سمبارا
سنسان رستو آھي مان ۽ سمبارا اُن رستن تي رات جي تاريڪي ۾ رُلي رهيا آھيون چنڊ جي چانڊوڪي سبب رستا روشن آھن, رستن تي ڪو به گوڙ يا شورشرابو وغيره ناهي, صرف ڏيڏرن ۽ جيت جڙھن جي وڙندڙ آواز کانسواءِ,، ڄڻڪ اُهي آواز هن حُسناڪ ماحول کي بيڪگرائونڊ ميوزڪ ڏئي رهيا آھن.
اسان ٻنهن جو هٿ هٿ ۾ آھي اسين هلندا رهون ٿا, پوءِ سمبارا چوي ٿي...
”سرمد مان ٿڪجي پئي آھيان بهتر اهو آھي ته هاڻي ڪٿي ويهي ساھڙي پٽجي.!
اسين رستي جي پاسي تي ويهي رهياسن, سمبارا پنهجو مٿو ٿڪاوٽ جي ڪري منهجي ڪلن تي رکيو ۽ ڪجھ ڌير خاموش رھڻ کانپوءِ چيائين...
”سرمد چنڊ ڏسين ٿو؟
مان سندس چهري ڏانھن ڏسندي چيو...
”ها تمام ويجهو آھي ۽ چمڪي رهيو آھي مان سندس سُڳنڌ محسوس ڪري سگهان ٿو.
”پر سرمد ڏس نه چنڊ ۾ به هڪ خامي آھي!
چيم...”ها بس ڪجھ ضدي آھي.
”نه نه سرمد, چنڊ ۾ ته داغ آھي.
چيم....”نه با با چنڊ ۾ ته ڪو به داغ ناهي!
”اڙي يار غور سان ته ڏس بابا.
چيم...”بلڪل صدين کان ئي ته کيس ڏسي رهيو آھيان.
سمبارا تڪڙائپ ۾ منهن ڪُلهي تان هٽائي مونڏانھن ڏٺو, ھن جي چهري منجھان نادانيت پئي ظاھر ٿي هن منهجي کاڄي مان پڪڙي چيو...
”ڏس چرٻٽ آھي نه چنڊ ۾ داغ.
چيم... ”اڇا ته اُن چنڊ ۾ داغ آهي.!
”سرمد باقي چنڊ ٻه آھن ڇا؟
”ها نه, سمبارا چنڊ ٻه آھن هڪ داغ وارو ٻيو بنا داغ وارو،, داغ واري کي تو پئي ڏٺو ۽ بنا داغ واري کي مون پئي ڏٺو.
”لکيڪ آھين سرمد تڏھن ته لفظ پيو ٺاھين.
چيم...”ليک ضرور آھيان پر توتي لفظ ٺاھي ناهيان سگهندو.
”ڇو ڀلا سرمد مون تي لفظ ڇو ناهين ٺاهي سگهندو؟
چيم... ”اُهو اُنڪري جڏھن به مان بند ڊائري کوليندو آھيان ۽ ھٿن ۾ قلم کڻندو آھيان, تڏھن لفظ ڊائري جي ليڪن تي قطار هنيون بيٺل هوندا آهن, جئين پوليس جي ڀرتي تي نوجوان، يا جئين اليڪشن جي ڏھاڙي پولنگ اسٽيشن جي ٻاھران ووٽر بيٺل هوندا آھن,
بلڪل ائين ئي ادبي لفظ به تنهجي شان جي بيانيت ۾ تڪڙائپ ڪندا آھن هر لفظ چوندو آھي ته مان سرمد جي محبوب جو شان بيان ڪريان.
”اڇا ته اهو الميو درپيش آھي منهجي مجنُو سان.
”بلڪل سمبارا تنهجي سونهن الميو, تنهجيون ترڇي نگاهون الميو, تنهجا ڪاريهر وار اليمو وڏي مان وڏو الميو ته تنهجو عشق آھي, مان توتي فنا ٿيڻ ٿو چاهيان اهو به الميو اٿئي, مان تنهجي هنج ۾ دفن ٿيڻ ٿو چاهيان اهو به الميو اٿئي, سچ چوندا آهن ته مجنُو سڌائين المين منجھ اڙيل هوندا آھن. مان تنهجي عشق جي زندان جو قيدي آھيان.
”ٻڌ! سرمد ڪيترو چاهيندو آھين مونکي؟
چيم... ”تنهجي چاهت ۽ منهجي ساھ جو پاڻ منجھ ڳنڀير ناتو جُڙيل آھي هر ساھ جي کڻڻ تي توکي چاهيندو آھيان, جڏھن ساھ بند ٿيو تڏھن توسان چاھ بند ٿيندو.
”ائين نه چو چرٻٽ خدا اڳ ۾ مونکي ماري پوءِ توکي ماري.
چيم... ”ڳالھ ته وري به ساڳي ٿي سمبارا.
”ڪئين ساڳي ٿي.
چيم... ”منهجو اڌ روح تو ۾ سمايل آھي جڏھن تنهجو روح پرواز ٿيندو ته ان سان گڏ منهجو به ته ٿيندو نه.! باقي بچندو مونوارو اڌ روح سو اڌورا روح ڪڏھن به ناهن جيءَ سگهندا.
”ٺيڪ آ, سرمد سائين ويڳاڻو نه ٿي مون ته بس مزاڪ ڪئي.
چيم... ”اهڙا مزاڪ دل کي ڀوري ڇڏيندا آھن ۽ حواسن کي هينگ ڪري ڇڏيندا آھن.
”ساري بابا هاڻي نه ڪنديس. سرمد! هاڻي پاڻ کي هلڻ گھرجي باک ڦٽڻ تي آھي.
چيم... ”سمبارا اهي باک ته روز ڦٽندا آھن پر اُها باک الاءِ ڪڏھن ڦُٽندي جنهن جي اوسيئڙي منجھ اکيون اُتاوليون آھن.
”سرمد ڪھڙي باک جنهن جي اوسيئڙي منجھ تنهجيون اکيون اُتاوليون آھن؟
”سمبارا اُن باک جي اوسيئڙي ۾ اکيون اُتاوليون آھن جيڪا پاڻ سان گڏ سنڌ امڙ جي خوشحالي جو سنڪيٽ آڻيندي, دريا تارو تار هوندو, ٿر جا ماڻھون سُکيا ستاڀا هوندا, جڏھن ويرو ڪولهڻ يونيورسٽي ويندي, جڏھن سنڌ جا سپوت سنڌ مٿان حڪمراني ڪندا, ۽ سنڌ جي تاريخي جايُن تان خوشحالي جا پڙاڏا اُٿندا, تڏھن اُها انقلاب جي باک ٿي ڦُٽندي, ۽ ھي منهجي سمبارا اُن خوشحال سنڌ ۾ جهومندي ۽ خوشي وچان گيت چوندي,
”سنڌ مُرڪي پئي, سنڌ مُرڪي پئي“,