واسڪو جو وطن ‐ پورچگال ( ننڍو ديش وڏا کوجنيڪ )
اسان صبح جو اٺين ڌاري گھران نڪتاسين، قومي شهارا جو روڊ نمبر (5) پنجون وٺي هڪُ سئو ويھ ڪلوميٽرن جي رفتار سان سفر طئه ڪندي واٽ تي ڪيترن منظرن کي پُـٺتي ڇڏيندي منزل طرف وڌڻ لڳاسين. جتان اسين گذري رهيا هئاسين اُهو اسپين جو تيرهون ريجن هو. اسپين ۾ شهارائن تي ڪئي ڪلوميٽرن تان ڪاري رنگه جو وڏو پٿر جو ڍڳو ، مٿي پهاڙين تي ائين بيٺل نظر ايندو جو هيٺان روڊ تان لنگھندڙ گاڏيون ۽ اسين ڄڻُ رانديڪا پيا لڳون. هيءُ علائقو سخت زمين وارو آهي. جنهنجي ڪري ان کي ائڪسٽريم هارڊ ڪري بيان ڪيو وڃي ٿو. اها راڪي يعني پهاڙي ايراضي ڪري بيان ڪئي وڃي ٿي. ان جو اسٽيٽ بارڊر اندولسيا آهي. قومي شهارا تان هڪ واٽ تلاويرا جي علائقي مان به گذري ٿي. ان علائقي جون چينيءَ جون پليٽون مشهور آهن. اتي نيري رنگ سان چٽيل پليٽون ائش ٽري يا ان طرح جو ٻين سوکڙين وارو سامانُ، چينيءَ جا ٿانو وغيره مشهور آهن. مئڊرڊ کان 250 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي تاريخي شهرُ ميٿريدا به پوي ٿو. اهو شهر باداخوس کان اڳ پوي ٿو. اسپين جي ڪيترن شهرن ۽ علائقن جي نالن کي پڙهندي سنڌ جي ڄڻُ بروهين جي اکرن جي ياد پئي اچي. لسبن کي هتان جا ماڻهو لسبوئا چون اتي وري واٽ تي اسپين لاءِ اسپانيا جو لفظ ٻُـڌڻ ۾ ايندو.
باداخوس جي سرحد کانپوءِ پورچوگال جي حد شروع ٿيڻ تي هڪُ اهڙو روڊ آيو، جيڪو قومي شهارا وارو نه پيو لڳي پر ننڍڙو روڊ هو، پريشاني ٿيڻ لڳي ته اسين واٽ ڀُلجي رهيا آهيون. هڪ شخص کان پُڇيوسين ته لسبو وڃڻ وارو ڪهڙو روڊ آهي. اُن شخص وراڻيو اوهين صحيح روڊ تي آهيو. پورچوگال جي حد اندر داخل ٿيڻ تي، ڪارو ڪوٽ ۽ هيئٽ پهريل ماڻهوءَ جو شاهي ڪٽ آئوٽ نظر ايندو.
(Sandeman-Porto) ان نالي سان پورچوگال جو مشهور (وائين) شراب آهي. نارٿ ۽ سائوٿ پورچوگال ۾ داخل ٿيڻ کان پهرين هڪ وڏي پُل اچي ٿي. ان برج تان لنگھندي تمام سُٺو منظر نظر ايندو، پل جي ساڄي کاٻي پاسي ڪيترا لانچ نظر ايندا. ڪناري تي جھوني دور وارا جھاز لنگر هڻي بيٺا آهن. جيڪي پورچوگال جي سامونڊي جھاز راڻيءَ جي تاريخي بابن جي ياد ڏياري رهيا آهن. اُن وقت هر اُٿندڙ ڇولي ڄڻُ تاريخ جو هڪُ ورق ورائي رهي هئي. واسڪوڊيگاما جي سامونڊي مُهمن جي سوڀن جا باب ذهن نشين ڪرائي رهي هئي. ان پُل تي 25 اپريل انقلاب واري تاريخ جو نالو ڏنو ويو هو. جنهن پُل تان شهر جو خوبصورت ۽ وڻندڙ نظارو روح ۽ اکين کي راحت بخشي رهيو هو، ان کان پهرين هڪ شاهي سنگمرمر جي مورتي ٻئي ٻانهون ڦهلائي شهر طرف مُنهن ڪري بيٺي هئي، ڄڻُ ان علائقي جي ماڻهن کي ٻنهي ٻانهن سان پنهنجي پناھ جي گھيري ۾ رکيو هو…
اتان لنگھڻ کانپوءِ اسان سائوٿ طرف رخ ڪيو. واٽ تي هڪ ٻن کان هوٽل جو پتو پُڇيوسين. هوٽل اڳـ۾ ئي مئڊرڊ کان بُڪ ڪرائي هئي، نيٺ هڪ چيو مان اوهان کي ساڻ هلي ٿو پُهچايان. هن کي ڪار ۾ وهاريوسين هن ٺيڪ آڻي هوٽل جي سامهون بهاريو. اشوڪ هن کي ٽپ ڏني. اشوڪ چيو ڏس نه هيءَ هندوستان پاڪستان کان غريب مُلڪ آهي، تڏهن به هتي ترقي نظر ايندي.
هوٽل ۾ سنانُ پاڻي ۽ آرام ڪري فريش ٿي چانھ پاڻي پي، سي.اين.اين. تي نيوز ٻُڌي سين جو ڪارگل واري جنگ جي نتيجي جو انتظار هو. جنهن ۾ ايران جي شاگردن جي انقلاب ۽ ڀارت ‐ پاڪ جي ڪارگل واري جنگ جي باري ۾، ڀارت طرفان ڪاميابيءَ جو داعو ۽ ميان نوازشريف جي ڪئلٽن سان ڪيل اقرار موجب گوريلن کي واپس گھرائڻ جي اعلان واري خبر هئي، ٻئي طرف گوريلن طرفان پُٺتي هٽڻ کان انڪار ڪرڻُ، اُنکان علاوه آمريڪا ۽ چين جي رانديگراڻين وچ ۾ جوش واري راند جا ڏيک ڏنا ويا. ٻئي ڏهاڙي جڏهن سي.اين.اين. جي نيوز ٻُـڌي سين ته ڄاڻ پئي ته آمريڪي رانديگراڻيون کٽي وئيون. عورتن جي اها چٽاڀيٽي امريڪي صدر بِلِ ڪئلٽن خود ڏٺي. عورتن جي راند هجي ۽ ڪئلٽن وقت نه ڪڍي اها ڳالھ ڀلا ڪيئن ٿيندي…؟ کوڙو ئي نه ٿو لڳي!
ها سو ڳالھ ٿئي ڪيم ته اسين هوٽل ۾ ڪجھ دير آرام ڪرڻ کانپوءِ ڪار کي هڪ هنڌ پارڪ ڪري پنڌ ۽ سير ڪندي ڪندي، پلازهه وٽ پهتاسين، جتي پيئنٽر پورٽريٽ ڪڍي رهيا هئا ڪيترا ٽوئريسٽ پنهنجا پورٽريٽ تيار ڪرائي رهيا هئا، اُتان ڪجھ ئي فاصلي تي سمُنڊ نظر اچي رهيو هو. اسين سمنڊ جي ڪناري واري ڀت سان گڏ لنگھندي، جتي فئري لاءِ ٽڪيٽون وڪامي رهيون هيون. اتان ڪجھ ئي فاصلي تي ميوزيم هئي، اسان اُتان گھمندي روڊ ڪراس ڪندي گفٽ آئيٽم ڏسندي هڪ اسٽريٽ وٽ آياسين جتي هڪُ سردار بيٺو هو، اُن کان انڊين ريستورينٽ جي باري ۾ پُڇيوسين، جنهن اسان کي هريانا ۽ دهلي هوٽل جو ڏسُ ڏنو. اُتي جيڪي ڇوڪرا بيٺا هئا تن مان هڪ سردار کي چيو ته تنهنجي ڪزن جي هوٽل آهي نه تون هنن کي وٺي وڃ. هن اسان کي هوٽل جي اڳيان هلي ڇڏيو. هيءُ نوجوان ڇوڪرو جرمنيءَ مان هتي پورچوگال چئن سالن کان وٺي رهي رهيو هو جيڪو پنجاب جي هڪ ڳوٺ مان هتي آيو هو. هن اسان کان پُڇيو توهين ڪٿان آيا آهيو، مون چيو دهليءَ مان، هن سوال ڪيو ڪڏهن آيا آهيو، مون وراڻيو مهينو کنُ ٿيو آهي. هڪدم ڪارگل جي جنگ جي باري ۾ پُڇيائين. هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي. مون وراڻيو، هندوستان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان تي نوجوان چيو هندوستان کي گھُرجي ته پاڪستان سان هڪ هڪاڻي ڪري. هاڻي هميشـﮧ جي لاءِ فيصلو ٿيڻ گُهرجي، روز جي پريشاني ٿي پئي آهي سندس ڳالهائڻ مان صاف ظاهر هو ته ڀارت چاهي ڀارت کان ٻاهر رهندڙ ڪيترا انسان هڪ هڪاڻي چاهين ٿا.
اسان ان هوٽل مان ڊنر کائي ٻاهر اچي ٽيڪسي ورتي، رات جو ساڍي يارهين ڌاري مندر پهتاسين. دير ٿيڻ ڪري مندر بند ٿي چُڪو هو. مندر ۾ هڪُ گجراتي نوجوان مليو تنهن چيو صبح جو آرتيءَ تي ايندا. ڳالهين ڳالهين دوران هن ٻُـڌايو ته هو ويجھڙائيءَ ۾ موزيمبق مان آيو آهي. پورچوگال ان بئٺڪ کي ڇڏيندي اُتي جي گجراتي سماج ۽ ٻين کي پورچوگال اچڻ جي نينڍ ڏني. ڪيترا لڏي اتي ويجھڙائيءَ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. هن پنهنجو ڪارڊ اشوڪ کي ڏنو. هو اليڪٽرانڪ ۽ واچن وغيره جو بزنيس ڪري رهيو هو. هن سان گڏ ڪار ۾ سندس ماءُ به هئي جنهن سان اسان جو تعارف ڪرايو. چيائين مان توهان کي هوٽل ۾ ڇڏي ٿو اچان. اسان کي هوٽل تائين پهچائي پوءِ گھر طرف روانو ٿيو.
صبح جو تيار ٿي مندر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو. اشوڪ چيو نيرن ڪري هلون! مون چيو مان نه ڪندس مان مندر ۾ نيراني ويندس. مندر ۾ درشن ڪري نڪتاسين ته رات جيڪو مئنيجر مليو هو تنهن اسان کي مندر جي رنڌڻي (ڪچن) ۽ ٻين حصن کي ڏيکارڻ ۾ رهنمائي ڪئي. تمام وڏو اليڪٽرانڪ جو پريشرڪوڪر هو جيڪو هن ٻُـڌايو لنڊن مان خاص ڀنڊاري لاءِ گھرايو آهي. اندر شاهي ڪچن هو، ٻيا جيڪي بلاڪ ٺهن پيا تن جي باري ۾ به ڄاڻ ڏني. مندر جو پلاٽ تمام ئي وڏو هو جيڪو پورچوگال سرڪار کين ڏنو هو. مئڊرڊ ۾ مون ٽي.وي. تي ان جو اُڌگھاٽن ڪندي اُتي جي صدر کي ڏٺو هو. گجراتي سماج جي طرفان ڀومي پوڄا ڪندي ڏسي اُن ڏينهن دل ۾ تمنا جاڳي ڪاش! مان پورچوگال جو اهو مندر ڏسي سگھان مونکي خبر ڪا نه هئي ته ايشور منهنجي تمنا ايترو جلد پوري ڪندو. اُن ڏينهن هڪُ گھوٽ ڪنوار کي اُتي مندر ۾ پيري پوائڻ وٺي آيا. گجراتي سماج دنيا جي الڳ الڳ حصن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. جتي جتي ويا آهن اُتي پنهنجي ڪلچر کي زندھ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مونکي ته سچ پچ انهن جي ڪيترن ڪمن تي فخر ٿيندو آهي. جنهن جو اکين ڏٺو مثال منهنجي اڳيان ڪراچيءَ جو سوامي نارائڻ مندر آهي. اڄ جيڪي اُتي رهن ٿا تن اُن جي سارسنڀال ۽ مينٽينس ايترو سُٺو نه ڪيو آهي.
پورچوگال جي ان مندر جي اڏاوت جو ڪمُ اڃان هلي پيو. ان مندر جي ٻاهران، هڪ وڏي ڪاري پٿر جي پارڪ ۾ مورتي آهي جنهن جي خاص ڳالھ اها آهي ته ان ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏ ڪستوربا گانڌي به ساڻُ آهي. جڏهنڪه اڄُ ڏينهن تائين گانڌيجيءَ کي اڪيلوئي ڏيکاريو ويندو آهي. ان ڳالھ طرف رات جيڪو گجراتي مليو هو تنهن خاص ڪري اسان جو اُن طرف ڌيانُ ڇڪايو. اهو به چيائين ته مورتيءَ جي پٺ روڊ طرف آهي. پهرين اسان کي عجب لڳو ته مين روڊ تي پارڪ ۾ مورتي لڳائي وئي آهي. مهاتما گانڌي ۽ ڪستوربا جي پُٺ آهي، پر پوءِ اُن پُٺيان مقصد جي ڄاڻ پئي ته سُٺو لڳو. ان ۾ ٻنهي کي مندر طرف قدم وڌائيندي درشن ڪرڻ جي ڀاونا سان ڏيکاريو ويو آهي. اُن مهل هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي. اسان اُن منظر کي پنهنجي ڪئمرا ۾ قيد ڪيو.
مندر مان درشن ڪري خريداريءَ لاءِ شاپنگ سينٽر جو رخ ڪيو جيڪو مندر جي سامهون ئي هو. تمام سُٺي جڳھ تي مندر جو وڏو شاهي پلاٽ پورچوگال سرڪار کين ڏنو آهي، جتان ڪجھ شرٽس وغيره سڀني لاءِ خريد ڪيون سين. پورچوگال جي ڪرنسي اسپين جي سڪي جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. مالي طور پورچوگال سگھارو مُلڪ نه آهي. ننڍو ديش وڏا کوجنيڪ. شاپنگ کانپوءِ هوٽل مان چيڪ آئوٽ ڪري آرتوار 11.7.1999ع تي ايستوريل روانا ٿياسين. اهو علائقو سُٺن رهائشي گاهن ڪري مشهور آهي. اسين صبح جو اُتي هئاسين، پر رات جو اُتي ڪسينو ۾ موج مچندي آهي. اسان جھڙن صوفين لاءِ اها جاءِ ممنون..... پر منهنجي جڳھ تي ڪو ٻيو هجي ها ته اشوڪ کي دعائون ڏئي ها ته قرب ڪر رات اتي ئي رهون. اُتي ڏينهن جو ننڊ ته رات جاڳندي آهي. حسينائون ۽ دوشيزائون ڪسينو ۾ رات جو ئي جلوه افروز ٿينديون آهن. عام انسانن جي زندگيءَ کان الڳ ٿلڳ دنيا. ڪسينو ائسترول کان اڳتي وڌي اسان ڪار هڪ بئنڪ جي اڳيان پارڪ ڪئي.
روڊ جي ٻنهي طرف کجيءَ جي وڻن جون قطارون، انهن جي وچان وچ سمنڊ طرف ويندڙ واٽ، جا سمنڊ جي ڪناري تي وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. جيئن جيئن اڳتي قدم وڌي رهيا هئا تيئن تيئن سيلانين جي ڀيڙ، ريستورينٽ ۽ گفٽ شاپ جي موجودگي...... اسان روڊ ڪراس ڪري بيچ تي پهتاسين. ساحل جي ڪناري هر طرف سوئمنگ ڪاسٽيوم ۾ ڪي...... اونڌهين مُنهن ته ڪي سڌيون واريءَ تي مرد زالون سۡتا پيا هئا. ٻار بيچ تي راند ڪري رهيا هئا ته ڪي ٽُـٻيون ڏيئي رهيا هئا. انسانن جا ميڙاڪا ئي ميڙاڪا هئا. اسان اگر ننڍي هوندي واريءَ ۾ راند ڪندا هئاسين يا هڪ ٻئي جي وارن ۾ واري وجھندا هئاسين ته موچڙا پوندا هئا. چريا آهيو ڇا واريءَ ۾ گڏهن جيان ليٿـڙيون پائي آيا آهيو. پر هتي ته هڪ ٻه نه پر گھوڙيءَ کي ئي گھمرو هو. واريءَ تي ساحل ڪناري آدم جي ڀيڙ جا منظر اولھ ۾ اسان کي عام جام نظر ايندا. انهن جي هاليڊي ملاهڻ جو هڪُ اهم حصو آهي. هتي اسين سائوٿ ۾ گوئا ۽ ٻين بيچن تي هاليڊي لاءِ وڃون پر سامونڊي ڪنارن ۽ ٿـڌي هير کي ماڻڻ جو انداز اسان جو پنهنجو آهي.
اشوڪ سوئمنگ ڪاسٽيوم پائي پورچوگال جي ان بيچ تي پنهنجي سوئمنگ جي ڪوٽا پوري ڪئي. مان پري کان بهي نظارو ڏٺو، هن چيو گھٽ ۾ گھٽ پير ته پُسائي. مان مڙيئي سُڳن ڪيو. هيءُ بيچ ايترو صاف نه هو جيترو اسپين جو. ان کان اڳ اسان جون لنڊن ۾ رهندڙ ڪزنس اُما جيٽلي ۽ وينا جيٽلي اشوڪ سان اچي چُڪيون هيون. ائسترول جي واٽ تي ڪاشڪائي نالي علائقو پوي ٿو. ان علائقي ۾ ڪيتريون ئي مشهور معاروف هستيون رهي چُڪيون آهن. اسپين جي ڪنگ جو پيءُ، جنهن کي فرنڪو قبول نه ڪيو هو. جنهن جا فرنڪو سان اختلاف هئا، اُن اُتي اچي پناھ ورتي هئي.
اسان سامونڊي ڪناري کان ڪار ذريعي ٽاور آف بيلم وٽ پهتاسين. اهو ٽاور سمنڊ ڪناري کان ٿورو اڳڀرو پاڻيءَ ۾ ٺهيل آهي. لوهي پُل جي سهاري اسين اُن ٽاور تائين پهتاسين. جا پُل انگريزيءَ جي لفظ ايل جي اُبتي آقار واري هئي. ان جي ويڪر ٽي فُٽ کن مس هئي لنگھڻ وقت پاڻيءَ جون ڇوليون اُڇلون ڏيئي قدم چُمي رهيون هيون. جڏهن پُل تان لنگھي ٽاور ۾ اندر داخل ٿياسين ته ٽاور اندر چئني طرف ننڍيون دريون هيون، جن جي ڀرسان توبون رکيل هيون. جنهن جو مقصد هو پورچوگال جي سامونڊي حدن اندر دشمنن جي داخل ٿيڻ تي يا حملاآورن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اُنهن مٿان توبن جا وسڪارا. ان ٽاور جي 14 اپريل 1846ع تي مرمت ڪرائي وئي هئي. اسان مٿي ٽئين ماڙي تائين وياسين، مٿي تمام ئي سوڙهو لنگھ هو. هڪ مهل هڪُ ئي ماڻهو لنگھي ٿئي سگھيو. اگر ڪو ٻيو اچي پيو ته پوءِ ڪلهي گس پئي ٿي.
اتان ٿي ڪجھ ئي فاصلي تي سمنڊ ڪناري تي ڊسڪئوريز جو مونومينٽ هو. ڳولهي لهندڙن جو يادگار. جن پورچوگيز کوجنائون ڪيون تن جي ياد ۾ اڇي رنگ جو اهو يادگار هو. جن تي کوجنيڪن جا چهرا اُڪريل آهن تمام ئي خوبصورت لڳي رهيو هو. ان کان ٿورو پري سامهون 25 اپريل جي انقلابي برج نظر اچي رهي هئي. وڻن جون قطارون… ٻئي ڀر ڳوٺاڻين آبادين جو منظر… سمنڊ تي سير ۽ آمدرفت ڪندڙ ٻيڙين جا نظارا. ٿـڌين هوائن جا جھوٽا ذهن جي درين جي تاڪن کي کوليندي حيراني ۽ راحت جو احساسُ ڏياري رهيا هئا. عجيب ڪيفيت هئي، ڪيترو ننڍڙو مُلڪ جنهن جي رهواسين دنيا جي ڪيترن مُلڪن کي پنهنجي هٿ وس ڪري اُنهن کي پنهنجون ڪالونيون (بئٺڪون) بڻائي پنهنجا جھنڊا ڦهرائي…… قبضي ۾ ڪيل ڪالونين جي قدرتي وسيلن کي مال غنيمت سمجھي پئي لٽيو. انگولا، موزمبق، گوئا، دمن ديو ٻيو ته برازيل جھڙي وڏي سائوٿ آمريڪي مُلڪ کي پنهنجي بئٺڪ، ڪالوني بڻائي ڇڏيو. هانگ ڪانگ ڀرسان مڪائو ۽ هاڻي تمور خبرن جو مرڪز بڻيل آهن. ننڍي کنڊ جا ماڻهو واسڪوڊيگاما جي نالي کان بخوبي واقف آهن. آمريڪا جي کوج ڪندڙ ڪرسٽو‐بال‐ڪولن جي ته دنيا واسين کي ڄاڻ آهي. اسپين ۾ جولائي مهيني ۾ آءِ‐ايس‐جوهر جون فلمون ٽي.وي. تي ڏيکاريون ويون، جنهن ۾ جوهر ۽ محمود ‐ ائنڊ ‐ گوئا به شامل هئي. ان فلم جو هڪُ مقبول گيت آهي نه ڪوئي رها هئه نه ڪوئي رهيگا…… نه سالازار رهئه گا…… بيشڪ گوئا دمن ديو مان پورچوگيز کي هڪالي ڪڍيو ويو پر هتي هڪ ڳالھ ضرور چوندس ته ننڍڙي مُلڪ پورچوگيز جي کوجنائون ڪندڙ ڪٿي ڪٿي وڃي پهتا.
گوئا جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اُها ڀڳوان پرسرام جي مقدس سرزمين آهي، ان تي 1510ع ۾ پورچوگيز قبضو ڪيو، ۽ چار سئو ايڪونجاھ سال (451) راڄ ڪيو. 1961ع ۾ گوئا، دمن، ديوو کي پورچوگيز جي چمبي مان ڀارتي فوجن آزادي ڏياري. ان کي 1987ع ۾ اسٽيٽ جو درجو عطا ٿيو. اتي سٺ سيڪڙو هندو آهن، پنجٽيھ سيڪڙو کن ڪئٿولڪ ڪرستان ۽ باقي ٻيون جاتيون آهن. نارٿ ۽ سائوٿ گوئا ڳـنـڍيا پيا آهن. اتي مانڊوي ندي ۽ ٻيون نديون به آهن. گوئا تي پورچوگيز جو اثر اڄُ به نظر ايندو ڪيترا گوئا واسي اڄُ به پورچوگيز ٻولي ڳالهائي ڄاڻن. اسپين کان واپس ورڻ تي مان ۽ سوزانا گوئا وياسين، هوٽل اندر داخل ٿيڻ تي پورچوگيز جون نشانيون ۽ اسٽائيل برابر نظر اچي ٿي، مونکي پورچوگال جو سفر ياد اچي ويو. هتي پورچوگال جي سفر جو ذڪر ڪندي مان گوئا کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگھان. مان سوزانا کي گوئا جي ريڊيو اسٽيشن گھمائڻ وٺي ويس، جتي جي اسٽيشن ڊائريڪٽر اسان کي چانھ پاڻي پياري، پورچوگيز جي باري ۾ ٻُـڌايو ۽ اُتي جي اسٽاف جا ڪيترا ميمبر پورچوگيز ٻولي ڳالهاين پيا، جو اُتان ڪونڪوني ۽ پورچوگيز جي ٻوليءَ ۾ باقاعدي 1961ع تائين نشريات ٿيندي رهي. مانڊوي نديءَ تي شام جو سير، فئبروريءَ ۾ ڪارنيوال جا جشن، ڊسمبر ۾ ڪرسمس، اُن موقعي تي گيت سنگيت تي انهن جو اثر اڄُ به نظر ايندو. اتي 90 سيڪڙو ته برجس نظر اينديون، ڊوناپولا برج ٻئي طرف وهندڙ نديءَ ۽ پۡل جي باري ۾ ٻُـڌايو ويو ته پورچوگيز جي دؤر دوران پورچوگيز وائسراءِ جي ڌيءَ جو هڪ مڪاني ڇوڪري سان عشق ٿي پيو. جنهن کي نينهه جو ناتو نڀائڻ لاءِ روڪيو ويو ۽ هُن ۽ هُن جي محبوب اتي ٽپو ڏيئي آپگھات ڪيو. ان لورس برج تي ڪئي پريمي زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا انجام اقرار ڪندا آهن، ڪن جا واعدا وفا ٿيندا آهن ته ڪن جا…… ڪئي عشق محبت جا قصا ٻُـڌڻ لاءِ ملندا. ان جي راڄڌاني پنجي آهي. اتي چار سئو ايڪونجاھ (451) ڳوٺ آهن. هڪ سئو پنج (105) ڪوسٽ لائينس ڪنارا آهن. پورچوگيز 1612ع ۾ جھونو پورٽ اگوئداس ٺاهيو هو. اتي انهن طرفان هڪُ لائيٽ هائوس ٺاهيو ويو، جتان اهي پنهنجي دشمنن جي ايندڙ جھازن يا ٻي چُـرپُـرن تي نظر رکي سگھن.
گوئا ۾ منگيشڪر ٽيمپُل (مندر) آهي. اهو منگيشڪر ڀڳوان شو جو ڀڳت هو. منگيشڪر مندر کان پهرين گوئا جي قديم چرچ آهي. اتي زرعي مرڪز به آهي. سينٽ زيويئر جو ڪفن ۾ خاڪي جسم رکيل آهي، جيڪو مان ڀائيان ٿي ڏهين ڏهين سال کانپوءِ ڪڍيو ويندو آهي. دنيا جي مُلڪن جا ڪئي شرڌالو اچي گڏ ٿيندا آهن. ان ديول جي باري ۾ چيو وڃي ٿو 1541ع ۾ شروع ٿي 1605ع ۾ پوري ٿي. هڪ واري سينٽ زيويئر جو تابوت ٻاهر ڪڍيو ويو هو ته هڪ عورت اُن جي پير جي آڱوٺي کي چڪُ پاتو جنهن مان رتُ وهڻ لڳو اُن کانپوءِ اُن جي لاش کي ڪفن جي باڪس ۾ بند ڪري ڪڍيو ويندو آهي. هيترن سالن گذرڻ بعد به اُتي وارن جو چوڻُ آهي، هن جو لاش ۽ صورت اصلي روپ ۾ برقرار آهن. اُنهن جو چوڻ آهي ته ان مها پُرش جي لاش کي اصلي صورت ۾ بچائي رکڻ لاءِ ڪو به ڪيميڪل استعمال نه ڪيو ويو آهي. جيڪو قدرتي ڪرشمو آهي.
پورچوگال ۾ سالازار جي گذاري وڃڻ کانپوءِ انقلاب آيو ۽ ان جو سڄو هٿُ هو ڪائتانو، جيڪو پورچوگال جو مشهور وڪيل هو، جنهن لا (قانون) جي پروفيسر طور ڪمُ ڪيو. هن کي جلاوطن ٿيڻو پيو. جيئن ته برازيل انهن جي ڪالوني هئي انڪري برازيل ۾ ان کي پناھ ڏني وئي. هُن اُتي ئي دم توڙيو، آخري ساھُ کنيو. هن وقت سوشلسٽ وزيريه ـ اعظم آهي ۽ ٻي ڌُر جو صدر آهي، جنهن جا پورچوگال ۾ اصلُ ٽپي ٽپي تي فوٽا لڳا پيا آهن.
ها مون ذڪر پئي ڪيو کوجنا ڪندڙن جي يادگار جو، ان اڇي رنگ جي يادگار تي ٻنهي پاسي ڊئسڪوريز ڪندڙن جون مورتيون آهن. پهرين جي هٿ ۾ ٻيڙي آهي. ان يادگار جي وچـ۾ لنگھُ آهي جتي 1960 ‐ 1460 جي تاريخ اُڪريل آهي. سنترا پئلس ۽ ٻيون ڪيتريون گھمڻ جو جڳھيون آهن. اتي جا ماڻهو سي‐فوڊ گھڻو واپرائيندا آهن. اتي جي چرچ به مشهور آهي.