تاريخ جو ننڍڙو نقطو
ڇا؟
اسين تاريخ جي غارن ۾ سُتل
قديم نسل جا وحشي آھيون؟
جن کي درٻار جي اوبر تي پليل،
ڪو مؤرخ،
جڏھين به چاھي، تبرن جا طوق پائي ڇڏي!
مڃون ٿا ماضي جي،
ڌٻڻين ۾ گتل،
شڪست مات جي،
منحوس مقامن ۾ پيل،
قبر قبر تي لڳل،
پنھنجي پڇتاءُ جا پٿر آھيون.
يا پارڪر ۾ پره ويل،
پوڄا کان وانجھيل،
اجاڙ گوڙي جا مندر آھيون.
مان مڃان ٿو!
وڏي واڪي ٿو مڃان،
منھنجي تاريخ آ،
تاتارين جي گھوڙن جي،
سوين سُنبن سان لتاڙيل،
شھيد ٻارن جي،
سنڌ جي سينڌ مان،
لُٽجي ويل ستارن جي،
انھي تاريخ جي ھر صفحي منجھان،
مونکي گھُوري ٿو ڪو ”مرزا باقي“
اکر اکر ۾ ڏسان ٿو، اسانجي امڙين جي،
ڇيھون ڇيھون ڪا اگھاڙي ڇاتي.
ھر شڪل ۾ ڪو ”نئون“ شھسوار بيٺل آ،
لُٽيل عصمت جي ھر ھڪ لاش مٿان،
خوني چنبن سان ڪوئي خونخوار بيٺل آ.
انھيءَ تاريخ جي
جھروڪي مان ٿيون جھاتيون پائن،
ننگر لٽي جون سڙيل بازارون،
سوين لُٽيل دڪان موتين جا،
ڌوڙ ۾ چُور چُور چوڙيون ۽،
باه ۾ پاند سڙيل پوتين جا.
قدم قدم تي ڪارا لاش ڪتبخانن جا،
جڳھه، جڳھه تي جنازا، قرآن، پوٿين جا،
آ ھر ھڪ تڙ مٿي، ترخان تازياني جا،
۽ ڏنڀيل ڏيل ٿا ڏسجن، اسان جي ڏوٿين جا،
انھيءَ تاريخ جي ھر شام!
آھي شام شھر ديبل جي،
گھٽيءَ گھٽيءَ مان اچي بوءِ سڙيل لاشن مان،
خون گاڏڙ گجين جا ڦوھارا،
جنگي گھوڙن جي زخمي ناسن مان،
انھن جون ھانءُ ڦاڙ ھڻڪارون،
پتڪڙن ٻارڙن جون،
ٻاجھه لاءِ ٻاڪارون،
اگھاڙي سر اسانجي عورتن جون اوڇنگارون،
۽ ھو گھوڙن جي رڪيبن سان ٻڌل،
منھنجي ڌرتيءَ جون نينگريون آھن،
ڪئين نه ڦٿڪن ۽ گھلجن پيئيون،
ڄڻ ته ڪُنڍيءَ ۾ پوپريون آھن.
ڏُور ان شام، اڪيلو ڏاھر،
سمورو ڏيل آ، ڏارون، ڏارون
آ زخم زخم بدن، ۽ سامھون،
لھو پياڪ لغورن جون وحشي للڪارون،
ھيڪلو تن، ھزارين تلوارون.
اھڙين وِھ پياڪ وَيرن ۾،
ڏسان ٿو ڄڻ، ته ڪو زخمي چيتو،
وحشي بگھڙن جي خوني گھيرن ۾،
پسان ٿو پڳ سندس،
ھاٿين جي پيرن ۾،
ڄڻ ته الماس رولجي پيو ڪو،
پنھنجي تاريخ جي انڌيرن ۾،
مان مڃان ٿو، انھي تاريخ جي،
ھر رات روپا ماڙيءَ ۾،
وطن فروش، چغلخور، چنيسر جون سوين،
ٽھڪ، چٿرون ۽ ٽوڪرون آھن.
شھيد دودي جي شھزور شھپرن تي لڳل،
خسيس خلجي جي بوٽن جون ٺوڪرون آھن،
ڪَروڌ مان آ ڪشُيل،
ڳاٽ اوچو قاتل جو،
جنھن کان ڪنھن انتقام جي خاطر،
وِڳھه جي ڪوٽ جي ويران کنڊرن ۾ اڃان،
روز ڀٽڪي ٿو روح ٻاگھل جو.
اھا تاريخ پنھنجي سيني ۾،
ذلتن، ظلم جي زھر ۾ ٻڏل،
ھزارين بڙڇيون ڀالا آھن،
انھيءَ تاريخ جي،
ھر ورق، ھر ورق تي وکريل،
سوين بغداد جا چڪلا آھن،
جتي نيلامي ڪئي ويئي،
اسان جي ڀيڻن جي،
جنھن جي ھر لفظ ۾ حوص ٿي نچي،
قاتلن، ڪسبين، ڪميڻن جي.
انھيءَ تاريخ جي ھر سِٽ سِٽ منجھه چٽيل،
ھر نئين شڪل مونکي شرمايو.
مان اھا سوچ ڀي سھي ويندس؛
دولھه، دودو ھجي، ھيمون ھجي يا ڪو ھوشو،
منھنجي تاريخ جي ھر ھيري آھي ھارايو.
مگر درٻار جي اوبر تي پليل او مؤرخ!
ھليا مان توکي ٻڌايان، اھو ننڍڙو نقطو،
متان رھجي ڪٿي، اڻڄاڻ وڃين!
ھزار ڀيرا وڙھياسين، ڀلي ماريا وياسين،
مگر ٻڌاءِ ڪڏھين آ، اسان ڪا ”آڻ مڃي“!!؟