مهربان زندگي …!
پهرين آگسٽ جي رات ۽ ٻي آگسٽ جي صبح ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي. صبح جي ساڍي ستين بجي فلائيٽ هئي. مون هوٽل جي اسٽاف وارن کي 4 بجي جو الارم لڳائڻ لاءِ چيو. مونکي ننڊ نه پئي آئي، مان اُنهن جي اُٿارڻ کان پهرين ئي سُجاڳ ٿي وئي هيس. سامان ته رات جو ئي پئڪ ڪري ڇڏيو هو، صرف نائيٽ سوٽ ئي وجھڻو هو، مون چانھ ٺاهي پر مونکي مزو نه آيو ڍُڪُ ڀري ڇڏي ڏنم. پنجين بجي اشوڪ کي فون ڪيم، اُن وقت مئڊرڊ ۾ منجھند هئي، مونکي پڪ هئي ته هن وقت آفيس ۾ هوندو، جيئن ئي فون ملائي اشوڪ جو آواز ٻُـڌم، سڄي بدن ۾ سيئاندي پئجي وئي، مون چيو اشو مان آهيان، فڪر ۽ ناراضپي وچان چيائين ‐ وينا ڪمال ٿي ڪرين! منهنجو ساھُ اصل تو ڪڍي ڇڏيو. مون توکي فون ڪيو، توڏي فئڪس ڪئي تنهنجي ڪا خبر نه چار، هوٽل وارن مونکي ڏھ منٽ هولڊ ڪرايو، انهيءَ جي باوجود توکي ڳولهي نه سگھيا، مون آرگنائيزرس سان رابطو ڪيو پر تنهنجي ڪا خبر نه چار. مون چيو، اشوڪ مان توسان ڪانٽيڪٽ ڪرڻ پئي چاهيان پر هتي ٽائيم جي فرق ڪري توسان ڳالھ ڪانه پئي ٿئي، ان کان علاوه سميلن دوران وچ مان نڪري به نه پئي سگھان، توکي مان شڪاگو پُھچڻ شرط فون ڪندس، اشوڪ پريشان هو سندس آواز ٻُڌي منهنجي دل به سُست ٿي وئي.
مون آرگنائيزر جي جوابدار ڀيڻ کي عرض ڪيو هو ته منهنجي ڀاءُ کي اي‐ميل ڪري صرف هوٽل جي باري ۾ ٻُڌايو، هُو مون سان پاڻ ئي رابطو ڪندو، پر افسوس آهي پهرين هڪ هوٽل ۾ پوءِ ٻيءَ ۾، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪمري جو انتظار جنهن ڪري اطلاع ئي نه ڏيئي سگھيس. مان ۽ اشوڪ جنهن پريشانيءَ مان گذرياسين، جن کي رتُ جي رشتن جو احساس هوندو سي ئي اندازو لڳائي سگھن ٿا……
مونکي هوٽل جو ڪمرو اصل کائڻ پيو اچي، مان هيٺ لابي ۾ پهچي ٽرانسپورٽ جو انتظار ڪرڻ لڳس، ٻيا به ڪيترا پنهنجي منزل طرف وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ هئا، ڪي ننڊاکڙا ته ڪي گھيرٽ کائي رهيا هئا، سميلن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪيترا ڪُٽمب موجود هئا. ٽئڪسيءَ واري چيو هاڻي ٽئڪسي وڃي ٿي، پوءِ توهانکي ڪلاڪ کانپوءِ ٽرانسپورٽ ملندي، مون انڪار ته ڪيو، جو مسٽر هريش منگھناني مونکي چيو هو ته مان ايئرپورٽ تائين ڇڏي ايندس، وٺڻ به هوئي آيو هو. ايئرپورٽ طرف ويندڙ ٽرانسپورٽ جي وڃڻ کانپوءِ منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ته اگر کيس ڪا مجبوري ٿي پوي ته، منهنجي فلائيٽ جو ڇا ٿيندو؟ جي ٻي ٽرانسپورٽ اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ملي ۽…… منهنجا خيال تيز طوفاني رفتار سان ڊوڙڻ لڳا. مون گھٻراهٽ وچان وملا تواريءَ کي ننڊ مان اُٿاريو، هن چيو تون فڪر نه ڪر، هريش جي چيو آهي ته اچي ويندو. مان اصل ٻُڏتر ۾…… من ۾ مُنجھارو…… سفر جي ان گھٻراهٽ جو پرديس ويندڙ اسان جھڙين شخصيتن کي احساسُ هوندو.
ڪجھ دير کانپوءِ منهنجي مسٽر هريش منگھنانيءَ تي نگاهه پئي ته مون سُک جو ساھُ کنيو. هن جي لابي ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين ئي بيگ گھلڻُ شروع ڪئي، هن بيگ ۽ ٿيلهو کڻي ٽئڪسيءَ ۾ رکيو. مون کيس چيو، مونکي انتظار هو ڪٿي دير نه ٿي وڃي. هن چيو شهر کان ٻاهر واري رستي تي ٽريئفڪ ڪونه هوندو، اُتان ٿا هلون. ايئرپورٽ طرف ويندڙ ان واٽ تي ساوڪ هئي، 1990ع ميامي ۽ آرلئنڊو ڪار ذريعي سفر ڪيو هو. بريڪ لڳڻ سان ماضيءَ جي يادين جو سلسلو به ٽٽي پيو.
سامان جھٽ روانو ڪري هن چيو توهان چانھ پيئندا. مون چيو نه، توهين ڀلي هلو. مان سندس ٿورائتي آهيان جو وقت ڪڍي وٺڻ ۽ ڇڏڻ آيو.
ڪلاڪ اندر هوائي جهاز سينٽ ليوس تي پهتو. اُتان فلائيٽ چينج ڪري شڪاگو لاءِ ورتي، سترهان سئو ايڪڙن تي ڦهليل اوُ‐هيري هوائي اڏي تي روزانو ٻه لک مُسافر اچن ٿا، ٻه هزار ست سئو اُڏامن جي اچ وڃ آهي. پنجاھ هزار ته ورڪر آهن. سئو کان ته وڌيڪ دروازا آهن. هر ٽيهن سيڪنڊن ۾ ٻه هوائي جھاز لھُ چـڙُھ (اُڏام) ڪن ٿا. بئگيج لاءِ جڏهن اُتي پهتس ته ڏسان منهنجي بيگ ۽ ٿيلهو ايئر‐لائين جو ملازم ٽراليءَ ۾ کڻي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، مان ڊوڙون پائيندي هُن کي اشارو ڪيو ته اهو منهنجو سامان آهي، هو اُتي ئي بيهي رهيو. شايد مونکي پهچڻ ۾ دير ٿي، جيستائين مان پُڇا ڪري پھچان تيستائين سڀئي مُسافر نڪري چُڪا هئا. هوائي جھاز ۽ سامان موڪلڻ ۽ چاڙهڻ، تيرهان ڪلوميٽرن جو مختلف جھازن تائين فاصلو آهي ۽ ان جي رفتار اهڙي جو اسان پارا پهچن پھچن سامان اڳ ۾ ئي موجود. هرهڪ منٽ ۾ پنج سئو تائين بئگيج ايڪسري مشين مان گذرن ٿا. اها انڊر‐گرائونڊ بئگيج جي بندوبست واري جاءِ ايڏي ته وڏي آهي جو ان لاءِ چيو ٿو وڃي ته ٽن فوٽبال وارن گرائونڊس جي برابر آهي. سئو کان وڌيڪ ته دروازا آهن.
ايئرلائين جي مُلازم کي چيو مان ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهيان، تون منهنجي مدد ڪر سامان گيٽ تائين کڻي هل ته مهرباني ٿيندي. مان توکي ٽِپ ڏيندس. حالانڪ مونکي سخت هدايت ڪئي وئي هئي ته سامان اڪيلو نه ڇڏج يا ڪنهن اجنبيءَ کي نه ڏج، سٽ ڏيئي سامان کڻي ويندا آهن، سندس گلي ۾ شناختي ڪارڊ هو انڪري مونکي ڪجھ آٿتُ هو. گيٽ تائين هليو اُتي مونکي ڪوبه نظر نه آيو، مون کيس چيو ٻئي گيٽ تي هلي ڏسون، چڱو فاصلو هو، اُتي به ڪوئي نظر نه آيو. مون کيس چيو ته اڃان اڳتي هلي ڏسون؟ هن چيو سڀني کي خبر آهي ته اهوئي گيٽ آهي اتي ئي ايندا آهن. منهنجي پريشاني ڏسي هو مونسان اُن گيٽ تائين به هليو، روڊ ڪراس ڪري ٻاهر ٽئڪسي تائين آيو. منهنجي پريشاني وڌڻ لڳي. ڊاڪٽر پروين الائي ڇو ڪونه پهتي، ڪو فلائيٽ جي ڏينهن يا ٽائيم جو مُنجھارو ته نه ٿيو…… مون چيو مونکي فون ڪرڻو آهي، ويچارو وري اندر وٺي آيو، فون تي آنٽي شيرن سان ڳالھ ٿي، چيائين ٻه ڄڻيون توکي ايئرپورٽ تي وٺڻ لاءِ نڪري چُڪيون آهن ڪٿي ٽريئفڪ وغيرهه ڪري دير ٿي هوندن، ٻچا تون فڪر نه ڪر پهچي وينديون، آنٽي شيرين کوجا ڪُٽمب مان آهي. منهنجي امڙ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ پڙهندي هئي، سندس شادي جوشي برهمڻ سان ٿي، جنهن ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان ۾ رهي بهائي ڌرم اختيار ڪيو. ڪراچي ريڊيو تي سنسڪرت جو پروگرام ڏيندا هئا ۽ يونيورسٽي جا پيپر وغيره چيڪ ڪندا هئا. ممي ۽ آنٽي شيرين ڀينرن کان وڌيڪ نڀايو.
ٿوري ئي وقت اندر ڊاڪٽر پروين ۽ هُن سان گڏ مٿي تي رئو ڪيل هڪ خاتون مُلياڻي جيان نظر آئي. کن پل لاءِ ائين لڳو امريڪا ۾ نه بلڪه ڪنهن اسلامي مُلڪ ۾ آهيان. ڊاڪٽر پروين مون سان تعارف ڪرايو. وينا هيءَ عمر جي سسُ آهي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي گھوٽ ڊاڪٽر عارف، پنهنجي ڌيءَ هينا ۽ پُٽ عمر سان گڏ دهليءَ سال ڏيڍ اڳ آئي هئي. ممي کي چيائين ٻارن کي پنهنجي نانيءَ سان ملائڻ وٺي آئي آهيان ۽ توهانکي عمر جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻو آهي اُن جي نينڍ به آهي. عمر جي شادي پاڪستان جي پنجاب مان ۽ ڌيءَ جي شادي مدراس (انڊيا) جي مُسلم ڇوڪري سان ڪرائي آهي جيڪو هينا سان اُتي پڙهندو هو. پروين اُئوڪ برگ ۾ رهندي آهي. جيستائين اسين سندس گھر پهچون تيستائين هوءَ دهليءَ جو ۽ اشوڪ جو حال احوال وٺندي رهي.
گھر پهچڻ تي جڏهن آنٽي شيرين ملي ته سندس اکيون ڀرجي آيون. منهنجي امڙ ايشور کي پياري ٿي وئي ۽ آنٽي شيرين ماضيءَ جي يادين جي ڳٺڙيءَ جو بارُ جھونن ڪُلهن تي لٺ جي سهاري ڍوئيندي پئي اچي. مميءَ سان دهليءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالهائيندي هئي، جڏهن گذري ويا ته فون تي پرچاڻيءَ وقت خوب رُنو، ممي سندس حال محرم هوندي هئي. منهنجي اچڻ تي بيحد خوش ٿي. ڊاڪٽر پروين چانھ پاڻي کڻڻ لاءِ وئي. ان وچ ۾ هڪ ٿلهي متاري اڇي ڪاري ٻلي اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺي. يڪ ٽڪ مونکي گھوري رهي هئي. آنٽي چيو ٻچا هيءُ پروين جي پاليل آهي، توکي سُڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪري. ان وچ ۾ پروين چانھ کڻي آئي چيائين، ٽوئنڪل هيءَ وينا آهي، مون پيار وچان سڏ ڪيو، ٽئنڪل هيڏانهن اچ منهنجي سڏ جي انتظار ۾ هئي، يڪدم قريب اچي وئي، مٿي تي هٿُ ڦيريومانس، بس اُنکانپوءِ ته سُٺي دوستي ٿي وئي. ڳالهين دوران ٻئي ڪمري مان ڪن تي مرداڻو آواز پيو، هلو!
اسين ڊائننگ هال طرف آياسين ته وري ساڳيو مرداڻو آواز ڪن تي پيو، هلو! مون چيو پروين ڪير آهي؟ شيرين ۽ پروين کلي ڏنو. چيائون برئڊي! مان جو اڳتي وڌي ڏسان ته پڃري ۾ هڪُ ٿلھو متارو طوطو ويٺو هو. اُن جي هلو! ڪرڻ جو اندازُ ماڻهن جيان هو. پروين چيو‐ برئڊي، هيءَ وينا آهي. سيٽي وڄاءِ! سيٽي وڄاءِ!! بس برئڊيءَ جو سيٽيون وڄائڻُ شروع ڪيون ته اصل ماٺ ئي نه ڪري…… مٿان ٽهڪن جو سلسلو…… ٽهڪ به ائين پيو ڏئي ڄڻُ ماڻهو جيان…… مون ڊاڪٽر پروين کي چيو تو گھر ۾ اصل چڙيا گھر (Zoo) بڻائي رکيو آهي. چيائين اڃان سها وغيره به پاليا هيم پر ڪي جانور مري ويا، گفتگوءَ جو اهو سلسلو جاري هو ته مٿان هڪ ٻي سنهڙي سُڪڙي ٻلي آئي…… الله! هيءَ ٻي ٻلي!! چيائين اها سندس ننڍي ڀيڻ دل ‐ افروز جي آهي. مون کلي چيو‐ تو واري ٻلي ٿلهي متاري آهي اصل امريڪي ماين جيان! امريڪا ۾ ڪي اهڙيون ٿلهيون متاريون نظر اينديون جو وڃي خير ٿين……! مون چيو دل ‐ افروز جي ٻلي اِسپئنش جيان هڏ ڪاٺ جي آهي. اصل سنهڙيون سُڪڙيون سِلم‐فگر مينٽين ڪرڻ جو جنون……! لڪڻُ وانگر پيون لچڪن.
پروين چيو‐ماني کائي تون آرام ڪر. ان وچ ۾ دل افروز جو فون آيو، پُڇيائين وينا پهتي؟ پروين فون ڪري مونکي ڏنو.
دل ‐ افروز چيو وينا يقين نه ٿو اچي ڪيترن سالن بعد مُلاقات ٿي آهي. هوءَ بيحد خوش هئي. مون کيس چيو اڄُ شام جو اچُ نه، هُن جو فلئٽ شڪاگو شهر ۾ پنهنجي ڪم ڪرڻ واري هاسپيٽل ڀرسان ۽ پروين اُوڪ‐برگه ۾…… فاصلو ڪافي هو. چيائين آفيس کانپوءِ گھر پهچي ڏسان ٿي.
اُن ڏهاڙي دل ‐ افروز جي سالگرهه هئي. مون ۽ هن لاءِ تاريخي ڏهاڙو پاڪستان مان مائيگريٽ ڪري جڏهن هندوستان آياسين تڏهن ڪراچيءَ ۾ سندس گھرئي پڇاڙيءَ وارا يادگار ڏهاڙا گڏ هئاسين. ڪٿي ٿي زندگي ملائي……! ست سمنڊ پار…… اُهو به ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو گذري چڪو هو… جنهن ڏينهن ملياسين اُن ڏينهن سندس سالگره…… مون چيو اڄُ ته اها يادگار سالگره ٿيندي. چيائين مان آفيس کانپوءِ ايڏانهن اچان ٿي. آرام ڪرڻ جو ته سوال ئي ڪانه هو. ڳالهين ڪندي ڪل ئي نه پئي…… چانھ جو پيالو هٿ ۾ هو ته دل ‐ افروز سامهون اچي بيٺي، چيائين يقين ئي نه ٿو اچي ته زندگيءَ ۾ ڪڏهن ائين مُلاقات ٿيندي…… مون چيو دل ‐ افروز اڄُ مون لاءِ هيءَ تاريخي ڏينهن…… دلڪش حادثو هي…… ٻن مُلڪن جي سرحدن جي حدبندين جي فاصلي ۽ وقت جي وڇوٽي، زماني جي گردش ۽ واچوڙي جي ضد سان ڍڪجي ويل ماضيءَ جا گذري ويل سُنهري پل نيڻن ۾ ڏيئن جيان جرڪي اُٿيا…… ولائت جي وڻن ۾ ديش جي ڪويل ڪُوڪي اُٿي…… ڪيڏو نه حسين اتفاق آهي، جو تنهنجي سالگرهه تي تنهنجي ئي گھر شڪاگو ۾ اُن ساڳي ڏينهن تي پهتي آهيان…… هڪُ ڏينهن دير به ٿي سگھي پئي…… يا هڪُ ڏينهن اڳ به پهچي سگھان پئي…… ڪڏهن زندگي ايڏي مهربان ٿي ويندي آهي جو کن پل ۾ برپٽ کي سرسبز باغ بڻائي ڇڏي…… سروءُ ۾ بهار جا گُل ٽـڙي پون… برفيلين وادين ۾ تجلا ڏيندڙ سجُ طلوع ٿي، ڏڪندڙ جسم ۾ جذبن جي گرمائش آڻي ڇڏي…… بادلن ۾ گھريل آڪاش مان چنڊُ نمودار ٿي ڌرتيءَ تي روشنيءَ جي چادر ڦهلائي ڇڏي…… سڀني جا چهرا ٻهڪي اُٿيا……
مون چيو دل ‐ افروز تو لاءِ مون سِلڪ جي اسڪارف جو تحفو آندو آهي. اڄوڪي ڏينهن تون ضرور پائي…… چيائين ضرور پائيندس. ان وچ ۾ آنٽي شيرين دل کان هڪُ ننڍڙو گفٽ باڪس ورتو، اُن مان سوني چين ڪڍي ڳچيءَ ۾ وڌائين…… مون چيو آنٽي مونکي نه کپي اڳ ۾ ئي مميءَ پنهنجا لاڪيٽ ۽ چين ڏني آهي، اُهي به لاڪر ۾ پيا آهن…… ڳچيءَ طرف هٿُ وڌائيندي چيائين نه منهنجو هٿُ نه موٽائي مان تنهنجي ماءُ برابر آهيان ٻچا تون نياڻي آهين قسمت سان هتي آئي آهين. پروين ۽ دل ‐ افروز ٻئي هڪ طرف، تون امان جو هٿُ نه موٽاءِ تنهنجي اچڻ جي انتظار ۽ خوشيءَ ۾ ننڊ به نه ڪئي اٿائون…… منهنجي نه نه جي باوجود دل ڳچيءَ ۾ چين وجھي هُڪُ ڪري بند ڪيو. منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو. آنٽي شيرين جي پيار ۾ مميءَ جي ممتا اُڇلون ڏيئي رهي هئي، منهنجي زبان مان الفاظ ئي نه پيا نڪرن…… ڪجھ گھڙين جي خاموشيءَ ۾ ڪئي عڪس پسيا…… امڙ سان گڏ سيروسفر… خوشيون ۽ غم، پيار ۽ ناراضبو… ڪاوڙ ۽ سمجھاڻيون… ممتا جي هڪ شخصيت انيڪ روپ… زندگي ۽ وڇوڙو… عام زندگيءَ جو هڪُ وڏو داستان… اتهاس!
آنٽي شيرين، ڊاڪٽر پروين، ڊاڪٽر عارف، عمر ۽ سندس گھرواري، اسان سڀني گڏجي ڪيڪ ڪٽي دل ‐ افروز جي سالگرهه ملهائي. وطن کان دور محدود ڪٽمب جا ڀاتي…… لامحدود خوشيون…… آنٽي، پروين ۽ دل جي نيڻن جي چمڪاٽ ڪائنات کي روشن ڪري ڇڏيو…… دل مون وارو اسڪارف ڳچيءَ ۾ پاتو. پروين چيو اڄُ ٻاهر ماني کائينداسين، شڪاگو ڊائون‐ٽائون هلنداسين، آنٽي شيرين جي خوشيءَ جي انتها نه هئي.
پروين ڊاڪٽر عارف کي چيو اسان کي شڪاگو ڊائون ٽائون ڇڏي پوءِ ان ساڳي هند تان پڪ‐آپ ڪج، ڪار ۾ پروين چيو ڪو گيت ٻُڌاءِ! مون وراڻيو مونکي ڳائڻ ته ڪونه ايندو آهي ها باقي توهين ضرور ڳائيندا هئا، توهين ٻُڌايو. چيائين ڪهڙو، مون وراڻيو، اوُ ميري سونا ري سونا، ديدونگي جان جدا مت هونا ري…… کلي چيائين، الله! توکي ياد آهي؟ ها ۽ چا گلا ڳائيندو هو: چاند آهين ڀريگا ڦول دل ٿام لينگي، حسن ڪي بات چلي تو سڀ تيرا نام لينگي…… جڏهن اسين ڪراچيءَ سندن گھر ويندا هئاسين ته دير رات تائين محفل مچندي هئي. ٻئي تمام سُٺو ڳائيندا هئا. ڊاڪٽر پروين چيو توهين به ساٿ ڏيو…… شڪاگو جي اُن يادگار رات جو اونچين عمارتن جي وچ مان طوفاني رفتار سان ڪار فاصلو طئهِ ڪندي ٿئي وئي… اسان سُر ۽ تال جي پرواهه بنا گيتن جو سلسلو شروع ڪيو…… هڪ اڌ ۾ ته ٻيو پنڌ ۾…… وچ ۾ ٽهڪن جي گونج…… واٽ تي کاٻي ساڄي پاسي ايندڙ عمارتن جي باري ۾ پروين ٻُڌائيندي ٿي هلي…… اونچائي کي ڇھندڙ رنگ برنگي ڦهارو…… ٿڌي هير…… روشنيءَ سان جگ مگائيندڙ شڪاگو جون اُونچيون عمارتون……
اسان جو پهريون پڙاءُ هينڪاڪ ‐ آبزرويٽري واري عمارت هئي. اُتي هڪ عورت پُڇيو، توهان ڪٿان آيا آهيو؟ اسان پُڇيو اهو ڇا جي ڪري پُڇي رهي آهين؟ هن وراڻيو، اسين هتي ايندڙ (وزٽرس) جا انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهيون ته ڪهڙي ڪهڙي مُلڪ مان ڪيترا ماڻهو اچن ٿا. پهريون نمبر جاپانين جو آهي، ان طرح ٻئين ۽ ٽئين نمبر وارن مُلڪن جا نالا بيان ڪيا…… اسين پنهنجي مستيءَ ۾…… پروين کي چيم تون منهنجو ته ٻڌائينس ها! انڊيا جي ڊيٽا ۾ هڪُ انگ جو ته اضافو ٿئي ها، هن چيو مونکي ته اها ڳالھ ڌيان ۾ ئي ڪونه آئي.
اربين روپين سان اڏيل هيءَ اونچي عمارت جنهن کي هينڪاڪ آبزرويٽري ڪوٺيو وڃي ٿو. (94) چورانوي ماڙن واري هيءَ آڪاش جي بُلندين کي ڇھندڙ عمارت، هڪ هزار فوٽ اونچائي تان منظر…… (80) اَسي ميلن تائين شڪاگو جي چوگرد نظارو پسائي ٿي. ان جي دائري اندر چار اسٽيٽس اچن ٿيون. اسان لفٽ ذريعي ڪجھ ئي منٽن ۾ بُلندين کي ڇُھڻ لڳاسين…… شيشي جي دريءَ مان جڏهن نظارو پسيو ته من ٺري پيو، پروين هڪ وڏي جائنٽ‐ويل طرف اشارو ڪندي چيو ته عمر جي شاديءَ جي اسان اتي رسيپشن ڪئي هئي. هوا جي زوردار جھوٽن سان زلفون بي‐ترتيب ٿي رهيون هئيون…… جسم تي پهريل لباس جي ڦرڦراهٽ…… اسان جي گفتگو تي حاوي پئجي رهي هئي…… هڪ هزار فٽ مٿي اونچيون عمارتون…… سامونڊي ڪنارو…… هر هڪ فلور تي ڪجھ تصويرون هسٽري وال، سئو کان مٿي تصويرون هيون جنهن ذريعي شڪاگو جي ترقيءَ جي منزلن جو ذڪر شامل هو. 1893ع علمي ڪولمبيائي ائڪپوزيسن ۽ 1933 جو علمي ميلو ۽ اُنهن جا تفصيل موجود هئا…… سئو کن نماءُ لاءِ رکيل تصويرون ۾ ڪن اهڙين شخصيتن جون به تصويرون هيون جيڪي هڪ ماحول مان نڪري ٻئي سماج طرف وک کنئي…… شڪاگو گئنگسٽرن جي ويڙھ کان مشهور شهر رهي چڪو آهي…… اسان جو ڏاڏو سائين شودو لفظ استعمال ڪندا هئا…… سو اسان به شڪاگو جي مشهور شودن جون تصويرون ۽ انهن شودن جو شجرو پڙهي ٽهڪن ۾ پيا ٻُڏون……دراصل انهن شودن جي پڳدارن تي الڳ ڪالم ۽ فيچر هئڻ گھرجن…… هنڌ‐سنڌ ۽ اتي جي ڀيٽ ڪري ڏسجي ته ڪير ٿو گوءِ کڻي…! خير مان ته اهو تاج انهن کي ئي مُبارڪ ڏيان ٿي…… ائين اسان وٽ سنڌيءَ ۾ انهن لاءِ گھڻائي لفظ آهن. ڪنهن کي ان موضوع تي تحقيق ڪرڻ گھرجي. ڪي ته اهڙا موضوع ٿا چونڊين جو نڪ تي رومال ڏيڻو ٿو پوي، اُن جي ڀيٽ ۾ هيءُ موضوع اُن نوبت کان ته بچائيندو… شڪاگو جي منظر پسڻ ۽ عمارتن جي ڄاڻ لاءِ اگر ڪنهن وٽ شهر گھمڻ جو وقت نه آهي ته اُهي ونڊو‐آن‐شڪاگو ذريعي 80 کان مٿي مشهور معروف هند بٽڻ دٻائڻ سان ڏسي پيا سگھجن، انکان علاوه سائونڊ اسڪوپ ذريعي مختلف زبانن ۾ ڪميٽري سان گڏ ٻُڌي سگھون پيا. انهن ٻنهي هندن تي ٻارڙن جي ڪافي لائين لڳل هئي. شڪاگو ۾ اُن سال سيلانين جي ڪشش لاءِ سڄي شهر ۾ پٿر جون رنگ برنگي گايون نظر آيون جن تي شڪاگو جي زرعي پيداوار، صنعت ۽ ٻين کيترن جا چتر پينٽ ڪري سنواريو ويو هو.
اُتان هيٺ اچي هڪ هوٽل ۾ پيٽ پوڄا ڪئي، دل ‐ افروز چيو تون پنهنجي پسند ٻُڌاءِ مان چيو ڪجھ به ويجيٽيرين هجي…… هوٽل جو ويٽر ڇوڪرو ٽام بواءِ ٽائيپ هو…… اسان پنهنجن قصن تي پيا کلون ۽ هن جا نيڻ ٺري رهيا هئا، پروين به هڪ ٻه هنکي ٽوٽڪو هنيو…… کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي رهيو هو…… وري اُن هوٽل جي فرش تان ڪئي تِرڪي رهيا هئا…… شڪاگو جي شودن ۽ ترڪڻ کان ته اسان پنهنجو بچاءُ ڪيو، پر کِل ۽ خوشيءَ جي ساگر جي وهڪري کان پلاند نه بچائي سگھياسين…… رات جو واپس ورندي ورندي پهرين آگسٽ کي الوداع ڪري (2) ٻي آگسٽ جي سُهاني ڀور طرف وڌي رهيا هئاسين…… مون ان طرح جي دلڪش رات جو تصور ڪونه ڪيو هو.
Disappoinment can come only to those
Who make appointments with the future.