وئـلي ‐ آف ‐ فالن
اندر داخل ٿيڻ تي گھاٽا (وڻن) ٻيلا آهن. وڻن جي قطارن وچـ۾ روڊ ٺهيل آهن، جيڪي مٿي پهاڙ طرف وڃن ٿا. جتي مٿي فرينڪو دفن ٿيل آهي. مٿي ويندڙ روڊ جي وچ مان هڪ ٻه رستو ٻيو به نڪري ٿو، اهي واٽون ٻئي طرف نئين ٿيون پر اهي راهون ڦري گھري اُن روڊ سان ڳنڍين ٿيون. پر انهن واٽن جي ڪري اگر غلط واٽ ورتي وئي ته گھاٽيءَ جو وڏو چڪر ڪاٽـڻو پوي ٿو. اسان به وچ مان ڪٽ ٿيندڙ رستي طرف نڪري وياسين جنهن ڪري وڏو چڪر لڳائڻو پيو. اسين شهيدن جي واديءَ جي پرڪرما ڏيندي موٽي وري انهيءَ ساڳي جاءِ تي اچي پهتاسين.
مٿي پهچڻ تي پهرين وڏو کُلو ميدان ايندو. سامهون اُن کان به مٿي اونچي پهاڙيءَ تي پري کان ئي وڏو صليب نظر اچي ٿو. پهاڙيءَ کي ٽڪي مٿي (وڏو گرجاگھر) ديوَل ٺاهي وئي آهي. ڪار پارڪ ڪري ڏاڪڻين تي چڙهندي ديوَل طرف قدم وڌايا، پهاڙ ٽڪي جيڪا وڏي سُرنگ ٺاهي وئي آهي، اُها تمام ٿـڌي ايئرڪنڊيشن جيان گرميءَ جي درجي حرارت کي نارمل تي برقرار رکي ٿي. ٿورو مٿي گولائيءَ ۾ هڪُ هالُ ٺهيل آهي، ٻنهي پاسي ڪمرا آهن. ان گول ايراضيءَ جي عين وچـ۾ سُرنگ مٿان وڏو صليب آهي، غفا ۾ ئي اندر فرينڪو دفن ٿيل آهي. ٻئي طرف اسپين جي سياسي فلئنگسٽ پارٽيءَ جو پايو وجھندڙ هوسي انتينو دفن ٿيل آهي. انهن ٻنهي برک شخصيتن جي آرمگاھ آهي. ڪيترن اُن وقت گُلن سان عقيدت پئي پيش ڪئي.
فرينڪو 1975ع ۾ گذاري ويو هو. اشوڪ ٻڌايو ته اُن وقت سندس سڪيلڌي ڌيءَ سوزانا ڄاول هئي. فرينڪو جي بيماريءَ جي خبر باھ وانگر ڦهلجي وئي. رستن تي ماڻهو سندس صحتيابي يا هن دنيا کي الوداع ڪرڻ وارين خبرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ واءُ سواءُ لاءِ نڪري پوندا هئا. روز ڪو نه ڪو افواھُ هوندو هو. هڪ ڏهاڙي پنهنجي ڌيءَ کي پرئم ۾ کڻي ٻئي زال مُڙس نڪتا ته فرينڪو جي صحت جي باري ۾ تازين خبرن جي ٻُڌڻ جو کين به انتظار هو، افواھ ۽ خبرن ٻُڌڻ جي خيالن ۾ اشوڪ جيئن ئي سوزانا کي ڪڇ ۾ کنيو ته ٻار جي گاڏي ڌوءُ وڃي اونڌهي ٿي، ڌيءَ لاءِ جيڪو کيرُ ۽ ٻي خوراڪ هئي سا ڪري وڃي پٽُ پئي. جوڻس جون دانهون ته ڌيان نه ڏنوءِ کير ڪيرائي ڇڏيه، ٻنهي جي اچي پاڻ ۾ تو تو مين مين ٿي. اڄُ فرينڪو جي وفات جي خبر ٻُڌائيندي کلي پيو جو هن کي پنهنجو جھيڙو اچي ياد پيو. فرينڪو جي خبر ٻُـڌڻ وارو نشو ئي رفوچڪر……
هن جو اِهو چوڻ هو ته هو ڪافي مقبول به هو عام کي انتظار، سياسي حلقن ۾ به سرگرمي ۽ انتظار هو. جنهن ڏينهن گذاري ويو وڏو جلوس نڪتو دنيا جي مختلف مُلڪن جي شخصيتن جي وڏي قطار جنازي ۾ اچي شرڪت ڪئي. جيئن ته ان کان اڳ به امڙ سان گڏ اتي اچي چُڪي هيس. اُن وقت مٺين يادين اکين ۾ آلائڻ آڻي ڇڏي. اُن ڏهاڙي هلڪي نيري (آسماني) رنگ جي جارجيٽ جي پرنٽيڊ ساڙهي پهريل هئا. زبردست بارش هئي مينهن چوي اڄُ نه پوان ته ڪڏهن پوان.
ٻاهر نڪرڻ وقت پهاڙ جي چوٽيءَ تان کاٻي ساڄي نظر ڊوڙائي وڻڪار ئي وڻڪار هئي، پري پري تائين نظر ايندڙ رانديڪن جيان ننڍڙا گھر. اُن ڏينهن به قدرتي طور مينهنُ جُھـڙُ طوفان هو. يادين جي طوفان منهنجو وجود ڌوڏي ڇڏيو. اڄُ به موسم جُھڙالي. گورڌن ڀارتيءَ جو گيت ياد اچي ويو:
هُـتـڙي مينهن واسن ھِـتـڙي نيڻ ٽمن
مونکي مارون جا پل پل پور پون…
دويش اُنهن ڏينهن ننڍڙو هو اسان کي خبر ئي ڪانه پئي ته چرچ اندر هڪ پاسي هڪُ بوُٿ ٺهيل هو اُن جي اندر هڪ پادري ويٺو هو، اُن سان اسپينش ۾ چپن ۾ گفتگو ڪرڻ لڳو. اتي پنهنجي انتر آتما جو آواز ٻُـڌي فادر اڳيان گناھ قبول ڪري پڇتاءُ ظاهر ڪندا آهن. جڏهن دويش واپس وريو ته اسان پُڇيوسين اڙي تون فادر کي ڇا چئي رهيو هئين؟ چيائين مان فادر اڳيان ٽرو ڪنفيشن (سچ سچ ٻُڌايو) ڪيو. فادر مون هڪ ڇوڪري کي ڄاڻي واڻي ماريو هو، اُن جو ڪو ڏوھ به ڪونه هو هاڻي مونکي پڇتاءُ ٿي رهيو آهي مونکي ڏک آهي. مونکي پنهنجي غلطيءَ جو احساسُ ٿيندو آهي. منهنجي ڳالھ ٻُڌي فادر چيو: تو پنهنجو گناھ قبول ڪيو آهي، هاڻي ڌڻي توکي معاف ڪري ڇڏيندو.
اسپين جي هڪ هولي فئسٽيول ويڪ (ڌارمڪ هفتي) دوارن گناهگار پنهنجو گناھ بخشائڻ ويندا آهن، ڪاريون ڊگھيون ٽوپيون پهريل، مُنهن ڍڪيل (نقاب) صرف اکيون نظر اينديون، اسپين جي هر ڳوٺ جي چرچ مان جلوس نڪرندو آهي، هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن وري واپس جلوس جي روپ ۾ چرچ مان موٽندا آهن، واٽ تي روڊ جي ٻنهي پاسي ماڻهن جون قطارون موجود هونديون آهن، مدر مئري ۽ عيسيٰ جي مورتين کي سينگاري ڪڍندا آهن، ديويءَ جي سُندرتا جي تعريف ڪندا واھ! واھ!! ڪندا آهن، انهن جلوسن ۾ ٽن سئون کان ٽن هزارن کان به مٿي الڳ الڳ شهرن مان چهرا ڍڪيل گناھگار گناھ بخشائڻ ويندا آهن.
دويش جي سچائيءَ پنهنجي غلطي قبول ڪرڻ واري معصوميت، امڙ جي ان ساڳي هنڌ موجودگي، منهنجي اکين آڏو ماضيءَ جا اُهي پل اُڀري آيا. مٿان وئليءَ تان تمام سندر ايئريل ووئيو ڏسڻ ۾ ايندو. فرينڪو جي يادگار مونومينٽ ڏسڻ بعد ڏاڪڻيون لهندي هڪُ دفعو وري اُن منظر کي نيڻن ۾ سمائي ماضيءَ جي مٺين درد ڀرين يادين کي دل جي هڪ گوشي ۾ محفوظ ڪري، واپس مئڊرڊ طرف نڪتاسين. اڌ رستي تي اشوڪ چيو ٿوري دير ڪنهن ريستورينٽ ۾ ٿا وهون. ڪجھ فاصلو طئه ڪري هڪ هنڌ بيٺاسين، جتي مون سافٽ ڊرنڪ ورتي، اشوڪ پنهنجي ڊرنڪ گھرائي. چيائين ڪجھ کائيندينءَ؟ مون چيو نه هن وقت ضرورت نه آهي. ڳالهين دوران منهنجي نگاه هڪ ننڍڙي ڳاڙهي ۽ سُنهري رنگ جي لئمپ تي پئي، مون چيو اشو هيءَ لئمپ سُٺي آهي نه؟ چيائين توکي کپي؟ مون چيو نه! اهو علاالدين جي چراغ وانگر هو، اشوڪ چيو ته اها لئمپ ڏيکارج، هن لائٽر نما چراغ کي ٻاري ڏيکاريو. مون چيو اري هيءُ لائٽر آهي، ان کي لائٽر طور ته استعمال نه ٿو ڪري سگھجي پر ڊيڪوريشن طور رکي سگھجي ٿو. اشوڪ هن کي چيو اهو پئڪ ڪري ڏئي. مان گھڻي آنا ڪاني ڪئي پر هن هڪ نه ٻُڌي ۽ منهنجي اسپين جي سفر جي آخري پڙاءُ جي پڇاڙيءَ واري سوکڙي علاالدين جو چراغ هو.
ڪاش! اهو چراغ ڊيڪوريٽر لائيٽر وارو چراغ جو چوغو لاهي اصلي علاوالدين جو چراغ بڻجي پوي. اي چراغ !وٺي هل هنگلاج، جيڪو سيڪنڊن ۾ اکل پنڌ هنگلاج جا طئه ڪرائي هنگلاج ماتا جو درشن ڪرائي ڇڏي. وٺي هل شاه سچل جي درگاھ تي، جنهن چراغ کان مان هر روز پنهنجي من پسند خواهش پوري ڪرايان… آمين!