پـاردو ميـوزم
اڄُ ڪانتيش سان گڏ پاردو ميوزم ڏسڻ جو پروگرام هو. مون اشوڪ کي چيو مان هفعتو کن ڪانتيش وٽ وڃي رهان ٿي. مان هن جي آفيس وڃڻ کانپوءِ ٽي.وي. کولي ته پاڪستاني گيت اچي رهيا هئا. هڪڙو گيت مڙيئي هو ٻيو آيو ته نڪ چپ موڙيندي چيم هيءُ ڀارتي هندي فلمن جي ڪاپي ته ڪن ٿا، پر اڃان دلي دور است…… هيرو هيروئن هڪُ رومينٽڪ گيت ڳائي رهيا هئا هيرو هڪ طرف ته هيروئن ٻئي طرف اصل ٽن فُٽن جي فاصلي تي نچي رهيا هئا… ٻئي طرف باليوُڊ ۾ آ…! جھپيان جھپيان پالئيه هم!! اکيون ڪي پيچ لڙائين هم…!!! پاڪستاني هيرو اگر هيروئن جي چهري تان زلفون هٽائيندو ته مُلان مار ڏيندس. مان ٻنهي فلمي صنعتن جي ڀيٽ ڪري رهي هيس ٺيڪ اُن وقت پاڪستاني گيتن جي ڪمپيئرنگ ڪندڙ ميزبان خاتون چيو:‐ ڏسو نه ماڻهو چوندا آهن ته پاڪستاني گيت عالمي معيار جا نه آهن، هيءُ گيت ڏسو ٽاپ ٽين جي قطار ۾ اڄُ به پنهنجي پوزيشن برقرار رکيون پيو اچي. جنهن لاءِ وڏي تعداد ۾ فرمائش آئي آهي. هيءُ گيت بيحد مقبول آهي وغيره وغيره. ڪمپيئر جي ان اظهار تي منهنجا ڪن کڙا ٿيا ٻُـڌان ته ڪهڙو گيت آهي اکيون ٽي.وي. اسڪرين تي کُپي ويون. برفيلي واديءَ ۾ ڇوڪرين جي گروپ روماني انداز ۾ گيت جي شروعات ڪئي. گيت جا ٻول هئا؛ هو سڪي تو ميرا ايڪ ڪام ڪرو، شام ڪا اِڪ پهر ميري نام ڪرو…… ان سِٽ منهنجي آڏو ماضيءَ جا ڪئي منظر آڻي ڇڏيا. 1998ع ۾ دهليءَ ۾ ڊاڪٽر سُليمان شيخ آيا هئا، جن ٻُـڌايو ته هو پاڪستاني رانديگر عمران خان جي لاهور واري ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ ويو هو اُتي نوجوان سنڌي شاعر جو گيت اڙدو ۾ ٽرانسڪرائيب ٿيل هلي رهيو هو جيڪو ٻُـڌي کين ڏاڍو سُٺو لڳو. سنڌيءَ ۾ ته اهو گيت منهنجو ٻُـڌل هو شام جو هيءُ پهر…… پر مئڊرڊ ۾ هيءُ گيت اُڙدوءَ ۾ ٻُـڌي مونکي 1998ع ڪراچي سچل ڪانفرنس جي ياد اچي وئي، اکين آڏو ڪئي منظر رقص ڪرڻ لڳا…… اڄُ جڏهن اُڙدوءَ ۾ هيرو جي واتان سنڌي شاعر جو اهو گيتُ……
هو سڪي تو ميرا ايڪ ڪام ڪرو،
شام ڪا اِڪ پهر ميري نام ڪرو……
ميري جذبات ڪا احترام ڪرو……
هن گيت دوران ماضيءَ جا خوشگوار پل رنگ برنگي گلن جي سُنهن تي پوپٽن جيان مستيءَ ۾ جھومي اُٿيا. کن پل ۾ منهنجي ميڊيائي تخليقڪار من پنهنجي ڪلپنا سان ويڊيو فلم تيار ڪري ورتي…… مان لهندڙ سج جي لاليءَ واري حسين دلڪش وادين جي منظر ۾ کوئجي ويس ڪيترو وقت گذري ويو ڪل ئي ڪانه پئي، اوچتو نيوز‐ هيڊلائينس منهنجي دلڪش خيالن کي ٽوڙيندي هند‐پاڪ جي ڪارگل واري جنگ طرف توجه مرڪز ڪرائي ماضيءَ جي خوشگوار يادين جي نازڪ زنجيرن جي ڪڙين مان پاڻ کي آزاد ڪندي، ايندڙ پيڙهين جي عداوتي ماحول ۾ جيئڻ واري دل دهلائيندڙ تصور خوفزده ڪري ڇڏيو. انسانيت کي امن جي پناه ڏئي…… امن جي اوُسيئڙي ۾ اکيون ٿڪجي پيون آهن.
پروردگار نـفرتن کان نجات ڏئي، ائٽمي بارود جي
دوزق کان جهانِ ‐ عالم کي بچائي هن ڪائنات کي
بهشت بـڻاءِ !
مان پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ لڳس. تنهائيءَ مونکي سوچن جي خوراڪن سان ڍءِ ڇڏيو. ٿوريءَ دير کانپوءِ ٽي.وي. تي ذائقي جي سفر جو سلسلو شروع ٿيو. ويجيٽيرين سُوپ جي باري ۾ خانا خزانا تحت ڄاڻ ڏني پئي وئي. مان کائڻ جي معاملي ۾ سڀ کان پُٺتي آهيان. جڏهن هن چيو هيءُ تمام سولو آهي مان يڪدم پنو ۽ پين کنئين. ائٽيلين سُوپ جا ڪجھ اسم لکڻ کانپوءِ جڏهن واري آئي ٺاهڻ جي ترڪيب جي ته دروازي جي گھنٽي وڳي، منهنجو سلسلو ٽُـٽو، ٻاهر ڪانتيش بيٺو هو. سُوپ سکڻ کي تلانجلي ڏيئي، ميوزيم کي ترجيح ڏني.
اسين پاردو ميوزيم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. ميوزيم جا ٻه گيٽ ٽڪيٽ لاءِ کولي رکيا هئائون. تيرهين جولائي 1999 منجھند جو هِڪ بجي ڌاري اندر داخل ٿياسين، هر هڪ جي ٽڪيٽ 500 پسيتا هئي. جنهن گيٽ وٽ اسين هئاسين اُن جي اڳيان ڪاري رنگ جي پينٽر جي پٿر جي مورتي هئي. سندس هٿ ۾ برش ۽ رنگن جي پليٽ ڏيکاريل هئي. ٻئي گيٽ وٽ جن پينٽرس جون پيئنٽنگس اندر موجود هيون تن جا نالا ڏنل هئا. گريڪو، گويا، موُريجو، رويرا وغيره. ان ميوزيم اندر مِڊيويل دورجون اسپينش جون پيئنٽنگس، گريڪو، جرمن اسڪول، فليمش اسڪول (15 ‐ 16) صدي اِٽئلين اسڪول (15‐16 صدي) ڪلاسيڪل رينيسنس ۽ 17 صديءَ جي ڊچ اسڪول جون موجود هيون. اندر داخل ٿيڻ تي خوبصورت رنگن جي ميل واري شاهي پيئنٽنگ ڏسي منُ ٺري پيو. جنهن ۾ انساني چهرن جا تاثرات ائين هئا ڄڻُ پيئنٽنگ نه بلڪه جذباتن سان سرشار زندھ انسانن جي صحبت ۾ آهيون. جڏهن بُت تراشيءَ واري هال ۾ داخل ٿياسين اُتي آدم قد کان وڏن شاهي بُتن کي ڏسي، اهو احساسُ ٿيو ته اُن دور جا ماڻهو قداور جسم جا جانٺا روئنش سُٺا ،نڪ چھنبدار ،منهنُ چئوڙو، ڪنهن جا به ڦٿل مُنهن يا نڪُ نظر نه آيو. وار گھنڊيدار، وڏيون نوُڪون رکيل هيون، ته ڪِن جي وري ڏاڙهي هئي. جسم اُگھاڙا. انهن جا قد بُت ڏسي، اڄ جي دور جي انسانن طرف ڌيانُ ويو. اڄُ جي انسانن جا قد بُت وڃن ٿا سُڪڙجندا. اِن ميوزيم ۾ ڪن عورتن جا مُجسما به هئا، جن جا چهرا ۽ نقش وڻندڙ. مُجسمن واري هال ۾ جڏهن اُگھاڙن جسم وارن مردن جي مُجسمن کي ڏٺم ته، امڙ جو هڪُ جھونو جملو ياد اچي ويو. ننڍي هوندي ڀائر جڏهن چڍي(نڪر) پنهنجو پاڻ پائڻ تي ضد ڪندا هئا ته امڙ ڇڏي ڇڏيندي هين، پوءِ نِڪر پائڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن بئلنس هيٺ مٿي ٿيڻ وقت اُگھاڙا ٿي پوندا هئا ته امڙ حياءُ جو ڀونڊو هڻندي چوندي هين، پُٽ جڏهن اُٺ اُگھاڙا گھُمن ٿا ته اوهانکي ڪهڙو مهڻو، شرم وچان جلدي نڪر مٿي کسڪائي وٺندا هئا. مون ڪانتيش کي چيو توکي مميءَ جو اُهو جملو ياد آهي نه؟ هن چيو ها! ميوزيم ۾ مردن جي اُگھاڙن بُتن کي ڏسي چيو جڏهن اُٺ اُگھاڙا گھمن ٿا ته پوءِ هنن کي ڪهڙو مهڻُو. ٻئي طرف عورتن جي جسم تي چادر هئي پر اُها ان طرح جو اڌ ڇاتي ڍڪيل اڌُ اُگھاڙي. ساڳيءَ طرح پيئنٽنگ ۾ به هو.
اڄُ کان پنجويھ سال اڳ مئڊرڊ جو روپ رنگ ٻيو هو. هاڻي ڪافي ترقي ٿي آهي. اتي ميوزيم ۾ مئڊرڊ شهر جي ماضيءَ جي هِڪ پيئنٽنگ هئي جنهن ۾ هڪ ڳوٺ مثل پئي لڳو. پيئنٽنگ واري سيڪشن ۾ عيسيٰ مسيح جي زندگي ۽ صليب تي لٽڪائڻ واريون ڪئي پيئنٽنگس، مدر ميري پنهنجي پُٽ کي پيار ۽ پاٻوه وچان سيني سان لڳايون ويٺي آهي. عيسائين جي مذهبي زندگيءَ جون جھلڪيون. هڪ ۾ غير عيسائيءَ کي عيسائي مذهب تسليم ڪرڻ واري رسم ادا ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اسلام(مسلمان) ۽ عيسائي پنهنجي مذهب کي ڦھلائڻ لاءِ زور شور سان لڳل آهن، هڪُ ڏنڊي جي زور تي ته ٻيو شيوا سُڌار جي ناءُ تي، ننڍي کنڊ ۾ مذهب جي ناءُ تي ‐ ٽونيشن ٿيوريءَ جي آڌار تي ورهاڱي ڪرڻ جي باوجود من کي اڃان شانتي نه آهي. مون ان ڳالھ تي افسوس پئي ظاهر ڪيو ته هڪُ جملو ٻُـڌڻ وٽان مليو جنهن منهنجا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا. اگر ٽئين مهاڀاري جنگ لڳي ته اُها مُسلمانن ۽ عيسائين وچ ۾ لڳندي…!
هڪ تمام تمام ٿلهي ڇوڪريءَ ۽ هڪ ڄامري جي پيئنٽنگ توجه مرڪز ڪرائيندڙ هئي. ٻارن کي لاٽون راند ڪندي ڏيکاريو ويو هو ته هڪ ٻئي ٻار کي گھور ڪندي ڏيکاريو ويو هو. هڪ پيئنٽنگ ۾ اسٽيڊيم ۾ گھوڙن جي داخل ٿيندڙ قطار ۽ اسٽيڊيم جي چئني طرف تماشبينن جو منظر، جنهن ۾ هڪ عورت جي ان ۾ دلچسپي گھٽ وارو موڊ ڏيکاريو ويو هوءَ پنهنجي ٻار سان ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مست ڏيکاري وئي. زندگيءَ جي هر پهلوءَ جا چتر چٽيل هئا، ڪن ڪن تصويرن جا فريم پندرهن کان ويھ ڦٽن جا هئا، جي تمام ڪشش ڪندڙ ۽ ڪلا پريمن جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا. ڪن پيئنٽنگ ۾ ڏاڍُ ۽ ڏمر ته ڪن ۾ عورتن کي زوريءَ کڻڻُ ۽ لڄ لُـٽڻ، امير جو غريب تي حاوي پوڻ جا چتر چٽيل هئا. هڪ طرف پئينٽر جي اسٽوڊيو جو ڏيکهُ ته ٻئي طرف، لوهار جي پيشي جي منظر ڪشي، شڪاريءَ جو شڪار هٿُ ڪري ٺاٺ سان پنهنجي شريڪي حيات سان گڏ شڪار جو چشڪو ماڻڻ، شڪاريءَ جي گھر ۾ طرح طرح جي شڪار ڪيل جانورن جي موجودگيءَ وارو چترُ. پاردو ميوزم ۾ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي سچائي جو بيان جھلڪي رهيو هو. هڪ ۾ زندگيءَ جي هن ڌرتيءَ تي اکه پٽڻ يعني ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جي چڪر جي ڪڙي هئي، ٻالپڻ اُن کانپوءِ جوانيءَ جي جنون ۾ نازنين ۽ مست بهارون اُن کانپوءِ وقت جي چڪيءَ جي چڪر ۾ پيسجندڙ ٻُڍاپي جو روپ انت ۾ خوفناڪ موت جي چائنٺ تي انساني ڪنگال ڍانچو…… ان طرح اسان جي به شاسترن ۾ ۽ جئنين جي مندرن ۾ به سنساري چڪر شروع ٿيڻ کان آخر تائين جي ڪڙي نظر ايندي.
هڪ تمام ئي خوبصورت ميز هئي. چئن شينهن جي پاون تي بيٺل، رنگ برنگي ڊزائين مٿان قيمتي ٻُـڙا جُڙيل هئا، سُنهري نيري ۽ پيلي رنگن جي سنگم سان گول ۽ ڇڪنڊن واري آقار جون ڊزائينون. نهايت ئي سليقي ۽ حفاظت سان اُن جي اصلي روپ کي برقرار رکيو ويو هو. اسان وٽ ان طرح حفاظت سان رکڻ وارو ڪمُ ڏکيو مرحلو آهي. اسين پنهنجي ورثي طرف خبر ناهي ڇو ايڏا لاپرواھ آهيون؟ هتي ٿوريون گھڻيون راجائن مهاراجائن جي محلن جي ميوزم ۾ نظر اينديون. ايڏي وڏي تعداد ۾ پيئنٽنگ ڪنهن هڪ ميوزم ۾ اسانکي ڏسڻ وٽان گھٽ ملنديون. هندوستان ۾ ان ڪلا کي ايتري ترقي نه ڏياري وئي آهي جيترو ان فن يورپ ۾ ترقي ڪئي آهي.
ميوزيم ڏسي گھر اچڻ کانپوءِ نائين بجي ڪانتيش چيو هل ته سگيووئيا ڏسي اچون. اتي 9 بجا شام پئي لڳندي. هيءَ اسپين جي هڪ ٻي پراوينس آهي. الڪورون مان اٽڪل 95 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. اسين سوا نائين ڌاري نڪتاسين ۽ نئشنل هاءِوي وٽ پهتاسين، سگووئيا واري روڊ تي هڪ وڏو ٽنل (سُرنگ) آهي گوادرراما، تقريبا ساڍا ٽي ڪلوميٽر ڊگھي جنهن اندران لنگھندي ساھُ اصلُ مُٺ ۾ اچي ويو. اتي هڪُ چيتاوڻيءَ جو بورڊ لڳل هو، هيءَ اُها ايراضي آهي جتي وڏي تعداد ۾ وائيلڊ بُل (جھنگلي ڍڳا) آهن. مُسافرن کي اتان خبرداري سان لنگھڻو آهي. اڃان ٿورو اڳتي وڌياسين مس ته روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي وڏي تعداد ۾ اڇا ڪارا ڍڳا نظر آيا. روڊ به تمامُ سوڙهو صرف هڪ ئي لائين هئي. آمهون سامهون ٽريفڪ هئڻ ڪري رفتار به ڍلي هئي. اسين ساڍي ڏهين کانپوءِ ئي پهتاسين. سگيووئيا وٽ هڪُ وڏو دروازو آهي، جيڪو رومن ايئڪيوڊڪ جھوني دور ۾ پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ بند طور جوڙيو ويو هو.
هيءُ تمام ئي وڏو شاهي بند آهي. اتان پاڻيءَ جي سپلائي ڪئي ويندي هئي. اتي سيلانين لاءِ هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽرز وغيره آهي. اسان پيزا کائي مٿي قلعي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. مٿي وڃڻ کان پهرين پلازا مئيور جو چڪر لڳائي ننڍين ننڍين گھٽين مان جيڪي پڪسريون ٺهيل آهن اُتان ٿيندا، اچي قلعي وٽ پهتاسين. قلعي جي ڀت وٽ بهي هيٺ سگيووئيا جو رات جو منظر ڏٺوسين، هيٺ لاهيءَ تي روڊ جي ٻنهي طرف جگ مگائيندڙ بتيون ٻري رهيون هيون، پهاڙي وڙ وڪڙ واري روشن راھ دلڪش منظر پيش ڪري رهي هئي. ڪجھ دير تائين يڪ ٽڪ اهو نظارو پئي ڏٺو.
هيٺ لهڻ کانپوءِ اڃان ڪجھ فاصلو مس طئه ڪيو ته پئٽرول ختم ٿي ويو. وري موٽ کاڌي، ڊپُ به لڳي رهيو هو پر ائڊوينچر ڪرڻ جو به موُڊ هو، نيٺ رات جو هڪ بجي گھر پهچي سُک جو ساھُ کنيو.
جاڪو راکي سائين، مار سڪي نه ڪوئي.