مُرڪندڙ خواب
اصل ۾ مون سان هڪ عجيب الميودرپيش آھي. مان جڏھن به ننڍ جي جھان ۾ ھليو ويندو آھيان ته حسين خواب مونکي پاڻ ڏانهن گيهلي ويندا آهن ۽ اُتي پاڻ کي هڪ خوبصورت جھان ۾ ڀائيندو آھيان. چوطرف روشنين جا لاٽ ٻرندي نظر ايندا آھن، آسمان ۾ ڏيا ٻرندي ڏسندو آھيان ۽ زمين تي تارا چمڪندي ڏسندو آھيان، چوطرف پري پري تائين اڻڳڻت تارا نظر ايندا آھن، جيڪي ٽمٽار پيا ٿيندا آھن، مان اُنھن تارن جي وچ ۾ ڀٽڪندو رهندو آھيان هزارين وِک لتاڙي ويندو آھيان پر پوءِ بـه ٽنگن ۾ ٿڪاوٽ مور به محسوس نه ٿيندو اٿم. پوءِ به مان هلندو رهندو آھيان، اچانڪ سان سامهون هڪ روشن ۽ چمڪندڙ چنڊ نظر ايندو اٿم، ائين محسوس ٿيندو اٿم چنڊ جهڙوڪ ٻئين ٽئين تاريخ جو هوندو آھي.
اُن چنڊ تي هڪ حُسناڪ حُسنِ آرا ويٺل هوندي آھي. سندس حُسن مون موهيندڙ ھوندي آهي، سندس حُسن ۾ اهڙي ته ڪا ڪشش هوندي آھي جو دل کي سيني کان پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آھي، مان اُن حُسناڪ کي ڏسي ناهيان سگهندو ڇو ته هوءَ پُٺڀري هوندي آھي مان کيس چوندو آھيان...”اي حُسناڪ، دل کي دستخ ڏيڻ واري پنهجو چهرو ته ڏيکار !
ايتري ۾ ھوءَ مونڏانھن مونهن ڦيرائيندي آھي ۽ جڏھن مان سندس چھري کي ڏسندو آھيان، تڏھن منهجا چپ پاڻوڄاڻ وکري پوندا آھن ۽ مان ڪِري بيهوش ٿي ويندو آھيان. پوءِ ننڍ مان سجاڳ ٿي پوندو آھيان ۽ اکيون پٽجي ويندو آھن ۽ جڏهن پنهجي آس پاس دوستن کي ڏسندو آھيان، جيڪي معمول تحت ساڳيو جملو دُهرائيندا آھن. ”سرمد تون ننڍ ۾ ڇو مُرڪندو آھين.
”مان پاڻ ناهيان مُرڪندو، بلڪه مرڪندڙ خواب ڏسندو آھيان!