محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر
انسان پنھنجي سموري تھذيبي سفر ۾ جيڪي عظيم ترين ۽ عجيب و غريب شعبا ۽ شيون تخليقون ڪيون آھن، انھن ۾ فن جو ۽ فن جي دنيا ۾ وري شاعريءَ جو وڏو درجو آھي. انسان جي سڄي تھذيبي سفر ۽ ان جي ھمه گير اوسر جي تھاس مان جيڪڏھن لطيف فَن کي ۽ ان ۾ به شاعري کي ڪڍي ڇڏجي ته پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته انسان نه ته ايترو اڳتي وڌي سگھي ھا ۽ نه ئي ماڻھپي جون وڏيون منزلون ماڻي سگھي ھا. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته انساني تھذيب جي تاريخ جي پاڇي ٻُڙي ھجي ھا. انسان، ٻين ساھوارن کان فقط ھڪڙي ڳالھه ۾ ئي منفرد ۽ ممتاز آھي ۽ اھو آھي تصور ڪرڻ، پُور پچائڻ، سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ ۽ انسان توڙي انساني تھذيب جي تصورن پُورن، لطيف ويچارن، احساسن ۽ خوابن جي جيتري سيڙپ شاعريءَ ۾ ٿيل آھي، اوتري شايد ئي ڪنھن ٻي شعبي ۾ ٿيل ھجي. شاعري انسان جي لطيف تصورن، خوبصورت خوابن ۽ ان جي درد جي سمورن دائرن جي تاريخ آھي. ھونئن ته ھر انسان ۽ مجموعي طور ھر خطو ۽ معاشرو سوچي، لوچي ۽ خواب ڏسي ٿو پر اوڀر ننڍي کنڊ ۽ ان ۾ به خاص طور تي سنڌ جي سرشت ۾، شاعري سمايل رھي آھي. اڄوڪي دور ۾ ڀل ته اسين زندگيءَ جي انيڪ شعبن ۾ دنيا کان ۽ پنھنجي ھم عصر عالمي دور کان گھڻو گھڻو پوئتي ھجون پر ھن ننڍڙي دنيا اندر ھڪ وشال دنيا اھڙي به آھي، جنھن ۾ اسين رڳو زماني جھڙا ئي نه، پر ان کان ڪنھن حد تائين اڳتي به آيون آھيون ۽ اھا دنيا آھي دل جي، جنھن جو ڀرڀور ۽ بھترين اظھار شاعريءَ ۾ ئي ٿي سگھي ٿو.
ان ڳالھه متعلق ته ڪي به ٻه رايا نه آھن ته، ننڍي کنڊ جون ڪلاسيڪي توڙي جديد شعري روايتون شاندار رھيون آھن. سنسڪرت، ھندي، سرائيڪي، پنجابي. سنڌي، اردو، ۽ بنگالي ٻولين جي تاريخي، عظيم شاعريءَ جي حوالي سان املھه روايتن جي امين رھي آھي ۽ وڏي ڀاڳ جي ڳالھه اھا آھي ته اِھا روايت صدين گذرڻ کان پوءِ به نه رڳو زنده آھي، پر ويرؤن وڌ آھي. اسان جو آڪاش انصاري به جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ان روايت جو تسلسل آھي. ننڍي کنڊ جي قديم ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جا انيڪ رنگ ۽ رجحان رھيا آھن. پر ان جو محور ۽ محرڪ تصوف ھو. جيتوڻيڪ تصوف جا به گھڻا رنگ رھيا آھن ۽ ان جي ھر رنگ جون پنھنجون ڌارائون رھيون آھن پر پوءِ به پنھنجي جوھر ۾ اھي سمورا رنگ تصوف جا ھئا. ھر فڪر کي ھڪ خاص عالمي يا معروضي دور گھرجي ۽ پس و پيش ملي ٿو. ائين تصوف کي به ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صورت ۾ ننڍي کنڊ ۾ ھڪ ڀرڀور دور ۽ ان جي زمين ملي ، ھتي ان موضوع جي تفصيل ۾ وڃڻ جي گنجائش نه آھي. پر ڳالھه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ جديد شاعريءَ جو دور، ترقي پسند ادبي تحريڪ کان پوءِ آيو. اھا ترقي پسند تحريڪ، جنھن جي نتيجي ۾، ننڍي کنڊ ۾ رابندراناٿ ٽئگور، جيواننداس، اقبال، جوش، فيض ۽ شيخ اياز سامھون اچن ٿا. ننڍي کنڊ ۾ جديد شاعريءَ جي روايت ان ڪري به بي پناھ پختگي ۽ حُسناڪي سان سامھون آئي جو ان نه رڳو پنھنجي ھم عصر عالمي دور جي سگھارن قدرن ۽ فڪري روين سان پاڻ کي سلھاڙيو، پر ان کي پنھنجي عظيم ڪلاسيڪي شعري ورثي جي روايتن سان ڳنڍي، نئين شعري روايت کي ئي نه جنم ڏنو پر حقيقت ۾ ھڪ نئين دور کي تخليق ڪيو. اھو دور جنھن جو تسلسل اسان وٽ ٻين سان گڏ آڪاش انصاري به آھي.
آڪاش انصاريءَ ، شاعريءَ جي ميدان ۾ ان وقت قدم رکيو، جنھن جي ماضيءَ ۾ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان لطيف جھڙو يگانو ۽ جبل جيڏو شاعر موجود ھو ته جديد دور ۾ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ نارائڻ شيام موجود ھئا. اھڙي پس منظر ۾ ھڪ نئين شاعر جو سامھون اچڻ ۽ پنھنجي ءَ پوري انفراديت، اظھار ۽ اسلوب توڙي فڪر جي جدت سان سامھون اچڻ، ڏاڍي ڏکي ڳالھه ھئي. جيڪا آڪاش انصاريءَ ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاري، جيئن اياز جي عظيم شاعري (جنھن ۾ مان ھن جي پوئين دور کي شامل نه ٿو ڪريان) ھڪ خاص دور جي پيداور آھي. اھو دور جيڪو کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لوچڻ ۽ لڇڻ جو دور ھو. اھو دور جنھن ۾ محبتن ۽ نفرتن پنھنجا ڇيھه ڪري ڇڏيا ھئا، جنھن ۾ محبتن جو محور انقلاب ھو ۽ انقلاب ۾ به رومانس ڳوليو ويندو ھو. اھو دور جنھن ۾ گلابي ۽ ناسي چپن تي سُرخ نعرا ۽ گيت ھوندا ھئا. اھو دور جيڪو گھڻو پراڻو ناھي، سنڌ جي بنھه ويجھي ماضيءَ جو دور آھي. اھو دور جيڪوآڪاش جي زباني پنھنجي ”آئيندي“ (جنھن کي انقلاب سان به تعبير ڪري سگھجي ٿو) سان ھيئن مخاطب ٿيندو ھو:
ٻيجليا ڪجھه ٻول!
سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!
سر سڪن جيئن اُڇلي اَچبا،
جنھن وقت جھليندين جھول،
سارو ڏيھه ڏياچ تون ڏسندين!
يعني اھو دور، جڏھن سارو ڏيھه ”ڏياچ“ ھو. سياست ھجي يا ادب ۽ فن، ان ۾ ھر تشنه دور، پنھنجي تخليقي اظھار لاءِ ڪردار ڳولي ٿو. اھي دور ڀاڳ وارا آھن، جن کي پنھنجي اظھار لاءِ شيخ اياز، استاد بخاري ۽ آڪاش ملن ٿا ۽ ساڳي وقت بختاور آھن اھي ڪردار جن کي پنھنجي بي پناھ تخليقي سگھه جي انتظار لاءِ تشنه دور ملن ٿا. جيتوڻيڪ آڪاش انصاريءَ جي شاعري ننڍي کنڊ توڙي سنڌ جي جديد ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو تسلسل به آھي. پر ان ۾ جدتن جون نيون منزلون به آھن. اھا جدت ھن جي اظھار ۽ اسلوب ۾ به آھي ته ھن جي ٻولي ۽ موضوعن ۾ به آھي. اھا جدت ھن جي فارم ۾ به آھي ته ھن جي فڪري، سماجياتي ۽ جمالياتي روين ۾ به آھي. جيتوڻيڪ آڪاش انصاريءَ منھنجو بنھه ويجھو ۽ دل گھريو ذاتي دوست آھي ۽ ھن جي شاعريءَ کي به مون سدائين ۽ بار بار وڏيءَ محبت سان پئي پڙھيو آھي. ھر سٺي ۽ يگاني شاعريءَ وانگر، مون ھن کي بار بار پڙھندي به ھميشه انجواءِ ڪيو آھي. مون ھن جي شاعريءَ جون جيڪي بنيادي خوبيون محسوس پئي ڪيون آھن، چاھيان ٿو ته ھتي انھن جو مختصر ذڪر ڪريان.
شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ ھڪڙو ڪم آھي پر ان جي پرک ڪرڻ، ان مان نتيجا ڪڍڻ ۽ ان جا فڪري ۽ فني محرڪ ڳولڻ نه رڳو ھڪ فن آھي. پر ھڪ بنھه حساس ۽ ڏکيو ڪم آھي. ان ڪم کي ادب ۽ فن جي علمي دنيا ۾ ”تنقيد جو علم ۽ فن“ چئجي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ اڃا پوريءَ ريت متعارف به ٿي نه سگھيو آھي. آڪاش انصاريءَ کي مان محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر سمجھان ٿو. اھي ٽيئي، انساني تھذيب جي سموري سفر جا وڏي ۾ وڏا قدر آھن ۽ جڏھن اھڙا عظيم قدر، شاعريءَ کي سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج جو سرمايو سمجھان ٿو. آڪاش محبت ۽ مزاحمت جو شاعر آھي. ھن جي محبت ايڏي ته شديد ۽ سگھاري آھي، جو اھا مزاحمت کان سواءِ رھي نه ٿي سگھي ۽ ھن جي مزاحمت ايڏي حُسناڪ ۽ لطيف آھي، جو اھا محبت کان سواءِ ٻيو ڪوبه ھٿيار نه ٿي رکي. ھن وٽ مزاحمت آھي، ھر ان شيءَ لاءِ جيڪا محبت، حسن ۽ ماڻھپي لاءِ خطرو ھجي. ”ٿُوھر جي ٿڃ“ ، ”او امان!“، ”اڙي دل!“، ”جلاوطن“، ”رڳو ٿر جي صحرا تي . . . “، آگسٽ 1983ع ۾ ”مان ھليو ڇو ويس“ جھڙا نظم سنڌ جي مزاحمتي شاعريءَ جي آسمان تي سدا چمڪندڙ انھن ستارن جيان آھن، جيڪي ڏينھن جي چٽيءَ اس ۾ نظرن کان اوجھل ته ٿي سگھن ٿا پر اونداھ جي ھر رات کي اھو احساس ڏيارڻ جي سگھه رکن ٿا ته اھي چمڪي رھيا آھن ۽ سڄي ڪائنات جي ”اوندھ“ گڏجي به کيس وسائي نه ٿي سگھي. آڪاش جي شاعريءَ ۾ محبت جو تصور به ڏاڍو منفرد آھي ھن وٽ سنڌ جي تصور جا عجيب ۽ مختلف رنگ آھن، ڪٿي وڇوڙي کان وڌيڪ ”وصل“ ۾ ويساھ رکندڙ شاعر نظر اچي ٿو، جڏھن ھو چوي ٿو:
ھاڻي ته آڪاش جي اوٽ ۾،
آسماني ڏيئا پڻ اجھامي ويا.
سمھي پيا ستارا، ٿي جھيڻا جَھڪا،
ڪڏھانڪر ڪتين ڪَرَ موڙي ڇڏيا،
مگر انتظارن سندا قافلا،
ٿيا ڪين ٿڪجي ڪڏھن چُور چُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
ساگر جي ھُن پار، ٻيڙيءَ ۾ ملاح،
سامونڊيءَ جا سڀ بيت ڳائي ڇڏيا،
۽ ڪناري جي واريءَ جي لھرن اندر،
ھوائن به سرگرم لڪائي ڇڏيا،
ولھه ورڇي ڇڏيو، پنھنجي سارو سُرور،
مگر دل ھي پاڳل مڃي ڪين مُور،
تون ايندين، تون ايندين، تون ايندين ضرور.
محبوب کي ياد ڪرڻ يا وسارڻ جي ڳالھه ڪرڻ ٻنھي ۾ حُجت جو پھلو ھجي ٿو پر ٻنھي حُجتن جو رنگ آڪاش وٽ ڏاڍو نرالو آھي، جيئن ھن چيو آھي؛
جڏھن به، توکي وسارڻ چاھيم،
تنھنجي ھر ياد،
سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
ذھن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پئي آ،
منھنجي دل مون سان وڙھي پئي آ،
آڪاش جي شاعريءَ ۾ محبت ۽ مزاحمت جا سڀ رستا انقلاب ڏانھن وڃن ٿا محبت ۽ مزاحمت جيان ھن وٽ انقلاب جو تصور به محدود ۽ روايتي نه آھي. انقلاب، آڪاش جي شاعري جو وڏي ۾ وڏو رومانس آھي. اھو انقلاب جيڪو سدائين انسان جي عظيم آدرش ۽ خواب رھيو آھي. اھو انقلاب جنھن کي آڪاش پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪڏھن علامتي طور پنھنجو ”محبوب“ ٿو سمجھي ته ڪڏھن ان کي ”آئيندي“ ۽ ”سپني“جو نالو ٿو ڏئي،اھو انقلاب جنھن سان ھن جي محبت ۽ حُجتن جو سُٻنڌ آھي، ھو چوي ٿو:
ٻڌاءِ!
تون اڃا ڪڏھن ايندين؟
ھزار وار، ٻاٽ جون چُنريون،
رات جي ڇاتي سان سرڪيون آھن،
اسان جو راھ مسافر ۽ بيقرار دليون،
پوھ جي رات کي پرھ سمجھي،
ڪُوڙي آٿٿ مٿي جرڪيون آھن،
ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏھن ايندين؟
يا جيئن ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
اي اسان جا اڻ ڏٺل،
صدين کان رُٺل،
خواب جھڙا آئيندا!
تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
متان تون سمجھين،
توکي ماڻڻ لئه،
اسان متقل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙھاند وڙھيا ھونداسين،
۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي ڳولڻ لئه،
پنھنجي ٿُوھر ڀريل راھن تان ٿريا ھونداسين،
متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه،
اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
۽ تُنھنجي مُکَ کي منور ڪرڻ جي آس کڻ،
اسان جو چاھ پي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.
آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطحى جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو، ڪولرج، جيڪو ھڪ وڏو مغربي ادبي نقاد ھو، تنھنجي چوڻ موجب، وڏي شاعر جي پرک جو ھڪ معيار اھو به آھي ته ڏٺو وڃي ته ان جي شاعريءَ ۾ تاريخ جو ڪيترو گھرو ادارڪ ۽ ان جا محرڪ موجود آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي. (پڙھو نظم: تاريخ جو ھڪ نقطو) اھا چيڙائيندڙ ۽ چٿرون ڪندڙ به آھي ته اھا ھڪ احساس ۽ الميو به آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ ”تاريخ“ سان بغاوت جا اھڃاڻ به آھن ته ان جي نئين دور جي تخليق جي اون به آھي ۽ اھو دراصل ھن جي تاريخ جو گھرو ادارڪ ئي آھي، جيڪو ”تاريخ“ بابت ايتيرا ھمه گير رويا تخليق ڪرڻ جو محرڪ بڻجي ٿو.
آڪاش جي شاعريءَ ۾ جتي پنھنجي ديس جي درد جي دانھن آھي، اتي درد جي دلبريءَ ۽ رھبريءَ جا داستان به آھن، ڪيڏن نه سادن لفظن ۾ ھن سنڌ جي صدين جي درد جو اظھار ڪيو آھي. ھو چوي ٿو:
پنھنجي لاءَ ته او پاڳل من،
کاٽونڀا ڀي کارا نڪتا،
پنھنجا ڀاڳ نيارا نڪتا.
يا ٻئي ھنڌ ھو چوي ٿو:
اڙي دل، اڙي دل!
انھن ڏي به ھل!
جن جي نيڻن ۾ ناھي ڪو سپنو سَجيل،
جن لئه ميگھا جي رُتِ کي منع آ ٿيل،
جن جا سڀ ڀاڳ،
ڪاھوءَ جيان اجڙيل،
جن جو ھر ماڳُ،
رڻ ڪڇ جي واري تتل،
ھا انھن ڏي به ھل.
جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾،
رڳو چنڊ آسن جا لاشا ڍڪيل،
جن تي،
دردن ۽ سُورن جا ڪتبا لکيل،
ھل انھن ڏي به ھل.
آڪاش جي شاعريءَ ۾ ڇاڪاڻ ته درد، تاريخ جي شعور ۽ ان جي تخليقي مُحرڪن سان سلھاڙيل آھي. ان ڪري اھو روايتي طور مايوس ڪرڻ بدران اتساھ ۽ جوت جو سبب بڻجي ٿو، تانگھه ۽ جدوجھد جو بنياد بڻجي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ درد، سگھه جو سرچشمو ۽ سفر جو سُونھون آھي. آڪاش جي شاعريءَ ۾ درد جي موٽ، ڏاڍي مُوھيندڙ، اتساھ ڏيکاريندڙ، زندگيءَ ۾ ويساھ موٽائيندڙ ۽ نرالي آھي. ھن وٽ درد جي موٽ جا ڪجھه انداز ڏسو:
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
جڏھن منھنجا جھانگي ، نه جھوريءَ ۾ جھرندا،
ٻَري نه ٻڪرار جا ٻار ٻَرندا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيجل جي ڇاتي،
ته ماڻيندا منزل پنھنجا ڍول ڍاٽي.
•
ھڪ سپنو
جنھن جي ساڀيان خاطر،
پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل،
سوين سپنن کي گھُٽا ڏيئي اسان ساريو آ،
پاڻ تي ظلم ڪري پاڻ کي جياريو آ.
آڪاش روايتي معنائن ۾ ”عوامي شاعر“ نه آھي ۽ نه ئي ھو وچين طبقي جي انھن ”انقلابي“ شاعرن وانگر آھي، جن وٽ عوام لاءِ پري کان بيٺل پاڇي جھڙي ھمدردي ۽ ڏيکاءَ وارو پيار ھوندو آھي. اھوئي سبب آھي جو آڪاش، عوام ۽ پورھيت طبقي جو ھمدرد نه پر سندن ڏُکن، ڏولارن ۽ دردن جو ڌڻي ۽ ويڄ شاعر آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ جتي عوام جي صدين کان ھلندڙ اڻھوند، بيوسيءَ جا جيئرا احساس آھن.
مثلا.
. . . ۽ گھر جي گُندي،
سَنڍ سدائين،
ڪين ڪري ٿي پيٽ،
لڳي ٿو ھيل به رھبو ليٽ.
ته ساڳي وقت ان کان نجات جا چٽا گس ۽ پنڌ ۽ انھن پنڌن جا رند به آھن ۽ ظاھر آھي ته اھو پنڌ آزادي، آجپي ۽ انقلابي کان سواءِ ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو. آڪاش جي شاعري ۾ ان اؤکي سفر جو سمورو سامان موجود آھي يعني درد، درد ۽ شعور جي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ احساس، احساسن جي سيڙپ ۽ مقصد جي چٽائي ۽ ان ڏس ۾ پنڌ ۽ مسلسل پنڌ جنھن جي راھ ۾ ڪڏھن به ورچي نه ويھجي.
فني لحاظ کان آڪاش جي شاعري، ھڪ پختي شاعر ۽ ميچوئر فنڪار جو سگھارو اظھار آھي. مولوي احمد ملاح جي شھر بدين ۽ لاڙ جي پس منظر سبب ھن جي ٻولي، ھونئي ئي سريلي ۽ چس واري آھي. ھن جي ٻولي ۾ لاڙ جي لھجي جو حسن ۽ ان جي ماحول جا سڀ فطري ڪردار ۽ سماجياتي توڙي جمالياتي رويا ملن ٿا. ھونئن ته ھن نظم، گيت، غزل، وائي، ٽيڙو، نثر ۽ آزاد نظم جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي پر آڪاش فارم جي لحاظ کان بنيادي طور آزاد نظم جو شاعر آھي. ان وٽ اڪثر نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم پنھنجي فارم جي مڪمل پختگيءَ ردم، روانيءَ ۽ نازڪ مزاجي سان گڏ موجود آھن. آڪاش جا آزاد نظم نھايت خوبصورتيءَ سان ڳايا ويا آھن. ھن جي شاعريءَ فني لحاظ کان جتي ترڪيبن جا نوان نوان تجربا ملن ٿا، اتي انوکين تشبيھن ۽ منظر نگاريءَ جا رنگ ملن ٿا، ھن جون ڪجھه خوبصورت تشبيھون ڏسو:
چاندني راتين ۾ چئونرن جي اڳيان ھا چمڪندا،
ڄڻ ته سيوھاڻيءَ جي ميلي ۾ پيل تازا ڦلا.
خواب سڀ سارا ٽٽا،
وقت جي ڪا وڄ ڪري،
تاريخ جا تارا ٽُٽا،
۽ آسمان ڏرڻيون ڪيون،
ڪنھن نانگ کاڌل مڇريل گھوڙي جيان،
ڌرتتيءَ ڌڻيون ھيون. . . .
زندگي جي ذليل گھڙين ۾،
ضياءَ جي موت جي خبر آھين،
منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.
وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو.
اوھان جي اکين ۾ ڪي ارغون ھئا،
اسان جي ھئي دل، سنڌ ڌرتيءَ جيان
پنھنجي ھر آتما ڪنگال ڪري،
ڪڍي ڏيوالو پنھنجي لُڙڪن جو،
پاڻ کي حال مان بي حال ڪري،
انھيءَ سپني کي،
انھيءَ خواب کي ماڻڻ خاطر،
اڀاڳي نينگريءَ جي،
ڪنھن لڪل گناھ جيان،
پنھنجي ويري شعور جي ڪُکِ ۾،
نپايو، تاتيو، پاليو آ،
رڳو ھڪ سپني جي ساڀيان خاطر،
ڪيڏو دُکڙو اسان جاليو آ.
سرءُ جي رات جي ڪنھن آخري تاري وانگر،
ڦٽل ”پراڻ“ جي درياءَ جي ڪناري وانگر،
اَڻ سمجھه ٻار اپاھج جي اشاري وانگر،
تنھنجو آڪاش ھو اڻپورو، اڌورو، اجڙيل،
رُڃن جي ماريل رولاڪ مسافر وانگر.
وڇوڙي رات جي ويلي جيان وياڪل وياڪل.
ڪنھن روپ ڪئي روح ۾ ريشم رفو گري،
نه ته شام ويل مڪليءَ جو منظر ھجان ھا مان.
سنڌ جي ويجھي ماضي جيان آڪاش جي شاعريءَ جا به ٻه مختلف دور آھن. ھڪ اھو دور آھي جنھن جو ذڪر آڪاش جي شاعريءَ جي پسِ منظر ۾، مٿي ڪيو ويو آھي. اھو آڪاش جيڪو سراپا باھ آھي، ھٺيلو ۽ بي پرواھ آھي، جيڪو پوئتي موٽڻ ته ٺھيو پر ان جي گمان تي به ويچارڻ لاءِ تيار نه آھي، جيڪو تاريخ ۽ انقلاب سان سڌيءَ ريت ھم ڪلام ٿيڻ جي ھمت ڪري ٿو ۽ انھن کان اتساھ وٺڻ بدران کين اتساھي ٿو – پر آڪاش جي ٻي دور جي شاعريءَ جو رنگ ۽ مزاج ٻيو آھي، اُھا شاعريءَ به ڪجھه ھن ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي آھي. ھن دور جي آڪاش جي شاعريءَ ۾، وقت جي چيچ مان زندگيءَ جي ڇلي گھر گھلي ٿيڻ جو خوف ملي ٿو. سندس ھن دور جي شاعريءَ ۾ وڇوڙن ۽ ولولي نه رھڻ جا اعتراف آھن. ”راڻي“ جي رُسڻ جون ڳالھيون آھن، ھن جي نَون گيتن ۾ ھوائون، خوشبون، ۽ بادل ماڻا نه ٿا ڪن، ٻيو ته ٺھيو آڪاش جي دل به ماڻا نٿي ڪري، ھي اھو دور آھي، جنھنجي عڪاسي، آڪاش پاڻ ھنن لفظن ۾ ڪري ٿو؛
خبر نه آھي؟
ڪھڙي سامريءَ جي سازش آ،
پاڻ پنڊ پھڻ ٿي پيا آھيون،
پنھنجي لُٽجڻ سندو احساس ڀي لُٽجي ويو آ،
اسان ٻين کان ٻڌون ٿا ته،
لُٽيا ويا آھيون.
ڪو به نعرو، نڪو ماتم، نڪو ملال آ،
اکين جي ٿر مٿان اھڙو ڏڪار ڇانيل آ،
جو ڪوئي لُڙڪ لُڙي سان ته وڏي ڳالھه آھي!
رڳو سُڏڪو به سُڻڻ لاءِ سڪي ويا آھيون. ۽ اھو فرق رڳو آڪاش جي شاعري ۾ ناھي دراصل اھو ھن دور جو الميو آھي. جنھن جا عڪس اسان کي ھن جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. پنھنجي آفاقي نظم:” اڌورا اڌورا“ ۾ آڪاش علامتي انداز ۾ ان جو نھايت خوبصورت اظھار به ڪيو آھي، نظم جون ڪجھه سٽون آھن:
نه تارڪ ٿي دنيا ھي تياڳي سگھياسين،
جھان جو به جھنجھٽ نه جھاڳي سگھياسين،
عمر اڌ، اڻ کٽ عبادت ۾ ويئي،
۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي،
خدا ڀي نه مليو نه ان جي خدائي،
او آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،
۽ ڳولا جي رڻ ۾ رُلياسين اڌورا،
اسان بس رھياسين اڌورا اڌورا.
بھرحال سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي پس منظر ۾، آڪاش جي شاعري ھڪ عجيب دور مان گذري رھيون آھن. ڪالھه آڪاش ”اڻ ڏٺل ۽ رڳو محسوس ڪيل آئيندي“ سان مخاطب ٿيندو ھو ۽ ان کان سوال ڪندو ھو ”ٻڌاءِ ڀلا تون ڪڏھن ايندين؟“ ھو پنھنجي ”منزل“ ۽ ”محبوب“ کي نه وساري سگھڻ جا اعتراف ڪندو ھو. پوپٽن کي مخاطب ٿي کين ھن دُکي ديس ۾ نه اچڻ جو وينتيون ڪندو ھو، جلاوطن، رھڻ کان سڌو انڪار ڪندو ھو، مٽيءَ جي خوشبوءَ جون ڳالھيون ڪندو ھو ۽ پنھنجي دل جي سرڪش گھوڙي جون واڳون ديس جي درد جي وارياسي ڏي موڙڻ جا وچن ڪندو ھو ، ”ھڪ سپني جي ساڀيان خاطر“ سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ جا درس ڏيندو ھو، ”سورج جون ڏند ڪٿائون“ ۽ تاريخ جا نقطا بيان ڪندو ھو ۽ پنھنجي پرينءَ کي قيدخانن جي ڪشش ۽ دار جي درد جي لذت جا داستان ٻڌائيندو ھو اڄ اھو آڪاش اعتراف ٿو ڪري ته:
توسان چاھت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن،
دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن،
۽ وڇوڙن ۾ ناھي رھيو وَلولو،
يارَ جلدي ملو.
يا اھو اڃا به وڌيڪ تلخ اظھار ڪري ٿو؛
سُور جي سرحد،
ڏٺي آ ڪنھن ڀلا،
ھيءَ دنيا،
دائرو آ درد جو،
جنھن ۾ ماڻھو،
موت جي کوھ جي،
مداريءَ جيئن مسلسل،
پيو ڦري:
ھر ڪنھن چھري تي،
لکيل آھي فسانو فرد جو،
ھيءَ دنيا،
پنھنجي ڪم جي ڪين آ:
ھي بسيرو آھي بس
بي حس ۽ بي درد جو.
سو زندگي!
توسان گذاريوسين ائين،
جيئن نڪاح
زوري ڪجي نامرد جو.
ھڪ فنڪار جي زندگيءَ ۾ مختلف ۽ عجيب و غريب دور ايندا آھن ۽ اِھو سڀ فطري عمل آھي. وقت جو واھڙ ڪنھن به وَھڻ کان بس نه ڪندو. ڪڏھن تيزيءَ سان ۽ ڪڏھن آھستي، دنيا ڪالھه به بدلي ھئي، اڄ به بدلجي پئي ۽ سڀاڻي به بدلبي ۽ اوس بدلبي، جن خوابن صدين تائين سفر ڪيو آھي، اھي ڪڏھن به بي معنى نه ٿا ٿي سگھن، رڳو ان کي بدلائڻ وارو درد سلامت ھجي ۽ مان پڪ سان چئي سگھان ٿو ته آڪاش جي شاعري ۾ اھو درد اڄ به سلامت آھي.
جامي چانڊيو
حيدرآباد سنڌ
16 فيبروري 2000ع