سفرنامه

وايون وڻجارنِ جون

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جو اسپين، پورچگال، پئرس، آمريڪا ۽ لنڊن جي سفر تي آڌارت سفرنامو آهي. پرڀو وفا ڇڳاڻي لکي ٿو:
”وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مِٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي.“
  • 4.5/5.0
  • 2092
  • 593
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارنِ جون

سُـتا اُٿي جاڳ

اربع 16 جون تي اسپين جي مشهور معروف پيئنٽر جناٿن لنسڪيٽ اشوڪ کي پنهنجي پينٽنگ ڏسڻ جي نينڍ ڏني هئي. اشوڪ آفيس وڃڻ کان اڳ چئي ويو هو ته، مان ٻارهين ڌاري آفيس مان ايندس توکي پينٽنگ جي نُمائش ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلندس، تون تيار ٿي ويهجانءِ، مئڊرڊ ۾ اچڻ کانپوءِ، مون آرام کي ترجيح ڏني.
بي رحم ۽ بي بقاءَ وقت ڪي اهڙا حادثا ۽ حالتون پيدا ڪيون، ڄڻُ زندگي حسين دلڪش هرياليءَ جي پيچري تي هلندي هلندي دڳ ڀُلجي، ڪنهن سحرا جي واٽ ورتي ۽ اُتان پاڻ ڇڏائي ڪنهن ٿـڌي ڇانو جي تمنا ڪرڻ لڳي. مئڊرڊ جو سفرُ ڄڻُ نعمت بڻجي، گھاٽي وڻ جي ڇانو جيان ٿڪل راھگير کي پنهنجي ڇانو ۾ پناھ ڏني هجي. جتي ڪجھ به نه ڪرڻُ، ذهني دٻاءَ کي پٺتي ڌڪي، ڪم ڪار کي تلانجلي ڏيئي ڪوهن تي ڦٽو ڪري اُڇلائي ڇڏيم… صرف آرام ۽ تفريح… زندگيءَ ۾ ٽي.وي. جي پروگرامن کي ڪڏهن به ايترو وقت ڪونه ڏنو هو، صرف خبرون يا ايڪڙ ٻيڪڙ تفريحي پروگرام… پر هتي ڪيترو وقت ڏنم ان جو اندازو لڳائڻُ مشڪل آهي. چاهي بيڊروم ۾ هجان يا ڊائنگ هال ۾، يا ڊرائنگ روم ۾، هر هنڌ ٽي.وي. جي موجودگي، شايد گھر ۾ ڇهن ستن کان مٿي سيٽ هئا، هيٺ نوڪرياڻيءَ جي بيڊروم ۾ الڳ، منهنجي فرصت وارن لمحن ۾ اها دنيا جو واءُ ساءُ، فن فڪر جي سوغات کنيون بيٺي هجي… ننڊ مان اُٿڻ شرط ئي ڪرُ موڙيندي، رموٽ سان ٽي.وي. چالو. فيٿ عنوان تحت زي.ٽي.وي. تي صبح سوير، هندو مُسلم، سک عيسائي مطلب ته هر مذهب جي واعظ ڪندڙن جي گيان گوشٽي ٻُـڌم، دوردرشن تان خبرون، زي تي صبح شام ۽ وچ وچ ۾ هيڊ لائينس، ڄڻُ مونکي دنيا جي سياسي اُٿل پُٿل جو تجزيو ڪرڻو هجي. دهليءَ ۾ هلندي پائيندي انتاڪشري تي سرسري نظر وجھندي هيس، مئڊرڊ ۾ ته اُن تي به عنايت ڪيم. نه صرف ايترو بي معنيٰ بي مقصد پروگرامن تي به ديا درشٽي وڌم. اتي خميس خميس تي پاڪستاني نيوز به ڏيندا هئا، گھمڻ گھتڻ ڪري خبرون نه ڏسي سگھندي هيس ته، اشوڪ موبائيل تي فون ڪري نوڪرياڻيءَ کي چوندو هو ته نيوز رڪارڊ ڪري ڇڏ. رات جو هڪ بجي اُها ساڳي نيوز ايندي هئي. ڪارگل جي جنگ جي نيوز ٻـڌڻ جو بي چئنيءَ سان انتظار رهندو هو.
هتي رڌ پچاءُ کي تلانجلي ڏني هيم اُتي لذيذُ طعامن جا ذائقا ٽي.وي. پروگرامن ذريعي ضرور وٺندي هيس. اگر ان دوران نانويج ڪا ڊش اچي ويندي هئي ته ڇي…ڇي…ڇي ڪري نڪ چپ موڙيندي هيس، دادا جشن جي لنڊن واري دوري تي آڌارت آئوٽ ۽ ابائوٽ پروگرام تحت رپورٽ ڏٺم ان ڪڙيءَ تحت پروچوگال ۾ گجراتي سماج جي تنظيم طرفان اُتي مندرن جي اُڌگھاٽن ۽ ڀومي پوڄا جي رپورٽ، گجراتي مهلا سماج طرفان پرشوتم جي مهيني وارو پروگرام، ايس.اين. گوئنڪا جو پروچن، باپو آسارام، سائين بابا مطلب ته واندڪائيءَ جي وندرَ هئي، ٻن آچرن تي آپ‐ڪي‐عدالت ۾ طارق انور سُٺو ڳالهايو، سونيا گانڌيءَ جي اوچتي سياست ۾ داخلا، عهدي جي خواهش ماڻڻ تي تکا تير ڇوڙيا، ٻئي طرف دليپ ڪمار جو بالا صاحب ٺاڪري تي رنج و غم. پاڪستاني ناٽڪ ڌوپ ڪناري، ديوانگي، محبت هي محبت، اسپين جي نيوز، سي.اين.اين.، بي.بي.سي. جي خبرن جي وٺ وٺان، ڄڻُ دنيا جي ميڊيا تي دستاويزي فيچر تيار ڪرڻو هجي. يورپ ۽ آمريڪا جي خبرن ۾ اصل ڪوسوو پيو ڪٽجي، هانءُ پيو ڦاٽين دراصل، يورپ وارن کي ڪميونسٽن جو زور ٽوڙڻ لاءِ مُسلمانن سان همدرديءَ جو جذبو اصل بند ڀڃي اُٿلون پيو ڏئي، ڪامريڊن جي اصل ڪڍ لڳل هئا، سوويٽ روس ته اڳيئي تاش جي پتن جيان ڊهي پٽ پيو.
هندوستان پاڪستان جي عوام امن چاهي ٿي، ڪارگل ۾ ڀارتي فوجين جي دهشت گردن سان ويڙھ، ٻنهي مُلڪن ۾ ٽي جنگيون لڳي چُڪيون آهن، امن ۾ خلل وجھندڙن طرفان نفرتون ڦهلائڻ ڪري ٻنهي مُلڪن جي عوام هڪ ٻئي جي قريب اچڻ چاهي ٿي. پر مفاد پرست رخنو وجھي رهيا آهن، ڀل ته لڳي ڌُڪڙ کي اٽو.
فاصلو ‐ قريب ‐ ليڪن ڪيڏو ڏور!
اسان وچ ۾ سرحدي ليڪ، بڻي هماليه دوري.

منهنجو آڪٽوبر 1997ع ۾ ليھ لداڪ وڃڻُ ٿيو، جنهن سفر تي آڌارت، سنڌوءَ ڪناري نئون تاريخي باب، سفرنامو لکيم، اتي جي عوام امن چاهي ٿي. لاهور بس ياتر جي خيرسگاليءَ واري جذبي جي ناڪاري موٽ، هوڏانهن ڀارت جي بنگلاديش سان دوستي ۽ تعاون جو هٿُ واڌائڻ وارو نيڪ جذبو دهشت گردن کان سٺو نه ويو، اسپين ۾ اها خبر ٻُڌم ته ڪلڪتي جي اسٽيشن تي بم جو ڌماڪو ڪيو ويو، جيڪو انهن جي ڪُڌن ڪرتوتن کي عيان ڪري ٿو، بي گناھ عوام تي وار ڪرَڻ بزدلي آهي. نهٿن سان ڪهڙو مقابلو، برابري وارن سان مُنهان منهن ٿيڻ ئي مُڙسي آهي نه ته ڪا نئرتا آ…
گورکا ريجيمينٽ جي بهادرن جي ڪارنامن جي هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي، ڪوسوو ۾ گورکا ريجيمينٽ جي ٻن جوانن جي موت تي برطانوي وزيراعظم افسوس ظاهر ڪندي گورکن کي سارهايو. ها! سو مون ڳالھ ٿئي ڪئي اسپينش پينٽر جي پر دنيا جي اُٿل پُٿل ۽ واءُ ساءُ طرف گھلجي ويس، جنهن ڪلاڪار جو اندريون تخليق ڪار جاڳي پوي ته پوءِ واھ! واھ!! جناٿن جي هيءَ نُمائش يورپ جي ڪن پينٽرن لاءِ خراجي عقيدت طور لڳائي وئي هئي. مِلِينيم پلاسٽڪ آرٽ، هيءَ نُمائش پينٽر ۽ اسپين جي ايئرپورٽ اٿارٽيءَ وارن گڏجي لڳائي هئي. 14 جون تي براخاس هوائي اڏي تي انٽرنيشنل ڊپارچر جي ٽرمينل ‐ 2 مکيه هال ۾ ان جو افتتاح ڪيو ويو هو. اسان جي پهچڻ تي پينٽر اڳتي وڌي اسان جي مرحبا ڪئي، الڳ الڳ منظر چٽيل هئا، بادلن سان گھيريل سُرمئي آڪاش، موج مستيءَ ۾ ساگر جون ڦوھ جوڀن ۾ اُٿندڙ ڇولين جي منظرڪشي، قدرت جي حسين دلڪش من موهيندڙ نظارا… ٻئي طرف زندگيءَ جون جھلڪيون ۽ عڪس گھرڌياڻيءَ جي رنـڌڻي ۾ موجودگي، اسلامي دور ۾ ڪتب ايندڙ ٿانو، ڪوُنوارا (لوٽو)، نيري رنگ جي نـقاشيءَ وارا ٿانو، ڪنٽيمپرري (هعمصر) آرٽ، نباتات، باھ جا شعولا، ڪاسموس، پاڻيءَ وغيره جا ڏيکه، رنگن جي انڊلٺ جو منظر، بي شمار رنگن جي رنگولي 1927 ‐ 1853ع اوُر تيس تڪسيني جي عقيدت ۾ هڪُ چترُ چٽيو هو ان جي زال پنهنجي ڌيءَ نئنا سان گڏ ڏيکاريل هئي. ٻئي طرف 1909 ‐ 1851ع ۾ پيڊر سويرين ڪريئر جي زال جي باغيچي ۾ موجودگي جو چتر چٽي هن فنڪار پنهنجي عقيدت ظاهر ڪئي هئي. 1935 ‐ 1851ع نيگو جي عقيدت ۾ سندس زال جي جھوني دور جي رنڌڻي ۾ موجودگي، 1935 ‐ 1859ع جي ايني انچ جي ننڍڙي نينگريءَ کي باغيچي ۾ ڏيکاريل، ٻيا به ڪيترا خوبصورت چتر هئا، ننڍڙن ٻارن کي ٻيرن جيان بيريز چونڊيندي، مائيڪل اينڪر جي ياد ۾، هن پينٽر پنهنجي برش جي سهاري رنگن جي خوبصورتيءَ سان پنهنجي فني سوچ کي نـزاڪت ۽ نـفاست بخشي هئي. هڪُ هپ هپ هورا پارٽيءَ جو سُهڻو چتر چٽيل هو، اهي سڀئي پينٽنگه 70 / 60 جي آئيل ڪئنواس تي، ته ڪي ان کان ننڍيون هيون. اشوڪ پڇيو توکي ڪهڙي پسند آئي، مون وراڻيو ٻن کان بي حد مُتاثر ٿي آهيان هپ هپ هورا پارٽي ۽ مئڪسيڪو جي سامونڊي منظر واري نيري سرمئي رنگ واري آڪاش ۽ ساگر جي ميلاپ واري جنهن جي هن قيمت ڏيـڍ لک کان مٿي ٻُـڌائي. نُمائش ڏسڻ کانپوءِ اشوڪ منهنجو هنُ سان تعارف ڪرايو ته منهنجي ڀيڻ انڊيا مان آئي آهي، هو ملي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. اسان کي گڏ لنچ ڪرڻ لاءِ نينڍ ڏنائين، اشوڪ کيس چيو اسين لنچ گھر ڪنداسين، باقي توسان گڏ ڊرنڪ پيئنداسين، مون کان پُڇيائين ته مون کيس چيو مان جوس وٺندس، گفتگوءَ دوران هن ٻُـڌايو ته هو انڊيا ۾ انڊين ڪائونسل آف ڪلچرل رليشن ( آءِ.سي.سي.آر ) جي نينڍ تي دهليءَ ۾ نُمائش لڳائي چڪو آهي. ڀارت جي ميڊيا ۽ فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ ڪيترين شخصيتن سان ملاقات ڪري چڪو آهي. خاص طور ڀارت جي مشهور معروف آرٽيسٽ جتن داس جي قريب هو ور ور ڪري اُن جو ذڪر پئي ڪيائين. مونکان پُڇائين اوهانجي ڪنهن ڪنهن ۾ دلچسپي آهي، ڪٿي ڪم ڪريو ٿا، ڪهڙي زبان ۾ لکندي آهين. مون چيو مان پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ لکندي آهيان، پرڏيهي اطلاعت ۽ نشريات کاتي سان منهنجو واسطو آهي. اُن وقت مون وٽ ٻه ڪتاب هئا جيڪي مون ڪانتيش جي پڙهڻ لاءِ کنيا هئا، ڪانتيش کي سنڌي ادب سان لڳاءُ آهي، ۽ جي هو ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ کـڻندو آهي ته پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ ئي ڇڏيندو آهي. جڏهن پينٽر جناٿن لنسڪيت منهنجا ٻه ڪتاب سنڌوءَ ڪناري نئون تاريخي بابُ سفرنامو، ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ڏٺو ته چيو مان اهي ٻئي ڪتاب خريد ڪندوس، مون کيس چيو مان توهان جھڙي فنڪار کان پئسا ڪونه وٺندس، منهنجي طرفان اوهان لاءِ هيءَ سوکڙي آهي. اشوڪ کيس ٻُـڌايو ته اهو سفرنامو ليھ لداڪ تي آهي، هن کي ڪارگل جي ڪري ان ايراضيءَ جي باري ۾ ڄاڻ هئي. مونکي چيائين مان جڏهن دهليءَ پنهنجي پينٽنگ جي نُمائش جي سلسلي ۾ ايندس ته اوهانکي نُمائش ڏسڻ جي نينڍ ضرور موڪليندس اشوڪ هن کان موڪلائڻ وقت پنهنجي پسند جي پينٽنگ جي قيمت پُڇي، چيائين توسان ڪهڙا ليکا، تنهنجي ڪا خاص پسند هجي ته مان اُها به تولاءِ تيار ڪندس.
ٻاهر نڪرڻ وقت، مون اشوڪ کي چيو اها ڏيڍ لک ۾ مهانگي ناهي، چيائين نه منهنجي ڪري گھٽ ئي لڳائي اٿائين، تو جيڪا ڊرائنگ روم ۾ پينٽنگ ڏٺي آهي اها ويھ سال پُراڻي آهي اُن وقت مون پنجويهه هزارن ۾ ورتي هئي، يورپ ۾ پينٽنگ جو فنُ ڪافي مقبول آهي، يورپ ان ڪلا ۾ دنيا جا عظيم ترين فنڪار پيدا ڪيا آهن، پئرس ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي ڏٺم ٿـڏي تي تصوير تيار ڪري پيا ڏين، ڪيترن چترڪارن کي ڪئنواس تي ڪمُ ڪندي پنهنجي فن ۾ مگن ڏٺم. يورپ ۾ ان فن جنهن بُلندين کي ڇُهيو آهي، ايڏي وڏي پئماني تي اسان وٽ اڃان ان طرف رجحان گھٽ آهي. اسان جي جاتيءَ ۾ ته ڪلا لاءِ چاھُ مڙيئي خيرُ آهي. الله مالڪ آ…! ڪٿي ٿا قدرُ ڪريون… مون پنهنجي امڙ کي بزرگي ۾ گھٽ نظر جي باوجود پينٽنگ ڪندي ڏٺو، سندن چار يادگار پينٽنگ مون وٽ اڃان تائين موجود آهن، جن ۾ هُنن جو سيلف پورٽريٽ به شامل آهي. ان طرح اسان جي جاتيءَ ۾ ڪئي فنڪار هوندا، جن جو فن ڪنهن پليٽفارم ۽ صحيح رهنمائي نه ملڻ ڪري سندن زندگيءَ جي جوت اُجھامڻ سان ئي اُنداهين ۾ ڌڪجي وڃي ٿو. هڪ ته ورهاڱي ڪري سنڌي جاتيءَ جي فن، فڪر، ڪلچر، ٻولي ۽ تهذيب کي ڪاپاري ڌڪُ لڳو آهي. مٿان وري غيريقينيءَ واريون حالتون، بقول نارائڻ شيام جي :

الله ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي. (شيام)

انڪري ڀـٽ ڌڻيءَ جي اظهار کي هينئن سان هنڊايون.

سُـتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري،
سُـلطاني سُـهاڳُه ننڊ ڪندي نه ملي. (شاھ)