شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

آڱريون مشعلون بنائي وٺو

آڱريون مشعلون بنائي وٺو

دوستو!
پنھنجي ڪَرائي ڏي ڏسو!
چون ٿيون پنھنجي ھٿن جون واچون،
ته پنھنجي آڱرين کي،
مشعلون بنائي وٺو.

راڄ ۾،
رات جو راڪاس ڌوڪي آيو آ،
شھر خاموش سُتل آه،
ننڊ جاڳي پئي.
چؤطرف درد،
ڪڍيا گئونچ ۾ سلا آھن،
۽ دل جي ٿوھرن،
پائي ڪنڊن جا تاج نوان،
نراسين جي،
اھڙي ڪئي آجيان!
جو خزائن به سِر نوائي ڇڏيا،
شڪستن جي ديوتا جي اڳيان،
گھٽيءَ گھٽيءَ ۾،
موت جي حبشي،
ڪراھتن جي، تال تي جھومي،
نحوس، وحشتن جو رقص ڪري،
سچ جي سيني تي پيو مُڱ ڏري،
سونھن ڌرتي جي،
پيئي سام گھُري.

چون ٿيون پنھنجي ھٿن جون واچون،
ته انھيءَ سونھن کي،
تاابد زندگي بخشيون
اجھاڳ اکڙين جي گولن ۾
لڪائي ڌرتي جي گولي کي ڇڏيون.

انھيءَ کان اڳ،
جو وقت جو وحشي،
اسان جي زندگيءَ جي سرحد تي،
موت جي مَس سان،
لفظ ”ختم“ لکي،
اسان جي واچ جي
ڪانٽن کي ڇڏي بيھاري،
دوستو!
پنھنجي ڪرائي ڏسي ڏسو!
آڱريون مشعلون بنائي وٺو!

(جنرل ضياءَ جي مارشلا لاڳو ڪرڻ تي)