شاعري

ڪيئن رھان جلاوطن

نامياري شاعر آڪاش انصاري جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪيئن رهان جلاوطن“حاضر آهي. ياد رهي ته آڪاش انصاري جي هن ڪتاب جا هن وقت تائين 7 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪتاب جي ساڳي مقبوليت برقرار آهي. جامي چانڊيو لکي ٿو:
”آڪاش ھڪ مزاحمتي شاعر ھئڻ باوجود، پليجي صاحب جي لفظن ۾ ”ھڪ عام ۽ روايتي باغي شاعر کان گھڻو ۽ تمام گھڻو مٿڀرو بيٺل ٿو لڳي.“ آڪاش جي شاعريءَ ۾ اعلى سطح جو تاريخي شعور موجود آھي ۽ دراصل اھو عالمي تاريخي شعور ئي آھي، جيڪو کيس محبت ۽ مزاحمت جي گسن کان ٿيندو انقلاب جي وسيع شاھراھ ڏانھن وٺي وڃي ٿو. آڪاش جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ عالمي انساني سماج جو تاريخي شعور پنھنجيءَ سموري شدت سان موجود آھي پر ان ۾ اھي سمورا مُحرڪ به موجود آھن، جيڪي ھر دور ۾ سٺي ۽ اعلى شاعريءَ سان گڏ سفر ڪندا رھيا آھن. آڪاش جي شاعريءَ ۾ تاريخ ھڪ ڪردار به آھي، تاريخ اتساھ جو ذريعو به آھي.“
Title Cover of book ڪيئن  رھان  جلاوطن

شل انھيءَ کان اڳي

شل انھيءَ کان اڳي

ديس پنھنجي مان ڌاريان ٿي ڌڪجي وڃون،
پنھنجي مٽيءَ جي خوشبوءِ لئه سِڪجي وڃون،
يا فلسطينين جيئن ڦُرجي وڃون،
شل انھيءَ کان اڳ ڪاش وڙھندي مرون.

پنھنجي ڏاڏاڻي قبرن مٿان ھٿ کڻون،
پنھنجي وڏڙن جي ھڏڙن مٿان ھٿ کڻون،
يا ڀٽائي جي سڏڙن مٿان ھٿ کڻون،
پنھنجي تاريخ جي مُنھن تي ڪارنھن مليون،
شل انھيءَ کان اڳ ڪاش وڙھندي مرون.

ڪيئن ڪارونجھر ۽ ڪاڇي مٿان ھٿ کڻون،
ڪيئن ڪينجھر ڪراچيءَ مٿان ھٿ کڻون،
پنھنجي نوري تماچي مٿان ھٿ کڻون،
شل انھيءَ کان اڳي ڪاش وڙھندي مرون.

پنھنجا ايندڙ نسل دربدر ٿي رُلن،
ذلتن ساڻ ڪيمپن ۾ پَلبار رھن،
پنھنجي وڏڙن تي لعنت ملامت وجھن،
مارئي جي وطن جا مياري ٿيون،
شل انھيءَ کان اڳي ڪاش وڙھندي مرون.