حقيقي خواب
مان خواب ۾ رات جي تاريڪي ۾ ڪنھن رڻ ريگستان ۾ ڀٽڪندو رهان ٿو ڏور ڏور تائين ڪنهن آدمزاد جو ڪو سُڳنڌ ئي ناهي, بيابان, ِرڻ پٽ ڄڻڪ زندگي بيمقصد ٿي ويو هجي.
ڄڻڪ اُن ريگستان مان ٻاھر وڃڻ جو دروازو ڳولهي رهيو هُئس ڄڻڪ زندگي بي منزلي ٿي وئي هجي. پوءِ آءُ اُن ريگستان ۾ ھلندو رهيس, هر طرف واري جا ڪي وڏا وڏا ڀٽ نظر ٿي آيا, ڳُچ پنڌ لتاڙي ويس. هاڻي صفا بيحال ٿي پيو هُئس، ڳل سڪڻ لڳا ۽ لڱ ٿڪڻ لڳا پر مان بيباڪ ٿي هلندو رهيس. آخر سامهون هڪ ڪکن جي ڀُنگڙي نظر ٿئي آيو مان مسڪرائي ته نه سگهيس پر اندر ۾ خوشي ضرور ٿي ته من اُتان منهجو پياس پورجي پوي, مان پيرن تي اڃا زور ڏنو ۽ اُن ڀُنگي وٽ وڃي پهتس پر اُتي ڪير به ڪونه هو مان اُتي واري تي هيٺ ويهي رهيس ۽ سوچيم ته کن پل ساهڙي پٽيان.
ڪجھ پل گذريا ته ڀنگي جي اندراُن ڪجھ آواز ٿئي آيو. ڄڻڪ اهو آواز ڪنهن ٿڪل ٽٽل بيمار لاچار يا بيوس شخص جو هجي.
مان يڪدم اُٿيس ۽ اندر ويُس ڇا ڏسان ته هيٺ ھڪ نوجون پٽ تي پيل آھي ڄڻڪ آخري پساھ ھُئس. هن ڳاٽھو آھستي آھستي مونڏانهن ڪيو ۽ چوڻ لڳو... ”پاڻي پاڻي !,
مان هن ڏانهن ويس ۽ چيو.... ”ڪٿي ملندو پاڻي؟
”.مان موت جو نالو رکيو آھي پاڻي!
”ڇا مطلب موت ۽ پاڻي؟
”مطلب ته هتڙي ته پاڻي آھي ڪونه تڏھن تـه موت کي سڏڙا ڏئي رهيو آھيان ڇو ته هُن جهان ۾ پاڻي ضرور ملندو اُنڪري مان موت جي جاءِ تي پاڻي پاڻي سڏيان ٿو.
”ڇو هِتي پاڻي ڪونهي ڇا؟
”مون کائنس پڇيو...”عجيب انسان آھين جي هِن جهان ۾ پاڻي هجي ها ته مان موت جي تمنا ڇو ڪريان ھا,.
”پوءِ مطلب ته مونکي به مرڻو آھي مان نراشا ٿي کائنس پڇيو.
”تون موت کان ڊڄين ٿو؟ هن سوال ڪيو.
”موت کان ڪير نٿو ڊڄي؟ مان وياڪل ٿي ويس.
”مان نٿو ڊڄان!
”ڇو تون ڪو وڏو بزرگ يا پير ولي آھين ڇا؟
”نه.. نه!
پوءِ؟
”اصل ۾ اُن موت سان منهجو ڳنڀير ناتو آھي. هر جنم ۾ اسين گڏبا آھيون ۽ ھر جنم مان موت کي ڳلي لاهيندو آھيان، موت مونسان ڳالهائيندو آھي!
”توسان موت ڳالهائيندو آھي؟ مان تعجب وچان کائينس پڇيو..
” ها.! ڪالھ جڏھن چنيسر چوتائپي ڪري خلجي ڪاهي آيو هو ۽ خلجين مونکا پڳ ۽ ٻاگهل جو سڱ گهريو هو ته مون اِنڪار ڪيو هو ۽ خلجين سان جنگ جوٽڙن لاءِ بيباڪيت سان تيار ٿي ويو هُئس ۽ جڏھن مان ميدانِ جنگ ۾ بيٺو ھُئس،
تڏھن مونسان موت ڳالهايو هو.
”توکي ڇا چيو هو موت اُن وقت؟
مونکي موت چيو...”اي دودا جي تون مونکان بچڻ ٿو چاهين ته ٻاگهل خلجين کي ارپي ڇڏ, اڙي دودا ڇا ڪندين اهڙو پڳ جنهن جي هيٺان گردن ئي نه هجي, دودا لهي وڃ زد تان ۽خلجي آڏو گوڏا کوڙ.
”پوءِ تو ڇا چيو؟
مان چيو..... ”دودي جو سِر ڪٽجي ته سگهي ٿو پر خلجين آڏو جُڪي نٿو سگهي.
”۽ ٻئي دفعي موت توسان ڪڏھن ڳالهايو؟
”جڏھن مان سکر جي جيل ۾ ھُئس تڏھن به موت مونسان ڳالهايو هو، موت چيو هو. اي هيمو ڪالاڻي تون مونکان جِنڌ ڇڏائي سگهين ٿو اُن لاءِ توکي تنهجو هنيل نارو واپس وٺڻو پوندو توکي معافي وٺڻي پوندي.
پوءِ مون موت کي چيو.... ”اي موت تون هيمو ڪالاڻي سان ٿي ڳالهائين ۽ اسين دشمن کان معافي گهرڻ سکيا ئي ناهيون, ۽ ھا منهجو هنيل نارو هزارين سالن تائين هن ڌرتي تي پيو گونجندو.
”تو ڪهڙو نارو هنيو هو؟
”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون!
”هاڻي اڃا به موت تو سان ڳالهائيندي آهي؟
”ها موت مونسان بار بار ڳالهائيندي آھي,، سُڌريو ناهي! اڃا به مونکي آفر ڏيندو آھي,
”هيل وري ڇا آفر ڏنائين؟
”بار بار مونسان ڳالهائي ٿي ۽ چوي ٿي. ”اي ٿري اڃا موقعو اٿئي ڇڏي وڃ ٿر ۽ مونکا جان بچائي, هتي پاڻي جو ڍڪ به ملڻو نٿئي, ڇڏ واري جي پچر نت انهيءَ ئي واري ۾ ٻور ٿي ويندين.
”پوءِ تنهجو جواب ڪهڙو اٿس؟
”منهجو جواب تو آڏو ئي ته آھي!
”مون آڏو مطلب؟
”جي مان موت جي مت ۾ اچان ها ته هتي پٽ تي پيل نه هجان ھا موت سان مون زد رکيو آھي ته ڀل هن مٽي ۾ منهجا ھڏا ڇڻي ٻور ٿي وڃن پر پنهجي ڌرتي جو در ناهي ڇڏڻو اسين هن جي ڪوک منجهان اُٿيا آھيون ۽ سندس ئي ڪوک منجهه سُمھڻ لاءِ سرخروح آھيون.
مون موت کي چيو.... ”اي موت سڌائين هر صديءَ ۾ توسان پنهجا پالا پيا آھن سڌائين پاڻ مليا آھيون ۽ ھر دفعي مان ڌرتي لاءِ ڳاڙھو ٿي ڪٺو آھيان, پوءِ ھيل ڪئين پنهجي پرمپرا کان ڦير کاوان. اُنجي جواب ۾ موت چيو هو....
”ته تون ضدي آھين ڇو ته سنڌي آھين!
”پوءِ ٻيا ڪي فرد تنهجي قوم منجهان تنهجي سهڪار لاءِ تو وٽ ڪو نه پهتا آھن ڇا؟
”نه! شايد اُهي سڀ خِلجين ۽ قاسم جي فوجن کان ڪُسجي چُڪا آھن. دودو ڪُسجي چُڪو آھي. هيمو ڪُسجي چُڪو آھي. سورهيه کي انگريز کڻي ويا ۽ ھوشو جي همٿ کي قيد ڪيو ويو آھي.
نت ٿر جي واري تي گهوڙن جا سنڀ ڏسين ها
”گهوڙن جا سُنڀ ڏِسان ها اُهو وري ڪئين؟ حيران ٿي پڇيم..
”ها ڇو ته دودو ضرور اچي ها. هوشو ضرور اچي ها ۽ سورهيه بادشاھ به سندا حُر وٺي هِت ضرور اچي ها ۽ سندي ڏڪاريل سانگهيڙن جو سهڪار ڪري ها ۽ اُنهن جي گهوڙن جا سُنڀ ٿر جي واري ۾ خوشحالي جو سنڪيت ڏين ها.
”پوءِ مطلب ته تون اڪيلو رهجي ويو آھين؟
”مان اڪيلو ته ناهيان مان مرندُس ۽ وري اُٿندس ڪنهن نئين اُميد سان ڪنهن نئين جستجو سان ۽ ھا دودو, هوشو, هيمو ۽ سورهيه به تي ورڻا آھن.
”مان ڀلا تو لاءِ ڪجھ ڪري سگهان ٿو؟
” تون ڪجھ به نٿو ڪري سگهين تو پاڻ مون جيان اُڃايل آھين ۽ مونکي تاريخ رقم ڪرڻو آھي. جئين هر دفعي ڪندو آھيان. هڪ قرب ڪري سگهين ٿو...
مون پڇيو,,,,” جي ضرور پر مان به تـه مري ويندُس.
“ تون مرندي ضرور پر مون جيان اُڃ ۽ بک ۾ بدهال ٿي نه مرندين.
”اُهو ڪئين وري؟
”اُهو ائين جو تون خواب ۾ حقيقت ڏسي رهيو آھين.
پوءِ مان خوش ٿيس ڇو تـه مون مٿان اوڍيل موت جو ڪپڙو هٽي ويو.
” ٺيڪ آھي پوءِ چوءَ!
”جڏھن ھن خوابي دنيا مان آجو ٿئين ته پهريان ڀٽائي سرڪار ڏانھن وڃجان ۽ کيس منهجو درد ٻُڌائجان، پوء روپا ماڙي وڃجان ۽ شھيد دودي سومري کي منهجان سلام ڏجان ۽ چئجان.
”ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو،
انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙي ،
وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪائنرن جو“,
چوءَجانس اي دودا توکان پوءِ دريا سڪي ويو, ماروئڙا ڏڪار وِگهي هڪ هڪ ٿي واري ۾ ڇڻي ٻور ٿي ويا. اُنڪري هي ٿر جي هڪ سانگهي جي دانهن اٿئي, دودا توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري, جلدر جنم وٺ ۽ سانگهين جي سور جو ڪو درمان ڪر.
” مان ضرور تنهجي سنڪيت کي دودي ڏانهن کڻي ويندس. مون کيس چيو..
” چڱو وري ملنداسين ڪنهن ٻئي نئي جنم ۾ ڪنهن نئين جستجو سان ججوڙيندي,
ڪنهن جيل جي پٺيان, ڪنهن گاڻي تي ڪٽجندين, ڪنهن گاٽ تي چڙھندين,, هن ڌرتي جي رڪشا ڪندي ڪنهن آخري پساھ ۾.