او امان!
او امان! او امان!
منھنجي جيجل امان!
جيڪڏھين ، رات جي
رھزنن جي ھٿان،
مان به ماريو وڃان،
منھنجي ساٿين جيان،
توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم،
ڪين تون روئجان،
ڪين دل لاھجان.
سچ ۽ سونھن جي
سوڀ خاطر ڪڏھين،
مان شيشن مٿان
جي سمھاريو وڃان،
پره جي پياس ۾
پنھنجي پيارن جيان،
جي سَنجھي جوئي
سوريءَ پُڪاريو وڃان
ڪنھن به شاھي قلعي جو
مان سينگار ٿيان،
يا دلائيءَ جي
ڪيمپن ۾ درڪا ٿيان
لانگ بوٽن جي ھيٺان
چيٿاريو وڃان.
موت پنھنجي کان
اڳ ۾ ئي ماريو وڃان
ڪين تون روئجان،
ڪين دل لاھجان.
منھنجي راھن ۾،
رَت جي آ خوشبو رچيل،
منھنجي ساھن ۾ آ،
بند جي نوءِ ڀنل،
منھنجي سوچن تي
صدين کان پھرا پيل،
منھنجي نس نس ۾
ناسور آھن کُليل،
منھنجي گس گس ۾ پڻ،
گرز ڀالا ٽنگيل.
منھنجي وک وک تي،
ويرين جون وارون ٿيل.
منھنجي ڪُک ڪُک ۾،
پنھنجن جا خنجر کتل،
منھنجي تاريخ،
صدين جي قرضي ٿيل،
منھنجي ٻولي به آ،
ٻاليشاھي بنيل.
منھنجي مارئن مٿان
موت آ مڇريل.
منھنجي سانگين جو ڪيڏو
ستم آ سَٺل
ڪو آ ٽياسن ٽنگيل،
ڪو ڪڙھاين ڪڙھيل،
ڏس ته ڏيھه ۾،
ڏاڍ ڪيڏو متل.
جو به ھٿ ٿيو اڀو،
سوئي ھٿ آ ڪپيل،
ھيڏي ڏھڪاءَ ۾،
ڪيس ڪھڪاءَ ۾،
ڪيئن سڀ ڪجھه سھان؟
ڪيئن چپ مان رھان؟
منھنجي ڏاھي امان!
منھنجي ڏاھي امان!
ڪين مون کي تون جھل،
ڪين مون کي تون پل،
مان وڃان ٿو وڃان.
مان وڃان ٿو وڃان.
جي نه موٽي اچان!
منھنجي مٺڙي امان!
جي نه پيريءَ ۾ تنھنجو
سھارو ٿيان
ڪنھن عباسيءَ يا
بوبي سينڊس جيان
جيڪڏھن رات جي
رھزنن جي ھٿان،
مان ماريو به وڃان،
منھنجي ساٿين جيان،
توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم
ڪين تون روئجان،
ڪين دل لاھجان.
جي نه ميندي ھٿن تي،
لڳائي سگھان
تنھنجون آسون
نه توکي پسائي سگھان،
ڪنھن به ھوشوءَ جيان
ڪنھن به ھيمون جيان
رات جي راند ۾،
گھوٽ ڳاڙھو ٿيان.
توکي پنھنجي ئي ممتا جو آھي قسم!
ڪونه دُکڙو ڪجان
ڪين دل لاھجان!
منھنجي ننڍپڻ جي
يادن جي تصوير کي،
منھنجي اکڙين مان نڪتل
ڄميل نير کي،
سورمي جي لھو جھڙيون لوليون ڏجان
اڻ ڏٺل منھنجي
خوابن جي تعبير کي،
منھنجي ھٿ ۾ پيل
لوھي زنجير کي،
لال ميندي مَلي
منھنجي شاديءَ جا
ڳيچ پئي ڳائجان!
پاڻ پرڀائجان!
توکي منھنجي جواني جو آھي قسم!
پر نه تون روئجان
ڪين دل لاھجان.
او امان او امان
عباسي؛ شھيد نذير عباسي
بوبي سينڊس: آئر لينڊ جو جوڌو 1980ع ۾ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال ڪري شھيد ٿي ويو.