اڙي دل!!
اڙي دل!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل؟
رڳو ناھي تنھنجي
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ ھي محشر متل.
ڏسين ڇو نه ٿي سارو ساڻيھه صدين کان
آھي ستل.
ڪسابن کان،
ساري ڪُڙم جي ڪنن ۾ ڪپھه آ پيل.
اچ انھن ڏي ھلون!
جن جو ناھي ڪڏھين ڏور، ڇلڙو، جمالو،
ھمرچو ٻڌل،
جن جا سڀ گھيٽڙا،
گھنڊڻين لئه سڪيل.
اچ انھن ڏي ھلون!
جن جو ناھي ڪڏھين
چيٽ جي چنڊ جو گيت پھريون چيل،
جن جا سڀ کيت ۽ چيٽ
وڪجي ويل.
اچ انھن ڏي ھلون!
جن جي پکڙن پھين تي،
وٿاڻن وھين تي
ڌُريان ئي ڌڌڙ ڌوڙ آ ڄميل،
پنھنجي تاريخ کان پڻ اوناھان ڍڪيل،
جن جي لاڻن لين تي
۽ کٻڙن کھين تي
ڌارين اٺن جا، سوين ڌڻ پليل،
جن تي ناھي بھارن جو پاڇو پيل.
ھا انھن ڏي به ھل
جن جي نيڻن جي مڪليءَ جي مدفون ۾
رڳو چند آسن جا لاشا ڍڪيل،
جن تي،
دردن ۽ سورن جا ڪتبا لکيل.
اچ انھن ڏي ھلون،
جن جا ”چُپ“ سان چپڙا به آھن سبيل.
جن جي واتن مٿي
ماٺ مھرون لڳل،
جن جا سڀ قافلا
رھنما جا ڦريل، رھبرن جا لُٽيل،
جن لاءِ منزل مام بڻجي ويل.
اڙي دل!
اڙي دل!
انھن ڏي به ھل!
وقت ويريءَ ھٿان
جن جا چھرا چماٽن سان آھن چٿيل،
جن تي آھن اڃان
جن تي آھن اڃان
سونھن سچ جي شھادت جا منظر چٽيل.
اڙي دل!
اڙي دل!
ايڏي به پاڳل!
ڏسين ڇو نٿي؟
لوڪ سارو اٿئي؟
وک وک تي وڍيل،
ڪو آ قربن ڪٺو،
ڪو آ ڪاتيءَ ڪُٺل،
رڳو ناھي تنھنجي
وفائن جفائن جي
ماتم ڪدن ۾ ھي محشر متل.