پنھنجي آئيندي جي نالي
اي اسان جا اڻ ڏٺل!
صدين کان رُٺل،
خواب جھڙا آئيندا!
تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
متان تون سمجھين،
توکي ماڻڻ لئه،
اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙھاند وڙھيا ھونداسين،
۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي،
ڳولڻ لئه،
پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين.
متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه،
اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
۽ تنھنجي مک کي منور ڪرڻ جي آس کڻي،
اسان جو چاھ ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.
متان تون سمجھين، تو کي ڳائڻ لئه،
اسان نه ڪيڏاري مان بيت ڪوئي جھونگاريو،
اسان سچل جي ھر ھڪ گيت ۾ توکي ساريو،
اسان! نقاري جي ھر چوٽ تي ديپڪ ڳائي،
قسم آ تنھنجو، اسان پنھنجو پاڻ کي ٻاريو.
اي اسان جا اڻ ڏٺل!
۽ رڳو محسوس ڪيل،
گل جھڙا معصوم پاڪ مستقبل!
جيئن پھرئين پيار کي،
ڪا نينگري محسوس ڪري،
اسان، ائين تنھنجي خوشبو ذري محسوس ڪري،
تولئه،
اونده سان، ھر جُڳ ۾ آھي جنگ ڪئي،
اھڙي اونده،
اھڙي اونده!!
جنھن ۾ راڄ خوني چمڙن جو.
جتي، اسان جي بدن کي،
پٽيو آ ماڪوڙين،
۽ جتي،
موت کي به، موت جي ٿي باس اچي،
اھڙي خاموشي،
اھڙي خاموشي!
جتي ماٺ جو آواز اچي.
۽ انھيءَ ٻاٽ ۾،
چٻرن سندا ڦڙڪاٽ ڏسي،
تيز رولاڪ ھوا جا سوين زوزاٽ ڏسي،
اسان نه، تنھنجي ڏيئي کي اڃان اجھايو آ،
اسان ته تنھنجي لئه،
ھر موڙ تي واجھايو آ.
اي اسان جا اڻ ڏٺل!
سپنن ۾ سجيل،
مور جھڙا مستقبل!
جڏھن اچين تون ھتي،
پاڻ ئي پرڙا سوري،
ڪي مسافر، تون پنھنجي راه ۾
مئل جي ڏسين!
نيري آڪاش جي ھيٺان سريون وڍيل
جي ڏسين
اسان جي پيار جي بي گور و ڪفن لاشن جون.
اکيون صدين کان،
پنھنجي ديد لئه کليل جي ڏسين!
ته پڪ ڄاڻجان
ته پڪ ڄاڻجان،
ڪي تو لئه مئا واجھائي،
تنھنجي آمد تي، انھي جشن جي خاطر آيا،
پنھنجي اکڙين سندي مکڙين منجھان
مالھا ٺاھي،
۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي
۽ رڳو، تنھنجي تمنا کڻي ويا مُرجھائي.