شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا

تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا

موت نه توکي ماري سگھندو،
موت کي توئي ماريو آ،
سچ جي خاطر سرڙو ڏئي،
تو سوريءَ کي سينگاريو آ.

تنھنجي خون جي خوشبو مان،
ڦول ھزارين ڦٽندا رھندا ،
ساري ڌرتيءَ جا دل وارا،
واس انھن مان وٺندا رھندا.

ڏاڍ جي اڳيان ڏونگر بنجي،
ڏونگر کي تو ڏاريو آ،
موت نه توکي ماري سگھندو،
موت کي توئي ماريو آ.

تنھنجو وڇوڙو وانگيئڙن کي،
وڍ وجھي ٿو وير وٺڻ لئه،
تنھنجي ڳچيءَ جا داغ ھي ڳاڙھا،
مون کي چون ٿا جنگ ڪرڻ لئه،
جيڪو ستم ٿيو سانگيئڙن سان،
ٻارڻ تنھن ڪو ٻاريو آ.
موت نه توکي ماري سگھندو،
موت کي توئي ماريو آ.

ھي جو بادل ڀرجي ڀرجي،
تنھنجي قبر تي برسيو آھي،
ماڪ ڦُڙا آڪاش وسائي،
ڳايو تنھنجو مرثيو آھي ،
سنڌ ديس جي ڌرتي تنھنجي،
جھوريءَ ۾ اوڇنگاريو آ،
موت نه توکي ماري سگھندو،
موت کي توئي ماريو آ.


(شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت تي)