روح جي رڻ ۾. . .
سرءُ جي رات جي ڪنھن آخري تاري وانگر
ڦٽل ”پُراڻ“ جي دريا جي ڪناري وانگر
اَڻ سمجھه ٻار، اپاھج جي اشاري وانگر
تنھنجو آڪاش ھو اڻپورو، اڌورو، اجڙيل،
رُڃن جي ماريل رولاڪ مسافر وانگر
وڇوڙي رات جي ويلا جيان وياڪل وياڪل.
ترڪ دنيا ٿيل، تنھا، تنھا،
جنھن جا ڳوڙھا به ھئا، بي مندي، بي جا، برکا،
جنھن جا سڀ خواب،
کير ٿر جي خاردار وادين ۾،
پره جي ويل ڪنھن پياسي پھاڙ جا پاڇا.
ھر طرف ھئا حيات جا،
ھزارين واءُ، مينھن، واچوڙا،
پر سچ پڇين ته او سڄڻ سائين!
خيال خواب جي پر خوف خيابانن ۾،
ڪنھن خانه بدوش جي
کُليل خيمي وانگر،
پيار تنھنجو پناھ گاھ رھيو
وڇوڙي ۾ به منھنجي واھ رھيو،
تنھنجو ھر روپ، مون کي راز سَلي راھن جا
روح جي رڻ ۾ رھنماءُ رھيو.
پراڻ: سنڌونديءَ جو قديم وھڪرو