ٽـاور آف گـولـڊ
هوٽل مان سامان ڪار ۾ رکي نيرن ڪري سڀ کان پهرين اُتي جي مشهور چرچ ڏسڻ جو پروگرام رکيو، آرتوار ڪري چرچ ٻئين بجي کولڻي هئي جو ٻارهين بجي چئپل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، اتي جا مڪاني ماڻهو پراٿنا لاءِ وڃي رهيا هئا، اُن جي ڀرسان ئي پئلس هئي پهرين اُن کي ڏسڻ جو پروگرام رکيوسين. اندر داخل ٿيڻ تي هڪ شوڪيس ۾ طرح طرح جا وڃڻا نظر آيا، جيڪي شاهي خاندان وارا استعمال ڪندا هئا، اهي فرانس، چائينا، جاپان، اسپين، تولودو مطلب ته مختلف علائقن جا الڳ الڳ ڊزائين وارا جھجھي تعداد ۾ موجود هئا. اهو شاهي محل ڪنگه ڊان پئڊرو وڏي شونق سان ٺاراهيو هو. جنهن ۾ مُسلم ۽ عيسائي فن جو سنگم هو، ان لاءِ تولودو، گرناڊا ۽ سويجا جي ڪاريگرن کي اڏاوتي ڪم ۾ جوڙيو ويو هو. اتي هڪُ هال هو سامهون هڪ ميز ۽ ڪجھ ڪرسيون رکيل هئيون، پُٺيان مختلف جھنڊا هئا، دراصل هيءُ هالُ فوجي حڪمت عملي تيار ڪرڻ وارو اِهم هال هو، جتي نه صرف فوجي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي هئي پر الڳ الڳ ايراضين جي کوج لاءِ به اتي اهم ميٽينگس ڪيون وينديون هيون. القصار جي ڀرسان چرچ جي ٻئي پاسي هائوس ‐ آف ‐ آمريڪن جي آرڪائيز آهي. جتي آمريڪا جي کوج وارا دستاويز ان آرڪائيز ۾ محفوظ آهن. هن شاهي محل ۾ ٻئي پاسي هڪ وڏي هال ۾ ڀتين تي ڪپڙي تي وڏيون شاهي پينٽنگس ڏسڻ ۾ اينديون، جن ۾ شاهي خاندان جي شادي مُراديءَ جو ڏيکه، اُن دور جي جنگين جا چتر چٽيل ۽ ٻيا منظر نظر ايندا جنهن مان اُن دور جي واقعن جي ڄاڻ پوي ٿي. 1740ع ۾ ڪنگه فلپ پنجون هو هن محل کي 1755ع ۾ لسبن ۾ ڌرتي ڌوٻڻ ڪري جيڪو نقصان ٿيو هو، اُن جي وري مرمت ڪئي وئي هئي، ۽ وچ واري دور جي تعمير ڪنگه ائل ‐ فئنسو ڏهين ڪرائي. ائين هر دور دوران جنهن ان جي اڏاوتي سلسلي ۾ جيڪي اڏاوتون ڪرايون هئيون تن جا تفصيل هئا.
ٻاهر هڪُ وڏو باغ هو، هيٺ هڪ طرف شاهي خاندان جي بيگمات جي وهنجڻ لاءِ حمام هو، کاٻي ساڄي پاسي ننڍڙا ڪمرا هئا، حمام ۾ اُن وقت ڪجھ پاڻي موجود هو، ان جي اڏاوت انگريزيءَ جي اُبتي يوُ وانگر ڪمانن ذريعي ڪيل هئي. حمام جي آخر ۾ ڀت تي وڏا جارا هئا، جن جي پُٺيان پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ باھ وغيره جو بندوبست ٿي پئي سگھيو، اُن دور جون شاهي بيگمات اسٽيم باٿ وٺي نه صرف پنهنجي جسم جي ٿڪاوٽ لاهينديون هونديون پر پهنجي سُندرتا ۾ اضافو به ڪنديون هونديون.
جئين ته چرچ ٽوئرسٽ لاءِ ٻئين بجي کُلڻي هئي اسان وٽ ڪافي ٽائيم هو. اسان اُن دوران بوٽنگ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو، لانچ جي سير لاءِ ٽڪيٽون وٺي ٽاور‐آف‐گولڊ وٽان اهو سفر شروع ڪيو. ٽاور‐آف‐گولڊ ان جو نالو انڪري پيو جو ٻاهران جيڪو سون ۽ ٻيو جيڪو سامان ايندو هو اُن کي اِتي لاٿو ويندو هو. اهو تيرهين صديءَ (13) جو ٽاور آهي. ان نديءَ جي ٻنهي طرف جيڪي عمارتون هيون، اُنهن جي ڄاڻ سيلانين جي سهوليت لاءِ مختلف زبانن ۾ ڏيئي رهيا هئا. ان نديءَ جي مٿان ڪافي پُلين جي اڏاوت ڪئي وئي هئي، ڪي تمام جھونيون هئيون ته ڪي ويجھڙائيءَ ۾ تعمير ڪيون ويون هيون. اسان سڀ کان پهرين واريون ڪُرسيون والاريون. صبح جو ايتري ڀيڙ ڪانه هئي باقي رات جو لانچ اصل کچاکچ ڀريل هئا.
نديءَ جي صاف شفاف پاڻيءَ کي ڇُهندڙ تازي هوا جا جھوٽا تراوت ۽ تازگيءَ سان گڏ خوشگوار من جي اُمنگن ۾ وڌيڪ ئي موج مستي پيدا ڪري رهيا هئا. جڏهن اسان جو لانچ پُل جي هيٺان لنگھي رهيو هو ته هوا جي رفتار تيز ۽ وڌيڪ ئي ٿـڌي ٿي پئي وئي. هڪ طرف من جون موجون هيون ته ٻئي طرف لهرن کي چيريندڙ لانچ جي رفتار……! کاٻي ۽ ساڄي پاسي ماضي ۽ حال جي اڏاوتن جي گوهي ڏيندڙ عمارتون…… 1931ع جي تعمير ڪيل هڪ برج کي 1964ع ۾ عام جي آمدرفت لاءِ کوليو ويو هو. اُنکانپوءِ هڪُ سورهين صديءَ جو اسڪول هو، سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ قائم ڪيل اسيمبلين جون عمارتون، اهي کاٻي ۽ ساڄي پاسي نظر اينديون، سُهڻو نظارو ۽ منظر پيش ڪري رهيون هئيون. لانچ پاڻيءَ کي چيريندو ٻه سئو ميٽرن واري ڊگھي برج کي طئه ڪندي اڳتي وڌي رهيو هو. اها برج 1852ع ۾ تعمير ٿي هئي، ان جو نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ٿيل آهي، جيڪا هن وقت آمدورفت لاءِ بند آهي. اتان عام ماڻهو پيرين پنڌ ته وڃي سگھي ٿو پر موٽر گاڏين جي اچ وڃ جي اجازت نه آهي، ڪالھ اسان اتان پيرين پنڌ سير ڪندي نديءَ جي ٻئي ڪپ طرف ويا هئاسين. اتي ڪيترا تمام ئي تيزرفتار سان موٽربوٽ ۽ ننڍڙين ٻيڙين ۾ ائڊوينچر ڪندي نظر آيا.
اتي هڪُ وڏو اوُپن‐ايئر‐آڊيٽوريم آهي، جتي ڇھ هزار حاضرين هڪ ئي وقت پروگرام جو لطف ماڻي سگھن ٿا. جيڪو ان طرح جو يورپ ۾ وڏي ۾ وڏو آڊيٽوريم آهي. جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا هئاسين تئين تئين دلچسپ معلومات پلئه پئي رهي هئي. پندرهين صديءَ ۾ جنهن جھاز دنيا جو چڪر لڳايو هو اُن جو (ريپلڪا ماڊل) نقُل رکيو ويو هو. سويجا ۾ ايڪسپو‐ ايگزيبيشن لڳي هئي جتي سڄي دنيا جا بزنسمين ۽ ٻين ڪمپنين حصو ورتو هو اُن نُمائش دوران ڪيتريون نئيون عمارتون ۽ پُليون تعمير ڪيون وئيون، تن مان هڪ هئي ايڪسپو‐ برج. هتي ڀارت ۾ به جڏهن ايشيائي رانديون منعقد ٿيون هئيون اُن دوران دهليءَ ۾ ائشين ‐ وئليج ۽ ڪيترا نوان روڊ ۽ ٻيو اڏاوتي ڪمُ ڪيو ويو هو. پهرين مواصلاتي نظام جو نقُل، وڏي ڳالھ ته اُتي جيڪو اميوزمينٽ پارڪ آهي ان اندر جيڪي جادوئي نظارا آهن سي نه صرف ٻارن پر وڏن کي به اچرج ۾ وجھي ٿا ڇڏين. 1990ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو مان آمريڪا ويس ته ڊزني ورلڊ ڏسڻ ويس، اُتي وِچ ‐ هائوس ڏٺم، جتان لنگھڻ وقت ماڻهو خوفزده ٿي وڃي ٿو. اُن وقت ايم.جي.ايم اسٽوڊيو به ڏٺم جتي ٻارن جي ڪارٽون فلم تيار ڪرڻ جي مرحلي کان علاوه فلم ۾ جيڪي ائڊوينچر نظر ايندا آهن تن جي شوٽنگ ڪيئن ٿيندي آهي، اُن جو به تجربو رهيو. اُن وقت سئو ڊالر کن ٽڪيٽ لڳي هئي. ريل ۾ سفر ڪرڻ وقت اوچتو ٽرين ۾ باھ لڳڻ وارا ائڪشن، باھ جون ڄڀيون ائين پيون اڳيان اچن ڄڻُ جسم کي شعولن جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏينديون، ساڳيءَ طرح هڪُ جھاز اندر بمبازيءَ وارو ائڪشن اوچتي ٿيڻ ڪري ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو.
سويجا ۾ جيڪي نئيون برجون تعمير ڪيون ويون هئيون تن ۾ هڪ تيرڪمان جيان يا ائين چئجي سنگيت جو وڄائڻ وارو واد (ائنسٽرومينٽ) وانگر هئي جيڪا هڪ سئو چاليھ ميٽر (140) اونچي ۽ ڇھ سئو پنجاھ (650) ميٽر ڊگهي سئو ميٽرن جي نيويگيشن ۽ اٺ (8) ميٽر اُونهائي واري هئي.
نديءَ جي سيروسفر کانپوءِ چرچ گھمڻ جو پروگرام رکيو. چرچ جي هڪ خاص ڳالھ اها هئي ته مٿي ٽاور تي چڙهڻ لاءِ قطب مينار جيان ڏاڪا هئا، ان اونچائي واري ٽار تان سڄي اندوليسا شهر کي ڏسي ٿئي سگھياسين. ان ٽاور جي اڏاوت خليفي ابو يعقوب يُوسف پنهنجي اسيسٽنٽ ابن بطوطه کي ڪرائڻ لاءِ چئي هئي، هن اُن جي چوڻ تي اهو ڪمُ شروع ڪيو. مشهور سيلاني ابن بطوطه موراڪو جي شهر تنجـﮧ جو رهندڙ هو جيڪو هندوستان پاڪستان سنڌ تائين عربن جي دور دوران آيو هو، اسپين جي مشهور شهر الخيٿيرا تنجـﮧ وچـ۾ جھاز ذريعي سفر ڪرڻ لاءِ صرف ٽي ڪلاڪ لڳن ٿا. جيڪو شهر اصل ۾ عربي اکر الجزيراه آهي. 580 هجري ۾ 13 تاريخ صفر جي مهيني ۾ هن شروع ڪيو هو. يعني 26 مارچ 1184ع ۾ ڪيو ۽ هجري مطابق 593 ربي اُلُ مهيني يعني 19 مارچ 1197ع ۾ مُڪمل ٿيو.
ابو يُوسف المنصور جي راڄ ۾ وري ان ۾ ڪجھ ڦير گھير آندي 1968ع ۾ مٿيون حصو جوڙيو. جيئن قطب مينار تي الڳ الڳ فلور آهن. هتي چوٽيھ منزلون آهن. مٿي پنجٽيهين تي چوطرف وڏيون وڏيون شيخون آهن جيئن پئرس جي ٽاور تي مٿي شيخون آهن. هتي به پنجٽيهين ماڙي تان سيلاني اندوليسا شهر جي اُتر اولھ، ڏکڻ ۽ اوڀر وارن حصن کي ڏسي سگھن پيا. شهر جو تمام سُهڻو ايئريل وويو ڏسڻ ۾ اچي پيو. هڪ منزل تي 1248ع ۾ ٺهيل چوغو، هڪ منزل تي وڏو دروازو ۽ ان وقت جو پٿر هو ته هڪ ٻي منزل تي وري اسلامي دور جا ڪجھ ڪئنورا (لوٽا)، ڪي لوهي کُـرپا، هٿوڙا، ڪُهاڙي، لوهي اوزار، ان طرح جا سازوسامان الڳ الڳ منزلن تي رکيل هئا. جيڪي اُن دور جي تاريخ بيان ڪري رهيا هئا. اڳاٽي دور جو هڪُ وڏو گھڙيال رکيل هو، جنهنجو ڪانٽو اُن وقت ڏھ لڳي ويھ منٽ ڏيکاري رهيو هو. انهن اسلامي ۽ آڳاٽي دور جي شين جي باري ۾ هڪ هنڌ لکيل هو ته اها عيسائين جي فراخدلي آهي جن انهن کي سليقي سان باحفاظت سنڀالي رکيو آهي. اسپين مان عربن ۽ اسلام جي اثر کي ڪئٿولڪ ائين پٽي ڪڍيو جو انهن جو اتي وري ڦهلاءُ نه ٿئي. وئلينسا جي هڪ علائقي مکيه بازار ۾ عيسائين جي سوڀ جو هڪُ جشن ملاهيو ويندو آهي، جنهن ۾ 1276ع جي يادگار حادثي کي اُن دور جون پوشاڪون پهري اڄُ به ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. ٻن ڌرين ۾ ويڙھ ڏيکاري ويندي آهي ۽ هڪُ اُن طرز جو بناوٽي قلعو اڏيو ويندو آهي. پهرين ان تي موز جو قبضو ڏيکاريو ويندو آهي، اُنکانپوءِ عيسائين جي قلعي تي فتح جو پرچم بلند ڪيو ويندو آهي، ته دشمنن کي ڪيئن اتان ڊيـڙائي ڪڍيو ويو. ست سئو سالن کان اهو جشن اتي هلندو پيو اچي.
ان ٽاور جي هڪ ڳالھ اها سُٺي هئي جو ڏاڪڙن بدران سِرن ذريعي مٿي چـڙهڻ لاءِ واٽ گھڙي هئي. جنهن ڪري مٿي چـڙهڻ تي هروڀرو ايتري اُڀساهي نه ٿي رهي هئي، پر آخري منزل تي چـڙهڻ تائين ٿورو ساھُ ضرور چڙهي ٿو.
چرچ جي ٻاهران ڪافي گھوڙي گاڏيون بيٺيون هيون، اسپين جي ڪرنسيءَ موجب پنج هزار پسيتا وٺي رهيا هئا، يعني اسان جا پنج سئو روپيا. انهن گھوڙي گاڏين جا ڪوچوان ٿلها متارا لڳا پيا هئا. اهي ان طرح جون چوچاڪيون گاڏيون هيون جيڪي راجا مهاراجائن يا هتي ڪنهن قومي تاريخي ڏينهن تي صدر جي سواري لاءِ نڪرندي نظر اينديون آهن. انهن چوچاڪي گاڏين جي باري ۾ امڙ وقت به وقت ٻُـڌائيندا هئا. ڪراچيءَ ۾ سندنُ وٽ گھر ۾ چوچاڪي گاڏي هوندي هئي، ان چوچاڪي گھوڙي گاڏي جي سير جو مزو به ننڍي هوندي ماڻيائون، ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي سُٺي سروس جي باري ۾ ور ور ڪري ذڪر ڪندا هئا. انهن گھوڙي گاڏين کي اتي ڏسي ڪراچي ۽ سنڌ جا نظارا ور ور ڪري اکين آڏو اچي رهيا هئا.
تنهنجي پيار جون پاڙون بيٺل، منهنجي هانوَ ۾ آهن،
ڪيڏيون قرب ونڊيندڙ هيرون، تنهنجي ڇانوَ ۾ آهن،
سر تي سايو تنهنجو گھرجي، ٻي ڪا ناهي لوڙ،
پيو تون جيئن شال!
( بردھ سنڌي )
اسان چائينيز ريستورينٽ ۾ لنچ ڪري جوس ۽ آئسڪريم کائي تـنُ تازو ڪيو. ساڍي پنجين ڌاري سويجا کي الوداع ڪري قومي شھارا وارو روڊ ورتو، اڳتي هلي ٿورو چانھ ڪافي پيتي، رات جو ساڍي ڏهين ڌاري سنڌو دويش کي ڇڏي ڪالاباسا طرف رخ ڪيو. ٿـڌي هوا لڳي رهي هئي، گھمڻ جي مستيءَ وارو عالم مٿان سنڌ جو هڪُ لطيفو ياد اچي ويو. مون چيو اشوڪ توکي سنڌ جي وڏيري جو هڪُ قصو ٻُـڌايان، تو وڏيرن جي لئه جون ڳالهيون ته ٻُـڌيون آهن. هڪ وڏيري وٽ وڏو پئسو هو، وڏيرو شونقين هڪ مهاجر اچي پاسو ڏنس ته سائين اوهين فلم ڪڍو، وڏيري هامي ڀري، بس پوءِ ته حسينا ۽ دوشيزائن جي لائين لڳي وئي، وڏيرو به هِـرُ ٿي ويو. فلم جي شوٽنگ شروع ٿي گروپ ڊانس جو سين هو، ڊائريڪٽر گول دائري جي ليڪ ڪڍي ڊانسرس (رقاصائن) کي چيو ته اوهين ان جي اندر ئي مومينٽ ڪندا پوءِ ان کان ٻاهر نڪري ويندا، جيئن ئي شوٽنگ شروع ٿي، ته ڊانس ڪندي ڪندي ڪا نه ڪا ڇوڪري ليڪي اندر رهجي وڃي هو ور ور ڪري اهي شاٽ وٺي رهيو هو، کين ليڪي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ رن‐ آئوٽ چئي رهيو هو، هن کي پنهنجي پسند جو شاٽ ئي نه پيو ملي. گھڙي گھڙي ڪٽ ڪٽ ڪري روڪي ڇڏي. وڏيري جي بيزارگي وڌي رهي هئي، هن خارن وچان چيو : وري ڪهڙي رن ليڪي کان ٻاهر وئي… رن‐ آئوٽ ٻاهر نڪرڻ کي وڏيرو رن……!
بس منهنجو اهو وڏيري جو لطيفو پورو ڪرڻ اشوڪ جا ٽهڪن مٿان ٽهڪ. مون اڄُ ڏينهن تائين اشوڪ کي ان طرح زوردار ٽهڪ ڏيندي نه ڏٺو. مان به کلان گڏ چوان اشوڪ تون ڊرائيوُ ٿو ڪرين پاڻ سنڀال، کلي کلي اصل پيٽ ۾ سور پئي پيو، چيائين واھ! جو وڏيري جو قصو ٻُـڌايه، وري ڪهڙي رن ليڪي کان ٻاهر وئي……!! پوءِ ته ٻنهي ڄـڻن سنڌيءَ جا ٺيٺ لفظ هڪ ٻئي کي ٻُـڌائڻُ شروع ڪيا. هن گھر ۾ ڪتا پاليا ڪارو رنگ واريون اصل ڪاريون ڪِٺِ قد جون بندريون پاتي ۽ اوُليويا. صبح شام ٻاهر سير لاءِ ته نڪرنديون هيون. الائي جي ڪٿان وري اُنهن جي ڳالھ نڪتي، مون چيو اهي پاتي ۽ اوُليويا ٻئي ڏاڍيون ڇُـڙواڳه اٿيئي. هن جي کل بند ئي نه ٿئي. چيائين واھ! جو ڇُـڙواڳه اکر ٻُـڌايو اٿئي، مون کان ته اهو لفظ وسري ويو هو گھر پهچڻ تي هن زال کي چيو اڄ واھ! جو وينا کلايو آهي. هن جا ٽهڪ ،ماريا کي اسپينش ۾ هن ترجمو ڪري ٻُـڌايو. اُن رات سنڌ ۽ سنڌ جي وڏيرن جون ڳالهيون ۽ اسان جا ٽهڪ……