سفرنامه

وايون وڻجارنِ جون

هي ڪتاب ھند جي نامياري ليکڪا وينا شرنگي جو اسپين، پورچگال، پئرس، آمريڪا ۽ لنڊن جي سفر تي آڌارت سفرنامو آهي. پرڀو وفا ڇڳاڻي لکي ٿو:
”وينا جو هيءُ سفرنامو مونکي بيحد وڻيو. سندس ٻولي عالماڻي، مِٺي ۽ مؤثر سهڻي ۽ سپڪ آهي. سفرنامي کي دلچسپ ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ وينا ڪافي محنت ڪئي آهي. مونکي نه صرف اُميد آهي پر يقين آهي ته مون وانگر ٻين پاٺڪن کي به هي سفرنامو دلچسپ لڳندو ۽ سنڌي جاتي هن جو خيرمقدم ڪندي.“
  • 4.5/5.0
  • 2092
  • 593
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • وينا شرنگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وايون وڻجارنِ جون

شيڪسپيئر جي وطن ۾

آچر ڏهاڙي اٺين تاريخ آگسٽ تي صبح جو سوير ئي تيار ٿي فون جو انتظار ڪري رهي هيس. ڊا. سومري موبائيل تان فون ڪيو ته اسين ٻاهر اوهانجو انتظار ڪري رهيا آهيون، گھر کان ٻن ٽن منٽن جي پنڌ تي پهچڻ لاءِ چيو. ڊا. بدر سومري منهنجو تعارف ٻئي هڪ ڊاڪٽر بدر سان ڪرايو. رسمي طور دعا سلام کانپوءِ اسان ادب جي عظيم شخصيت، شاعر، ناٽڪ نويس جي ڳوٺ طرف روانا ٿياسين فاصلو چڱو خاصو هو. وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو، مينهن جي بوندن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ڪار جي رفتار پُٺتي ٿيندي پئي وئي، مينهن جي رفتار تيز ٿيندي ٿئي وئي. ڊاڪٽر صاحب گھٻرائجي ويا، سومرو صاحب دم دلاسا ڏيئي رهيو هو، ته اجھو ٿو مينهن بند ٿئي. پر اِندر ديوتا به ڪو اُن ڏينهن ڏمريل هو اصل ماٺ ئي نه ڪري بادلن کي حڪم ڏنائين ته وڃو وڃي شيڪسپيئر جي ڳوٺ طرف ويندڙ واٽ تي وسڪارا ڪيو. بدر سومرو موڊ ۾ هو، مونکي چيائين توهان شيخ ‐ پير جي ڳوٺ کي ئي ڇو ترجيح ڏني؟ مون وراڻيو عظيم ساهتيڪار ناٽڪ نويس جي يادگار پئدائشي وطن کي ڏسڻ ٿي چاهيان. ٽهڪ ڏيندي چيائين ‐ شيخن جي پير کي ڏسو ٿا نه؟ ڪيڏا مينهن وسايا اٿائين……! ڀٽائي ۽ بارش…… ڀٽائي کي به مينهن پسند ته شيخ ‐ پير کي به پسند…… ان موضوع تي ڀٽائي جا ٻه ٽي بيت جھونگاريائين. هڪ طرف سُر سارنگ جو ذڪر هو ته ٻئي طرف ڊاڪٽر صاحب جو موسم تي ڏمر…… سندن دل پئي چاهيو ته موٽ کائي…… مينهن به چوي ته اڄُ نه وسان ته ڪڏهن وسان…… رستو ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي…… بادلن جي گڙگڙاهٽ ڏسي ڪجھ دير لاءِ ته دل پريشان ٿي، پر مونکي به عظيم ناٽڪ نويس جي پئدائشي ڳوٺ اسٽرٽفورڊ‐اپان‐اوان ڏسڻ جو جنون هو. اسين به هانو هارڻ وارا ڪونه هئاسين، مون بدر سومري کي چيو، اسان جڏهن ڳوٺ ۾ هئاسين ته مينهن پوندو هو ته ست ڪاڻن جا نالا وٺي ڌاڳي ۾ ڳنڊھ ٻڌي مينهن ۾ زومائي فٽا ڪندا هئاسين، ته پوءِ مينهن بند ٿي ويندو. چيائين سچُ……! مون چيو هائو! ته پوءِ چيائين وارو ڪريو ڪاڻن جا نالا ٻڌي ڦٽا ڪيو ته مصيبت کان پلاند ته آجو ڪيون، ڌاڳو ئي نه پيو ملي، مڙيئي ليڙ هٿ ڪري نالا ڳنڻُ شروع ڪيا شهدادڪوٽ جي ڪاڻن جا نالا، دهليءَ جي ڪاڻن جا نالا بدر سومري طرفان وڏين حصتين وارن ڪاڻن جا نالا ڳنهڻُ ۽ مان هر هڪ نالي تي ڳنڊھ ٻڌندي ٿئي ويس. نيٺ هڻي هندُ ڪيوسين ست ئي نالا هٿ لڳي ويا. اهو ٽوٽڪو ڪري پاڻيءَ ۾ ستن ڪاڻن کي ٻڌي ڦٽو ڪيوسين. فاصلو ڌيمي رفتار سان طئه ٿي رهيو هو. وقت گذرندو ٿئي ويو ۽ مينهن جي رفتار پُٺتي پوندي ٿئي وئي.
ڊا. بدر سومري چيو واه! جو اوهان ٽوٽڪو ٻُڌايو! سچ پچ ڪاڻن مينهن کي سگھو ڪري ورتو. واٽ تي هڪ هند چانھ پيئڻ لاءِ ترسياسين. بدر صاحب پاڻ سان گڏ انب آندا هئا. ڏسي سچ پچ حيراني ٿي، لنڊن ۾ سنڌ وارا وڏا وڏا مٺا چاش جھڙا انب. اصل ڳوٺ ياد اچي ويو. باريج تي مينهن جي مند ۾ پاڻي ۾ ٽپا ڏيڻ ۽ انب جا ٽوڪرا خالي ڪرڻ، اسان ڀائر ڀينرن جي پلٽن انبن تي پرٽجي پوندي هئي. چانھ پاڻي پي تن تازو ڪري اڳتي لاءِ روانا ٿياسين. لنڊن کان تقريبا سئو ستر کن ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿيندو. ٻارهين ڌاري اُتي پهتاسين.
شيڪسپيئر جي ڳوٺ پهچڻ تي هلڪيون بوندون پئجي رهيون هيون. تمام گھڻي ساوڪ ۽ ساوڪ کان وڌيڪ گُلن جون ٻاريون هڪ ننڍڙي ڪاٺ جي پُل هئي. اُن وقت ننڍي هوندي انگريزيءَ جي ٻاراڻي درجي جي ڪتاب ۾ ان طرح رنگ برنگي گُلن جي ٻارين وچ ۾ گھرن ۽ ان طرح جي ڪاٺ جي پُلين تان گذرندڙ ٻارڙن جا خوبصورت چهرا اکين آڏو اچڻ لڳا، ليس ۽ جھالر وارا فراق پهريل ننڍڙيون نينگريون هٿن ۾ گُلن جون ٽوڪريون…… پاڻيءَ ۾ ترندڙ اڇيون ڪاريون بدقون گھرن جي اڏاوت به مخصوص انداز واري…… هر علائقي ۽ مُلڪ جي پنهنجي خوبصورتي هوندي آهي.
شيڪسپيئر برٿ‐پليس جي نالي سان ٽرسٽ آهي جيڪا انکي هلائيندي آهي. پنج پائونڊ کن ٽڪيٽ آهي. هن عظيم ناٽڪ نگار جي برٿ‐پليس هينلي اسٽريٽ تي آهي، جتي ڪيترا ڪتاب ۽ دستخط به ڏسڻ وٽان ملندا، اتي هن ليکڪ جي زندگيءَ تي آڌارت ناٽڪ وغيره به رايل شيڪسپيئر ٿيٽر ۾ منچن ڪيا ويندا آهن. جنهن لاءِ اڳواٽ ٽڪيٽون بُڪ ڪرائڻيون پونديون آهن.
گھر اندر داخل ٿيڻ کان پهرين هڪ تصوير ورتي اُنکانپوءِ اندر داخل ٿيڻ تي، سندس استعمال واريون شيون اُتي رکيون ويون هيون سي نظر اينديون. سندس ڪمرو (بيڊروم) عام رواجي طرح وارو هو، رنڌڻي ۾ اسان جي ڳوٺن جيان باسڻ برتڻ موجود هئا. اُن وقت سچ پچ ايڏو سُٺو لڳي رهيو هو جنهن جو بيان ڪرڻ مُشڪل آهي. زندگيءَ ۾ ڪڏهن تصور نه ڪيو هو ته اُتي وڃي پُهچندس، مميءَ جي واتان سندس ناٽڪن جا نالا، ڊائيلاگ، ڪردارن جي باري ۾ ننڍي هوندي کان ئي ٻُڌا هئا. آٿيلو، ڪنگ ليئر، هئمليٽ، ڊيسڊيمونيا وغيره، ڪردارن سان همدردي. ائين ته سڄي دنيا ڳنڊجي وئي آهي. پئسو هجي ته انسان ڪٿي به پهچي سگھي ٿو پر جيڪو تصور ۽ احساس، خوشي اُن وقت مونکي اهڙي عظيم ليکڪ ۽ شاعر جي اڱڻ ۾ بهي ٿي رهي هئي اُن جي قيمت ۽ مُلھ سچ پچ نه ٿو لڳائي سگھجي.
ڊا. بدر سومري جا ٿورا جنهن همٿ ڪري پروگرام جلد طئه ڪري ورتو، ۽ ڊاڪٽر بدر جا به ٿورا جنهن اهڙي مُند ۾ ڊرائيونگ جو اسٽرين برداشت ڪري 170 ڪلوميٽرن جو مينهن ۾ فاصلو طئه ڪري اُتي پهچايو.
وليم شيڪسپيئر جو واسطو ڪنهن هڪ دور سان نه بلڪه هر دور سان آهي، عظيم شاعر جي يادگار گھر ٻاهران پهچڻ تي من ۾ خوشيءَ جو احساس ٿي رهيو هو، در اڳيان تمام سُهڻا گُل ٽڙيل هئا. اسان ڪجھ تصويرون ورتيون. دراصل ان جي ڀرسان ۽ ٿورو فاصلي تي ان سان جڙيل پنج يادگار آهن. هڪُ مئري آرڊنس هائوس جنهن لاءِ بيان ڪيو وڃي ته اهو سندس ماءُ جو شاديءَ کان اڳ جو گھر هو، سندس ناناڻو گھر يورپ جي جھوني دور جي روايتي گھرن جيان آهي. اتي ڳوٺاڻي ماحول جو منظر پسي سگھجي ٿو، ٻنيون ٻارا، رڍون، چوپايو مال وغيره. انکانسواءِ ائني‐هيٿويز ڪاٽيج، هيءُ اُهو گھر آهي جتي وليم شيڪسپيئر پريت جو پيچ پاتو، اتي سندس محبوبا ائني شاديءَ کان اڳ رهندي هئي، نومبر 1582ع ۾ ٻنهي لئون لڌيون…… اُن وقت وليم شيڪسپيئر جي عمر (18) ارڙهان سال هئي ۽ سندس محبوبا جي (26) ڇھويھ سال، هوءَ ٽن مهينن سان پيٽ سان هئي، جو ٻئي شاديءَ جي ڏور ۾ ٻڌجي ويا. ائني جي اباڻي گھر جا وارث اڻويھ صديءَ تائين اتي رهيا، هال ڪروفٽ جو جھونو شهر جيڪو وليم شيڪسپيئر جي نياڻي ڊاڪٽر جان هال جي نالي پُٺيان آهي. ڊاڪٽر جان سندس ڌيءَ سوزانا سان 1607ع ۾ شادي ڪئي ۽ هن امير غريب سڀني جو علاج ڪيو، ڊاڪٽر جان جتي مريضن کي چڪاسيندو هو، اُن دور ۾ ڪهڙي طرح جون دوائون هونديون هيون تن جي باري ۾ ڄاڻ، اتي جو جيڪو باغ آهي تنهن ۾ جڙيون ٻوٽيون وغيره پوکيل آهن، اگر ڪو خريد ڪرڻ چاهي ته اُن کي ملي سگھن ٿيون. ان جي ڏوهٽيءَ ايليزابيت جي پهرين خاوند ٿامس‐نئش جي رهائشگاھ آهي، ڀرسان نئيوپئلس به آهي جتي وليم شيڪسپيئر پڇاڙيءَ وارا ڏهاڙا گذاريا هئا. انهن سڀني جاين جي تقريبا گڏيل ٽڪيٽ ۾ يارهان پائونڊ لڳن ٿا.
اهي سڀ ٽرسٽ طرفان هلايا وڃن ٿا. ان ٽرسٽ طرفان تعليمي ڪورس پڻ هلايا وڃن ٿا. سينٽرل لائيبريري موجود آهي جيڪا ريفرنس طور تمام ئي ڪارائتو مواد مُيسر ڪري ٿي، ڪنهن کي پي.ايڇ.ڊي. وغيره ڪرڻي هجي ته ان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي. فرينڊ‐آف‐ٽرسٽ طور ڪوبه شامل ٿي سگھي ٿو.
ائين ته يورپ جا ٻيا به ساهتڪار هئا پر هن وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ ناٽڪن جي حوالي سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خاص طور تي پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي زبان تي ڊائيلاگ عام جام هئا. منهنجي امڙ کي ڊيسٽيمونيا ۽ آٿيلو جي گفتگوءَ وارا جملا برزبان ياد هئا. شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ هئمليٽ کي 1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ سنڌي ۾ (ائڊاپٽ) اپنايو. جنهنکي شري هيرانند آڏواڻيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ ڊي‐جي‐سنڌ ڪاليج جي ائميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ جي ڪلاڪارن منچ تي پيش ڪيو.
وليم شيڪسپيئر جا جيڪي همصعر هئا سي کيس وڏي احترام جي نگاهه سان ڏسندا هئا، تن طرفان هُن متعلق راين کي اتي پيش ڪيو ويو هو، سندس لکڻ پڙهڻ وارو هند ۽ ٻين ڪمرن کي ڏسڻ سان گڏوگڏ سندس تخليقي ۽ زندگيءَ جي سفر، رهڻي ڪرڻي واري معلومات ۽ مشهور معروف ناٽڪنويس ۽ شاعر جي رهائش گاھ جو هيءُ يادگار سفر اٺين (8) آگسٽ 1999ع آرتوار ڏهاڙي به شڪريه جناب بدر سومري جي ڪوششن سان پلئه پيو.
هڪُ ٻيو تاريخي واروڪ ــ قلعو ڪافي فاصلي تي هو، جنهن ۾ گذريل ڏهن صدين دوران ڇا وهيو واپريو ۽ گذريو، اُن متعلق سنسني‐خيز داستان سيلانين جي ڪشش وارا آهن، جتي خاص واقعن تي آڌارت ڊائري جا سچ، گذريل ڏهن صدين جي تاريخ، گھوسٽ ٽاور (جنات وارو قلعو) ۽ اُن شاهي محل جي قتل ۽ ٻين داستانن جو ذڪر ۽ ڄاڻ سيلانين کي ڏني وڃي ٿي. مونکي صرف وليم شيڪسپيئر جي پئدائشي سرزمين ڏسڻ جو اشتياق هو…… تمنا هئي جا پوري ٿي.
اُتان واپس وِرندي واٽ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي وارو روڊ هو، پر اسين اڳتي نڪري چڪا هئاسين. هيءُ تعليمي ادارو قديم تعليمي مرڪز رهيو آهي. ان جي اردگرد ڪي ڪاليج آهن، اتي سر ڪرسٽوفر وارن جي ڊزائين تي آڌارت لائيبريري ۽ ٿيٽر ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڪي تاريخي ميوزيئمس آهن. ميوزيم ۾ ڪئپٽن ڪوڪ جي ڪليڪشنس موجود آهن. واٽ تي هڪ سنڌي شاگرد جي گھر هلڻ جو پروگرام هن طئه ڪري ورتو. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هيءُ نوجوان شاگرد محمد صديق ڪلهوڙو ماسٽر چندر جي ڳوٺ جو هو، اتي پي.ايڇ.ڊي. پڙهڻ آيو هو، جيڪو پڙهائي پوري ڪري واپس وطن وڃي رهيو هو، اسان هن وٽ اڌ ڪلاڪ کن ويٺاسين…… هن ٻُڌايو ته سنڌ جي دوري دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان سندس مُلاقات ٿي هئي. چانھ پاڻي کانپوءِ هن کان اجازت ورتي.
واپس وِرندي جڏهن هڪ هندان گذرياسين ته هن چيو هتي چاچا ڏاهر رهندو آهي، تمام ڀلو ماڻهو آهي سنڌ سان پيار اٿس، اُن ڏهاڙي ته جناب شهنواز ڏاهر سان مُلاقات ڪانه ٿي پر پوءِ ڪهاڻين جي مجموعي تي تبصرو لکي موڪليائون. سندن تاريخ جي حوالي سان ڪئي آرٽيڪلس پڙهيون آهن. پاڻ تاريخدان آهن. مارئي طرفان 29‐30 سيپٽمبر 2001ع تي جيڪا ڀٽائي گھوٽ شاهه لطيف تي انٽرنيئشنل ڪانفرنس ٿي تنهن ۾ شرڪت ڪيائون. ڀينرن لاءِ عزت، ڳالهائڻ دوران ڌيئڙي، ڀينڙيءَ جا لفظ عورتن لاءِ احترام جي گواهي ڏين ٿا، جناب شهنواز ڏاهر ڀلو انسان آهي، جڏهنڪه ڪيترن کي ڌيئرن ڀينرن ۽ عورتن سان ڳالهائڻ جي تميز ۽ تهذيب ٻُـڙي…… مُهذبپڻي جو چهري تي کول…… غيرمُهذب لڇڻ…… جيڪي سنڌي سماج تي بدنما داغ آهن. تڏهن ته شاه سائين فرمايو آهي :

ماڻهو سڀ نه سُهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھ اچي بوءِ بهار جي
(شاه)