الله ڇـولي ڇـولي
اشوڪ ڇهين بجي بيڊروم ۾ ناڪ ڪري چيو وينا جاڳين پئي. مون چيو ها مان پاڻ اُٿڻ واري هيس، اڄ اسپين جي ڏکڻ وارن بيچس کي ڏسڻ جو پروگرام هو. اشوڪ جي هٿ ۾ چانھ جو ڪپُ هو، مان ٽپو ڏيئي اُٿي کڙي ٿيس باٿروم مان منهن ڌوئي پيسٽ ڪري موٽيس ته ڏسان اشوڪ ڪمري ۾ اڃان بيٺو هو ،مان هن جي هٿ مان چانھ جو ڪوپ ورتو. اشوڪ سنان ڪرڻ لاءِ پنهنجي بيڊروم ۾ ويو مان باٿروم ۾ ٿڌي گرم پاڻيءَ جو نلڪو کوليو ته اشوڪ آواز ڏنو وينا گرم پاڻي نه ٿو اچي. مان جھڙو تهڙو سنان ڪري هيٺ لٿس ته ماريا ۽ اشوڪ جو آواز اچي رهيو هو گرم پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ جي ليڪيج سان سڄي گراج پاڻيءَ سان ڀرجي وئي هئي، ڏهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽانڪي ليڪ ٿي هئي اسان کي اٺين بجي نڪرڻو پر ڪلاڪ دير پئجي وئي. انکان علاوه الڪورڪورن وڃي ڪري سنڌو دويش کي به ساڻُ کـڻڻو هو. اڃان ڪار اسٽارٽ ڪئي ته اڳيان ٻلي لنگھي وئي مان دانھ ڪئي اڳ ۾ ئي ٽانڪي جو وڏو مسئلو ٿيو مٿان وري ٻلي… مون چيو اشوڪ اڳيان گاڏي نه ڪڍ پوئيان ئي ريورس ڪر اشوڪ ائين ئي ڪيو. مون ٿڌو ساھُ کنيو. منهنجي من ۾ ڪئي ويچار اُڀري رهيا هئا مون کي ترڻ نه ايندو آهي خدا خير ڪري…! اشوڪ ڪانتيش کي موبائيل تي فون ڪيو ٻارن کي هيٺ بهارجانءِ اسين ڏهن منٽن ۾ پهچي رهيا آهيون.
ٻارن کي وٺي ڪري اسان وئلينسيا وارو روڊ ورتو، اسان کي 414 ڪلوميٽرن جو فاصلو طئه ڪرڻو هو وئلينسيا راڄڌاني آهي ان جا ٽي پراونس آهن، مئڊرڊ جون 17 خودمختيار اسٽيٽس آهن ۽ 50 پراونس، اسپين جي سڄي مُلڪ کي مئڊرڊ مان هلايو ويندو آهن. ٽي وڏا شهر آهن هڪُ مئڊرڊ، ٻيو بارسولينا جتي عالمي راندين جي چٽاڀيٽي به ٿيندي آهي ۽ ٽيون وئلينسيا. اسين پهرين علي‐ڪانتي بيچ تي وياسين. اتي واٽ تي اِئلدا جو شهر به اچي ٿو، جنهن جي فئڪٽرين جا تيار ڪيل بوٽ سڄي دنيا ۾ ويندا آهن. اتي وڏي پئماني تي بوٽن جي نُمائش پڻ رکي ويندي آهي. هڪُ ٻيو خيخونا جو شهر آهي، جنهن جو وري وڙو (تورن) مشهور آهي، اهو وڙو به خاص آهي بادامين جو وڙو جنهن کي اسپينش ۾ تورن چوندا آهن. انهن سامونڊي بيچن کي يورپ ۽ ٻين ڪيترن مُلڪن جا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن. ان روڊ تان فرانس وارا لنگھي موراڪو ويندا آهن. ان طرف کان اڳتي جبرالٽر ۽ آفريڪا به نڪري وڃي ڇوڙ تي پوي ٿو. ان طرف ماڻهو ڪارين رستي گھڻو سفر ڪن ٿا، اسپين مان موراڪو ويندي ٻيٽ تان فيريز (ٻيڙين) ذريعي ٻئي طرف وڃڻو پوندو آهي ماڻهو پنهنجون ڪارون انهن فيريز ۾ کڻي موراڪو ويندا آهن. انڊيا ۾ به گوئا ۾ ماڻهو فيريز ذريعي ڪارون وغيره کڻي ٻئي طرف ويندا آهن.
اشوڪ انهن ايراضين جي ڄاڻ ڏيندي پئي هليو هن اُن وقت پُراڻن گانن جي ڪئسٽ لڳائي. پُراڻا گانا ٻُـڌي ڪري اصُل مزو اچي ويو. چاند آهين ڀريگا ڦول دِل ٿام لينگين حسن کي جب بات چلي سب تيرا نام لينگين… هيءَ گيت مميءَ جي ساهڙيءَ جو پُٽ چاگلا ڪراچيءَ ۾ سُريلي انداز ۾ ڳائيندو هو. اُنکانپوءِ اُءُ ميري سونا ري سونا ري ديدونگي جان مت جدا هونا ري...هيءُ گيتُ سندس وڏي ڀيڻ ڊاڪٽرياڻي پروين ڳائيندي هئي، هن وقت آمريڪا ۾ آهي. سندس ٻي ڌيءَ دل‐ افروز پڻ اُتي آهي، سفر دوران سنگيت جي ساٿ سفر کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو.
اسان سوا هِڪ ڌاري علي‐ڪانتي بيچ تي پهتا سين. اسپين جي گھڻن شهرن تي عريبڪ نالا آهن، جيڪي ال سان شروع ٿين ٿا ال‐ميرييا، ال‐ ڪوڪورن وغيره. اُتان پتو ڪندي سينخوان جنهنکي انگريزيءَ ۾ سين جان ڪري ڪوٺين، اُتي پهتاسين. سنڌو ۽ دويش پنهنجا سوئمنگ ڪاسٽيومس ۽ بال وغيره کڻي بيچ طرف ڀڳا، اشوڪ ۽ مان هنن جي پوئيان ٻه ٽيوب کڻي بيچ طرف قدم وڌايا. سامهون ڪيترا مرد ۽ عورتون بيچ جي واريءَ تي ليٽيا پيا هئا. اشوڪ چيو هاڻي هن بيچ تي ڏسجانءِ مايون اُگھاڙي ڇاتيءَ لاءِ سنڌي لفظ چوندي چيو… توکي رنا نظر اينديون. سامهون ڪيتريون عورتون سوئمنگ ڪاسٽيوم ۾ نظر آيون. اڃان ڇٽي کولي سامان رکيوسين مس ته هڪ رن برا لاهي اچي اسان جي ڀرسان ليٽي… ٻه مرد به گڏ هيس. ڏاڍا خار لڳا ته هن مئي ماريءَ کي اسان جي ڀرسان ئي اچي مرڻو هو……
اشوڪ مئڊرڊ مان نڪرڻ کان پهرين چيو هو وينا تون بيچ تي هلي سنانُ نه ڪندين ته مزو نه ايندو، مان هڪ هٿ ۾ ٽيوب کنيو ۽ ٻيو هٿُ هن جي ٻانھ ۾ وڌو ۽ آهستي آهستي پاڻيءَ طرف وڌيس، سنڌو دويش جا مزا هئا مونکي وڃن اڳتي گھليندا… منهنجون دانهون اڳتي نه اڳتي نه، اشوڪ چيو اڃان گوڏي تائين پاڻي مس آهي… اڃان ٿورو اڳڀرو… ان وچـ۾ هڪ زوردار ڇولي آئي. مون رڙ ڪئي الله ڇولي آئي… اشوڪ چيو تو وٽ ٽيوب آهي مان توسان گڏ بيٺو آهيان، ٻارن منهنجا پير ڪري مٿي ڪيا منهنجون رڙيون الله مان ٻُڏي ويندس……! الله ڙي……!! مان چيلھ ۾ ٽيوب کي پڪڙي سمنڊ جون ٿـڦيڙون کائيندي رهيس… وري جو زوردار ڇولي اچي ته پاڻيءَ کان ٻه ٽي فُٽ مٿي کڻي اُڇلائي… ڇولي ڇولي… الله ڇولي گھلي ويندي……!! اشوڪ چيو تون فڪر نه ڪر مان ڇوليءَ کي چوان ٿو تون نه اچي منهنجي ڀيڻ هندوستان مان آئي آهي… بس ٽنهي چيڙائڻ شروع ڪيو ڇولي…!!! ڇولي……!!!!
ڪلاڪ کن مونکي واھ جو رڙايائون ٻه ٽي ڪلاڪ کن بيچ تي هئاسين. پونم واھ جي روٽي ٺاهي ڏني هئي ٻارن ته ڪجھ اُتي وٺي کاڌو ڪجھ ڊرنڪ باقي گھر جي ماني منهنجي ۽ اشوڪ جي خوف کان کاڌائون. روٽي کائيندي اُتر ڏکڻ اولھ اوڀر نظر ڪريان مار ڪيتريون ٽاپليس پهرين ته هڪ ڀر ۾ برا لاٿل نظر آئي پر هاڻي ته اصل گھوڙيءَ کي ئي گھمرو هو! واريءَ تي ڪي اونڌهي منهن ته ڪي سڌيون… ڪي جسم کي مالش ڪري رهيون هيون ته ڪي سمنڊ مان واري ڪڍي جسم کي ملي رهيون هيون… انهن کي ڏٺو اڻـڏٺو ڪري… بيچ تي ننڍڙن ٻارن جي راند روند ۽ ڪي مائر ته اصل پاڻيءَ ۾ ٻارن کي ٽيوب جي سهاري ڦٽو ڪري ترڻُ سيکاري رهيون هيون…… سامهون گھري نيري رنگ جو سمنڊُ… ڪي پنهنجون موٽربوٽ کڻي پري پري تائين نڪري پئي ويا… وري ٻارن ۽ اشوڪ پاڻيءَ طرف گھليو هاڻي ٿورو ڊپُ لٿو… ڪافي پري تائين گھلي وٺي ويا، ٽيئي هٿُ پڪڙي خوب ٽٻيون ڏيارڻ لڳا مان چوان مان پاڻ ئي ٿي ٽٻي لڳايان… اڃان ٽٻي هڻان ته ٽيوب مٿي کي اندر وڃڻُ ئي نه ڏئي… اشوڪ چوي جيستائين وار نه ٿا پسن تيستائين اها ڪارگر نه آهي. مٿي تي مڙيئي پاڻي وجھي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيم…… رڙين واڪن جي باوجود مزو ڏاڍو آيو زندگيءَ ۾ ايتري دير سمنڊ جي ڇولين وچـ۾ گذارڻ ۽ ايتريون ٽٻيون ڏيڻ جو موقعو اصل نه مليو.
واپس اچي ڪپڙا مٽائي اڳتي هلڻ جو ارادو ڪيو بک به ڏاڍي لڳي… ٿورو اڳڀرو هڪ اسڪول جي ڀر ۾ وڻ جي ڇانو هيٺ ڪار بهاري پيٽ پوڄا ڪئي……
اشوڪ چيو هاڻي توهانکي بينيدرم بيچ تي ٿو وٺي هلان، سمنڊ جي ڪناري وارو روڊ ورتوسين پريان سمنڊ جو ڪنارو ۽ بيچ جا منظر ماڻيندا، بينيدروم پهتاسين، ٻارن پهريون ڪمُ ڪيو آئسڪريم کائڻ جو ۽ مان اوُر ڇاتا اسپينش ٿاڌل واري ڊرنڪ ورتي. اڌ ڪلاڪ کن ريستورينٽ ۾ کائي پي ساهي پٽڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ڪجھ سوکڙيون خريد ڪرڻ جو ارادو ڪيو، شيون تمام مهانگيون هيون ننڍڙا ڪوڙا ٽاپس انڊين ڪرنسيءَ جي لحاظ کان پنجن ڇهن هزارن روپين جا ملي رهيا هئا، مان خريداريءَ جو ارادو ئي ترڪ ڪيو اشوڪ چيو ڪجھ ته وٺُ نه. سندس چوڻ تي پنهنجي لاءِ هڪ ٽي شرٽ پسند ڪيم، هن ٻنهي ٻارن کي به وٺي ڏني چيائين ٻيو ڪجھ وٺ، بس نه نه ڪري هتي جي ٻارن لاءِ پنج ڇھ ٽي شرٽ ورتيون. اُتان ٿورو گھمي گھتي مئڊرڊ طرف روانا ٿياسين رات جو هڪ بجي وڃي گھر پهتاسين.