ايسڪوريل
تقريباَ ڏھ لڳي پنجيتاليهن منٽن تي گھران نڪتاسين. مئڊرڊ کان اٽڪل (52) ٻاونجاھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رائل مانيسٽري آهي. اُن ڏينهن 30‐32 کن ڊگريون درجي حرارت هئي، مون سفر ۾ سنگيت کي همسفر بڻائڻ لاءِ سنڌي ڪئسٽ لڳائي، جھولي لال جو ڀڄن اُن کانپوءِ امر شهيد ڀڳت ڪنوررام جو ڪلام 'نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو'…… سنڌي گانن جي ولائت ۾ سُڳنڌ ماڻڻ کانپوءِ جھونن گانن جي ڪئسٽ لڳائي جيڪي هميشھ ئي نوان پيا لڳندا آهن. ايندڙ دور ۾ به ايتروئي دلين تي ڇانئيل رهندا جيترو هن وقت آهن. جڏهن محمد رفيءَ جي آواز ۾ گيت شروع ٿيو، 'يئه بهار ڪئسي آئي جو خزان بهي ساٿ لائي'…… ان وقت من جون مُندون مٽجڻ لڳيون…… بهار…خزان… مئڊرڊ ۾ هاڻي داڻو ڪڻو پورو ٿي چڪو هو. واپس دهليءَ وڃڻ جو وقت قريب اچي چڪو هو… ڪي ياديون … ڪي لمحا … ڪي ڳالهيون … رهاڻيون … پرچـڻُ روسڻُ … ڏوراپا … ڪئي سلسلا هڪ ساٿ ذهن ۾ اُڀري آيا …… بهار جي مُند ۾ گُل ٽـڙيو پون، قدرت جي حسين منظرن کي ڏسي دل ٺري پوي …… بهار جي مُند سان ائين ته اسان سڀني جو رشتو رهي ٿو، پر منهنجو ان سان، هن سرزمين تي اک پٽڻ سان ئي نينھُ لڳي ويو. جڏهن بهار جي مُند جو اعلان ٿيو، اُن سان ئي منهنجو جنم ٿيو. منهنجي امڙ جو به بهار جي مُند سان خاص لڳاءُ هو. بهار جي مُند ۾ منهنجي آمد سان کين ڌيءَ جي ڄمڻَ جي افسوس بدران وڌيڪ ئي خوشي ٿي، جو پنهنجي امڙ جي واتان ٻُـڌم، تنهنجي اچڻ سان تنهنجي پيءُ کي نه صرف چونڊن ۾ ڪاميابي ملي پر مالي طور به فائدا حاصل ٿيا. ڇـٽي به پُـٽن وانگر ملهائي. ٻين ڀائرن ڀينرن جو جنم ڪراچي، شهدادڪوٽ ۽ مُمبئي ۾ ٿيو پر منهنجو ئي جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. لاڙڪاڻي سان اُن وقت جون سندن جون ڪئي مٺيون ياديون به جُڙيل هيون. امڙ جو بهار جي مُند سان، قدرت جي حسين منظرن، نباتات ۽ ڪائنات سان بيحد پيار جنهن جو اثر سندن شخصيت تي عيان هو، رنگن کي کڻي بُرش ذريعي پيا چتر چٽيندا هئا. دهليءَ ۾ باغيچي ۾ ويهي پيا گُلن تي آيل بهار کي ماڻيندا هئاسين. بهار جي مُند اچڻ تي چون، مون ۾ ڄڻُ نئون ساھُ پيو آهي.
امڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي لبن تي واھ! واھ!! اچيو وڃي، اکيون وڏيون ويڪريون، رونش ٺاهوڪا، قد بُت تمام سٺو، چهرو چنڊ جھڙو، خوبصورت عورت هئي. وقت وڏو راڪاس آهي، ڪيئن انسان کي ڳرڪائي وٺي ٿو، ڪل ئي نه ٿي پوي. اياز جون چند سِٽون هن وقت ياد ٿيون پون، 'گوري توکي گُنجـﮧ پيا يا روپ ڏنو رهنبوٽو'…… وقت جو چمبو چهري جو اصلي روپ ئي بگاڙي ٿو وڃي. خوشبو سان ته کين بيحد پيار هو، پرفيومس، سُرها تيل صابُڻ، پائوڊر…… اڄ به لنڊن مان سندن لاءِ آندل ڪيترا يارڊلي جا صابُڻ ۽ ڪراچيءَ مان آندل پائوڊر پيا آهن. پاڻ کان وڌيڪ مون لاءِ گڏ ڪرڻ جو چاھُ، هڪُ کُٽندو نه هو ته ٻيو اڳ ۾ ئي موجود. اڃان آفيس لاءِ نڪرندي نه هيس تنهن کان اڳ ئي گلاب ۽ موتيا جا گُل پٽي ڏيندا هئا. مونکي لڳي ٿو کين منهنجي روپ ۾ سندن ماضيءَ جا ڪي يادگار ڏينهن جا تروڙا نظر ايندا هئين. جنهن بهار جي مُند سان کين ايڏو پيار هو تنهن بهار جي مُند ماڻڻ کان اڳ ئي هن سان بهار بيوفائي ڪئي. جنهن زندگيءَ اُن کي چاهيو اُن کان ئي مُنهن موڙي ڇڏيو. ان بهار واري مُند ۾ مون پنهنجي بهار واري مُند ۾ ايندڙ سالگرھ جي بهار کي ئي خداحافظ ڪيو…… منهنجي خيالن جي سلسلي کي 'يئه بهار ڪئسي آئي جو خزان ڀي ساٿ لائي'…… جي گيت جي آخري لائين ٽوڙي ڇڏيو.
اسين ساڍي يارهين بجي اُتي پهتاسين. پهرين آرچيٽيڪ واري ميوزيم ڏسڻ جو پروگرام رکيو، جتي ان محل جي اڏاوت جا مرحلي وار نـقشا ۽ اسڪيچ موجود هئا. ان شاهي محل جي اڏاوت ۾ جيڪو سامان ڪُتب آندو ويو هو سو رکيل هو، پٿر ٽوڙڻ واري مشين، تگاريون، کُـرپا، ڪوڏرون، ننڍا وڏا ڪوڪا ۽ ڪلا، اُن دور جا ڪجھ بچيل پٿر وغيره انکانپوءِ پيئنٽنگ واري آرٽ گئلري ڏٺي. اسپين جو فلپ ٻيواونهاري ۾ اُن محل کي پنهنجي موڪل ملهائڻ واري جاءِ طور استعمال ڪندو هو. جتي اٽلي ۽ اسپين جي فني انسٽيٽيوٽ جي پينٽرن جون پيئنٽنگس هڪ سنت جي شهادت جو منظر جنهن کي ال‐گريڪو پنهنجي فني سوچ جي سهاري ڪئنواس تي اُتاريو هو. مذهبي زندگيءَ جي نُمائندگي ڪندڙ فنُ، شاهي خاندان جي بيگمات جا چتر وغيره موجود هئا.
ان خانقاه (مڙهي) لاءِ جاءِ جي چونڊ خود فلپ ٻئين ڪئي هئي. ان جي تعمير جو ڪمُ تولودو جي Juan Bautista کي سونپيو ويو هو. اڳتي هلي خوان‐ڊي‐هريرا کي ڏنو ويو. ان جي شروعات 1563ع ۾ ڪئي وئي، 21 سالن تائين ڪم هليو. جنهن جي نگراني هن خود ڪئي.
مون چيو اشو : مزدورن کان مفت ۾ ڪمُ ڪرايو هوندائون.
ٻانـﮧ ڪري ڏيندا……!
کاٻي يا ساڄي!
وينا هتي ٻانهون مُفت ۾ پيون ملن!!
سنڌ وارا هتي لفظ ڀلا ڪٿي؟
ٻنهي جا ٽهڪ نڪري ويا.
ايسڪوريل جو دورو ڪندي جيئن جيئن قدم اڳتي وڌي رهيا هئا، ان محل جي تاريخ جا الڳ الڳ پهلو اُجاگر ٿيڻ لڳا. هڪ هال ۾ فلپ ٻئين پنهنجي آرام گاھ ڪئي هئي. اُن ۾ وري چارلس ٽئين ٿوري ڦيرگھير آندي 18 صديءَ جي دور جي فئشن جو سرمايو گڏُ ڪيو ويو هو. شاهي محل جي انهن حصن کي ڏسڻ کانپوءِ اڳتي قدم وڌائڻ سان اسپين جي بادشاهن چارلس پنجين کان وٺي موجود بادشاھ تائين اُنهن جي دفنائڻ وارو تهخانو آهي. سنگمرمر جون ڏاڪڻيون لهندي هيٺ تهخاني تائين پهچجي ٿو. هڪ طرف تهخاني طرف ويندڙن جي قطار ته ٻئي طرف واپس ورندڙن جو سلسلو. اندر داخل ٿيڻ تي هيٺ تهخانو گول ڪمري وانگر آهي، چئني طرف ديوارن تي نظرون ڦرڻ لڳن ٿيون، فلپ ٽئين جي چوڻ تي 1617ع ۾ زيرزمين چئپل ٺهرائي وئي. اها ان طرح ڊزائين ڪئي وئي آهي، جو وڏن وڏن تابوتن جي رکڻ وارا خانا ٺهيل آهن. ڪاري رنگ جي سنگمرمر جا ٺهيل ڪفن رکڻ وارا باڪس جن تي سُنهري نقاشي ڪيل آهي، ڪفنن مٿان اها نقاشي اتالوي فني ڊزائين کان متاثر ٿي ڪئي وئي آهي. هيل تائين جيڪي به اسپين جا بادشاھ ٿي چڪا آهن تن جا خاڪي جسم آهن. مدر ميري ۽ جيجس جي سائي ۾ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن. جن جي هيٺان اُنهن جا تفصيل ڄاڻايل آهن. هڪُ ٻه ڪفن جا باڪس خالي آهن، جيڪي هن وقت جي اسپين جي ڪنگ ۽ اُن کانپوءِ واري بادشاھ لاءِ خالي رکيل آهن. اُنهن لاءِ اتي جاءِ محفوظ ڪئي وئي آهي. جن کي اڳتي هلي اتي دفن ڪيو ويندو. جيڪي بادشاھ نه بڻجي سگھيا تن جا ۽ شاهي خاندان جي ٻين فردن جا خاڪي جسم الڳ الڳ حصن ۾ ابدي ننڊ جي آغوش ۾ سُتل آهن. ٻاهر گرمي هئي پر اندر تھخانو ٿڌو هو.
تهخاني کان ٻاهر نڪرڻ تي شاهي خاندان جي ٻين فردن جي آخري آرام گاھ جو سلسلو هو. شهزادن يا شاهي خاندان جون عورتون جيڪي ڪن ٻين يورپي مُلڪن جي خاندانن جون هيون، جن جي شادي ان شاهي خاندان ۾ ٿي هئي.
وقت کان اڳ ٽـڙندڙ گلن کي انساني باغبان جي الاهي مالهيءَ جي حڪم تي يمُ دوت ننڍڙن ابهمن ٻارڙن کي مائرن جي گود مان ڦري الاهيءَ جي درٻار ۾ وڃي پيش ڪيو هو. تن معصوم مُکڙين جون پرين جي سنگمرمر تي نقاشي ڪيل چترن سان آرائستا ننڍڙيون قبرون هيون.
“ Chambers of Dead. Royal Family & Infants Small Children. ” فلپ ٻئين جو جيڪو بيڊروم هو ان لاءِ بيان ڪيل هو ته جڏهن 1598ع ۾ هُن، هِن فاني جھان کي الوداع ڪيو اُن جي سامهون باغيچو هو، جيئن هن جي ننڊ مان اُٿڻ شرط باغيچي تي نگاھ پوي. ٻئي طرف هُن جو اسٽيڊي روم هو. اسٽيڊي ٽيبل تي هن جا هٿ اکر ۽ آٽوگراف هئي. فلپ ٽئين جي چوڻ تي 1617ع ۾ اها زيرزمين ديول ٺهرائي وئي هئي. بيڊروم کان پوءِ هڪُ وڏو شاهي ڪمرو هو جتي 16 صديءَ جا دنيا جا مئپس (نقشا) موجود هئا. انهن نقشن کي ڏسندي ڏسندي ايشيا وارن ۾ ڀارت جي نقشي تي نظر پئي. بس نظر پوڻ تي منُ ئي ٺري پيو. ڪوچين ۽ اوڙيسا تي نظر پئي. هڪ طرف اُن نقشي ۾ چينُ ڏيکاريل هو. هيٺ شري لنڪا. انگريزيءَ ۾ لکيل هو (INDOS‐TAN).
اسپين جو ڪنگ ڪجھ وقت پنهنجي ٻارن سان اتي گذاريندو هو. ظاهر آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي دنيا جي جاگرافيائي حدن کان واقف ڪرائيندو هوندو.
يورپ ۾ پيئنٽنگ وارو فنُ عروج تي آهي. ال‐ايسڪيورل ۾ به اهو فنُ توجه ڇڪائيندڙ هو. اتي ال‐گريڪو، ۽ ٻين فنڪارن جا ماسٽرپيس موجود هئا. هوڏانهن مذهبي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمرن ۾ 62 کن پيئنٽنگ هيون. اتي هڪ لائبريري به آهي جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جي اهم ترين لائبريرين مان هڪ آهي. 15 کان 16 صديءَ جا پنجيتاليھ هزار شايع ٿيل ڪتاب آهن. ان لائبريريءَ ۾ پنج هزار عربي، لاطيني ۽ اسپينش دستخط آهن. ان جي ڇت تي سائنس ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ پيئنٽنگس آهن. ديوَل ۾ 45 صليب آهن.
شاهي خاندان جي هيءَ خانقاھ سيلانين جي ڏسڻ لاءِ سياري ۽ اونهاري ۾ مارچ کان آڪٽوبر تائين صبح جو ڏهين کان پنجين بجي تائين ۽ اپريل کان سيپٽمبر تائين ڏهين کان ڇهين تائين هوندي آهي. سومر ڏهاڙي اها بند هوندي آهي.
ايسڪوريل جي ٻاهر وڏو شاهي پڌر آهي. هاڻي ته ان تاريخي يادگار جي اوسي پاسي ۾ هوٽلون، رهائشگاھ لاءِ گيسٽ هائوس به ٺهي ويا آهن. ان کان پهرين ڪانتيش ۽ ٻارن سان گڏجي آئي هيس ته ايتري اڏاوت ڪانه هئي. گھران پڪنڪ لاءِ نڪتا هئاسين، سنڌو دويش اُن وقت ننڍا هئا. سنڌو لاڏلو ٿي پليو آهي، سو هر ڀيري چوي مان اڳين سيٽ تي وهان. اتي ٻارن کي ڊرائيونگ دوران اڳيان وهڻ جي منع آهي. فرمائش ڪيائين ته اڳيان وهان، پر فرمائش نه مڃي وئي. اتي جڏهن پهتاسين ته ماني کائڻ وقت ڊرائيو ڪرڻ واري اڳين سيٽ تي وڃي ويٺو. اوچتو پونم رڙ ڪئي جلدي اُٿ پوليس وارا ٿا اچن. مون چيو هلائي ٿوريئي ٿو گاڏي ته بيٺي آهي، چيائين اڳين سيٽ تي ٻارن جي وهارڻ ڪري چالان ڪندا. اُن ڏهاڙي مينهن جھڙَ به ڏاڍو هو. اڄُ ڏينهنُ صاف هو. اڳين ڀيري چرچ ۾ ڪنهن جي شاديءَ جي رسم ادا ٿي رهي هئي. اڄُ به شاديءَ جي رسم ادا ٿي هئي. اُن وقت دويش ننڍڙو هو ڊوڙ پائي وڃي ڪنوار جي ڀر ۾ بيٺو. اسين پيا کلون ۽ هو موج مستيءَ ۾ هو.
گھمي گھتي نڪتاسين ته ٻاهر هڪُ ماڻهو پستا ۽ باداميون وڪڻي رهيو هو. اشوڪ ٻه پيڪيٽ ورتا، چيائين کائي ڏسُ ڪرارا آهن. مون چيو اسان وٽ اهڙن هنـڌن تي مڱـڦريون وڪڻندا آهن توهين زور چئبا هتي پستا باداميون پيون وڪامجن. مان پستا ڇليندي پاڻ به کائيندي پئي وڃان ۽ کيس به کارائيندي پئي وڃان. اشوڪ چرچي ۾ چيو هيءَ جو هيترو گھمندا هوندا ته انهن جا پئسا ڪيرُ ڀريندو هوندو؟
مون چيو : ڪنهن وري ڪنهن ڀريا هوندا؟ بيگار پورهيتن جي پگھر جو پورهيو هوندو. بادشاھ مفت ۾ پيا ڪمُ وٺندا هوندا.
نه ته ( سڱُ ڏيڻُ ) ٻانـﮧ ڪري ڏيندا……!
( فضا ۾ ٻـڌن ٽهڪن جي گونج )