اونهي ڳالھ اسرار جي
ننڊ نيڻن مان اُڏامي وئي، خيالن جي اُڏام هزارين هزارين ڪلوميٽرن جي رفتار سان پرواز ڪرڻ لڳي. وقت پنهنجي رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳو. جهاز ۾ پهرين بزرگن ۽ اپاهجن کي نينڍ ڏني وئي، اُن کانپوءِ ٻارن ۽ عورتن کي. بعد ۾ ايگزڪيوٽيو ڪلاس وارن کي پوءِ باقي سڀني مُسافرن کي داخل ٿيڻ جي نينڍ ڏني وئي. بورڊنگ ڪارڊ کڻي پنهنجي سيٽ تي وهڻ کانپوءِ، خيالن جو سلسلو جاري ٿي ويو، جڏهن به مان تنها رهان اهي منهنجا همسفر بڻجي وڃن. زندگيءَ جا ورق طوفاني رفتار سان ورڻ لڳا، جنهن جو مرڪزي ڪردار منهنجي امڙ بڻيل رهي. چوٿين (4) فئبروري 1999ع تي هن جھان مان الوداع ڪيائون، منهنجي اکين جي آڏو ٽئين فئبروريءَ جي اُها رات ور ور ڪري اچي ويندي آهي. اُن رات پهرين پاڻي پيئڻ لاءِ گھريائون، وري ٻارهين کانپوءِ اُٿي ويٺا، سندس گلي ۾ ڄـڻُ ساھُ اٽڪي پيو. ڏيڍ لڳي رات جو ڌڻيءَ کيس منهنجي ٻانهن مان کنڀي کنيو. مان لاچار ۽ بي بس روئندي رهيس، رڙندي رهيس. مٽ مائٽ مونکي دلاسو ڏيندا رهيا. اڄ ان دک دائي حادثي کي پنج مهينا ٿي چڪا آهن، پر لڳي ٿو ڄـڻُ ڪالھ جي ڳالھ آهي، اها ڪالھ جي ڳالھ اڄُ بڻجي هميشـﮧ منهنجي اکين اڳيان رهندي. دنيا جھان وٽان وڏا وڏا پرسنگه ٻُـڌڻ لاءِ ملن ٿا، پر منهنجو منُ وقت به وقت اشانت ٿي وڃي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻندي ته ڪڏهن اڻ ڄاڻائيءَ ۽ بي خبريءَ ۾ ان منظر کي پسي ٿو. اُن وقت پاڻ کي محتاج، بي بس ۽ دنيا جي مظلومن مان سڀ کان وڌيڪ مظلوم تصور ڪندي آهيان. امڙ جو آواز ور ور ڪري ڪنن ۾ ٻرندو آهي؛ ڪڏهن وينا ته ڪڏهن وِنل، ڪڏهن پيارُ ۽ پاٻوھ ته ڪڏهن هدايت. اڄ مان جيڪي ڪجھ آهيان سندن ساٿ ۽ رهنمائي جو نتيجو آهي. لکڻُ پـڙهڻُ، کائـڻُ پيئڻُ، گھمڻُ ‐ گھتڻُ، مطلب ته هر ڳالھ ۾ امڙ جو ساٿُ ۽ صلاح مون سان گڏ آهي.
جنهن رات موڪلايائون صبح جو، مونکي چيائون اڄ مونکي ننڊ ڪرڻ ڏئي. مان خوش ٿيس ته ڀلي آرام ڪن. مان اڻ ڄاڻ هيس ته اها آرام واري نه، پر ندوري ۽ نڀاڳي ننڊ هئي. اکيون کولي ڀاڪُرڀري پيشانيءَ کي جڏهن چميائون ته منهنجي سڄي جسم ۾ بجليءَ جي تيزرفتار جيان ممتا جو ڇُـهاءُ، منهنجي رڳ رڳ ڇهندي، رت ۾ ولوڙو ۽ من اندر ولولو پيدا ڪيو، جيڪو زندگيءَ جي آخري دم تائين مون سان ساڻُ رهندو. ممتا جي موھ جي سمنڊ جون ڇوليون، مونکي زندگيءَ جي امرت منٿن ۾ ننڊ ۽ جاڳ ۾ ولوڙين ٿيون. جيڪي يادين جي چاڏيءَ ۾ ولوڙيندي صاف، شفاف مکڻ جيان جيجل جي شخصيت کي اُڀارين ٿيون. ايڏي حادثي کانپوءِ مان جيڪر موت تي وڏو داستان قلم بند ڪريان پر پنهنجي من کي قابوءَ ۾ ڪندي لطيف سائين جي ان بيت کي ور ور ڪري دهرائيندي آهيان. جيڪو امڙ کي سندس بيماريءَ جي وقت ٻُـڌايو هيم، پاڻ وري لطيف سائين جي ان شعر کي دهرائيندي راحت محسوس ڪيائون.
دوست ڪُهائي دادلا مُحب مارائي،
خاصن خليلن کي سختيون سهائي،
الله الـصمد بي نياز سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ منجھ آهي ڪا اُنهي ڳالھ اسرار جي. (شاھ)
زندگيءَ جي هن ڪُروکيتر ۾ اڪيلي ئي جنگ وڙهڻي آهي. ذهني ۽ جسماني طور اڪيلي ڀوڳنا جو سفر طئه ڪرڻو آهي. ڏکه ڪو لاهي ڪونه سگھندو. پر انهن دکه دائي گھڙين ۾ ڀينرن پروميلا ۽ شالني، مون سان گڏ رُنو. ور ور ڪري دلداري ڏيندي چيائون تنهنجي دکي هئڻ ڪري امڙ جي آتما اشانت رهندي، تون خوش رهندين ته امڙ جي آتما کي شانتي ۽ سکه ملندو. غمن جي گھيري مان ڪڍڻ لاءِ وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪئي ڀيرا هتي دهليءَ ۾ چيو ته مون سان گڏ مئڊرڊ (اسپين) هلُ. وري واپس مئڊرڊ وڃي ور ور ڪري فون ڪيائين ته ويزا ورتي اٿئي يا نه؟ تون هتي سيپٽمبر تائين اچي ٽِڪُ. سفر جو احوال قلم بند ڪرڻُ انهن جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهي. اائين جھاز جي اُڏامڻ تائين منهنجا خيال تيزيءَ سان ڊوڙڻڻ لڳا. ان دوران ڄڻُ هو منهنجي آتم ڪٿا بيان ڪري ويا.
دهليءَ کان ايميسٽرڊم جي هوائي اڏي جو سفر اٺن (8) ڪلاڪن جو سفر آهي. سفر دوران منهنجي ننڊ نيڻن مان اُڏامي ويندي آهي. جھاز ۾ سامهون اسڪرين تي نظر وڌم. انکانپوءِ ڪنن تي سنگيت جي پرلاءُ لاءِ ڪنن تي هيڊفون چاڙهيم. ان ۾ ڪي.ايل.ايم. لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل، جيئـز گروپ جو سنگيت هو. انهن جي هڪ ڌن تي انڊين فلم وارن به گانو ٺاهيو آهي. ٻين جون ڌُنيون کڻي گانا ٺاهڻ ۾ محنت گھٽ لڳندي آهي. اڄ ڪلھ اهڙو دور آهي جو ماڻهو راتورات مالامالُ ۽ شُھرت ڪمائڻ چاهن ٿا، تنهن ڪري اها واٽ اڄ ڪلھ عام ٿي وئي آهي. فلم 1942 لواسٽوري ۾ فلم جي هيروئن منيشا کي هڪ گاني ۾ اڇو سلوار ڪرتو ۽ بسنتي رنگ جو رئو پهريل آهي، ساڳيو لباس هڪ ٻي فلم ۾ روينا ۽ شلپا شيٽيءَ کي پهريل آهي. بلڪ بلڪل ساڳيا شاٽ ورتا ويا آهن. ڇو ته اصلوڪي ڪم (اُوريجنل) ڪرڻ ۾ محنت لڳندي آهي. مارئي سنسٿا جا به ڪيترائي خيال چورائي پوءِ لکن اسان روايت قائم ڪئي آهي. ڪيترين خبرن جو ته بُنياد ئي نه هوندو آهي. علم ادب جي غلط تاريخ پئي لکجي. مٿان وري پروف جي غلطين ته اصل ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. ڪمپيوٽر اچڻ سان مسئلا حل ٿيڻ بدران هتي سنڌي ٻوليءَ کان اڻ ڄاڻ ڪمپازٽرن جي ڪري مونجھارا پيدا ٿيڻ جا خطرا وڌي ويا آهن. 1948ع کي لکن 1984ع، 1924ع بدران لکن 1942ع هڻي ڏهاڪائي مٽي ڇڏين. هاڻي جي ان طرح جون غلطيون ٿين ته ٻيڙي ٻُڏي يا نه؟ سنڌي ٽائيمس ۾ دادا هري دلگير جو خط پڙهيو هيم. دادا دلگير ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ کي جڳه پرسد ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تي ڇپيل ڪتابن ۾ سالن جي غلطين طرف ڌيان ڇڪايو آهي. مون ڊاڪٽر مُرليڌر جيٽلي کي مارئي جو سووئينر ڇپڻ لاءِ ڏنو هو، جنهن ۾ هُن پنهنجي مرضيءَ جون ڳالهيون جوڙي ڇڏيون. مان جڏهن مئڊرڊ لاءِ رواني ٿيڻ واري هيس ته ڄاڻ پئي ته راجسٿان سنڌي اڪاڊميءَ جي مخزن ۾ منهنجي ڪهاڻيءَ سان گڏ منهنجا تفصيل بايوڊيٽا غلط ڏني وئي آهي. مون مُرليڌر جيٽلي جي سالي سُريش سارسوت کي فون ڪري چيو ته جيتوڻيڪ مون وٽ ڪاپي ڪونه پهتي آهي پر مونکي ڪنهن سڄڻ ٻُڌايو آهي ته ان ۾ تو منهنجي باري ۾ غلط تفصيل ڇاپيا آهن. چيائين، اهو منهنجو ڏوھ نه آهي. پروف به انهن ئي پڙهيا آهن. باقي منهنجي اها غلطي ضرور آهي ته مان توکان فون ڪري صحيح تفصيل نه ورتا. مونکي ته راجسٿان اڪادميءَ وارن پورا پئسا به ڪونه ڏنا آهن. انهن حالتن ۾ اهو عرض ڪندس ته ڪنهن به ڳالھ لکڻ يا پڙهڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪرڻُ لازمي آهي، ۽ ڪامن سينس جو استعمال سنڌي جاتيءَ جي گھڻگھرن کي ڪرڻ گھرجي. رد ڪد مان ڇا ورندو؟ ساڳيءَ طرح گوبند مالهيءَ به پنهنجي سنڌ جي سفرنامي ۾ مروڙي سروڙي ڳالهيون پيش ڪيون آهن. مونکي خوشي آهي جو مون سندن حياتيءَ ۾ جئپور سميلن ۾ کين روبرو سڀني جي اڳيان اها ڳالھ چئي.
منهنجو وسُ واڪا ٻُـڌڻ ڪمُ ٻـروچ جو. (شاھ)
هوائي سفر دوران منهنجي نگاھ وچ وچ ۾ ٽي.وي. اسڪرين تي پئجي رهي هئي. جنهن ۾ هوائي سفر جو نقشو به ڏيکاريل هو؛ جتان جتان جھاز پئي لنگھيو، ان شهر جي ايراضي، بيهڪ وغيره جي ڄاڻ ملي رهي هئي؛ ڪراچي، بخارو، بلئڪ‐ سي، جرمني وغيره. هر ديش جي مٿان اُڏام وقت، تاريخي ماڳن، مشهور شهرن ۽ ڪلچر جي ڄاڻ جا ساگر اُٿلي پئي پيا. جرمنيءَ مٿان لنگھڻ وقت مونکي اُن فلاسفر سوٽ سُڀاش جي ياد آئي، جيڪو ماءُ جو سڪيلڌو لاڏلو پُٽ هو. اسڪالرشپ تي جرمنيءَ ويو ڄـڻُ جلاوطن ٿي ويو. سندس وڇوڙي ۾ اسان جي چاچي پراڻ تياڳيا. ۽ جڏهن سُڀاش واپس وطن وريو ته وقت کان اڳ ئي زندگيءَ بيوفائي ڪيس؛ نه چوڙيائين نه ماڻيائين. منهنجي ماءُ ڏک وچان هاءِ هاءِ ڪندي چوندي هئي، سُڀاش تو نه چوڙيو نه ماڻيو.
اسان جو جھاز مڪاني وقت مطابق صبح جو اٺ لڳي ڏهن منٽن تي ايميسٽرڊم پهتو. انکانپوءِ ساڍي ڏهين لڳي مئڊرڊ جي فلائيٽ جو وقت هو. ارائيول ۽ ڊپارچر لانج وچ ۾ چڱو فاصلو هو. گفٽ شاپس تي نظر پئي دل چاهيو ڪجھ ڏسان پر ٿڪاوٽ ڪري، ۽ وري ان خيال کان ته هاڻي يورپ ۾ ٻه مهينا آهيان، دل کولي اهڙيون شيون ڏسبيون.
اِميگريشن ۽ ٻين فارملٽيز پوري ڪرڻ کانپوءِ مئڊرڊ طرف ويندڙ لانج طرف رخ ڪيم. وري به پڪ ڪرڻ لاءِ اُتي سُتل ٿلهيءَ ۽ بندري عورت کان پُڇيم ته سندس ڇرڪُ نڪري ويو، جو هوءَ ننڊ جي جھوٽي ۾ هئي. مون کانئس پُڇيو هيءَ مئڊرڊ جي فلائيٽ آهي. اکيون مهٽي دل تي هٿُ رکي ها چئي هن به کلي ڏنو، منهنجو به ٽهڪُ نڪتو. هن کي اسپينش اچي رهي هئي ۽ مونکي انگريزي. مون مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجو بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاريو. هن ڪنڌ ڌوڻي چيو ها مان به ان فلائيٽ ۾ وڃي رهي آهيان. ان کان اڳ ۾ ٻه ڀيرا، منهنجو لنڊن ۽ اسپين ۽ هڪُ ڀيرو آمريڪا وڃڻ ٿيو. پر هن روٽ تان مان پهريون ڀيرو وڃي رهي هيس. مان ڊچ ايئرلائين ۾ هيس. پهريون ڀيرو ان بابت ڄاڻڻ جي من ۾ چاهنا ٿي.
سترهين (17) صديءَ ۾ ڊچ ۽ اسپيني نئين مُلڪ جي تلاش واري مهم جي سلسلي ۾ هن علائقي ڏانهن آيا. پر اهو ڪئپٽن ڪوڪ ئي هو جنهن اڳتي هلي 1770ع ۾ اُتي جھنڊو کوڙيو. 1788ع ۾ سڊنيءَ جي سامونڊي بندر تي پهريان (سيٽلرس) پناھ وٺندڙ اتي اچي آباد ٿيا، ۽ برطانيه ان نئين بئٺڪ (ڪالوني) طرف پنهنجي سزا کاڌل قيدين کي اُتي موڪلڻُ شروع ڪيو. 1901ع ۾ اها آسٽريليا، فئڊريشن آف اسٽيس‐ائنڊ‐ٽيرٽريز، ۽ رپبلڪ بڻي. جنهن جو سربراھ راڻيءَ بدران صدر بڻيو. اها ڪامن ويلٿ جو حصو بڻيل آهي. ان جي راڄڌاني ڪئنيبرا آهي. اتي قومي پارليامينٽ آهي ۽ تاريخي ماڳن ۾ ڪريڊل مائونٽين سيلانين کي پاڻ طرف ڇڪين ٿا. آسٽريليا ۾ ڊچ هالينڊ فيسٽيول ڪافي ٿيندا رهندا آهن جن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي سيلاني اتي ويندا آهن.
آسٽريليا جون ڇھ رياستون آهن. اتان جي موسم گرم، خشڪ هلڪي ٿڌي آهي. ٻولي جيتوڻيڪ انگريزي آهي، پر لاڏو ماڻهن طرفان ٻيون سئو (100) کن ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ڊچ ۽ پورچوگيز واپارين، هندوستان ۾ پڻ پنهنجا خيما کوڙيا هئا. مان ائميسٽرڊم کان اسپين وڃڻ لاءِ جنهن جھاز ۾ سوار هيس اُن ۾ منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪُ ڊچ (جنٽلمين) همراه هو، جنهن ويٺي انگريزي ناول پڙهيو. سندس نالو هو جان وينڊر مير. هُن ٻڌايو ته هو هڪ ڪامپيوٽر ڪمپنيءَ ۾ ڪمُ ڪندو آهي، جنهن جي هڪ برانچ لاهور ۾ به آهي. هو ڀارت کان به واقف هو ۽ هتان جو هڪ هفتي جو دورو ڪري چڪو هو. هن ٻُـڌايو ته کيس تاج محل ڏاڍو وڻيو. مون کانئس اُتي جي ليکڪن، ليکڪائن ۽ اُتي جي سڀيتا رهڻي ڪرڻي جي باري ۾ پُڇيو، هن ٻُـڌايو ته اتي گھڻائي ليکڪ، ليکڪائون آهن جيڪي تمام سُٺو لکي رهيا آهن. پر جيڪي ماڻهن ۾ مقبول آهن تن ۾ هيري مولش، ائنا انڪوئسٽ ۽ هيلا هيس وغيره آهن. جان وينڊر مير وڌيڪ ٻُـڌايو ته هالنڊ جي اسپتالن ۾ علاج مفت ڪيو ويندو آهي. ۽ بيروزگارن کي سرڪار طرفان سوشل سيڪورٽي جي ضمانت مليل هوندي آهي. اُتي هن وقت ڀارت وانگر متحدھ محاذ جي گڏيل سرڪار آهي، جنهن ۾ ديش جون مکيه سياسي پارٽيون؛ سوشلسٽ پارٽي، لبرل پارٽي ۽ ڪرسچن پارٽي شامل آهن. ڊچ لباس جي باري ۾ هن ٻُـڌايو ته اُتي جي روائتي لباس کي مُهاڻا / مڇيارا قائم رکين پيا اچن، سو آهي ڀرت ڀريل لباسُ ۽ وڏي ٽوپي. هالنڊ ۾ مُراڪشين ۽ تُرڪن جي ڪري اسلام جو به اثر پيو آهي. عام ماڻهن جي ٿيئٽر ۾ ڪافي دلچسپي آهي. اتي گلن جي ڪري ڪيترا علائقا مشهور آهن. ڪاٺ جون جُتيون (چاکڙين وانگر) به ڪافي مشهور آهن. هوڏانهن اٽلي به ناٽڪ ۽ ٿيئٽر جي ڪري ڪافي مشهور آهي. اُتي مِڊسمر ميجڪ، ڏسڻ لاءِ گھڻا ئي سيلاني اچن ٿا. اُونهاري جي وڻندڙ شامن ۾ اٽليءَ جي اوپن‐ايئر‐ٿيئٽر کي هزارين ميڻ بتين سان روشن ڪيو ويندو آهي. جيڪو ڊرامائي پسمنظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. اٽليءَ جي وچ واري دور جو خوبصورت شهرُ ويرونا، جيڪو جڳ مشهور پريمين، روميو جوليٽ، جو گھرُ آهي، اُتي اونهاري جي مُند ۾ يادگار روماني اوپيرا ڏيکاريا ويندا آهن، جنهن کي ڏسي لبن تي واھ! واھ!! هوندي آهي.
ايمسٽرڊم کان مئڊرڊ جي اُڏام جو وقت اڍائي ڪلاڪ کنُ آهي. ٻنهي مُلڪن جو وقت ساڳيو آهي. اُڏام دوران دريءَ کان ٻاهر نهاريم ته ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ٿوري فاصلي طئه ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي هوائي جھاز تي نظر پئي، جيڪو اسان واري جھاز کان هيٺ اونچائي تي اُڏامي رهيو هو. ڄـڻُ ٻئي گڏو گڏ هلي رهيا هجن. من ۾ ڪئي خدشا ۽ خيال پيدا ٿي رهيا هئا ته متان هڪ ٻئي جي ويجھو نه اچن؟ ۽ ڪٿي…؟ پر نه پائلٽن کي پنهنجي مقرر اونچائي ۽ رستي جي ڄاڻ هئي.
ٿوري دير ۾ ٻئي جھاز ساڄي پاسي رخ ڪيو. اسان جو جھازُ بادلن کي چيريندو پنهنجي طئه ٿيل منزل طرف پرواز ڪرڻ لڳو. ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن کي، بادلن جي هندوري ۾ لوڏيندي، هيءَ هوائي پالڪي ڄـڻُ ڪنهن پرين جي ديش جو سيرُ ڪرائي رهي هئي. منهنجي اُداس من اندر، قدرت جي انهن سُهڻن وڻندڙ حسين دلڪش نظارن سرهائي پيدا ڪري ڇڏي. ۽ مان ويران وادين جي گھيري مان نڪري هيٺ پاتال ۾ ندين نارن، وڻن ٽـڻن ۽ ڌرتي نواسي انسانن کان گھڻو ڏور، هوائي سفر دوران، ڪئي شاعرانه خيال من ۾ اُڇلون ڏيئي رهيا هئا جن کي قابو ڪرڻ لڳس. پر افسوس جو اُن وقت مون تي شاعريءَ جي ڏات ايڏي مهربان ڪونه ٿي جو اهڙن حسين دلڪش منظرن کي تخليق جي نازڪ ۽ نفيس گلن جو ويس پهرائي امرتا بخشي ڇڏيان ها، نه وري هٿن ۾ اهڙي فني ڪماليت هئي جو بُرش کڻي زندگيءَ جي الڳ الڳ رنگن کي دلڪش ۽ دلفريب تصوير جو روپ ڏيان ها. اها حسرت ئي رهندي پر اندر وارو تخليقڪار قلم کڻي ويهي رهي. اهو چئي : مان جوئي آهيان سوئي آهيان…! منهنجي شخصيت کي پاڻ سان گڏ گھلي ويو!
ڏينهن جو هڪ لڳي ويهن منٽن تي مئڊرڊ جي براخاص انٽرنيشنل هوائي اڏي تي فلائيٽ لٿي. سامان اچڻ ۾ ويھ کن منٽ لڳا اُنکانپوءِ مسئلو آيو ايميگريشن وارن کي پاسپورٽ ۽ ويزا ڏيکارڻ جو. ٻوليءَ جي مسئلي ڪري ڪائونٽر تي بيٺل آفيسرن سان ڳالهائڻ بدران کين پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري چيم انڊيا! مطلب ته آئون انڊيا کان آئي آهيان، فارمليٽيز پوريون ڪري ڪٿان نڪرڻو آهي. اشارن ۾ هُنن کي منهنجي ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه اچي. اصل دٻي ۾ ٺڪريون. بنا ڪاڳر ڏيکارڻ جي ٻاهر نه ٿئي نڪتم ته متان ڪو ٻيو رولو پئجي وڃي، ڪجھ سمجھ ۾ ئي نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟ هن کان اڳ ٻه ڀيرا اسپين مان ٿي وئي هيس. ڪجھ لفظ ياد هئا، اُن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪيم. منهنجي نظر ساليدا لفظ تي پئي. مون ٿوري راحت محسوس ڪئي، ساليدا لفظ جي معنيٰ آهي ــ وئه آئوٽ ٻاهر نڪرڻ جو رستو، اينتراد جي معنيٰ اينٽر اندر اچـڻُ، مون دل ۾ چيو پاسپورٽ کڻي ٻاهر نڪران ٿي، پاڻهي روڪيندا. مان ٽراليءَ ۾ سامان کڻي آهستي آهستي قدم اڳتي وڌايا، ورديءَ واري همراءَ جيتوڻيڪ مونکي ڏٺو، پر هن ڪوبه ردي عمل ظاهر ڪونه ڪيو. مان گيٽ کان ٻاهر نڪري آيس سامهون وڏو ڀاءُ اشوڪ بيٺو هو مون کان دهليءَ جي خير خبر ورتائين. مونکي پنهنجي ڪاڳرن جو فڪرُ هو، سو چيومانس ته منهنجو ته پاسپورٽ ئي ڪونه ڏٺائون. ان تي اشوڪ چيو ته تون يورپ ۾ اڳـ۾ داخل ٿي چڪي هئين. تنهنجا ڪاڳر ايميسٽرڊم هوائي اڏي تي ڏٺا اٿائون. اڳين ڀيري ڄاڻ پئي هئي ته جيڪڏهن يورپ جي ڪنهن هڪ ديش جي ويزا ملي وئي ته ان آڌار تي يورپ جي ڪنهن به مُلڪ وڃي گھمي ڦري سگھجي ٿو. يورپي يونين جي ملڪن شينگينس جي شهر ۾ پاڻ ۾ هڪُ مهاعدو ڪيو هو، جنهن تحت ڪنهن به هڪ يورپي مُلڪ جي ويزا وٺڻ سان يورپ جي مُلڪ ۾ سفر ڪري سگھي ٿو، انگلنڊ ان مُهاعدي تي صحيح ڪونه ڪئي آهي، انڪري اُن جي لاءِ الڳ ويزا جي ضرورت پوي ٿي.
******