سورج جي ڏند ڪٿا
اسان ته قصن ۾ ئي ٻڌو آ،
يا ڏند ڪٿائن جو ڪوڙ آھي،
ته ھتان گھڻو ڏور ولايتن ۾،
پکين، پرين ۽ پوپٽن جي،
گلن ۽ ٽانڊاڻن جي نگر ۾،
ستن رنگن جو ڪو شاھزادو،
رنگ ۽ روپ جي رٿ تي ويھي،
اچي ٿو اوڀر جي ماٿرين مان،
گلن جو داتا، پرين جو نيتا،
ھا! ستن رنگن جو ڪو شھزدو،
سنھري ھيرن جو تاج پائي،
صبح جي ٿڌڙي ھوا سان مشڪي،
سورج مُکيءَ سان اکيون ملائي،
سرنھن ڦلن کي ڳلي سان لائي،
سنھري ڪرڻن جي انڊلٺ سان،
اتي جي ڌرتيءَ کي جڳمڳائي.
وشا آڪاش جي سلسلن ۾،
۽ چھچ زيتون جي پنن ۾،
ڪبوترن جي کليل کنڀن ۾،
فھم فڪر جون ٿو ڏي پروليون،
ڀري ڏئي ٿو ڀنڀورين کي،
دَيا سان دامن، حيا سان جھوليون.
۽ شام جو پتڪڙن پوپٽن کي،
حسين رابيل هي گلن کي،
شرير ۽ ريشمي بادلن کي،
شفق ۽ سپنن جي نرم ھنج ۾،
سمھاري سندر سڻائي لوليون،
اچو ڪھاڻيءَ جو انت ڳوليون!
پر اسان ته سورج ڏٺو ئي ناھي!!
ھتي سدا رات جو راڄ آھي،
ھتي ته ھر ھڪ سورج مکيءَ جو،
سدائين گردن جھڪيل ئي آھي،
اسان جي نگريءَ جي پوپٽن جو،
حسين رابيل جي گلن جو،
شرير ۽ ريشمي بادلن جو،
پرين جي پازيب جي سُرن جو،
ڪبوترن جي کُليل کنڀن جو،
ڀنڀوري، ڀنئورن ۽ بلبلن جو،
شفق ۽ سپنن جو ساھ سائين!
ڪنھن دؤس ۽ ديو جي مٺ ۾ آھي،
ستن رنگن جو ھي شاھزادو،
رڳو ڪھاڻين جو ڪوڙ آھي!؟