وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو
وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو،
جنھن جي ھڻڪار سان،
ڌرتي سندو سينو ڌڙڪي.
جنھن جي تيزيءَ کي،
ھوائون ڪڏھين ڇُھي نه سگھن،
جنھن جي چُستي اڳيان
طوفان جي ھستي ڌڙڪي،
جنھن جي دھشت اڳيان
وحشت جو پڻ گردن لڙڪي
جنھن جي ناسن مان ڄڻ
ڪا باھ زال جي ڀڙڪي
جنھن جي رفتار ڄڻ
سيلاب ۾ سنڌو ڪڙڪي.
ھا مگر، پوءِ به عقل جا ويري،
فھم، فڪر ونظر جا دشمن،
آيا آھن اڄ وري سائين!
پنھنجي ڪوڙي انا بچائڻ لئه،
رات جي رُٿ تي ھسواري ڪري،
ڏينھن جي شينھن کي ڪُھائڻ لئه،
پنھنجي خوشفھمين جا کارا کڻي،
وقت جي سج کي لڪائڻ لئه.
دوستو! ڪوئي ٻڌائي تن کي،
وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو،
جنھن کي واڳڻ به ڪو چاھي ته نه واڳي سگھندو،
وقت آ وھڪرو
تاريخ جي سمونڊن جو،
جنھن کي جھاڳڻ به ڪو چاھي ته نه جھاڳي سگھندو،
وقت آ جھنگلي مڇريل گھوڙو.
(1980ع)