايد تماشو ڏسڻ آيا هئا.
ائين ئي يويو جو آواز فضا ۾ تيزي سان گونججڻ لڳو، ته سامهون پوليس جون پنج موبائلون ۽ وچ ۾ گلوب لڳل هڪ ڪارو پيڄارو نظر ٿئي آيو ، لوڪ کان ڪجھ وکن تي اُهي سڀ گاڏيون اُتي ئي بيهي رهيون ۽ سڀ پوليس وارا موبائلن تان لهي (اي ايس پي) کي پروٽوڪول ڏيڻ لڳا، پوليس جي جوانن چوءَ طرف چئين ٺاهيو هيڏانهن ساگر ۽ بخشڻ کي (اي ايس پي) جي ٽوپي نظر ٿئي آئي، هو آھسته آھسته هنن جي قريب ايندو ويو ۽ بخشڻ جي ڀر ۾ پهچي پوليس جوانن جو ٺھيل چئين اُتي ئي بيهي رهيو، ۽ (اي ايس پي) بخشڻ جي پيرن تي ڪِرِي پيو، بخشڻ تڪڙ ۾ جئين (اي ايس پي) کي ڪُلهي کان وٺي مٿي کنيو ۽ سندس چهرو ڏٺو ته بخشڻ اُتي ئي سُن ٿي ويو، ڄڻڪ حواس هينگ ٿي ويا هُئس ۽ اکين منجهان لڙڪن جا بند بي پناھ وھڻ لڳُس ۽ پوءِ چپن ۾ مُسڪراهٽ سمائجي ويس ھاڻي (اي ايس پي) کي زور سان ڳلي لڳائي چوڻ لڳو...
”سرمد تون زنده آھين! سرمد تون زنده آھين!
پوءِ ساگر به کيس چنڀڙي ويُس، ٻنهين جي اکين منجهان لڙڪ لڙندا رهيا، پوءِ بخشڻ سرمد کي هار پارايو، سرمد چيو بابا سائين اوهين هِتڙي ئي بيهو ته هڪ درنڌي کي هٿڪڙيون پارائي اچان، پوءِ سرمد وڏيري کي هٿڪڙيون وِجهي ٻاهر گيهلي آيو، وڏيرو پنهجي ڪيئي تي پڇتائي رهيو هو ۽ بخشڻ جي پيرن تي نڪ رڳڙي چيائين...
”بخشڻ خدا جو واسطو اٿئي سرمد کي سمجهائي ته مونکي معاف ڪري.
ائين ئي سرمد وڏيري کي پوليس حوالي ڪري ٿاڻي ڏانهن روانو ڪري موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ پنهجي سرڪاري گاڏي ۾ بخشڻ ۽ ساگر کي ساڻ ڪري سندي پراڻي ۽ پيءُ جي گهر پهتو جتي کيس ٻاگهل جي اکين ڏسي لڙڪن جا بند ٽوڙي ڇڏيا ۽ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڀاڪرن ۾ پئجي ويا، پوءِ جڏھن بخشڻ چيو....
”ساگر پٽ پر تون هئين ڪٿي؟
”بابا مان گهر کان نڪري ڪراچي ڪمپني ۾ وڃي بيٺو هُئس ۽ اُتي رات جو ڪمائيندو هُئس ڏنھن جو پڙھندو هُئس، ٻه سال اُتي پڙھيس ۽تقريبن ٻه لک روپين تائين ڪمائي ويس، پوءِ سي ايس ايس ڪرڻ لاءِ روانو ٿيس ته ٽرين اسٽيشن تي ڪو بشني منهجو پرس چرائي ويو، پوءِ مان لاهور ويس، محنت ڪئي، ۽ سي ايس ايس پاس ڪيو، ٽريننگ ڪئي، بس انتظار هو ته منهجي پوسٽنگ منهجي ضلعي ۾ ٿئي جئين مان پنهجي تذليل جو بدلو وٺي سگهان، ھاڻي اوهان سڀين جي آڏو آھيان!
”پر پُٽ اسان سان رابطي ۾ ته رهي پئي سگهين نه ؟
بابا بي عزتي کان پوءِ مان ڄڻڪ قومان ۾ هليو ويو هئس دل ڄڻڪ پٿر جو ٿي ويو هو، اڄ جڏھن تنهجو ڳاٽ اوچو ڏٺم ته قوما کان آزاد ٿيوآھيان، ائين ئي سرمد پنهجي ڀيڻ سميت پنهجي پيءُ کي کيس سرڪار طرفان مليل بنگلي ۾ رهايو، سرمد جي ڪارڻ بخشڻ ھڪ پورهيت مان ڳوٺ جو وڏيرو ٿي ويو، ماڻھون ڏانهس اچڻ لڳا، ۽ بخشڻ ڳوٺ جا فيصلا ڪندو هو، اهڙي ريت چوند آھن ته محنت جو ڦل مٺو آھي.