مـهـاڳ
پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڪيترا سنڌي ڀارت مان سنڌ جو سيروسفر ڪري آيا آهن. ساڳيءَ طرح ڪيترا اديب ۽ فنڪار سنڌ مان ڀارت ڏسڻ آيا آهن، جن واپس موٽي وڃي پنهنجا تاثرات سفرنامي جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن جن مان ڪيترا بيحد دلچسپ ۽ دلڪش ثابت ٿيا آهن ۽ مقبول ويا آهن جھڙوڪ مهتاب محبوُب ۽ تاجل بيوس جا سفرناما جيڪي سنڌ جا اعليٰ اديب آهن. ڀارت مان جن اديبن سنڌ مان واپس موٽي سفرناما شايع ڪيا آهن سي آهن محترمه ڪلا پرڪاش، موتي پرڪاش، هري موٽواڻي، ٺاڪر چاولا ۽ وينا شرنگي. موتي پرڪاش کي سندس سفرنامي تي ڀارت جي مرڪزي ساهتيه اَڪادمي اَوارڊ به ڏنو آهي. ٺاڪر چاولا جي سفرنامي‐ تون سنڌ ۾ رهي پئه، ته ڪافي ڌوم مچائي آهي.
اها سفرنامن لکڻ جي پرمپرا صدين کان وٺي جاري آهي، ڪيترا سيلاني ۽ ياتري صديون اڳ چين، عربستان، ايران، پورچيگال ۽ ٻين مُلڪن مان هندستان ۾ آيا ۽ واپس موٽي وڃي پنهنجا تاثرات سفرنامن جي صورت ۾ پيش ڪيا. انهن سفرنامن کي پڙهڻ مان پاٺڪن کي ڪافي علم حاصل ٿئي ٿو. مختلف مُلڪن جي سرڪاري سرشٿي، ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي سندن خيالات ۽ جذبات، سندن رسمن، ريتن رواجن جي، سندن سياسي، سماجي، سانسڪرت ۽ اقتصادي تاريخ جو علم حاصل ٿئي ٿو.
البته جيڪي سنڌ تي سفرناما لکيا ويا آهن اهي وڌيڪ دلچسپ ۽ دلپزير لڳن ٿا ڇو جو انهن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ، مارُن جي محبت، ساڻيھ جي سڪ، گذشتھ زماني جون مٺڙيون يادگيريون احساس ۽ جذبا سمايل آهن.
وينا شرنگيءَ جڏهن مونکي پنهنجي سفرنامي جو دستخط هٿ ۾ ڏئي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو ته مون خوشيءَ سان قبوليو ۽ سمجھيو ته ضرور سنڌڙيءَ جي سيروسفر تي ئي سفرنامو لکيو هوندائين ڇو جو هوءَ سنڌ ڏانهن پئي آهي. سنڌ ۾ سندس عزيز اڃا به رهيا پيا آهن. جڏهن دستخط جا ورق ورايم ته محسوُس ٿيو ته هي سفرنامو سنڌ تي نه آهي بلڪ اسپين، پورچيگال، امريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ تي لکيو ويو آهي. جيئن دستخط جو مطالعو ڪندو ويس ته مونکي دلڪش لڳڻ لڳو. سفرنامو سهڻيءَ سپڪ مٺڙيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو هو ۽ مان وينا کي من ئي من ۾ داد ڏيڻ لڳس. وينا شرنگي اسان جي مشهور معروف ليکڪا ۽ شاعرا ۽ سُٺي براڊڪاسٽر آهي. هوءَ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. آڪاشواڻي دهليءَ جي ايڪسٽرنل سروس جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ۽ ڪافي عرصي کان ٽرانسليٽر انائوسر ڪلاس ون ‐ گريڊ ۾ آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي نشريات سان جڙيل آهي. ڀارت جي مشهور مارئي سنسٿا جي روح روان آهي جا سنڌي ڀينرن جي سوشل ڪلچرل ۽ لئٽرري تنظيم طور ڄاتي سُڃاتي وڃي ٿي. پاڪستان کانپوءِ سنڌ جو چڪر لڳائي آئي آهي ۽ واپس موٽي ليکن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ پنهنجا تاثرات لکيا آهن جي ڪافي دلچسپ ۽ مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن. ويجھڙائيءَ ۾ ليھ لداڪ ۾ جتان سنڌوءَ جي شروعات ٿي ٿئي اُن جو درشن ڪرڻ لاءِ شري لال ڪرشن آڏواڻيءَ جي گروپ سان گڏ ويئي هئي، واپس موٽي هن سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب سفرنامو لکيو جنهن جي ادبي حلقن ۾ ساراھ ٿي. هاڻي هيءُ طويل سفرنامو اسپين، پورچيگال، اميريڪا، ڪئناڊا ۽ لنڊن تي لکي رهي آهي. هن ڪيتريون ڪهاڻيون به لکيون آهن جن مان ڪن تي کيس انعامن سان نوازيو ويو آهي. اسپين (مئڊرڊ) ۾ سندس وڏو ڀاءُ اشوڪ پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي (اسپئنش استريءَ سان) آکيرو اڏي رهيو پيو آهي. هن سفرنامي جي شروعات ڪافي جذباتي نموني لکي وئي آهي. وينا لکي ٿي :
دهليءَ مان KLM جهاز ۾ اسپين لاءِ رواني ٿيس. ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي. پنهنجيءَ سيٽ تي وِهڻ کانپوءِ خيالن جو سلسلو جاري ٿي ويو جڏهن به مان تنها هوندي آهيان ته منهنجا خيال منهنجا همسفر بڻي وڃن. زندگيءَ جا ورق طوفاني رفتار سان ورڻ لڳا جنهن جو مرڪزي ڪردار منهنجي امڙ بڻيل رهي. چوٿين فئبروَري 1999ع تي هن فاني جهان مان الوداع ڪيائون. امڙ جو آواز جنهن ۾ منهنجو ساھُ اَٽڪيل هو ور ور ڪري منهنجن ڪنن ۾ ٻُري رهيو هو. اڄ مان جيڪي ڪجھ آهيان امڙ جي ساٿ ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو آهي. لکڻ پڙهڻڻ کائڻ پيئن مطلب ته هر ڳالھ ۾ امڙ جو ساٿُ ۽ صلاح مون سان گڏ آهي.
وينا جي امڙ جي الوداع ڪرڻ کانپوءِ وينا کي غمن گھيري ڇڏيو. اڪيلي اُداس، ملول ۽ مايوس گذارڻ لڳي. ان گھيري مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سندس وڏي ڀاءُ اَشوڪ ڪيئي ڀيرا وينا کي دهليءَ ۾ چيو ته مون سان گڏ مئڊرڊ (اسپين) هلُ. وري واپس مئڊرڊ وڃي ور ور ڪري فون تي التجا ڪيائين ته تون هت سيپٽيمبر تائين اچي ٽِڪُ، نيٺ هوءَ ويئي. هن سفر جو احوال قلمبند ڪرڻ انهن ڪوششن جو ئي نتيجو آهي.
ائميسٽرڊم کان اسپين وڃڻ لاءِ جنهن جھاز ۾ سوار هيس اُن ۾ منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪُ ڊچ همراھ هو جنهن ٻُڌايو ته هو هڪ ڪمپيوٽر ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو آهي جنهن جي هڪ برانچ لاهور ۾ به آهي. هوُ ڀارت کان به واقف هو. هن ٻُڌايو ته کيس تاج محل ڏاڍو وڻيو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته هالنڊ جي اسپتالن ۾ علاج مفت ڪيو ويندو آهي ۽ بيروزگارن کي سرڪار طرفان سوشل سيڪيورٽِي جي ضمانت مليل هوندي آهي. ڊچ لباس کي اتان جا مهاڻا برقرار رکيون ويٺا آهن جو آهي ڀرٿ ڀريل لباس ۽ وڏي ٽوپي ڪاٺ جو جتيون (چاکڙيون) به ڪافي مشهور آهن. ايمسٽرڊم کان مئڊرڊ جي اُڏام جو وقت اڍائي ڪلاڪ کن آهي. اُڏام جي دوران جڏهن دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ساوڪ ئي ساوڪ هئي. اسان جو جهاز بادلن کي چيريندو، هيءَ هوائي پالڪي ڄڻ ڪنهن پَريُـن جي ديس جو سير ڪرائي رهي هئي ۽ منهنجي اُداس من اندر قدرت جي انهن سُهڻن وڻندڙ نظارن سرهائي پيدا ڪري ڇڏي ۽ ڪئين شاعراڻه خيال من ۾ اُڇلون ماري رهيا هئا. ڏينهن جو هڪ لڳي ويهين منٽن تي مئڊرڊ جي براخاس انٽرنئشنل هوائي اڏي تي فِلائيٽ لٿي. گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس ته سامهون وڏو ڀاءُ اشوڪ بيٺو هو. دهليءَ کان مئڊرڊ جو سفر طئه ڪري خيرن سان گھر پهتس. رات جو ٿڪ ڪري جلدي ننڊ وٺي وئي. ايڏي ننڊ جو اک کلڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. ڄڻ ورهين جا اوجاڳا ڪيل هجن. امڙ جي پرلوڪ پڌارجڻ کان چئن مهينن ۾ ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي هئي.
آرتوار منجھند جو گيتا مندر لاءِ روانا ٿيا سين. گيتا مندر وچ شهر ۾ هڪ سٺي علائقي ۾ آهي. گيتا مندر ڏسڻ وٽان آهي. گيتا مندر جو شاخائون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آهن. مندر ۾ ٻار جو مُنڻ لهرائڻ لاءِ آفريڪي حجم کي وٺي آيا. اُتي پنڊت لوڪ ناٿ جيٽلي هڪُ سٺو ليکڪ به هو، اُن جي گھرواري ۽ ٻار مليا. اُتي لنچ تي گل شِوناڻي سان پڻ مُلاقات ٿي جنهن جھولي لال جي مندر جي درشن ڪرڻ جي دعوت ڏني. اُن ٻڌايو ته هر چنڊ تي لال سائينءَ جي آرڌانا ڪندا آهيون ۽ هر جمع تي سيسا ۽ پرساد ورهائيندا آهيون. مونکي دادا رام پنجواڻيءَ جو ڪردار ياد اچي ويو جنهن جي ڪوششن سان جھولي لال سنڌين جي اشٽ ديو جي آرڌنا ديسان ديس مشهور ٿي آهي. ساڍي ستين بجي ڀارت ۾ رات ٿي وڃي پر اُتي اسپين ۾ سج بيٺل نظر ايندو. ڏهين بجي رات تائين سج جي روشني لڳي پئي هوندي آهي وينا وڌيڪ لکي ٿي. هتي ٽي.وي. تي ڪيترو وقت ڏنم چاهي بيڊروم ۾ هجان يا ڊائينگ هال يا ڊرائنگ روُم ۾ هر هنڌ ٽي.وي. جي موجؤدگي. هندستان پاڪستان جي عوام هڪ ٻئي جي قريب اچڻ چاهي ٿي.
صبح جو توليدو جو قلعو ڏسڻ لاءِ پروگرام ٺهيو. هيءُ هڪ تواريخي شهر آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه صرف يورپ مان پر ٻين ملڪن جا سيلاني به هتي ايندا آهن توليدو جو شهر قديم آهي. شهر ۾ يهودي، عرب، عيسائي وڏي عرصي تائين گڏ ملي جھلي رهندا هئا. اسپين جي ڪئٿولڪ راجائن عربن کي شڪست ڏئي تـڙي ڪڍيو. يهودين تي ڏاڍا ظلم ٿيا، کين چيو ويو ته مذهب بدلايو يا هتان هنڌ ٽـپڙ ٻڌي رفوچڪر ٿي وڃون.
وري گرناڊا (قلعو)، قرطبه ۽ سويجا وڃڻ جو پروگرام ٺاهيائون گرناڊا قلعي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اٺين صديءَ ڌاري اُتي سلطان آيو هو، اهو اسپين جو آخري علائقو آهي جتان اسلام جي پوئلڳن جا پير اُکوڙيا ويا هئا ۽ عيسائي مذهب اُتي آخر ۾ پهتو. الحمبرا ۾ جيڪو حمام موجود آهي اُن بابت چيو وڃي ٿو ته سلطان جي بيگم جو هڪ سيناپتي سان پريت جو پيچ پيو ان قلعي اندر هڪ شاهي وڻُ آهي جتي محبت جي داستان وڌيڪ پروان چڙهي، هڪٻئي سان عهد وفا ڪيا. جڏهن سلطان کي اها ڄاڻ پئي ته هن پنهنجي بي وفا زال ۽ اُن جي معشوق کي حرم ۾ قتل ڪيو جن جي خون جا داغ اڄ به اُتي موجود آهن
طئه ٿيل پروگرام ۾ ٿوري ڦيرڦار ڪري پهرين قرطبه جي مسجد ڏسڻ جو سوچيائون.سئوويھ (120) ڪلوميٽرن جي رفتار سان ڪار شاهراھ تان فاصلو طئه ڪندي، اوسي پاسي جي منظرن کي پٺتي ڇڏيندي اڳتي وڌڻ لڳي. سفر جي دوران سنگيت ۽ گفتگوُ جو سلسلو جاري هو. وينا وڌيڪ لکي ٿي : اسان قرطبه وارو رستو ورتو. ساڍي ٻارهين ڌاري اسين قرطبه پهچي ويا سين ۽ اچي مسجد وٽ بيٺا سين، قرطبه جي هيءَ ڪئٿڊرل (مسجد) جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها اولھ جي اسلام جو عظيم ترين يادگار آهي. اندر داخل ٿيڻ بعد عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. ڪمال جي ڪاريگري هئي. ڪنن تي لڳل هيڊ فون ذريعي ڪامينٽريءَ تي اتي جي رهڻي ‐ ڪرڻي، تهذيب تمندن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تمام ئي سهڻي ۽ دلچسپ ڄاڻ ملي. ان کان پوءِ قرطبه جي يونٽي ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اندر داخل ٿيا سين ته اندر ميڊيڪل جا اوزار مؤجود هئا جي اُتي جي ماهرن ايجاد ڪيا هئا. عجب اهو ٿو لڳي ته اُهي ايڏي عرصي کانپوءِ به آپريشن ۽ علاج وغيره لاءِ استعمال ٿي پئي سگھيا. هيٺ واپس اچڻ تي ساڄي پاسي تي ٽي آدم قد کان به ڊگھا ماڊل مؤجود هئا، اُهي يهودي، عيسائي ۽ مسلمان شخصيتن جا هئا جن جا پنهنجي پنهنجي مذهب جي عقيدت، ايڪي، ڀائيچاري ۽ ميل ملاپ جي قولن ذريعي سکيا جو پيغام بيان ڪري رهيا هئا. هيءُ شو لائيٽ ۽ سائونڊ تي آڌارت هو. قرطبه جي ان يونٽي ٽاور ڏسڻ کانپوءِ ٻاهر وزٽر بوڪ رکيل هو، اُن تي جڏهن وينا پنهنجا تاثرات لکڻ چاهيا ته کيس سچوُ سائين جو هيءُ شعر ياد پيو : آنءُ جوئي آهيان سوئي آهيان هندو مومن ناهيان ڙي يار شاه صاحب جو هيءُ شعر به کيس اچي ياد پيو : مذهبن ملڪ ۾ ماڻهوُ منجھايا.
قرطبه بعد وينا وڌيڪ فرمائي ٿي : شام ستين بجي سويجا پهتا سين. سويجا ۾ ائين پيو لڳي ته هتان جا ماڻهو ڏينهن جو سمهندا آهن ۽ رات جو جاڳندا آهن. هن هوٽل ۾ روز رات جو وڏي تعداد ۾ ٽؤئرسٽ اچي لوڪ‐سنگيت جو مزو ماڻيندا آهن. هٿن ۾ سڀني کي ڊرنڪ نظر ايندو. رقص ڪندڙن سان گڏ ٻاهريان ماڻهو به شامل ٿي وڃن. ان هوٽل جي مالڪ هڪ عورت هئي جا پاڻ به ڳائيندي هئي. مالڪياڻيءَ سان گڏ هڪُ وڏي عمر جو ماڻهو تنهن تمام کُلي گلي سان لوڪ گيت ڳاتو. واه جو رنگ ڄمايائين. هڪ گيت هو جنهن جي معنيٰ هئي : سويجا تنهنجو رنگ نرالو، وينا کي سنڌ ياد اچي ويئي. چئي ٿي جيئن اسين گيتن ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ جو نالو ٻڌي ٺرندا آهيون تئين سويجا واسين جي چهري تي رونق آڻي ڇڏي. پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ڪيڏي نه وڏي طاقت آهي. سويجا جون ڇوڪريون عالمي سونهن واري چٽا ڀيٽيءَ ۾ زور شور سان حصو وٺن. اُتي جي ڇوڪرين جا وار ڪارا روش ٺاهوڪا ۽ فِگر سٺي. ڪيتريون ڇوڪريون هندستاني ڇوڪرين وانگر پيون لڳن. وينا گروپ سميت اُتي هڪ شاهي محل ڏسڻ وئي، جنهن ۾ مُسلم ۽ عيسائي فن جو سنگم هو. ٻاهر هڪُ وڏو باغ هو. هيٺ هڪ طرف شاهاڻي خاندان جي بيگمن جي وهنجڻ لاءِ حمام ٺهيل هو. حمام جي آخري واريءَ ڀت تي وڏا جارا هئا جن جي پٺيان پاڻيءَ گرم ڪرڻ لاءِ باھ وغيره جو بندوبست ٿي ٿئي سگھيو. ان دؤر جون شاهي بيگمون اسٽيم باٿ وٺي نه صرف پنهنجي جسم جي ٿڪاوٽ لاهينديون هونديون پر پنهنجي سندرتا ۾ به اضافو ڪنديون هونديون. شهر جي آس پاس ٻيا به ڪيترا خوبصورت نظارا ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جن جو ذڪر وينا پنهنجي عالماڻي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ڪري رهي آهي.
سويجا جي سير سفر کانپوءِ وينا ۽ گروپ پورچوگال طرف رخ رکيو. پورچگال ۾ مندر ڏسڻ ويا پر دير سان پهچڻ ڪري مندر بند ٿي ويو هو. اتي کين هڪُ گجراتي مليو جنهن کين چيو ته صبح جو آرتيءَ تي اچجو. ڳالهين جي دؤران هن ٻڌاين ته هوُ ويجھڙائيءَ م موزمبق مان آيو آهي. پورچوگال ان بئٺڪ کي ڇڏيندي اُتان جي گجراتي سماج ۽ ٻين کي پورچگال اچڻ جي نينڍ ڏني. صبح جو تيار ٿي مندر ڏسڻ وياسين، مندر جو درشن ڪري جڏهن ٻاهر نڪتا ته اُتان جي مئنيجر کين مندر جي رنڌڻي ۽ ٻين حصن کي ڏيکارڻ ۾ رهنمائي ڪئي. ڳالهين جي دؤران کين پتو پيو ته مندر جو تمام وڏو پلاٽ هو پورچگال سرڪار کين ڏنو هو. ان ڏينهن گھوٽ ڪنوار کي پيري پوائڻ وٺي آيا هئا. وينا لکي ٿي ته گجراتي دنيا جي الڳ الڳ حصن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، جتي جتي هو ويا آهن اُتي پنهنجي سنسڪرتيءَ کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اَٿائون. ان مندر جي ٻاهران هڪ وڏي ڪاري پٿر جي پارڪ ۾ مورتي آهي جنهن جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ کستوربا گانڌي به ساڻ آهي جڏهنڪ اڄ ڏينهن تائين مهاتما گانڌيءَ کي اڪيلو ئي ڏيکاريو ويندو آهي.
پورچگال کانپوءِ ايستورل روانا ٿيا سين اهو علائقو سُـٺن رهائشگاهن کان مشهور آهي. اُتي ڪسينوزُ ۾ مؤج مچندي آهي پر اسان جھڙن صوُفين لاءِ ممنوُن آهي، منهنجي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته اشوڪ کي دعائون ڏئي ها ته قرب ڪري رات رهي پئون. اُتي ڏينهن جو ننڊ ڪندا آهن ۽ رات جو جاڳندا آهن. حسينائون ۽ دوشيزائون ڪسينو ۾ رات جوئي جَلوه‐افروز ٿينديون آهن.
ولائت جي سفرنامي لکندي وينا سنڌ ۽ پورچگال ۾ گوئا کي ڏاڍو ياد ڪري هن سفرنامي کي دلچسپ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون هڪ غزل لکيو آهي جنهن جو تصور مون لنڊن ۾ ڪيو هو. غزل جو متلع آهي :
ويٺي ويٺي هو ولائـت ۾ وطن ياد آيو
دَرو ديوار دريون گھر جو چمن ياد آيو
هن منهنجي احساس کي وينا پنهنجي سفرنامي ۾ هيئن ٿي پيش ڪري. ولائت جي وڻن ۾ وطن جي ڪويل ڪوُڪي ٿي. پورچگال جي متعلق وينا لکي ٿي ته هيءُ ننڍڙو ملڪ جنهن جي رهواسين دنيا جي ڪيترن ملڪن کي پنهنجي هٿ وس ڪيو آهي ۽ انهن کي پنهنجون ڪالونيون (بئٺڪون) بڻائي پنهنجا جھنڊا کـڙا ڪيا آهن. انگولا، موزمبق، گوئا، دمن، ديوُ ته ڇڏيو پر برازيل جھڙي وڏي سائوٿ امريڪا ملڪ کي پنهنجي بئٺڪ بڻائي ڇڏيو. ننڍي کنڊ جا ماڻهو کوجينڪ واسڪو ڊيگاما جي نالي کان بخوبي واقف آهن.
جڏهن پادرو ميوزم ڏسڻ لاءِ ويا ته اُتي پينٽنگ جي ڪمال جو مظاهرو ڏيکاريل هو. وينا لکي ٿي ته ميوزم ۾ اندر داخل ٿيڻ تي خوبصورت رنگن جي ميل واري شاهي پينٽنگ ڏسي منُ ٺري پيو جنهن ۾ انساني چهرن جا تاثرات ائين هئا ڄڻ پينٽنگ نه بلڪ جذبات سان سرشار زنده انسانن جي صحبت ۾ آهيون.
وينا جو پنهنجي اَمڙ سان اَتي پيار ٿو ڏسجي. سندس متعلق لکي ٿي : اَمڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي چپن تي واه واه اچيو وڃي. اکيون وڏيون ۽ ويڪريون، رونش، قد بت ٺاهوُڪا، چهرو چنڊ جھڙو، خوبصورت عورت هئي. خوشبوُ سان به بيحد پيار هين. پَرفيومُ، سرها تيل ڦليعل، صابڻ، پائوڊر، اڄُ به ڪيترا لنڊن مان آندل رکيا آهن. لڳي ٿو پاڻ کان وڌيڪ مون لاءِ گڏ ڪرڻ جو چاھ هوس. هڪ کٽندو نه هو ته ٻيو اڳ ۾ ئي مؤجود، اڃا آفيس لاءِ نڪرندي نه هيس تنهن کان اڳ گلاب ۽ موتئي جا گل پٽي ڏيندا هئا. مونکي لڳي ٿو کين منهنجي روپ ۾ سندن ماضيءَ جا ڪي يادگار لمحا نـظر ايندا هُـئَن. وينا لکي ٿي : اسپين ۾ شايد ئي ڪو ڏينهن هجي جنهن ڏينهن گھران نڪرڻ نه ٿيو هجي. روز جُتلو پير ۾ هوندو هو.
اسپين جو سفر پورو ڪري وينا کي اَمريڪا وڃـڻو هو جو اُتي کيس سنڌي سميلن تي دعوت مليل هئي. اسپين مان 28 جولائي تي نيويارڪ لاءِ نڪتي. امريڪا جي دؤري متعلق وينا لکي ٿي. هوائي اڏي تي سميلن جو ميمبر وٺڻ آيو هو. هوٽل ۾ وِملا تِواري ملي جيڪا پڻ ان وقت پهتي هئي. هن کي ڪلچرل پروگرام جي جوابداري سپرد ٿيل هئي. رات جو ڪافي دير کانپوءِ ننڊ آئي. هوائي سفر جي ٿڪاوٽ به زبردست هئي. جيئن ته سميلن جو بندوبست رتنا گدواڻيءَ کي ڪرڻو هو ان سان ڳالھ ٻولھ ٿي، اُن وقت دادا چيلا رام جي پٽ لڇمڻ چيلا رام سان ملاقات ٿي. انڊيا مان به ڪيترا ڄاتل سُڃاتل مليا، پر منهنجو ساھُ ته پنهنجن بيگن ۾ اٽڪيل هو، انڪر ي نه ته انهن ۾ ڪي هيرا جواهر هئا پر انهن ۾ سميلن جي دؤران جيڪو فئشن شو مونکي پيش ڪرڻو هو اهو سامان هو. سميلن ۾ سنڌي ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جو نماءُ ۽ وڪرو به ڪيو ويو. شام جو سنڌي لباسن تي آڌارت فئشن شو رکيل هو جنهن لاءِ سميلن طرفان مونکي خاص نينڊ مليل هئي. اهو پروگرام تمام ڏکيو ۽ للڪار ڀريو هو. وڏو پورهيو منهنجي مربي ڀيڻ پروميلا شرما جو پڻ هو. مون ڪئي، مٽيريل جي چُونڊ، سنڌ مان ڪپڙو، ڀرٿ ڀريل گج، ٽوپيون، گلن واري جُتي، اجرڪون کٿا، ڀرٿ ڀريل روا ٺهرائڻ ڪو سولو ڪمُ نه هو. ان فئشن شو لاءِ رنگن جي چونڊ، عاج جون ٻانهيون، زيوَر، مئچنگ پوتيون (چڪني جو رئو) ڀڳت ڪنوررام جو جامعو ۽ پڳ. لباسن تي آڌارت ڪامينٽري جنهن لباسن متعلق شاه صاحب جي شعرن جي چوُنڊ. ان پروجيڪٽ ۾ منهنجي سياڻي ڀيڻ شالني ساگر به ٻانهه ٻيلي ٿي بيٺي. گجرات مان روايتي شيون آڻائڻ جي جوابداري شالنيءَ تي وڌي. جئپور، اجمير ۽ بـڙودي جو ذمو مون پاڻ تي رکيو. پروميلا تي هر روز درزيءَ وٽ ٽن مهنن تائين اچ وڃ ڪرڻ جو ڪم ۽ چاندني چوڪ مان ٽوپيون ٺهرائي اچڻ ۽ ٻيو ڪم وڌو. ڊاڪٽر دوداڻيءَ جو شونق هو ته مان اهو پروجيڪٽ ڪيان. مان دهليءَ مان جون ۾ نڪتس. سميلن لاءِ ايڏو سامان، ويھ ٻاويھ وڳا ۽ ٻيو سامان، سفر جا ڏک ڏاکڙا، مٿان ٻيون فارمئلٽيز. بئگون گھليندي گھليندي ٻانهون سوُر ڪري رهيون هيون. خير سان سميلن تي پهچي ويس. ان فئشن شو منعقد ڪرڻ ۾ وينا کي ڪيتريون تڪليفون درپيش آيون. پڇاڙيءَ ۾ وينا لکي ٿي : سنڌي تهذيب ۽ ڪلچر جي تاريخ ۾ هن انوکي يگاني ۽ پهرين طرح جو فئشن شو هو. آمريڪا جي ڇَهين سنڌي سميلن ۾ سنڌيت جي پريمين جو من موهي ڇڏيو. سڀني ماڊلس جا ٿورا جن منهنجي تخليقي سوچ ۽ فن سان نڀائڻ جي ٿوري وقت اندر محنت ڪري پورهيو برثواب ڪيو. من ۾ مهراڻ جي ڇولين جون اُڇلون ان جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن اَمريڪا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيلن ڪيترن مبارڪ باد ڏني، چيائون پئي ڀيڻ توهان ته امريڪا جھڙي ملڪ ۾ سنڌڙيءَ جو سير ڪرايو آهي. ڪيترن بروقت لباس خريد ڪرڻ جي اِڇا ڏيکاري. وينا کين چيو، اها پراپرٽي سميلن وارن جي آهي، توهين وِملا تِواريءَ کان خريد ڪري سگھو ٿا. جنهن ڀڳت ڪنوررام جي، پهراءَ جو شو ۾ ڪردار ادا ڪيو هو تنهن چيو : مان جيءُ لباس واپس موٽائي نه ڏيندس. هن سئو ڊالر وِملا تِواريءَ کي هٿ ۾ ڪري ڏنا. وينا وِملا تِواريءَ کي چيو توهان مونکان پنهنجي امانت مهرباني ڪري سنڀالي وٺو. کيس سمورو سامان ڏيڻ کانپوءِ ائين لڳو ڄڻ سنڌوُءُ ۾ ٽُٻي لڳايم. ڊاڪٽر ستيش روهڙا وينا کي چيو ته جيڪو شو پيش ڪيو تنهن لاءِ واڌايون. وينا وڌيڪ لکي ٿي ته رات جو جڏهن مان هوٽيل ۾ پنهنجي ڪمري ۾ ويس ته مون بيحد رُنو مونکي اُن ڪاميابيءَ تي پنهنجي امڙ جي ياد آئي. اگر هوُءَ حيات هجي ها ته ٻڌي تمام خوشي ٿين ها. اَمريڪا ۾ وينا ۽ سندس ڪراچيءَ واري ساهڙيءَ جي اوچتي ملاقات ۽ سندس سالگره ملهائڻ وارو واقعو ۽ ساڻس گڏ شڪاگو جو سير سفر به ڪافي دلچسپ ۽ ڇهندڙ آهي.
وينا لکي ٿي : اَمريڪا مان خيرن سان سفر طئه ڪري لنڊن پهتس. چانھ پاڻي پي بدر سومري کي فون ڪيم جو هن مئڊرڊ ۾ خط لکيو هو ته لنڊن ۾ اچو ته احوال ڏجو. دستوري دعا سلام کانپوءِ مون کيس چيو ته مونکي وليم شيڪسپيئر جو ڳوٺ ضرور ڏسڻو آهي. من ۾ خواهش هئي ته اهڙي عظيم ليکڪ، شاعر ۽ ناٽڪنويس جي رهائشگاهه ڏسان. بدر وراڻيو : سڀاڻي جو پروگرام ٺاهيون ٿا. آچر ڏهاڙي، اٺين آگسٽ تي صبح جو سوير ئي تيار ٿي فون جو انتظار ڪري رهي هئس. بدر ابڙي موبائيل تان فون ڪيو ته اسين ٻاهر اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. مان جڏهن پهتس ته بدر سومري ڊاڪٽر بدر سان تعارف ڪرايو، رسمي طور دعا سلام کانپوءِ اسان ادب جي عظيم شخصيت شيڪسپيئر جي ڳوٺ طرف روانا ٿيا سين. فاصلو چڱو خاصو هو، وري واٽ تي مينهن جي بوندن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. مينهن بند ئي نه ٿئي. بدر موڊ ۾ هو چيائين اوهان شيخ ‐ پير جي ڳوٺ کي ئي ترجيح ڇو ڏني؟ مون وراڻيو‐ عظيم ساهتڪار جي يادگار جي جڳھ ڏسڻ ٿي چاهيان. ٽهڪ ڏيندي چيائين شيخن جي پيرَ کي ڏسو ٿا ته ڪيڏا مينهن وسايا اٿائين. ڀٽائي صاحب کي به مينهن پسند ته شيخ پير کي به پسند. ان موضوع تي ڀٽائيءَ جا ٻه ٽي بيت جھُونگاريائين. هڪ طرف سُر سارنگ جو ذڪر هو ته ٻئي طرف ڊاڪٽر بدر جو موسم تي ڏمرُ. مينهن چوي اڄُ نه وسان ته ڪڏهن وسان. رستو ڏسڻ ۾ ئي نه اچي. بادلن جي گـڙگـڙاهٽ ڏسي ڪجھ دير لاءِ دل پريشان ٿي پر مونکي به اِسٽرٽـفورڊ ڏسڻ جُنونُ هو. نيٺ مينهن جي رفتار پٺتي پوندي ٿئي وئي. بدر پاڻ سان انب آندا هئا. ڏسي سچ پچ حيراني ٿي. لنڊن ۾ سنڌ وارا وڏا وڏا مٺا چاش جھڙا انب، اصل ڳوٺ ياد اچي ويو. نيٺ منجھند جو ٻارهين بجي ڌارا اُتي پهتا سين. شيڪسپيئر جي ڳوٺ پهچڻ تي هلڪي بوندا باندي هئي. تمام گھڻي ساوڪ ئي ساوڪ کان وڌيڪ گلن جون ٻاريون. گھر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي سندس استعمال واريون شيون اُتي رکيون هيون. وينا لکي ٿي، جيڪو تصور ۽ خوشيءَ جو احساسُ اُن وقت مونکي اهڙي عظيم ليکڪ جي يادگار گھر جي اڱـڻ ۾ بيٺي ٿي رهيو هو ان جي قيمت نه ٿي لڳائي سگھجي. ان جي ڀرسان ٿوري ئي فاصلي تي سندس ناناڻو گھر جتي اُتي جو ڳوٺاڻو منظر پسي سگھجي ٿو. ٻنيون ٻارا رِڍون، چوپايو مال وغيره. انکانسواءِ ائني هئٿيوز ڪاٽيج. هيءَ اُهائي ڪاٽيج آهي جتي وليم شيڪسپيئر پريت جو پيچ پاتو هو ۽ سندس محبوبا اَئني شاديءَ کان اڳ رهندي هئي. نومبر 1582ع ۾ ٻنهي لائون لڌيون هيون. انوقت شيڪسپيئر جي عمر 18 سال هئي ۽ سندس محبوبا جي 26 سال. هُـوءَ ٽن مهينن سان پيٽ سان هئي جو ٻئي وواھ جي ٻنـڌن ۾ ٻـڌجي ويا.
لنڊن ۾ وينا کي ڪيترا سنڌي واقفڪار ۽ دوست مليا. پڇاڙيءَ ۾ وينا لکي ٿي : جناب نور محمد ٿيٻو ڀلو انسان هو. سندس ٻار تمام سُٺا هئا، سندن قرب وسرڻ جھڙا نه آهن. پرديس ۾ جڏهن پنهنجا هموطني ۽ هم زبان ملن ٿا ته عيد ٿيو وڃي.
وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي. مونکي اُميد آهي ته ڪي قدردان ۽ دانوير ضرور جاڳندا جي وينا شرنگيءَ کي انعام سان نوازي سندس حـؤصلي اَفزائي ڪندا.
پـرڀُـو وفا ڇـڳاڻي