مروئان موت ملوڪان شڪار
ڪالھ رات جو بينيدرم بيچ تان تمام دير سان واپس ورڻ ڪري رات جو سمهندي سمهندي اڍائي کان مٿي وقت ٿي ويو هو. ارادو ڪيم ته گھر کان ٻاهر ڪٿي به نه نڪرندس، صبح جو دير سان اُٿندس، اوچتو دريءَ کان ٻاهر نظر ڪرڻ تي سامهون واري بنگلي تي تيز تکي اُس پئجي رهي هئي، مون سوچيو ڏھ کن ٿي ويا هوندا، منهن هٿ ڌوئي چانھ لاءِ رنڌڻي ۾ گھڙيال تي نظر پئي ته اٺ ٿيا هئا، اشوڪ چيو ڊرائنگ روم ۾ ويهي نيوز به ڏسون ٿا ۽ چانھ به پيون ٿا. ڏهين ڌاري اشوڪ چيو وينا بک لڳي آهي، نيرن ڪيون مون چيو سنانُ ڪري پوءِ نيرن ڪريون هن چيو نه پهرين نيرن ٿا ڪريون، پوءِ سوئمنگ پول ۾ سئمنگ ڪنداسين. اڃان نيرن شروع ئي ڪانه ڪئي ته فون جي گھنٽي وڳي، اشوڪ رسيور کنيو چيائين پونم ڳالاهڻ ٿي چاهئي، چيائين اچو ته گڏجي لنچ ڪريون ڪانتيش چيو سڀاڻي پونم جي هڪ ميٽينگ به آهي تون به گڏ وڃينس. مون چيو رات گھمي گھمي ڪري ٿڪجي پئي آهيان. اڃان هاڻي نيرن پيا ڪريون. هن چيو، مان توکي وٺڻ ايندس. مان اشوڪ کي چيو ته ڪانتيش ۽ پونم چون ٿا ته منجھند جي ماني اُنهن سان ڪريان ۽ سڀاڻي جو پروگرام به رکيو اٿائون، مان وڃان؟ چيائين منهنجو موبائيل پيو آهي کيس چئينس ته ڏيڍ ڌاري توکي وٺڻ اچي.
مان جھٽ کن کانپوءِ سوئمنگ پول ۾ ڏھ ٻارهان ٽٻيون ڏيئي تيار ٿي اچي ويٺس. ماريا سُئمنگ ڪري اُس جو تڙڪو وٺي رهي هئي، ڀائٽي سوئمنگ پول ۾ فلوٽنگ بيڊ تي هٿ ۾ ڪتاب ۽ ڪي ڪاڳر کڻي پڙهي رهي هئي. اشوڪ چيس اهو ڪهڙو پڙهڻ جو طريقو آهي، اگر ڪاڳر اُڏامي پاڻيءَ ۾ وڃي ڪرن ته…! چيائين مان ان تي آرام سان ويهي پڙهندس. ان وچ ۾ سندس ساهڙيءَ جو فون آيو، اشوڪ فون کڻندي ئي ساهڙيءَ کي ٽوڪ وچان چيو هوءَ فلوٽنگ بيڊ تي ويهي اسٽڊي ڪري رهي آهي…! هن وراڻيو انڪل مان به ائين اسٽدي ڪندي آهيان، ڌيءَ کي فون ڏيندي چيو: وينا! هنن جا پروفيسر به وڏا نالائق آهن خبر ناهي ڪيئن ٿا اِنهن کي مارڪون ڏين؟ ڀلا ڪانتيش وٽان ڪڏهن موٽندينءَ؟
مون چيو: اشو تون جڏهن منهنجو هيءُ سنڌي ڪتاب سنڌو ڪناري نئون تاريخي باب پڙهي پورو ڪندين تڏهن واپس ايندس…!
دانهن ڪندي چيائين الله ڙي! اهو شرط نه……
مون کيس چيو سنڌ يونيورسٽيءَ جو گريئجوئيٽ آهين سنڌي نه پڙهي سگھندين…! منهنجو ته اهوئي شرط آهي. چيائين اهو ته ڏکيو شرط آهي، ڪتاب جي پُٺيان ڪويتا پڙهڻُ شروع ڪيائين، چيائين ان ۾ ته ڪافي وقت لڳندو……!
ان وچ ۾ ڪانتيش سنڌو سان گڏ پهچي ويو. منجھند جو پونم فرسٽ ڪلاس لنچ ٺاهي، گڏ چٽپٽا دهيوڙا به هئا، ڪالھ جي سيروسفر جو حال احوال ڪندي مون چيو اڄ ڪٿي به نه نڪرنداسين. هيڏي هوڏي جون ڳالهيون ڪندي ڪانتيش چيو هلُ ته اران خوئيٿ هلون (Aranjuez) توکي ياد هوندو مميءَ سان گڏ هليا هئاسين. مون چيو ياد ته نه آهي ڏسڻ سان ياد اچي ويندو، پر اڄُ نه هلنداسين…! ها نه ها نه جي جڳھ جڳھ ۾ وقت وڃي پيو نڪرندو نيٺ تـڙ تڪڙ ۾ چانھ پي نڪتاسين اڃان ڪي ميٽر فاصلو طئه ئي نه ڪيو ته ڪانتيش سنڌوءَ کي ڪار ڊرائيونگ لاءِ ڏني منهنجون ۽ پونم جون دانهون، ڪار مان لهي اسان چيو اسان ڪونه هلنداسين ۽ پنڌ گھر طرف هلڻُ شروع ڪيو، ڪانتيش ڪار کڻي اسان جي پُٺيان پُٺيان اسان ٻئي ٻُـڌو اڻـٻُڌو ڪندا اڳتي وڌنڌا پئي وياسين هو ڪار کڻي پُٺيان پُٺيان… چيائين ٺيڪ آهي توهانجي ڳالھ ٿيندي هن کي ڪار هلائڻ ڪونه ڏيندوس، اسان ٿوري آناڪانيءَ کانپوءِ هن جي ڳالھ وڃي ڪري مڃي.
اڄ جنهن محل (Carolus III Palace) کي ڏسڻ وڃي رهيا هئاسين اُها ڪارلوس ٽئين ٺهرائي هئي. جڏهن هو مئڊرڊ طرف ايندو هو ته وچ ۾ آرام لاءِ هو اتي وچ واٽ تي اچي کيما کوڙيندو هو. اتي جي ماڻهن هن جو جنگ ۾ ساٿ ڏنو هو انڪري کين خوش ڪرڻ جي لحاظ کان به اتي پهنجي موجودگيءَ ۽ اُنهن سان پنهنجائپ جو احساسُ ڏيارڻ لاءِ هيءَ يادگار محل جوڙايو، ان طرف ويندڙ واٽ جو نالو ڪامينوريائل (Camino Real) يعني شاهي رستو آهي جو ان شهارا تان ڪارلوس لگھندو هو. اڄ اسين به ان قومي شهارا تان گذري رهيا آهيون، مئڊرڊ تقريبن (40) چاليهن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، شاهي شهارا جي هڪ غلط موڙ وٺڻ سان، اسان جو اڌ ڪلاڪ کان مٿي وقت جو نقصان ٿيو One way جي هئڻ ڪري ڪافي دير کانپوءِ ڪٽ اچي پيو. پنج سال اڳ انهيءَ روڊ تان ڪيونڪا ويا هئاسين، جيڪو جھولن جي گھرن طور مشهور آهي، جھولي وارا گھر انڪري پيا چون جو اها تاريخي ۽ تفريحي جڳھ اونچي پهاڙين تي آهي، ان جي چوطرف گھر اڏيا ويا آهن، اهي گھر ائين ڄڻُ پهاڙين تان جھولي وانگر لٽڪي تاثر ڏين پيا اهو علائقو جھولن جي (Casa Colgantes) گھرن وارو چيو ويندو آهي. اتي مٿي هڪُ تاريخي قلعو به آهي. سفر دواران گفتگو جو سلسلو به جاري هو ڪانتيش جو ننڍو پُٽ دويشُ فوٽبال راند جو بيحد شونقين آهي، ۽ پنهنجي اسڪول جي ٽيم جو سُٺو رانديگر به آهي، هو اسڪول جي ٽيم ۾ ڪيترا ڀيرا چونڊيو ويو آهي. اسپين وارا اصل فوٽبال راند جا ڪوڏيا آهن. جيئن اسين ڪرڪيٽ راند جا ديوانا آهيون ( پر هاڻي جڏهن کان وٺي مئچ فڪسنگز جو معاملو هليو آهي ماڻهو رانديگرن کي شڪ جي نگاھ سان ڏسن پيا……!) اسپين جون مشهور ٽيمس آهن :‐
(1) Real Madrid (2) F.C. Barecelona (3) Corunia Valencia (4) Ateletico-de-Madrid (5) Valladolid
هتي فوٽبال کانسواءِ روايتي شونق ۽ مشغولي آهي بُل فائيٽنگ يعني ڍڳن جي ويڙھ جيڪا پيڙهي در پيڙهي اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ڏاندن جي ويڙھ کي پلا سادي تورو چوندا آهن.
جيئن مٿي مون ذڪر ڪيو آهي ڪارلوس ٿري اهو محل ٺهرايو هو، اتي يادگار شيون ۽ پينٽنگ وغيره رکيون ويون آهن. ان پئلس ۾ ٻاهر خوبصورت ڦوهارن وارو باغ آهي، وڻن جون قطارون، ان باغ وچ مان تاخوس ندي وهي ٿي، جيڪا ندي ڪيونڪا جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آئي آهيان ته جھولن وارن گھرن طور مشهور آهي اتان وهندي وڃي لسبن ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رومن ان نديءَ کي تاگوس چوندا هئا، اسپينش وري ان کي تاڪوُس چون ٿا. ان پئلس جي باغ مان وهندڙ نديءَ ۾ اڇيون ڪاريون بدڪون موج مستيءَ ۾ لهرن کي نازانداز سان چيريندي ٿئي ويون، ٻئي طرف پٿرن سان ٽڪرائجندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ لهرن سان اک ٻوٽ ڪندي مڇيون ڪڏهن پاڻيءَ اندر ته ڪڏهن پاڻيءَ کان ڦٽُ مٿي ٽپا ڏينديون کيڏي رهيون هيون، مڇيون نه بلڪ پلا وڏا وڏا پلا پنهنجي جياپي واري جل سان انگل آرا ڪري رهيا هئا، ها سچ پلن تي ياد آيو اسان وٽ سنڌ ۾ روهڙيءَ جو پلو مشهور، حيدرآباد سنڌ ڄام شوري ڀرسان وهندڙ درياھ وٽ ڪجھ فاصلي تي المنظر ريستورينٽ آهي، جتي ميزبان پنهنجي مهمانن کي پلا کارائڻ وٺي ويندا آهن، روهڙيءَ جي پلي جي چشڪي جي واھ! واھ!! پيا ڪندا آهن. مونکي به حيدرآباد ۾ پلي کائڻ جي دعوت ظفرحسن تنوير جوڻيجو ڏني هئي مون انڪار ڪيو هو، مان ڀلا ويجيٽيرين… پلو ۽ مان، ٻئي هڪٻئي جا جاني دشمن… بيٺو نه سهون. هيءَ پلا روهڙيءَ وارن پلن کان ڪيترا سوادي هوندا ان جي چشڪي لڳائڻ جو اندازو مون لاءِ لڳائڻُ ناممڪن آهي…! جو مون لاءِ پلو حرام……!! ها هڪ ڳالھ ضرور چوندس ان خوبصورت ڏيکه کي ڏسي من ۾ خوشيءَ جي لهر اُڀري رهي هئي، اڇيون ڪاريون ۽ چٽ ڪمريون بدڪون پاڻيءَ جي لهرن جي سنگيتميه تال تي خالق طرفان خلقيل ٿرڪندڙ انهن جيون کي ڏسي انوکو آنند اچي رهيو هو. ڊگھن قداور وڻن ۽ ڦوهارن جي مڌهر جھنڪار وارو ماحول روماني منظر هو، ان روماني منظر کي مون به پنهنجي ڪئمرا ۾ محفوظ ڪرڻُ شروع ڪيو، ڪاش! من جي ويڻا جي تار جي جيڪا جھنڪار ان وقت پيدا ٿي رهي هئي اُن تي آڌارت ڪا سنگيت جي رچنا خلقي سگھان هان…… اها خواهش ۽ حسرت ئي رهي……!! بقول قمرشهباز ‐
وڻ وڻ ۾ ويڻا وڄي، پن پن ۾ پـڙلاءُ
اهڙا ڪئي انسان هوندا جن کي اهو ڏانو ۽ ڏات هوندي… اهڙي ئي ڏات جي نعمت سان مالامال هو اُتي جو مشهور معروف ڪلاسيڪي دنيا جو سورداس ميوزيشن خوڪين رادريگيٿ جنهن ان خوبصورت واٽڪا کان پريرڻا حاصل ڪري سنگيت جي هڪ يادگار ڌن تيار ڪئي. ان حسين منظر کي ڏسي ڪري اتي ڪيترا ڀيرا اوپيرا به منعقد ڪيا ويا آهن، اسپين جي باري ۾ ڪيتريون ڳالهيون ۽ ڄاڻ مونکي ڪانتيش ڏني آهي، جيڪا هن سفرنامي ذريعي سڀني سان ونڊي رهي آهيان. هڪ دکه دائي حادثي جي باري ۾ ٻُـڌايو ته هڪ واري اسپين جي سينيئر سٽيزنس کي اتي گھمائڻ لاءِ وٺي آيا، هڪ بزرگ جو حادثي ۾ موت ٿيو.
اڃان گھمڻُ گھتڻُ پوروئي ڪانه ٿيو هو ته سنڌو دويش فرمائش ڪئي ته اسانکي ڪجھ کائـڻو آهي. هڪ ريسٽورينٽ ۾ وڃي ڪري ويٺاسين، سامهون ٽي.ويءَ. تي بُل فائيٽنگ هلي رهي هئي هڪُ ٿلهو ڪارومتارو ڍڳو ان تي وار ڪندڙ نوجوان جنهن کي رنگبرنگي ڳاڙهي سُنهري رنگ جو لباسُ ۽ ٽوپي پهريل هٿن ۾ ڳاڙهو ڪپڙو ڏيکاري ڍڳي کي مڇرائي رهيو هو، اسٽيديم ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هئي، سندس ٻئي هٿ ۾ چهنبدار ڀالو هو، اُهو زوردار وار ڪري ڍڳي جي پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين، جيڪو سڌو ڍڳي جي پٺيءَ ۾ کپجي ويو، هڪ ٻيو ميدان ۾ لٿو اُن به زوردار نموني ڍڳي تي ڀالي سان وار ڪيو، ان طرح چار ڄـڻا ميدان ۾ لٿا، مکيه بُل فائيٽر تي اگر ڍڳو وار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي پيو ته ٻيا اُن تي وار ڪري اُن جو ڌيان اُتان هـٽائين پيا، انهن پنج ڀالا ڍڳي جي پُٺيءَ م چڀي اُن کي رتورت ڪري ڇڏيو. ماڻهن جون زوردار تاڙيون هيون، مروئان موت ملونڪا شڪارُ، نيٺ چُهنبدار تلوار سان اُن کي گھايل ڪري ڪيرائي ڇڏيائون، ۽ بُل فائيٽر فخر وچان ڳاٽ اونچو ڪري ڪاميابيءَ جو سهرو سِر تي ٻڌي تاڙين جي گڙگڙاهٽ ۾ مُسڪرائيندو رِنگ کان ٻاهر وڃي رهيو هو. منهنجا هٿ حاضرين جيان نه ئي تاڙين لاءِ کڄا ۽ نئي وري لبن تي واھ! واھ!! پر افسوس ضرور ٿيو، اها ڪهڙي بهادري جو جانور کي ڇتو ڪري مارجي. اولھ جا مُلڪ ايشيائي مُلڪن ۾ جانورن تي ظلم ۽ بيدردي تي ته خوب هاءِ! گھوڙا ڪندا آهن پر اسپين جي ان بي رحم تششد ڀري راند کي بند ڪرائڻ جي اڄُ ڏينهن تائين جريت ڪانه ڪري سگھيا آهن. اسپين ۾ هنڌ هنڌ بُل فائيٽنگ جي شو جا وڏا وڏا پوسٽر لڳل هئا. اتي 4 جولاءِ تي ڏاندن سان ويڙھ جنهنکي پلاسادي تورو چوندا آهن هڪُ وڏو شو رکيل هو. انساني حقن ۽ جانورن جي دردشا تي تنظيمون ايشيائي مُلڪن ۽ ننڍي کنڊ ۾ جانورن يا ٻين جي اذيتن جي باري ۾ ته وڏيون دانهون ڪوڪون ڪن ٿيون پر، جھڙي انداز ۾ ٿلهن متارن ڍڳن کي ڏسندي ڏسندي اذيتون ڏيئي رتورت ڪري مارين ٿيا اُنهن تي نه ئي اڄُ ڏينهن تائين روڪ لڳي آهي نه وري ڪا ايتري عالمي سطح تي واءِويلا ٻُـڌڻ ۾ آئي آهي، عربن طرفان ننڍن ٻارن کي اُٺـن واري راند ۾ چيلھ سان ٻڌي اڌ مئو ڪرڻ تي به چپن کي چُـنو لڳائي رکيو آهي. اهڙن هنڌن تي ڪُڇن ته موچڙا کائين. بنگلاديش، پاڪستان ۽ ڀارت جي مُسلم آباديءَ وارن علائقن مان عرب ٻار خريد ڪن ٿا، عورتن جا واپار ڪيا پيا وڃن.
اسپين ۾ ٽي ريلوي اسٽيشنس آهن. اسپين جي پهرين اونچي عمارت اُتي جي پوسٽ آفيس هئي. پر هاڻي ٻي نئين عمارت ٺهي آهي. منهنجو ڪئي ڀيرا اشوڪ سان گڏ پلازا‐ايسپانيا وڃڻُ ٿيو، جتي پارڪ جي وچـ۾ اسپين جي مشهور معروف جڳه پرسد ناول نگار ميگيل دي لا سروانتيس جي ڪردارن تي آڌارت مورتي آهي. گھوڙي تي سوار آهي دان ڪيخوتا ڀرسان گڏهه تي سندس نوڪر سانچو پانڇا آهي. پلازا واري اونچي عمارت کان ٻي عمارت تائين نوڙيءَ تي موٽرسائيڪل هلائيندڙ موٽرسائيڪل هلائي ڪرتب ڏيکاري رهيو هو، پر هن ڀيري حادثي جو شڪار بڻجي ابدي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو.
اسين پلازا اسپانيا واري علائقي مان ٿيندا ٻئي روڊ تي آياسين جتي سنيما گھر تي نظر پئي اُتي هڪ اسپينش فلم هلي رهي هئي. دير رات تائين گھمي گھتي موٽياسين، گھر اچي فلم ڏسي کائي‐پي سُمهياسين.