آکاڻي
ننڍپڻ ۾ ھڪ رات پاڙي جي ناني،
سڀن ٻارڙن کي سڻائي ڪھاڻي،
جڳا در ڪنھن جوڳيءَ جو قصو ھيو،
رڻن جي ڪنھن روڳي جو قصو ھيو،
والا ڪنن ۾ ۽ گيڙو جو گاؤن،
بگريءَ ۾ جنھن جي ڀَٽون ۽ بلائون،
ڳچيءَ ۾ ھو پائيندو نانگن جي مالھا،
اکيون ٽامڻيون ڄڻ ته ٻرندڙ مشالا،
ڪفني ڪلھن ۾ ڪَراين ڪڙولا،
ڪاپڙيءَ کي خبر ناھي ڪنھن ھئي ڳولا،
بدن تي ڀڀوتي کي زنجير زيريون،
ھڻ کڻ ھزارين ھن پاڻ ھيريون.
ڇھه مھينا سڄا سارا سمھندو ھيو.
۽ ڇھه مھينا گرنار گھمندو ھيو.
سنگچور جو زھر پيئندو ھيو.
زھر پي به جوڳي ھو جيئندو ھيو.
جيتوڻيڪ ھاڻي اچي ويئي جواني،
ڪڏھانڪر مري ويئي پاڙي جي ناني،
مگر ساڳي ھلندي اچي ٿي ڪھاڻي.
تون سوچين ٿو ايءَ ڳالھه آھي اجائي!
مگر ڳالھه ۾ ڏاڍي آھي سچائي،
اسان ڀي اھي ساڳيا جوڳي ته ناھيون؟
پنھنجي روحن جي رڻ پٽ جا روڳي ته ناھيون؟
اسان جي به بگرين بلائون نه آھن ؟
اسان تي ڇا ھڻ کڻ ھلاؤن نه آھن؟
اسان جي ڳچيءَ ۾ به واسينگ ويڙھيل،
۽ ڪوراڙ، کپرن ۾ گرنار گھيريل،
ڪراين ڏي ڏس! ساڳيا ناھن ڪڙولا،
رڻن جون رڃون ساڳيون راتيون ۽ رولا!؟
نڪو ڀاڳ ويراڳ ۽ ماڳ جو،
فرق آ رڳو جوڳ ۽ جاڳ جو،
ھو جوڳي ته سمھندو ھو اڌ سال ڪُل،
مگر پاڻ آھيون صدين کان سُتل،
مگر پاڻ آھيون صدين کان سُتل.