شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

مٽيءَ جي خوشبوءِ

مٽيءَ جي خوشبوءِ

جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
جنھن نه سانگين جي سڱ کي سڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي!

جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
منھنجي ٻولي ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

جيڪو لالڻ ليارن سان نفرت ڪري،
منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.